سيد اظهر گيلاني
معجزه رجعتِ آفتاب
رسول الله ضيائي نور، سانڍي قلبِ انور ۾،
ٿيو رونق فزا هڪڙي دفع آغوشِ حيدر ۾،
اکين کي ننڊ هئي ليڪن، لڳل هئي ديد دوار ۾،
جمالِ طور جو عالم رهيو روئي منور ۾،
زمين تي عرش اعظم جا نشان الله جي قدرت،
علي جي گود ۾ هر دوجهان الله جي قدرت.
شرابِ عشق ۾ شيرِ خدا مخمور نظريو ٿي،
نظر وارن کي ڇا نزديڪ ۽ ڇا دور نظريو ٿي؟
محمد جو علي جو، حق جو هڪڙو نور نظريو ٿي،
محمد کي ڏسي گوڏي تي هو مسرور نظريو ٿي،
نماز عصر ٿي ليڪن نه آئي جهول ۾ حرڪت،
اهو فعلِ علي ٿيو معجزه جو باعث و برڪت.
اُٿارڻ ننڊ مان مرسل کي حيدر ناروا سمجهو،
اٿارڻ کان سمهارڻ کي ٿي افضل مرتضيٰ سمجهو،
عبادت ننڊ هئي ان جي، اٿارڻ کي قضا سمجهو،
اهو هو راز رباني، ٿي شيرِ ڪبريا سمجهو،
حرا ۾ هو نبي جاڳيل، علي ننڊ ڪئي شبِ هجرت،
انهيءَ ننڊ ۽ سجاڳي ۾ ملي وئي دين جي دولت.
شہِ خاور مٽائي مُنهن، وڃڻ جي ڪئي ٿي تياري،
جواني موڪلايس، بار پيريءَ جو پيس باري،
ڏنو اونداهين کي رات، پيغامِ سيہ ڪاري،
وئي بزمِ جهان مان روز روشن جي عملداري،
کنڊيريو شام، زلفن کي خوشي سان دوشِ هستي تي،
اونداهي جو ويو پهرو لڳي ”صهبا“ جي بستي تي.
گلِ رخسار تان قدرت وهايا نور جا ڳوڙها،
يڪايڪ خوابِ نوشين کان ڀڃي آرس شہِ بطحيٰ،
مئي عرفان سان ڌوتل نيڻ کوليا ۽ مست ۽ اُجرا،
حَسين منظر ڏسڻ لئه در کلي ويا عرش اعظم جا،
کڻي هت پنهنجي نازڪ، شوق سان شانِ جمالي ۾،
دعا ڪئي مرتضيٰ جي واسطي درگاهِ عالي ۾.
”اي خالق تون ڏسين ٿو، هو علي مصروف طاعت ۾،
نمازِ عصر ٿي ان جي قضا مجبوري حالت ۾،
علي رخنو وڌو ناهي، ڪڏهن پنهنجي عادت ۾،
ڏسن اڄ معجزه ڏسندڙ، رکن ايمان قدرت ۾،
دعا مان ٿو گهران، آمين ٿو حيدر ڪري هڪدم،
ديارِ غرب مان سورج ٻڏل واپس وري هڪدم.“
جئن سورج کي مغرب ۾ وڃي فرمانِ حق پهتو،
چئي لبيڪ مرسل کي، زمين جي گود مان نڪتو،
سياهي تي امالڪ روشني پنهنجو ڪيو غلبو،
وئي روپوش اونده ٿي، نه ان کي آيو هٿ رستو،
ڏٺو عالم سڄي، هي رنگ شانِ پاڪبازي جو،
شرف عمرِ ضيائي مهر کي بخشو درازي جو.
نظامِ شمس ۾ هن معجزه آڻي ڇڏيو چڪر،
جو اوڀر جي بجا، اولهه کان پهريون ڀيرو ٿيو اظهر،
ادائي فرض خاطر، باوضو ٿي شوق سان حيدر،
”خدائي لم يزل“ جي آستانه تي جهڪايو سر،
جبين پاڪ جئن فارغ ٿيو شوقِ عبادت کان،
تئن مهر فلڪ ”اظهر“ اجازت ورتي حضرت کان.
نوٽ: هي معجزه حديث جي روشنيءَ ۾ منظوم ڪيو ويو آهي. هن واقعي
کي ابن منده، ابن شاهين ۽ طبراني بروايت اسماء بنت
عميس بيان ڪيو آهي. ساڳيو مضمون ابن مردويه بروايت
حضرت ابو هريره لکيو آهي ته اهو معجزه ”صهبا“ جي
مقام (هي مدينه منوره ۽ خيبر جي درميان آهي) عالم
وجود ۾ آيو هو.
(شفا_ مواهب _ خصايص ڪبريٰ)
سليم ڳاڙهوي
غزل
لڙندا ڏسي ڪي لُڙڪ ستان کِلي ڏنو!
غمگين جي غم تي شوخ شرارن کِلي ڏنو!
مظلوم حسرتن جي سُڻي آهَ ۽ ڪِراهَ،
قدرت جي بي نياز نظارن کِلي ڏنو!
ڪيڏو تضاد آهِ زماني ۾ دوستو!
آنسو ڏسي ڪليءَ جا بهارن کِلي ڏنو!
ڪوئل جي ڪوڪ کي سُڻي ٽهڪڻ لڳا تتر،
ڪونجن جي هر ڪِراه تي ٻارن کِلي ڏنو!
پاڻي ڪري ٿو سرد سفيد ۽ سياه کي،
ٻيڙا ڏسي ڪُنن ۾ ڪنارن کِلي ڏنو!
مصروف آهِ خلق سراسر مذاق ۾،
هڪڙو رُنو غريب، هزارن کِلي ڏنو!
هن حالي ڏِسي ڪري، هن قال کي سُڻي،
ڌاريا رُنا ’سليم‘ ۽ ٻيارن کِلي ڏنو!
_بردو
سنڌي
(1)
ديس جي ڌرتي پياري پياري، آهِه اسان لئه سون جي کاڻ.
کيت کيت جا قدم چمي ٿو، مستين ڀَريل هيءُ مهراڻ.
ناهي ويل ويهڻ جي هاڻي، هارين هَرَ کي ڳل آ لاتو،
تَتِي ٿڌي جي ڪاڻ نه تن کي، هرجا ساوَڪ ۽ سُرهاڻ.
(2)
تنهنجي گهور جا گهاوَ گهرا پرين!
تنهنجي پيار تي سخت پَهرا پرين!
هلي آءُ تو لئه هينئون سيج ٿيو،
ڀري پير اچ ڪُجهه اُٻَهرا پرين!
(3)
تنهنجي مُرڪ سان محب چانڊاڻ ٿي،
تنهنجي ٽهڪ سان جڳ ۾ سُرهاڻ ٿي،
نهاريئه، کلي، نينهن جو مينهن پيو،
آ، ’بردي‘ جي دل اڄ ته مهراڻ ٿي!
(4)
جي کلندي رُئندي مون توساڻ گهڙيون گهاريون،
سُنهن تنهنجي سِڪَ جو سي، ساهه کان وڌ پياريون،
آ پيار تنهنجو پيارو، ۽ غصو به مِهَر وارو،
جي تنهنجي مُنهان نِڪرن،سي گاريون به مزي واريون.
(5)
پَري پيرُ تنهنجي نه پيرن کان ٿيان،
رهي ناهه طاقت جُدايون سَهان،
جي جيارين ته تنهنجا لکين ٿورڙا،
جي مارين هٿن سان ته پوءِ لک لهان!
(6)
هُيون دل ۾ ڳالهيون ته ڪي سؤ هزار،
چيم يار ملندو، ته ٿيندي پَچار،
جڏهن مُرڪندي تو نهاريو پرين!
رهي منهنجي مَن ۾ نه ڪائي مَيار.
(7)
گڏ توسان ويهي پَرکيم، پاڙي ۾ رهي پَرکيم،
ڪجهه من ۾ پيهي پرکيم، ڪجهه سِر تي سهي پرکيم
مون گل ڇٽيا توتي، ڪنڊن سان نوازيو تو،
هيرو نه، تون شيشو آن، سوچيم ته صحِي پَرکيم!
(8)
هئي آس ايندي مگر ڪِين آئي،
تڪيندي اسان ديد پنهنجي ٿڪائي،
وئي واٽَ ڀلجي، سا پرڀات سُک جي،
اڃا رات ڏُک جي آ آگري اُنداهي.
انور هالائي
غزل
مروت ناهه پنهنجن ۾، شناخت ناهه يارن ۾،
اچي ڪينو پيو ڪاهي، قسم سان قربدارن ۾.
ٽُٽي پيو ڀروسو سارو، لُٽي آ ساک الفت جي،
وفا جا وڻ ويا وڍجي، جفائن جي سهارن ۾.
ڪُنن سان لَڙتون مانجهي ٿي، نه ڪر ڪو ڀروسو ڪنهن تي،
نه ٿيندو فيصلو هر گز ته موجن ۽ ڪنارن ۾.
ٿيو رت ڇاڻ اڄ گلشن سندم دل جي تمنا جئن،
الائي ڇو خزائن جي ڪيم ڳولا بهارن ۾.
سندم سر آهه هڪڙو ۽ سچائي تان ڪبو صدقي،
لکج منصف خدا لڳ منهنجو نالو جان نثارن ۾.
ڏياچ آهي، نه پريجل ڪو، نڪو گرنام ۾ وانگي،
نڪو ماتم نڪو پِٽڪو،نه سورٺ سوگوارن ۾.
جبل جو جور ساڳيو آ، لَڪن جي لانڍ ساڳي آ،
پڙادو اڄ به سسئيءَ جو ٿو سڻجي ڪوهسارن ۾.
اسان جا فعل مٽجي ويا، وڏا سڏجون ٿا نالي ۾،
اڃا ڀي ڪجهه نه ڪجهه چئجي ته آ ساڃاهه ٻارن ۾.
تميز آهي نه ڪا اڄڪلهه گناهن ۽ ثوابن ۾،
عجب آ پاڪبازي آهه ڦاٿي ٻن ترارن ۾.
چئون ڪنهن کي، ٻُڌون ڪنهن سان، اسين پٿر مثل آهيون،
ته ٿيا شمس و قمر ساٿي، نه دلداري ستارن ۾.
ٿياسين ڪوڙ کان باغي، سچائي جا ته سودائي،
سدائين ڌوڪو کاڌوسين، اجاين اعتبارن ۾.
عمر گذري ويئي ’انور‘، رڳو سُورن ۽ سختين ۾،
الائي ڇو خزائن جي ڪيم ڳولا بهارن ۾.
مخدوم مزاده سعيد الزمان ”عاطف“
لال لب ۽ مست نظرن سان نهوڙي تو ڇڏيو،
مون کي پنهنجي مشڪين زلفن ۾ وڪوڙي تو ڇڏيو.
تنهنجي جلون پهرين مون کي هوش کان ٻاهر ڪڍيو،
قهر آ، هي پنهنجي زلفن کي به ڇوڙي تو ڇڏيو.
مون ڪئي تو سان وفا توکي خبر آهي اها،
پيار ۾ منهنجا مٺا مون کي پروڙي تو ڇڏيو.
تنهنجي منهنجي وچ ۾ هو دنيا جو هڪ ليڪو لڳل،
پر ڪري مون سان وفا، ليڪي کي ٽوڙي تو ڇڏيو.
مون بنايو آ وفائن جو حسين پختو محل،
۽ وري ان ۾ سڄڻ خود کي به جوڙي تو ڇڏيو.
عشق ۾ دنيا ڇڏي مون سان ڪئي آ تو وفا،
هن زماني جي اصولن کي به موڙي تو ڇڏيو.
تنهنجون واٽون، تنهنجا رستا، تنهنجو ’عاطف‘ پيو ڏسي،
قلب ۾ هي عشق جو اڄ تير کوڙي تو ڇڏيو.
نواز علي ”شوق“
غزل
نيرُ نيڻن مان وهيو، بادل وسيا ڄڻ بيشمار،
منهنجي قسمت جا ڌڻي، منهنجي مقدر کي سنوار.
ڪي ته ٽهڪن ۾ ٽِڙن، ۽ ڪي ته سڏڪن ۾ سڙن،
شب جي تارن ۾ وجهي تارا، رُئي ڪو زاروزار.
دل دنبورو آ بڻي، ڇيڙيو نه ان جي تار ڪا،
ڪيرُ ٿو سمجهي سڻي هت، ڪنهن جي سورن جي پڪار.
هن محبت جو اثر آهي ٻنهي طرفين تمام،
ٿو سڙي کامي پتنگ ۽ شمع آهي اشڪبار.
آس جون مکڙيون ٽڙڻ کان اڳ وايون ڪومائجي،
مان مڃيان ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪيئن چوان آئي بهار.
عنايت بلوچ
ڇو دل ۽ جگر، سينو اکيون، روح رڙي پيا،
شايد سي سڀئي تاب حُسن جي کان سڙي پيا.
رخصت جي مهل پاڻ ته خاموش رهيو، پر
اکڙين مان سندس سُرمي رتل لُڙڪ لڙي پيا.
هڪڙي ئي نظر هن جي ڪيو ڪيئن نه هٿيڪو،
اکڙين جي اشارن جا ڪيل قول پڙي پيا.
تو ريءَ حياتيءَ جو سفر سُڃ سُجهي ٿو،
ڪنهن کي ڇا خبر ڪيئن گذاريون ٿا گهڙي پيا.
هن هجر جي هاڃي تي ڪيم ضبط گهڻو، پر
نيڻن مان وهي نيرَ، ڳلن تي سي ڳڙي پيا.
ڳوڙهن جو وهڻ، ڪين رُڪڻ راسُ نه آيو،
چپڙن ۾ سندس چاهَه جا الفاظ اڙي پيا.
رحيم بخش ”قمر“
محبت ۾ سختيون سهڻ، ڪم اسان جو!
ڏکن ۾ به راضي رهڻ، ڪم اسان جو!
ملي موت جي جي سزا سوکڙي ٿي،
ته سوريءَ تي مرڪي چڙهڻ، ڪم اسان جو!
حبيبن هتان جي مليو زهر قاتل،
پيالو سو پرتئون پيئڻ، ڪم اسان جو!
نه تلوار تيرن جي پرواهه آهي،
قريبن جي آڏئون ڪُسڻ، ڪم اسان جو!
ڏسي منهن مبارڪ جو جلوو ۽ جَرڪو،
پرينءَ لئي پتنگ جان پچڻ، ڪم اسان جو!
نه محبوب آيو ته، پوپٽ جي پَرَ تي،
سو لُڙڪن سان خطڙو لکڻ، ڪم اسان جو!
وٺا تير ديدن جا دل جي مٿان جي،
سنڀالي سان دل ۾ رکڻ، ڪم اسان جو!
”قمر“ شمس، تارا، ڪَتيون جنهن تان صدقي،
فدا تنهن تان هر دم ٿيڻ، ڪم اسان جو.
نظم
مير محمد پيرزادو
پٿر جي بي جان بت ڏانهن!
تون چپ نه رهه، تون چپ نه رهه،
هيءَ چپ اسان کي ماري ٿي!
تون ڪڇ ته ڪلا کي ڪانڍ ملي،
ڏي ٽهڪ ته منهنجي ڏات کلي،
ڪجهه ٻول ته من جي ڊيل ٽِلي،
هر جذبو تنهنجي آهه بلي!
تون چورج چپ ته چنگ چرن،
تون گهور ته منهنجا انگ نچن،
تون مُرڪ ته مهڪي گل پون،
تون ٻهڪ ته منهنجا ٻول ٻُرن!
تون اچ ته هرڪا چيز اچي،
تون نچ ته هرڪا چيز نچي،
تون چاهين جي ڪو رنگ رچي،
تون چاهين جي ميڙو به مچي!
هيءَ ماٺ اسان کي ماري ٿي،
۽ هانوَ اسان جا ڏاري ٿي،
ڪجهه ڳاري ٿي، ڪجهه کاري ٿي،
۽ تنهنجي ياد پڪاري ٿي.
آءُ چوري ڇڏيون چپ چپن،
جيئن خاموشيءَ ۾ ساز ڇِڙن،
جيئن پنهنجي سڀئي ماڳ مِڙن،
جذبا به نچن، اُڌما به نچن!
آ جيوت معنيٰ چرپر ۾،
آ ياد جي معنيٰ هر کر ۾،
آ منزل ويجهي سُر پُر ۾،
ٿو هينئڙو ريجهي گهر گهر ۾.
آ ڪجهه ته ڪيون، آ ڪجهه ته ڪيون،
ٻيو ڪجهه نه سهي پر هيئن ڪيون.
ڏئي باهه سڙي ۽ خاڪ ٿيئون،
من ٿوري جهٽ لئه جوت ڏيون.
تون چر ته چري پئي آس پرين،
ڪر موڙ ته جاڳي پياس پرين،
کڻ ساهه ته پکڙي واس پرين،
جيئن سمجهون آهي سواس پرين!
تون چپ نه رهه، تون چپ نه رهه،
هيءَ چپ اسان کي ماري ٿي!
وفا ناٿن شاهي
غزل
ڪڏهن عيسيٰ، ڪڏهن منصور آهيان،
مان پنهنجي ظرف کان مجبور آهيان.
ٻنهي، گڏجي، جي پوکيا ها هٿن سان،
انهن ٻوٽن جو ڇڻيل ٻور آهيان.
وٺي ڇا لئه هلين ٿو ميڪدي ۾،
مان پنهنجي ئي نشي ۾ چور آهيان.
تعارف مختصر منهنجو اهو آ،
بشر آهيان، دليلِ نور آهيان.
محبت آهي نصب العين منهنجو،
اٽل ۽ فطرتي دستور آهيان.
سلامِ شوق کي شرفِ تبسم؟
’وفا!‘ ممنون ۽ مشڪور آهيان.
خاڪي جويو
غزل
هن گهاٽن گُگهه انڌيرن ۾،
ڪيئن پنڌ پئجي ويا پيرن ۾.
ڪيڏو نه ڪروڌ سمايل هو، ڪو ڏيرن، من جي ميرن ۾.
ٿو لال لهوءَ جي لاڳ ڏيان، مان پرهه پريءَ جي پيرن ۾.
سورج لئه سورج تڙپي ٿو، گهنگهور گهٽا جي گهيرن ۾.
ڪا لاک رتي جي باک ڦٽي، سوَ اڀرن سج سويرن ۾.
ڪي جڳ جنب جي جنگ لڙي، هي ورهه وتوسون ويرن ۾.
جي پيار جا پنڇي اڏري ويا، سي آڻيون سڀ آکيرن ۾.
آزاد گذاريان، عمر سڄي، مان ”خاڪي“ شال کٿيرن ۾.
تاجو جويو
غزل
اڄ پسي اي پرين! نيڻ تنهنجا ڀِنل،
دل جو شيشو ڀڳو ڏات ڳاتا غزل!
ڏيهه توکي ججهو آ ڏکويو ڪوي!
آءُ اوري اُگهان لُڙڪ تنهنجا ادل!
پير پٿرن جا ڇِنا، پوءِ به کاهوڙيا،
وک وتري وجهي ويا لتاڙي جبل!
مُرڪ موٽي مهاڻن کي ملندي ميان!
ڪپَ ڪينجهر مٿان نيٺ ٽِڙندا ڪنول!
اياز گل
گيت
توبن ڪهڙا ڇانورا!
او سانورا! او بانورا!
منهنجي ڇانوَ ڇپرُ تون آهين،
مان درياهه، ڪپرُ تون آهين،
او سانورا! او بانورا!
توبن ڪهڙا ڇانورا!
سيني ۾ دل ڌڙڪي جيسين،
مان تنهنجي، تون منهنجو تيسين،
او سانورا! او بانورا!
توبن ڪهڙا ڇانورا!
مان تنهنجي چرڻن جي داسي،
او! منهنجي مَن جا رهواسي،
او سانورا! او بانورا!
توبن ڪهڙا ڇانورا!
ڏور گذارڻ اوکو آهي،
دل کي ڏيئو دوکو آهي،
او سانورا! او بانورا!
توبن ڪهڙا ڇانورا!
نصير مرزا
ترائيل
جن راهن تي تون مان گڏجي هلندا هئاسين،
تن راهن تي ٿوهر اڀري پيا هِن اڄ،
ياد نه اٿم ڪيئن ۽ ڪڏهن وڇڙي وياسين،
جن راهن تي تون مان گڏجي هلندا هئاسين.
جن وڻن جي ڇايا هيٺان وهندا هئاسين،
تن وڻن کي ساڙي ڇڏيو آهي وڄ،
جن راهن تي تون مان گڏجي هلندا هئاسين،
تن راهن تي ٿوهر اڀري پيا هن اڄ.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
وائي
پريم مٺو ۽ پريم امر آ، باقي جذبا سکڻا پوپا،
پو به ڏين ڪي پاڻ کي ڌوڪا.
”ڏات _ ڏيئو“ ڪو ٻاري نڪتو، ماڻهن پاتا مڙني کوپا،
پو به ڏين ڪي پاڻ کي ڌوڪا.
ڪهڙا ڪهڙا نظرن گهايا! ماڻهو ڄن ڪي آهن ڀوپا،
پو به ڏين ڪي پاڻ کي ڌوڪا.
سڀ ئي ڄاڻن سڀ ئي سڃاڻن: ڦاٽي اڀ کي ڪهڙا ٽوپا؟
پو به ڏين ڪي پاڻ کي ڌوڪا.
ڪوڏيءَ ملهه تي ڪيئن وڪاڻا، رد ڪيا جن روڪڙ روپا،
پو به ڏين ڪي پاڻ کي ڌوڪا.
ڪنول لهاڻو
گيت
پنڇي جيئن ٿي پريت پڪاري،
آءُ به ساجن منهنجي دواري.
ڳلي ڳلي ۽ وڻ وڻ ووڙي،
پربت پربت، بن بن ڊوڙي،
ڪوئل ڪوڪي تيئن ڪوڪاري،
آءُ به ساجن، منهنجي دواري.
پاڻ وهيڻي پاڳل ناهي،
جهاتيون پائي ڪانگ اڏائي،
راتيون روئي، ڏينهن اڀاري،
آءُ به ساجن، منهنجي دواري.
تو بن من آ، ماندو موڳو،
چاهت کي اچي ڏي چوڳو،
ماري بڻجي يا وڃ ماري،
آءُ به ساجن، منهنجي دواري. |