مـقـالا
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌ جو آخري سومرو بادشاهه ۽ سندس ڀائر
’سومرن جو دؤر‘ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو دؤر آهي، جنهن بابت پڪا
پختا تاريخي احوال نسبتاً گهٽ ملن ٿا. ڪجهه وقت
کان وٺي راقم هن دؤر جي حالات جي تلاش ۽ تحقيق ۾
رڌل رهيو آهي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ تازو تصنيف ڪيل
ڪتاب ”سومرن جو دؤر“ (ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ) هن
سلسلي جي هڪ خاص ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ توڙي ”سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (جلد پهريون، ڇپايل زيب ادبي
مرڪز حيدرآباد 1400هه 1981ع) ۾ تاريخي احوالن توڙي
سنڌ جي مشهور ۽ متواتر روايتن جي روشني ۾ سنڌ جي
آخري سومري بادشاهه ’همير‘ ۽ ساڻس ڄام هالي ۽ سندس
پٽن جي جنگ جا حالات ڏنا ويا آهن، جيڪي مختصر طور
هيٺين طرح آهن:
’سومرن مان سنڌ جو آخري حڪمران دودي جو پٽ همير هو. سندس ذڪر ان
وقت سلطان فيروز شاهه طرفان مقرر ٿيل ملتان جي
گورنر عين الملڪ ماهرو پنهنجي ڪن خطن ۾ ڪيو آهي ۽
سندس سڄو نالو ”همير دودا“ لکيو آهي، يعني همير پٽ
دودي جو. عين الملڪ اهي خط اندازاً 1352_1365ع
واري عرصي ۾ لکيا جن ۾ ڄاڻايو اٿس ته: ’هن وقت
سومري حاڪم همير پٽ دودي جي حڪومت جو سلو سُڪي
رهيو آهي، ۽ محض سلطان (فيروز شاهه) جي مدد سان ئي
ذرا سائو ٿيو بيٺو آهي. ٻئي طرف سمو ڄام ٻانڀڻيو
پٽ انڙ جو پنهنجي سرڪشي ۽ طاقت سان اڀري رهيو
آهي.‘ سلطان فيروز شاهه، گجرات جي گورنر کي، همير
سومري جي هر طرح سان مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ۽ پڻ
اهڙي خاص ذميداري گجرات جي گورنر جي ڀاءُ رڪن
الدين حسن کي سونپيل هئي. اهڙو ذڪر پڻ عين الملڪ
ماهرو جي هڪ خط ۾ ڪيل آهي، جيڪو هن گجرات جي گورنر
ڏانهن لکيو هو.‘
چئي نٿو سگهجي ته همير سومري جي حڪومت جي پڄاڻي ڪهڙي سال ۾ ٿي.
جيئن ته سلطان فيروز شاهه سن 66_1365ع ڌاري ٺٽي جي
سمن حڪمرانن تي حملو ڪيو، تنهن مان نتيجو نڪري ٿو
ته ان سال يا ان کان ڪجهه اڳ همير سومري جي حڪومت
جو خاتمو ٿي چڪو هو.
سنڌ جي عام مشهور روايتن مطابق ڄام هالي جي پٽن جي اڳواڻي هيٺ
سمن جي همير سومري سان جنگ ٿي، جنهن ۾ همير مارجي
ويو. اهو واقعو سن 52_1351ع کان اڳ ۽ سن 66_1365ع
کان پوءِ ٿيو؛ پر وڌيڪ قرين قياس ائين ته غالباً
هن عرصي جي آخري ٽن سالن (1392 _ 1365ع) ۾ ٿيو جو
سلطان فيروز شاهه انهيءَ سببان پوءِ سگهو ئي سن
66_1365ع ۾ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي.
گذريل ويهن سالن کن ۾ هندستان جي صوبي گجرات مان ٻه اهڙا فارسي
ڪَتبا هٿ آيا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته همير جي
مارجڻ کان پوءِ سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي هن آخري
خاندان جي باقي بچيل فردن، يعني همير جي ڀائرن،
هميشه لاءِ وڃي گجرات ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اهي ٻه
ڪتبا هي آهن:
(الف) ’فتح مسجد“ وارو ڪتبو.
هيءُ ڪتبو ’فتح مسجد‘ جي محراب مٿان لڳل آهي، جيڪا هاڻي ”نيڪري
والي مسجد“ سڏجي ٿي، ۽ صوبي گجرات جي ضلعي سابَر
ڪنٺا جي شهر ’پار نتيج‘ ۾ واقع آهي. ڪتبو (85
X 30
سينٽي ميٽر واري سطح تي) هيٺين ٻن فارسي سٽن ۾
لکيل آهي:
(1) بسم الله الرحمان قال الله تعاليٰ وان مساجد لله فلا تدعوا
مع الله احدا اين بقعہ شريف بنا کرده همو دودا
سومره.
(2) در عهد فيروز شاه السلطان خلد الله ملکہ درماه مبار رمضان
سنه اربع و ثمانين و سبعمايہ والله اعلم بالصواب.
]ترجمو:
(1) بسم الله الرحمان الرحيم _ الله تعاليٰ فرمايو
ته ”مسجدون الله (جي عبادت) لاءِ آهن، سو الله سان
گڏ ٻئي کي نه ٻاڏايو.“ هن مٿاهين ماڳ جو بنياد
هُمو (پٽ) دودي سومري وڌو.
(2) سلطان فيروز شاهه _ الله سندس بادشاهي دائم قائم رکي جي دور
۾، مهيني رمضان مبارڪ سن ست سؤ چوراسي ۾، ۽الله ئي
سچ جو سڀ کان وڏو ڄاڻو آهي[.
هي ڪتبو اڄ کان سٺ _ ايڪهٺ سال اڳ دريافت ٿي چڪو هو، مگر ان جي
پڙهڻي پوريءَ طرح سمجهي نه وئي: ’هَمُو‘ کي
’هَمُود‘ ۽ سنه ’784هه‘ کي ’884هه‘ ڪري پڙهيو ويو([1])،
ڪجهه وقت اڳ هيءُ ڪتبو ”انڊين ايپيگرافي سالانه
رپورٽ“ 61_1960ع ۾ شايع ٿيو([2])
۽ پوءِ سنه 1962ع ۾ تفصيل سان عربي _ فارسي ڪتبات
جي خاص اداري جي اضافي اشاعت ۾ ڇپيو([3]).
انهيءَ پوئين اشاعت ۾ ’هَمُو‘ جي نالي مان مراد
’همير‘ورتي ويئي آهي، ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته جيتوڻيڪ
ڪتبي ۾ ’هَمُو‘ لکيل آهي، مگر ان کي ’همير‘ ئي
سمجهڻ گهرجي، يعني اهو ’همير’ جيڪو سنڌ جي سومرا
گهراڻي جو آخري بادشاهه هو ۽ جنهن جو ذڪر ملتان جي
گورنر عين الملڪ ماهرو پنهنجن خطن ۾ ڪيو آهي؛ ۽ پڻ
اهو سمجهيو ويو آهي ته همير معزول ٿيو ۽ معزولي
بعد سلطان فيروز شاهه جي حڪم موجب گجرات جي گورنر
۽ سندس ڀاءُ کيس سنڀاليو جيتوڻيڪ اهو معلوم ناهي
ته کيس دهلي يا گجرات ۾ رهايو ويو.
راقم جي راءِ ۾ اهو تعبير صحيح ناهي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته ڪتبي ۾ هي
نالو صاف طور ”همو“ لکيل آهي ۽ نه ’همير‘، ۽ ٻيو
ته سنڌ جي متفقه ۽متواتر روايت موجب ’همير‘ سمن
طرفان ڪيل حملي ۾ مارجي ويو هو، انهيءَ ڪري گجرات
۾ سندس سڪونت پذير ٿيڻ جو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو.
(ب) ’سڪندر شاهه جي درگاهه‘ وارو ڪتبو.
هيءُ ڪتبو ساڳئي شهر ’پارنتيج‘ ۾ ’سڪندر شاهه جي درگاهه‘ ۾،
”شهيد سڪندر خان سومري“ جي قبر (جنهن جي ڪري ئي
درگاهه انهيءَ نالي سان سڏجي) جي سيرانديءَ کان
سنگ مر مر جي گولائين ٿنڀي تي لڳل آهي. هيءُ ڪتبو
ڪافي ڊگهو آهي ۽ هٺين طرح چئن فارسي سٽن ۾ لکيل
آهي:
(1) بتاريخ بيست و يکم ماه صفر سنہ خمس و ثمانين
و ثمانمايہ روزسہ شنبہ راي اعظم
(2) و خان معظم سکندر خان بن اي غياث بن عمر بن محمد دودا در
(3) عهد محمود شاه بن محمد
]شاهه[
بن احمد شاه بن محمد بن مظفر شاه سلطان
(4) در تهانه سينبهر شهادت يافته عمر سي دو سال بود.
ترجمو:
(1) تاريخ ايڪيهين مهينو صفر سنه اٺ سؤ پنجاسي،
ڏينهن اڱاري ’راءِ اعظم‘
(2) ۽ ’خان معظم‘ سڪندر خان پٽ راءِ غياث پٽ محمد پٽ دودو.
(3) محمود شاهه پٽ محمد شاهه پٽ احمد شاهه پٽ محمد شاهه پٽ مظفر
شاهه (گجرات جي) سلطان جي دؤر حڪومت ۾
(4) ٿاڻي سينڀر (سيمڀر) ۾ شهادت کي رسيو. عمر ٻٽيهه سال هئس[.
هيءُ ڪتبو ”انڊين ايپيگرافي ساليانه رپورٽ 74_1973ع“ ([4])
۽ ”آثار قديمه هند رويو 74_1973ع“ ([5])
۾ شايع ٿيو آهي ۽ عربي _ فارسي ڪتبات جي اضافي
اشاعت 1974ع ۾ تفصيل سان شايع ٿيڻ وارو آهي.
مٿين ڪتبن جي روشنيءَ ۾ نتيجا:
(1) فتح مسجد وارو ڪتبو سلطان فيروز شاهه جي حڪومت (752_790هه /
1351_1388ع) جي آخري دؤر جو آهي، جنهن ۾ ’فتح
مسجد‘ جي بنياد وجهڻ جو سال 784هه (1382ع) ۽ مسجد
جوڙائيندڙ جو نالو صاف طور ”همو“ (پٽ) دودي سومري
جو ڄاڻايل آهي. هن ڪتبي ۾ ’همو‘، ’دودا‘ توڙي
’سومره‘، اهي ٽيئي نالا انهيءَ صورت ۾ صاف لکيل
آهن.
(2) ملتان جي گورنر عين الملڪ پنهنجن خطن ۾ سنڌ جي سومري حڪمران
جو نالو ”همير دودا“ (همير پٽ دودي جو) لکيو آهي.
هن ڪتبي ۾ نالو ”همون دودا“ (همون پٽ دودي جو)
آهي. ظاهر آهي ته هي ٻئي ڀاءُ هئا: همير وڏو ۽
گاديءَ جو مالڪ هو، جيڪو سمن جي هٿان اندازاً
65_762هه ڌاري مارجي ويو. انهيءَ واقعي کان 20_22
سال پوءِ، سندس ننڍو ڀاءُ گجرات جي شهر ’پارنتيج‘
۾ سڪونت پذير هو،
جتي هن ’فتح مسجد‘ جوڙائي. همير جو مارجڻ ۽ همون جو فتح مسجد
جوڙائڻ، اهي ٻئي واقعا هڪ ٻئي کي ويجها ۽ سلطان
فيروز شاهه جي ئي حڪومت جي دؤر جا آهن.
(3) سڪندر شاهه جي درگاهه وارو ڪتبو (سنه 885هه)، ’فتح مسجد‘
واري ڪتبي (784هه) کان هڪ سؤ سال کن پوءِ جو آهي.
جوانمرد سڪندر سومرو جيڪو 885هه ۾ شهيد ٿيو، سو پٽ
هو غياث جو، پوٽو هو عمر جو، ۽ پڙپوٽو هو محمد جو،
جيڪو دودي جو پٽ هو. هڪ سؤ سالن ۾ چار پيڙهيون
گذريون. همون پٽ دودي جو، جنهن سؤ سال اڳ ’فتح
مسجد‘ جوڙائي ۽محمد پٽ دودي جو، جنهن جو پڙ پوٽو
سڪندر هو جيڪو هڪ سؤ سال پوءِ شهيد ٿيو، سي ٻئي
ڀائر چئبا. ٻئي ڀاءُ گڏ ساڳئي شهر پارنتيج ۾ رهندڙ
هئا، ڇاڪاڻ جو ’فتح مسجد‘ توڙي ’سڪندر جي درگاه‘
ٻئي ساڳئي شهر ’پارنتيج‘ ۾ ئي آهن. جئن ته ’فتح
مسجد‘ تي نالو ’همو‘ جو آهي، انهيءَ مان ظاهر آهي
ته ’همو‘ وڏو ڀاءُ هو ۽ محمد ننڍو ڀاءُ.
(4) فتح مسجد جوڙائڻ واري سال سنه 784هه ۾، جڏهن سنڌ جي آخري
سومري حڪمران همير جا ٻه ڀاءُ همون ۽ محمد گجرات ۾
زنده سلامت موجود هئا، تڏهن ٺٽي جي سمن ڄامن مان
ڄام ٻانڀڻيو ۽ ڄام تماچي ٻئي دهلي ۾ سلطان فيروز
شاهه وٽ نظربند هئا، ۽ ڄام علاؤالدين جوڻو سنڌ جو
حڪمران هو. هن صورت حال مان هڪ اهم تاريخي حقيقت
روشن ٿئي ٿي، جنهن بابت هن کان اڳ وارا ٻيا بيان
مختصر ۽ مبهم آهن. ايترو معلوم آهي ته سنڌ جي آخري
سومري حڪمران همير پٽ دودي جي کي سلطان فيروزشاهه
جي حمايت حاصل هئي، ۽ ان بابت ملتان جي گورنر عين
الملڪ ماهرو ۽ خاص طرح گجرات جي گورنر اختيارالدين
کي هدايتون ڏنل هيون.
1962_1965ع دوران جڏهن سمن حملو ڪري، همير سومري کي ماريو، ۽
ڄام ٻانڀڻئي ٺٽي ۾ پنهنجي خود مختيار حڪومت قائم
ڪئي، تڏهن سلطان فيروز شاهه سنه 766هه / 66_1365ع
۾ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. پهرئين مقابلي دوران شاهي
لشڪر ۾ رسد جي ڪمي ۽ گهوڙن ۾ بيماري سببان سلطان
فيروز شاهه ڪوچ ڪري گجرات طرف ويو، ۽ پوءِ وري
ٻيهر چڙهي آيو. انهيءَ عرصي دوران شيخ الاسلام صدر
الدين ملتاني ۽ اُچ جي بزرگ مخدوم جهانيان جهان
گشت وچ ۾ پئي ڪن شرطن تي دهلي ۽ سنڌ جي وچ ۾ صلح
ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. عين الملڪ ماهرو جي خطن مان
ائين لڳي ٿو ته صلح ڪونه ٿيو([6]).
شايد ائين هجي ته فوري صلح ڪونه ٿيو، پر آخرڪار
معاهدو ٿيو ۽ اهو غالباً انهن سفارشن جي بنياد تي
ئي ٿيو، جيڪي هنن بزرگن ڪيون هيون. سما قبيلا اڪثر
غوث صاحب جا مريد هئا، جنهن ڪري شيخ صدر الدين
يقيني طور سمن جي حق ۾ ئي سفارش ڪئي هوندي.
جيتوڻيڪ اهي دليل قرين قياس آهن، مگر انهن لاءِ لکيت ۾ ڪابه
ثابتي موجود ڪانه هئي. هنن ڪتبن مان همير جي ڀائرن
جي زنده هئڻ جو ثبوت ملي ٿو، جن کي سلطان
فيروزشاهه طاقت جي زور تي همير جي گادي تي ويهاري
سگهيو ٿي؛ مگر معاهدو ائين ٿيو ته سنڌ جا حڪمران
سما رهندا، البت حڪومت ڄام جوڻي جي حوالي ڪئي ويئي
جيڪو گورنر عين الملڪ جي خطن موجب، سلطان جي اطاعت
جو خواهان ۽ شاهي فرمان مڃڻ لاءِ آماده هو.
هوڏانهن سندس سرڪش ڀائٽيو ڄام ٻانڀڻيو خود
مختاريءَ جو خواهان ۽ جنگ جوٽڻ لاءِ تيار هو، ۽
انهيءَ ڪري سلطان فيروزشاهه کيس پاڻ سان دهلي وٺي
ويو، جتي کيس نظربند ڪري رکيو ويو. يا دربار سان
وابسته ڪيو ويو، مگر سنڌ ڏانهن سندس واپستي تي
بندش وڌي ويئي. همير جي ڀائرن کي جيتوڻيڪ سندن
ڀاءُ واري گادي ڪانه ملي، مگر گجرات جي شهر (موجود
ضلعي سابر ڪنٺا) ’پارنتيج‘ ۾ کين سلطان طرفان
جاگير ڏيئي رهايو ويو. چئي نٿو سگهجي ته همير جو
ڪو ٻيو ڀاءُ يا پٽ پويان سنڌ ۾ رهيو؛ سندس اهڙي
وارث مان سمن کي خطرو ٿئي ها، ۽ هو کيس سلامت ڪين
ڇڏين ها. جيڪڏهن همير جا ڪي پٽ يا ٻيا وارث هئا ته
به في الحال سنڌ مان نڪري ويا. هنن ڪتبن مان پڪي
ثابتي ملي ٿي ته همير جا ٻه ڀاءُ همون ۽ محمد،
گجرات جي شهر پارنتيج ۾ گهر ڪري ويٺا، ۽ سنڌ ۾
سومرن جي حڪومت جي خاتمي کان سواءِ سؤ سال کن پوءِ
سنه 885هه (1480ع) تائين سندن اولاد اتي هو.
(5) هنن ڪتبن ۾ ڄاڻايل نالن جي آڌار تي سنڌ ۾ سومرن جي آخري
حڪمرانن ۽ سندن اولاد جو شجرو هن طرح قائم ڪري
سگهجي ٿو:
()
PRWC,
1919-20, Page 52.
()
Annual Report on Indian Epigraphy, 1960-61,
No; D, 75.
()
Epigraphia Indica Arabic & Persian
Supplement, 1962.
)( Annual Report on Indian
Epigraphy, 1943-74, No. D, 94.
)( “Indian Archaeology 1973-74, A
Review”, Archeaology Survey of India, Govt.
of India, New Delhi,1979, p. 42.
(3)
Epigraphica Indica Arabic & Persian
Supplement, 1974.
|