سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1981ع (3)

 

صفحو :14

قريشي حامد علي خانائي

 

ساهتي پرڳڻي جو تواريخي پس منظر

 

موجن ڀريو مهراڻ، سنڌ صوبي جي نواب شاهه ضلعي جي گهڻي ڀاڱي کي آباد ڪري ٿو. هن ڀاڱي جي زمين گهڻي قدر سنئين سڌي آهي، ۽ آبهوا پڻ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي. هن ضلعي جي اترئين حصي کي قديم زماني کان وٺي ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري چوندا آهن. ساهتي پرڳڻي ۾ ڪنڊيارو، نوشهروفيروز ۽ مورو تعلقا اچي وڃن ٿا، ۽ انهن ٽنهي تعلقن کي گڏي، ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري سڏين ٿا(1). قديم زماني کان وٺي، ان پرڳڻي ۾ ”سهتا قوم ڪثرت سان آباد آهي، ۽ انهي ڪري ئي هن ايراضيءَ کي ”ساهتي“ ڪري سڏيو ويو. ساهتي پرڳڻي تي ان نالي پوڻ متعلق پڻ مورخن ۾ مختلف رايا ۽ نظريا پئي رهيا آهن. مرحوم سيد مدد علي شاهه صاحب لڪياري لکي ٿو ته:

”ساهتيءَ ۾ سهتا قوم قديم زماني کان وٺي آباد هئي. اهي اسلامي دؤرکان اڳ هندو ڌرم جا پوئلڳ هئا، مسلمانن جي دؤر ۾ هڪ مسلمان حاڪم(؟) ان تي راضي ٿي جاگير انعام ڏنس… ساڳئي وقت ان مسلمان حاڪم چيس ته اٿي گهوڙو ڊوڙاءِ، جنهن هنڌ گهوڙو ٿڪجي بيهي، اهو تنهنجي جاگير جو هنڌ ٿيندو. مڙس هو حريص ۽ لالچي، سو وٺي گهوڙو ڊوڙايائين. اٽڪل سٺ ميلن جي مفاصلي تي گهوڙو ڦانءِ ٿي ڪِري پيو، پر تڏهين به هو ان کي گهليندو رهيو. جنهن هنڌ اها گهل گهلان ٿي، ان تي نالو ئي ”گهلپور“ پئجي ويو(2). ان مفاصلي اندر سهتن جون سٺ جاگيرون هيون ۽ سندن لقب ”ڄام“ هو(3).

مٿين روايت، تواريخي لحاظ کان ڏند ڪٿا معلوم ٿئي ٿي،  ۽ ڏند ڪٿا کي ڪابه تواريخي حيثيت نه هوندي آهي. تواريخ جي مطالعي مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته قديم زماني ۾ ”ساهتي پرڳڻو“، هڪ وڏي ايراضيءَ وارو پرڳڻو هو. ان اوائلي زماني ۾ هن پرڳڻي ۾ لاکا، سما، سهتا ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ”سماٽ“ قومون آباد هيون. انهن قومن جون ڪيتريون بستيون هيون، جيڪي پنهنجي پنهنجي قومي سردارن جي نالن پوئتان سڏبيون هيون.

ان سلسلي ۾، اسان کي هڪ ٻي روايت ميان نيڪ محمد سهتي ذريعي ملي ٿي، جا پڻ ڪنهن حد تائين انهيءَ مسئلي تي روشني وجهي ٿي. هو لکي ٿو ته:

”محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، جوڌپور رياست جو حاڪم مري ويو هو. سندس ٻن پٽن جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ تڪرار ٿي پيو. آخر گهڻيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ انهن مان هڪ شهزادو ڪامياب ٿيو، ۽ جوڌپور جي تخت جو وارث بڻيو. ان شهزادي جي ڀاءُ جو نالو موڙاسنگ هو. اهو ڪاوڙجي، محمد بن قاسم وٽ دانهن کڻي آيو، ته هو کيس جوڌپور جو تخت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري. پر محمد بن قاسم، موڙاسنگ کي سنڌ ۾ هڻ لاءِ جاگير ڏني، ۽ هو پوءِ هميشه لاءِ سنڌ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو. موڙاسنگ کي ست پٽ هئا، جن مان ”سهتو“ سندس چوٿون نمبر پٽ هو، ۽ ان مان ”سهتا قوم“ سڏجڻ ۾ آئي. موڙاسنگ پٽ کي جاگير ۾ ”ساهتي پرڳڻو“ ڏنو. ساهتي نالو ’سهتا‘ قوم تان پيل آهي(4).

ميان نيڪ محمد سهتو وڌيڪ لکي ٿو ته: موڙاسنگ کي ست پٽ هي هئا: ڌارو، جنهن مان ڌاريجا قوم آهي ۽ روهڙيءَ جو مٿيون حصو سندن جاگير ۾ هو؛ شورو، جنهن مان شورا قوم آهي ۽ کين حيدرآباد جي طرف کان هيٺيون حصو جاگير ۾ مليو(5). ڪونئرو، هن مان ڪونئريجا قوم آهي ۽ سڪرنڊ جي آسپاس وارو علائقو سندن جاگير ۾ هو؛ سهتو، جنهن جي پوئتا سهتا قوم آهي ۽ ڪنڊيارو، نوشهروفيروز ۽ مورو تعلقا سندن جاگير ۾ هئا، ۽ جنهن علائقي کي ”ساهتي“ڪري چوندا آهن؛ مڱڻ هن مان مڱڻيجا قوم ٿي ۽ گنبٽ وارو علائقو سندن جاگير ۾ هو؛ اُڄڻ، جنهن مان اڄڻ قوم آهي ۽ هيءُ پيءُ جو پيارو پٽ هو ۽ پيءُ جي جاگير سنڀاليندو هو“(6).

انهن مٿي بيان ڪيل ٻنهي روايتن ۾ تواريخ جي لحاظ کان ڪافي شڪ ۽ گمان پيدا ٿين ٿا، اهي روايتون مون کي سنڌ جي ڪنهن به تواريخ ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. باقي انهن روايتن ۾ بيان ڪيل جن قومن جو ذڪر اچي ٿو، اهي قومون ۽ نشان پتا ۽ سندن رهڻ جا هنڌ اڄ به قائم آهن. روايتن ۾ جنهن هندو شهزادي موڙاسنگ جو بيان اچي ٿو، اهو ممڪن آهي ته محمد بن قاسم کان اڳ ۾ ٿي گذريو هجي، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي ڪاهه وقت سنڌ جي سهتن سواءِ ڪنهن جنگ ڪرڻ جي اطاعت قبول ڪئي هئي يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت ”لوهاڻي صوبي“ ۾ ڪنهن به پرڳڻي جو جاگيردار هجي! ليڪن چچ نامي جي احوالن مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ ”ساهتي پرڳڻو“ موجود هو.

مير علي شير قانع جي بيان مان ظاهر آهي ته سنڌ جا اصل اوائلي رهاڪو ”سماٽ“ قومن مان ليکجن ٿا. هو تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته: ”ايوڌيا جي سورج بنسي گهراڻي کان سنڌ جي سماٽ قومن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو(7)“. هن وقت به سنڌ ۾ سماٽ قوم جهجهي انداز ۾ آباد آهي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته:

”سما اصل ۾ حضرت نوح جي پٽ ”سام“ جو اولاد آهن. سام کي چار پٽ هئا: بدها، سنگا، همهر ۽ ڀاڳوت. بدها کي سورهن پٽ هئا، جن مان سهتو به هڪ هو، جنهن کي ”راٺوڙ“ به ڪري چون ٿا. ”سهتا قوم“، بدها جي پٽ ”سهتي“ جو الاد آهن.“ (8_9).

اِنهن حقيقتن مان اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته ”ساهتي پرڳڻي“ تي اهو نالو ”سهتا“ قوم جي نالي پوئتان پيو. هيءُ پرڳڻو قديم هندو دؤر ۾ به موجود هو ۽ اُن زماني ۾ ”لوهاڻي“ صوبي جو هڪ اهم ۽ مکيه پرڳڻو هو(10).

ساهتي پرڳڻي جي تواريخي حيثيت:

 ساهتي پرڳڻي جي تواريخ پڻ قديم آهي. هيءُ پرڳڻو اوائلي دؤر کان وٺي علم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز هو. ساهتي پرڳڻي جو تواريخي احوال سنڌ جي ڪنهن به مورخ تفصيل سان بيان نه ڪيو آهي. هن پرڳڻي جو ماضي ڏاڍو شاندار هو. چچ نامي جي احوالن مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته قديم هندو دؤر ۾ ساهتي پرڳڻو موجود هو. لوهاڻو ان قديم هندو دؤر ۾ سنڌ جو هڪ صوبو هو، ان صوبي جو حاڪم راءِ گهراڻي جي زوال وقت ”اگهم“ هو. انهيءَ ”لوهاڻي“ صوبي ۾ لاکا، سما ۽ سهتا قوم جون قديم بستيون هيون. لوهاڻو صوبو مکيه ٽن ننڍن پرڳڻن ۾ ورهايل هو. جهڙوڪ: لاکاٽ، لوهاڻو ۽ ساهتي وغيره(11). هر هڪ پرڳڻي مٿان ان قوم جو سردار حڪومت ڪندو هو(12). هن علائقي مان وهندڙ درياهه کي اڪثر ڪري ”لوهاڻو درياهه“ ڪري سڏيو ويندو هو. ڪن تواريخي واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ايترو معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن سمي ”هاڪڙو“ درياهه جي هڪ شاخ جو وهڪرو ساهتيءَ مان هو، جنهن کي ساهتيءَ ۾ ”لوهاڻو درياهه“ به ڪري سڏيندا هئا. اهو ئي درياهه ساهتي پرڳڻي جو وچ ڏيندو، ڪوٽڙي ڪنبير، هالاڻي، بهلاڻي، گهيڙ گجو، ڀائي خان جي ٻَنڌ، هالا ۽ شهدادپور کان سهڻي ۽ ميهار جي قبرن جو وچ ڏيندو، رحمڪي بازار کان وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو(13). ”راور“ وارو قديم رستو، جنهن کي ساهتيءَ ۾ اڪثر وڏيءَ عمر وارا ماڻهو انگريزن جي دؤر ۾ ”تار وارو رستو“ ڪري چوندا هئا (قومي شاهراهه)، اهو ساڳيو ”راءِ گهراڻي“ جي دؤر ۾ ساهتيءَ ۾ ”راور“ وارو رستو، لاکاٽ ۽ لوهاڻي پرڳڻي ۾ ”اگهم“ واري رستي جي نالي سان سڏبو هو. اهو رستو درياهه جي انهيءَ وهڪري سان گڏوگڏ لنگهندو هو. سنڌ تي جڏهن به ڌارين حاڪمن جا حملا ٿيندا هئا ته اهو ئي ”راور“ وارو رستو ڏئي اچي سنڌ کي تهه و بالا ڪندا هئا. انهن احوالن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هاڪڙي درياهه جي هڪ شاخ روهڙيءَ کان وهندي هئي، جيڪا ”ساهتي پرڳڻي“ کي سيراب ڪندي هئي.

سنه 711ع ۾ عربن سنڌ تي حملو ڪيو. اُن وقت به سنڌ جو ساهتي پرڳڻو لوهاڻي صوبي جو هڪ حصو هو ۽ ان وقت سنڌ جي هاڪم راجا ڏاهر جي پاران اُن تي هڪ هندو راڄ ڪندو هو. محمد بن قسم جڏهن سيوهڻ جو علائقو فتح ڪيو، تڏهن لوهاڻي صوبي جي حاڪم ”اگهم“، جنهن جي هٿ هيٺ لاکاٽ، لوهاڻو ۽ ساهتي پرڳڻا هئا، فرمان موڪلي، تابعداريءَ جي گُهر ڪئي(14). چچ نامي جي مطالعي مان اها ڳالهه پڻ واضح ٿئي ٿي ته محمد بن قاسم جي فوج لوهاڻي پرڳڻي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ اُن پرڳڻي جي ٻيءَ اهم سرڪار يعني ساهتيءَ طرف پيش قدمي ڪئي هئي. ساهتيءَ جي هندو حاڪم ۽ سهتا قوم جي سردارن سواءِ ڪنهن جنگ جي عربن جي فرمانبرداري قبول ڪئي هئي(15).

تواريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام جي احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڳئين زماني ۾ ”ڊڀرو“، جنهن کي هن موجوده زماني ۾ درٻيلو ڪري سڏين ٿا، هڪ جدا شهر هو ۽ ”درٻيلو“ هڪ پرڳڻي جو نالو هو، پر پوءِ وقت گذرندي ”درٻيلو“ ۽ ”ڊڀرو“ ٻئي ساڳئي نالي سان سڏجڻ ۾ آيا. مير علي شير ”قانع“ لکي ٿو ته:

”سلطان ارام شاهه جي زماني ۾ سنڌ جي بادشاهيءَ جا چار صوبا هئا، جن مان اُچ، ملتان ۽ ساريءَ سنڌ تي ناصر الدين قباچه جو فرمان جاري هو. سنڌ جا ست راڻا ملتان سرڪار جا ڏن ڀرو هئا(16). راڻو سهڻو ڀونئر راٺوڙُ(17). درٻيلي تي راڄ ڪندو هو ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ ”ڊڀرو“ هو(18).

انهيءَ بيان مان اِنهيءَ ڳالهه جي وضاحت ٿئي ٿي ته قديم زماني ۾ درٻيلي جي حاڪم جي هٿ هيٺ سمورو ساهتيءَ جو پرڳڻو هو. سن 1401هه مطابق 1010ع ۾ سلطان محمود غزنويءَ ملتان تي حملو ڪيو، اُن وقت بکر سرڪار جو علائقو ملتان سرڪار جي تابع هو. محمود غزنويءَ (416هه مطابق 1025ع) جي انهيءَ حملي وقت به غالباً ساهتيءَ جو پرڳڻو اصل حيثيت ۾ موجود هو ۽ ”ديرو“ ان جو تخت گاهه هو.

انهيءَ اوائلي وقت ۾ جيڪي به سنڌ تي اُتر _ اولهه کان ڌاريان حاڪم ڪاهي ايندا هئا ته سڀ کان پهرين سيوهڻ کان اچي حملو ڪندا هئا. گويا اُن دؤر ۾ سيوهڻ ڌارين جي ڪاهن لاءِ سنڌ جو هڪ دروازو هو. سيوهڻ ساهتيءَ جي قديم شهر ۽ تختگاهه درٻيلي جي بلڪل سامهون هو، اُن ڪري دشمن سولائيءَ سان هن علائقي ۾ اچي سگهندا هئا.

سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ ساهتي پرڳڻي کي خاص طرح سان وڏي اهميت هئي. مرزا شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ مرزا شاهه حسن سنڌ جي تخت جو وارث بڻيو. ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن جي خلاف بغاوت جو عَلم کڙو ڪو ۽ ساڻس جنگ ڪئي، جهن ۾ ڄام فيروز شڪست کاڌي ۽ گجرات جي طرف ڀڄي ويو. گجرات جي مظفريه بادشاهه سندس لاءِ معقول وظيفو مقرر ڪيو. ”لب تواريخ سنڌ“ جو مصنف لکي ٿو ته:

”انهيءَ فتح کان پوءِ مرزا شاهه حسن هالڪنڊي ۽ سيوهڻ کان شڪار ڪندو اچي ساهتيءَ جي تختگاهه درٻيلي ۾ وارد ٿيو. ان موقعي تي خوش ٿي شاهه حسن ارغون درٻيلي جو علائقو (ساهتي) مير فرخ کي جاگير طور ڏنو ۽ پاڻ بکر طرف روانو ٿي ويو(19).

دهليءَ جو مغل شهنشاهه همايون، شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي، سنڌ ڏانهن ڀڄي نڪتو ۽ سنڌ اندر رلندو، ڀٽڪندو اچي بکر کان نڪتو ۽ اُتان ڪوچ ڪري سيوهڻ ۾ اچي سهڙيو. ان زماني ۾ سنڌ جو حاڪم شاهه حسن ارغون هو. هُن سنڌ جي سڀني درياهي پتڻن جي ملاحن کي حڪم ڏنو هو ته ڪوبه معزول شهنشاهه کي دياهه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي نه ڏئي. همايون، سيوهڻ کان موٽندي درٻيلي کان درياهه پار ڪرڻ ٿي گهريو. ان وقت سنڌيءَ جي وڏي عالم ۽ درويش مخدوم نوح رحه ميربحرن کي ٻيڙين ڏيڻ لاءِ چيو هو، ۽ همايون سنڌو درياهه پار ڪري، ساهتيءَ جي علائقي ۾ داخل ٿيو ۽ ان زماني ۾ درٻيلي جي هڪ بااثر رئيس ارباب دائود بن عمر شاهه سهتي وٽ اچي ڊاٻو ڪيو. هن بادشاهه جي گهڻو آدرڀاءُ ڪيو (20). ”لب تواريخ سنڌ“ واري انهيءَ سلسلي ۾ ”تواريخ طاهري“ جي حوالي سان همايون بادشاهه جو هڪ خط نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ سهتي سردار جو ذڪر ڪيو اٿس(21).

مرزا شاهه حسن ارغون، 22 ربيع الاول سن 962هه / 1550ع ۾ ڳوٺ علي پوٽي ۾ بنا اولاد وفات ڪئي ۽ سنڌ جي سلطنت مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾ ٿيل معاهدي موجب ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. سمنڊ کان وٺي لڪيءَ جي پهاڙن تائين ملڪ جو ڀاڱو مرزا عيسيٰ ترخان جي حصي ۾ آيو ۽ سيوهڻ کان اُٻاوڙي تائين سنڌ جو ڀاڱو سلطان محمود بن امير افضل ڪوڪلتاش جي قبضي ۾ آيو. پوري هڪ سال گذرڻ کان پوءِ ارغون اميرن جي سازش ڪري سلطان محمود بکريءَ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا، ۽ نوبت جنگ تائين وڃي پهتي. سلطان محمود خان سيوهڻ جي قلعي جو محاصرو ڪيو ۽ انهيءَ تي مرزا عيسيٰ ترخان به پنهنجي فوج وٺي اچي سندس سامهون ٿيو. تواريخ معصوميءَ وارو صاحب لکي ٿو ته مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي فوجي ڇانوڻي درٻيلي ۾ اچي قائم ڪئي؛ جو سامهون هو(22). ساهتيءَ جي سهتن سردارن ان جنگ ۾ مرزا جي ڏاڍي مدد ڪئي هئي.

مرزا عيسيٰ جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پُٽ مرزا محمد باقي سلطنت جي گاديءَ تي ويٺو. مرزا محمد باقيءَ تيرهن سالن جي ظلم ۽ ستم جي حڪومت ڪندي، سن 993هه ۾ هڪ رات پاڻ کي گهات ڪيو. کانئس پوءِ سنڌ جي گاديءَ تي مرزا جاني بيگ ويٺو. انهيءَ زماني ۾ مغل شهنشاه اڪبر جي سپه سالار عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملو ڪيو. سن 998هه/1591ع ۾ خان خانان ٺٽي ويندي، ساهتيءَ جي علائقي مان لنگهندي اچي درٻيلي ۾ رهيو. درٻيلي جي وڏي جيد عالم مخدوم محمد عثمان کان سنڌ جي فتح جي دعا گهرايائين. سنڌ جي فتح کان پوءِ اڪبر بادشاهه ”ساهتيءَ جو پرڳڻو“ مير معصوم کي جاگير طور ڏنو هو (23). مورخ سنڌ سيد حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته ”جنهن سان (995هه) خان خانان کي بکر جو علائقو مليو، انهيءَ سال مير معصوم جيڪو ٻن سالن پُڄاڻان بادشاهه کان موڪل وٺي واپس وطن ٿي ويو، تنهن بکر جي صوبي مان درٻيلي (ساهتيءَ ) جو علائقو بطور جاگير ڏنو.“(24).

مغلن جي دؤر حڪومت ۾ پڻ ساهتي پرڳڻو بکر سرڪار جي ماتحت هو، ۽ گويا هيءُ سمورو علائقو انهيءَ ۾ شامل هو. علامه ابو الفضل ”آئين اڪبري“ ۾ درٻيلي پرڳڻي (ساهتي) جي ايراضي 121146 چورس ميل ڏيکاري ٿو. ساهتي پرڳڻي جي تحفظ ۽ بچاءَ لاءِ ٻه سؤ سوار ۽ پنج سؤ سپاهي فوج جا هوندا هئا. هن پرڳڻي جي حيثيت محالڪاري واري هئي (25). ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر تائين هن پرڳڻي جي حالت ساڳي رهي ۽ هيءُ پرڳڻو هر لحاظ کان وڏي عروج تي هو.

ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي شهادت کان پوءِ سن 1657ع ۾ ميان صاحب جو ڀائٽيو نصير محمد گادي نشين ٿيو، ۽ هن پنهنجي زماني ۾ وڏو عروج حاصل ڪيو. ان وقت جي بکر جي مغل گورنر کي ميان صاحب جي وڌندڙ طاقت وڏو فتنو نظر آئي، ۽ هن مختلف طريقن سان سازشون ڪري، ميان کي قيد ڪري اورنگزيب ڏانهن موڪلي ڏنو. نيٺ ڪنهن طريقي سان ميان نصير محمد دهليءَ جي قيد مان ڀڄي سنڌ ۾ آيو. مرحوم مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي اورنگزيب بادشاهه جي زماني ۾ (سن 1069هه / 1684ع ساهتيءَ جو پرڳڻو هٿ ڪيو، ۽ هن علائقي جو فتح ڪندڙ سندس خليفو وارڙ هو، جنهن نوشهري فيروز جو شهر ٻڌو، جنهن جو وجود اڃا تائين قائم آهي“ (26).

سن 1168هه/1755ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ساهتيءَ جي علائقي مان سندس فوجون ڦرلٽ ڪنديون اچي نوشهري فيروز پهتيون. ميان نورمحمد ڪلهوڙ جي پاران ديوان گدومل سفير ٿي بادشاهه وٽ ويو هو. ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو ٻن حصن ۾ ورهايل هو. ساهتيءَ جو اتر وارو حصو، جو ڪنڊيارو پرڳڻو سڏيو ۽ ٻيو ڏاکڻو حصو جنهن ۾ نوشهري فيروز ۽ موري جو حصو ٿي آيو؛ ان کي ”نوشهرو پرڳڻو“ ڪري چوندا هئا. ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ڪنڊياري جو پرڳڻو پنهنجي ڀاءُ محمد خان ڪلهوڙي کي جاگير ۾ ڏنو هو _271).* نادر شاهه افشارُ پنهنجي سنڌ واري  حملي وقت لاڙڪاڻي کان ٿيندو، ساهتيءَ جي شهر نوشهري فيروز ۾ اچي منزل انداز ٿيو، جتان ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پيڇو ڪندي اچي شهدادپور پهتو. ”مرآة دولت عباسيه“ جو قول آهي ته خيرو اٺوال نوشهري فيروز ۾ سموري ساهتيءَ پرڳڻي جو منتظم هو. ساڳيو مصنف لکي ٿو ته: دائود پوٽن نوشهري فيروز ۽ کاهيءَ تي حملو ڪيو، پر ميان يار محمد انهن ٻنهي شهرن کي وري واپس ورتو (28).

ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد مراد ياب خان گاديءَ تي ويٺو. سن 1171هه / 1758ع ۾ ميان عطر خان گادي نشين ٿيو ۽ سندس ڀاءُ ميان يار محمد خان نوشهري فيروز ۾ وڃي رهيو. سن 1172هه / 1759ع ۾ ميان غلام شاهه ۽ ميان عطر خان جي وچ ۾ احمد يار خان ۽ عطر خان جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو. انهيءَ تي ميان غلام شاهه فوج وٺي ڪاهي آيو ۽ عطر خان شاهي حملي جو تاب نه جهلي ڀڄي ويو ۽ ساهتيءَ جو پرڳڻو ميان غلام شاهه جي قبضي ۾ آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com