سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1981ع (3)

 

صفحو :10

 شاديءَ کان پوءِ اٽلي ۽ ڏکڻ فرانس ۾ هني مون ملهائڻ کان پوءِ مئي جي شروع ۾ اسان مانڊرلي پهچي وياسون. جڏهن اسان لنڊن مان روانا ٿياسون ته انهيءَ وقت آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا ۽ سخت برسات پئجي رهي هئي. سڄي واٽ طرح طرح جي خيالن ۾ گم هئس. گهري تشويش جو ڪارو ڪڪر منهنجي ذهن جي اُفق تي ڇانيل هو. خوف کان منهنجي رڳ رڳ ڏڪي رهي هئي. مون کي ڊپ هو ته جيڪڏهن آسمان تي انهيءَ نموني ڪَڪَر ڇانيل رهيا ته اهو منهنجي لاءِ نيڪ فال نه ٿيندو. ميڪسم مون کي هر وقت يقين ڏياري رهيو هو ته جڏهن اسان مانڊرلي پهچنداسون ته آسمان صاف هوندو. انهيءَ وقت منهنجي اميدن جا گل ٽڙي پيا، جڏهن مون ڏٺو ته مانڊرلي جي پسگردائيءَ ۾ آسمان تي هڪ ڪڪر به نه هئي.

مانڊرلي ۾ اسان جو استقبال ڪرڻ لاءِ سڀئي نوڪر چاڪر بيٺا هئا. ميڪسم سڀني ملازمن تي هڪ نگاهه وڌي ۽ دٻيل زبان سان چيائين، ”لعنت آهي انهيءَ عورت تي!“

مان هڪدم ڇرڪ ڀري ويس ۽ حيرانيءَ سان پڇيم، ”ڪير، ڪير؟“

”مسز ڊينور سڀني ملازمن کي اسان جي استقبال لاءِ گڏ ڪيو آهي. خير، ڪا ڳالهه نه آهي. مان پاڻ ان سان ڳالهائيندس.“

موٽر مانڊرلي جي عظيم الشان عمارت جي اڳيان اچي بيٺي. مون ڊڄندي ڊڄندي موٽر ڪار جو دروازو کولڻ لاءِ هٿئي کي پڪڙيو. بٽلر اڳتي وڌي دروازو کوليو، مون مرڪندي سندس سلام جو جواب ڏنو.

ميڪسم موٽر مان لهي پنهنجا دستانا لاهيندي چيو، ”هي آهي ماڊرلي فرٿ“ ۽ يڪدم نوڪرن سان مخاطب ٿي چيائين، ”ڏيو خبر، توهان سڀ خيريت سان آهيو نه؟“

جڏهن اسان پر شڪوه مانڊرلي جون ڏاڪڻيون چڙهي ورانڊي ۾ داخل ٿياسون ته اتي هڪڙي سنهڙي پوڙهي عورت اڳتي وڌي اسان جو استقبال ڪيو ۽ پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌايائين. مون سندس هٿ ورتو. ميڪسم جو آواز آيو، ”هيءَ مسز ڊينور آهي.“ ان سان ملڻ شرط مون کي ڌڌڪو اچي ويو. ڄڻ ته مون بجليءَ جي کليل تارن کي ڇهيو هجي. خوف کان منهنجي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وئي.

مانڊرلي جي ساڄي حصي جا ڪمرا منهنجي رهائش لاءِ سينگاريا ويا هئا ۽ کٻي پاسي وارا سمورا ڪمرا جيئن جو تيئن بند هئا. انهن ڪمرن ۾ رابيڪا رهندي هئي. مون ڪڏهن به انهن ڪمرن طرف وڃڻ جي جرئت نه ڪئي، ڇو ته هڪ اڻ ڄاتل خوف هر وقت منهنجي جسم تي سوار رهندو هو. مان ڊڄندي هئس ته جيڪڏهن مون انهن پابندين کي ٽوڙي انهن ڪمرن ۾ قدم رکيو ته رابيڪا جي المناڪ موت جي المناڪ پاڇو منهنجي روشن مستقبل تي اونداهي بنجي ڇانئجي ويندو.

مان تصور ئي تصور ۾ رابيڪا جي جمال ۽ حسن جي تصوير بنائيندي هئس ۽ پوءِ انهيءَ تصوير ۾ پنهنجي فهم ۽ ادراڪ مطابق رنگ ڀريندي هئس. ۽ انهيءَ کان پوءِ جڏهن انهيءَ تصوير کي ڏسندي هئس ته حيران ٿي ويندي هئس، ڇو ته مون کي رابيڪا پاڻ کان وڌيڪ حسين ۽ جميل ۽ نظر نواز نظر ايندي هئي ۽ مان احساس ڪمتريءَ جي بار هيٺيان دٻجي ڪنجهڻ لڳندي هئس.

هڪڙي ڏينهن ميڪسم جي ڀيڻ پيٽرس ملڻ آئي. ان جو اچڻ ايترو ته اوچتو ٿيو جو مان هڪدم ڊڄي ويس. ميڪسم جي غير حاضريءَ ۾ مهمانن سان ملڻ ۽ مان هميشه گهٻرائيندي هئس. انهيءَ جو سبب به اها ساڳي احساس ڪمتري هو. جڏهن پيٽرس جي ڪار مانڊرلي ۾ داخل ٿي، انهيءَ وقت مان پنهنجي شب خوابيءَ واري ڪمري ۾ ويٺي هئس. مان موٽر جو آواز ٻڌي گهٻرائجي ويس ۽ سوچڻ لڳيس ته هن صورتحال مان ڪيئن جان ڇڏائي وڃي. رکي رکي اهو سوال منهنجي ذهن ۾ اڀري رهيو هو ته جيڪڏهن ميڪسم جي ڀيڻ ڪندي. موٽر جي آواز جيئن پوءِ تيئن قريب اچي رهيو هو. آخرڪار منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته مان دري کولي ورانڊي مان ٿيندي، ٻئي ڪمري ۾ هلي وڃان. ايتري ۾ پيٽرس ملاقاتين واري ڪمري ۾ اچي ويندي ۽ پوءِ مان ڪپڙا بدلائي ان سان ملڻ ويندس. مون دري کولي ۽ ورانڊي مان ٿيندي هڪ ٻئي ڪمري ۾ هلي ويس ۽ ان جو در کولي ورانڊي ۾ آيس. مان ڊڄندي ڊڄندي اڳتي وڌي رهي هيس ته اوچتو ئي اوچتو هڪ نوڪرياڻي سامهون ايندي نظر آئي. مون انهيءَ خادمه کي اڳي ڪڏهن به نه ڏٺو هو. مون ان جي نظرن کان بچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ان جي حيرت انگيز نگاهن مون کي ڏسي ورتو. مون يڪدم ”صبح بخير“ چيو ۽ ان کان بچڻ لاءِ ڏاڪڻ طرف وڌيس. ان به حيرت ۽ عجب مان جواب ڏنو ”صبح بخير بيگم!“.

منهنجو خيال هو ته مان ڏاڪڻ مان ٿيندي، پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ وڃي پهچنديس، پر ڏاڪڻ تان لهڻ کان پوءِ هڪ ٻيو ورانڊو نظر آيو. اهو ورانڊو مون اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. اوندهه سبب مان پوريءَ طرح انهيءَ ورانڊي جو جائزو وٺي نه سگهيس. سامهون مون کي هڪڙي ٻي ڏاڪڻ نظر آئي، مان انهيءَ طرف وڃڻ بجاءِ ساڄي طرف مُڙي ويس. هر طرف خاموشي هئي ۽ اونداهي ڇانيل هئي.

هينئر منهنجي اڳيان هڪڙو ڪمرو هو. مون ڪمري جو دروازو کوليو. سڄو ڪمرو اونداهو هو. جڏهن اوندهه ۾ منهنجون اکيون ڏسڻ لڳيون ته مون کي ڪمري جي وچ ۾ پيل فرنيچر نظر آيو، انهيءَ تي اڇي چادر پيل هئي. خوف کان منهنجون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون ۽ دل سيني ۾ تيزيءَ سان ڌڙڪي مون يڪدم دروازو بند ڪيو. انهيءَ ڪمري سان گڏ ڪيترائي ٻيا به ڪمرا هئا، جي سڀئي بند هئا. مون کي سامهون هڪڙو محراب نظر آيو، جنهن ۾ هڪڙي وڏي دري هئي. مون دري کولي ٻاهر جهاتي پائي ڏٺو. هيٺ نظر آيو، جنهن ۾ هڪڙي وڏي دري هئي. مون دري کولي ٻاهر جهاتي پائي ڏٺو. هيٺ هڪڙو پُر فضا باغ هو، جو سمنڊ جي ڪناري تائين پکڙيل هو. منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته سمنڊ مانڊرلي کي ايترو ويجهو آهي. سمنڊ جون لهرون نانگن وانگر جهومنديون، موڙا ڏينديون ۽ ڦوڪون ڏينديون، ساحل طرف وڌي رهيون هيون ۽ ڪناري سان ٽڪرائجي شور ۽ حشر مچائي واپس موٽي وڃي رهيون هيون. اهو نظارو ايڏو ته اثر انگيز هو جو دل نٿي چاهيو ته هڪ گهڙي به اهو نظارو منهنجي جلون جي پرستار نگاهن کان اوجهل ٿئي. مان انهيءَ خوف کان، ته ڪو ڏسي نه وٺي، گهڻو وقت اتي بيهي نه سگهيس ۽ پوءِ وري ڏاڪڻ طرف وڌيس. منهنجو هٿ ڏاڪڻ جي جنگلي تي هو ۽ مان لهڻ لاءِ پير کڻي ئي رهي هيس ته پٺيان دروازي کلڻ جو آواز آيو. مون ڊڄي پوئتي نهاريو. مسز ڊينور دروازي وٽ بيٺي هئي. هڪ کن پل لاءِ اسان هڪٻئي کي ڏسنديون رهيون سين. اسان جي وات مان ڪابه ڳالهه نه نڪتي. مون کي انهيءَ پوڙهي عورت جي بي ڪيف اکين ۾ نفرت ۽ حقارت جا شعلا ڀڙڪندي نظر آيا، مان هيسجي ويس. منهنجي حالت انهيءَ وقت اهڙي ڏوهاريءَ جهڙي هئي، جنهن ڪو تمام وڏو گناهه ڪيو هجي ۽ موقعي واردات تي پڪڙجي پيو هجي.

”مون کان رستو گم ٿي ويو هو.“ مون ندامت کي لڪائيندي چيو.

”توهان محل جي ٻئي طرف اچي پهتيون آهيو.“ مسز ڊينور جواب ڏنو.

”ها مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس آهي.“

”توهان ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ به اندر ويون آهيو؟“ هن سوال ڪيو.

”نه، نه. بلڪل نه. مون صرف دروازو کوليو هو، اندر ڪانه ويس. اندر ته بلڪل اوندهه هئي. اتي ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو.“ مون گهٻرائجي جواب ڏنو.

”جيڪڏهن توهان ڪنهن به ڪمري کي ڏسڻ چاهيو ٿيون ته مون کي حڪم ڪريو، سڀئي ڪمرا سجايل ۽ سينگاريل آهن ۽ قابلِ استعمال آهن.“ مسز ڊينور معنيٰ خيز نظرن سان مون ڏانهن ڏسندي چيو.

”نه، نه، اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي.“

”توهان صاف صاف ڇو نٿيون چئو ته توهان انهن ڪمرن کي ڏسڻ چاهيو ٿيون، جن ۾ رابيڪا رهي ٿي.“ مسز ڊينور ڀرپور اعتماد سان چيو.

*      *      *

واقعي مسز ڊينور جي ڳالهه درست هئي. رکي رکي منهنجي دل ۾ انهن ڪمرن کي ڏسڻ جو خيال ايندو هو، جن ۾ رابيڪا رهندي هئي. مان ڊڄندي هئس ته صرف انهيءَ ڳالهه کان ته مون کي ڪو رابيڪا جي ڪمري ۾ ڏسي نه وٺي. مون ڪيترائي دفعا لڪي ڇپي انهن ڪمرن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر دفعي ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري مان پنهنجي انهيءَ خيال تي عمل ڪري نه سگهيس. هڪڙي ڏينهن مون کي موقعو ملي ويو.

مان جلدي جلدي وڏيون وکون ڀريندي انهيءَ ورانڊي ۾ پهچي ويس، جتي هڪ دفعو اڳ مسز ڊينور سان منهن مقابل ٿي هيس. ورانڊي ۾ مڪمل خاموشي هئي. مون يڪدم اندازو لڳايو ته انهيءَ ڏينهن مسز ڊينور هڪڙي دروازي مان اوچتو نڪتي هئي. انهيءَ دروازي جي اندازي سان مان انهيءَ ڪمري جي دروازي تي پهچي ويس جو رابيڪا جو خاص الخاص ڪمرو هو. منهنجو خيال هو ته دروازي جو ڪلف ڏنل هوندو. پر جيئن ئي مون دروازي جي هٿئي کي هٿ لڳايو ته اهو از خود کلي پيو. ڪمري ۾ اونده هئي، مون ڀت تي بجليءَ جو بٽڻ ڳوليو. روشنيءَ سڄي ڪمري کي روشن ڪري ڇڏيو. مان ننڍڙي ڪمري ۾ بيٺي هئس جيڪو شايد ڊريسنگ روم هو. ڪمري جي ڀتين سان وڏا وڏا آبنوسي ڪٻٽ رکيل هئا. انهيءَ ڪمري جو هڪڙو دروازو وڏي ڪمري ۾ کليو ٿي. مون انهيءَ ڪمري ۾ داخل ٿي بتي ٻاري ۽ اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته سڄو ڪمرو ڏاڍي نفاست سان سنگاريل هو. منهنجو خيال هو ته جڏهن مان ڪمري ۾ داخل ٿينديس ته سڀني شين تي اڇي چادر پيل هوندي. ۽ انهيءَ چادر تي مٽيءَ جا ٿلها تهه چڙهيل هوندا، ليڪن خلاف توقع اهو ڪمري ته شيشي وانگر صاف، سٺو ۽ چمڪي رهيو هو.

سڀ شيون اهڙي سليقي ۽ نفاست سان سجايل هيون جو ڏسڻ سان اهو اندازو ئي نٿي لڳايو ويو ته هي ڪمرو ڪو ورهين کان وٺي خالي ۽ غير آباد آهي. پر ڏسڻ واري کي ائين محسوس ٿيو ٿي ته هتي جو رهواسي اڃان هينئر هتان اٿي ٻاهر ويو آهي. مون کي ائين محسوس ٿيو ته منهنجو دماغ جواب ڏئي چڪو آهي ۽ عالم خواب ۾ اڏامندي ماضيءَ جي انهن ڌنڌ لڪن ۾ وڃي پهتي آهيان جتي حال جي آئيني ۾ ماضيءَ جي تصوير صاف نظر اچي رهي آهي. مون محسوس ڪيو ته ڏسندي ئي ڏسندي رابرڪا خوشين جي هزارن جلون ۾ نخرا ڪندي اچي پهچندي ۽ پنهنجي ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون قدآور آئينه جي سامهون ويهي پنهنجي سونهري وارن ۾ ڦڻي ڏيڻ شروع ڪندي. مان دروازي ۾ بيهي سندس دلفريب عڪس آئيني ۾ ڏسي سگهنديس. ۽ هوءَ به مون کي اک ٽيٽ سان تصوير حيرت بنجي ڏسي وٺندي. پر ائين نه ٿيو. مان ڪافي دير تائين پنهنجي خيالن جي مونجهارن ۾ گم هيس ته اوچتو ئي اوچتو ڀت تي لڳل گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ منهنجي احساس کي ڌونڌاڙي بيدار ڪيو. مون پنهنجي واچ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ گهڙيال تي نظر وڌي. واقعي گهڙيال هلي رهيو هو.

مان آهستي آهستي ڪمري جي وچ ۾ پهچي ويس. اوچتو  منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته ڪمري ۾ ڪوبه ساهه وارو آباد نه آهي. هتي ڪوبه رهي نٿو ۽ نه وري هتي ڪو اچي رهندو. اهي ڳالهيون سڀ خواب خيال ٿي ويون جڏهن رابيڪا هتي رهندي هئي. تازن گلن جا ڍير هن ڪمري ۾ ڇو نه رکيا وڃن. هو پنهنجي خوشبوءِ سان ڪمري جي انهيءَ بوءِ کي اتان ڪڍي نٿا سگهن، جا ورهين کان بند رهڻ سبب انهي ڪمري جي فضا تي پنهنجو تسلط ڄمائي چڪي آهي. هن ڪمري جون دريون بند آهن ۽ ريشمي پردا ڪريل آهن. هاڻي رابيڪا ته ڀلجي به هن ڪمري ۾ قدم رکي نه سگهندي. مسز ڊينور صاف سٺيون اطلس ۽ ڪمخواب جون چادرون هر روز بدلائي ڇو نه وڇائي. هوءَ رابيڪا کي ڪڏهن به واپس آڻي نه سگهندي. رابيڪا مري چڪي آهي، ان کي مُئي ٻه سال گذري چڪا آهن، هوءَ قبر جي مِٽيءَ ۾ ملي مِٽي ٿي وئي آهي. هاڻي ان کي ڪابه طاقت، ڪابه ڪوشش جامئه حيات ۾ واپس آڻي نٿي سگهي.

ڪمري ۾ بيٺي سمنڊ جي شور صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. مان دريءَ طرف وڌيس ۽ دري کولي مون پردو کڻي ڇڏيو. قدرتي روشنيءَ مصنوعي روشنيءَ کي جهڪو ڪري ڇڏيو. هاڻي هر طرف حقيقت ئي حقيقت هئي.

ڪرسيءَ تي ڊريسنگ گائون پيو هو. مون ان کي کڻي ڏٺو. ڀرسان فرش تي سليپر پيا هئا، مون انهن کي هٿ ۾ کنيو. آهستي آهستي خوف منهنجي دل ۽ دماغ تي قبضو ڪري رهيو هو. مون بستري تي پيل ريشمي رضائيءَ کي هٿ لائي ڏٺو، منهنجا هٿ غير ارادي طور ڌاڳي سان ڀريل رابيڪا جي نالي جي پهرين حرف تي وڃي رڪجي ويا.

مان گهڻو وقت اتي ترسي نه سگهيس ۽ ننڍي ڪمري ڏانهن موٽيس. ڪٻٽن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڪپڙا سليقي سان ٽنگيل هئا. مون هڪڙو ڪٻٽ کوليو. تيز خوشبوءِ جي لهر مون ڏانهن ڊوڙي آئي. مون يڪدم دروازو کڻي بند ڪيو ۽ وري سمهڻ واري ڪمري ۾ لنگهي ويس.

مون کي پنهنجي پٺيان ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ائين جيئن ڪو غيبي روح آهستي آهستي منهنجو پيڇو ڪري رهيو هجي. مون پوئتي نهاريو. مسز ڊينور دروازي ۾ جهاتيون پائي رهيو هو. فاتحانه مسرت سندس خشڪ چپن تي پکڙيل هئي ۽ سندس مُنهن رڙيون ڪري چئي رهيو هو، ”ڪيئن بيگم! آخر پڪڙجي پئينءَ نه، تون ته چوين پئي ته مان انهن ڪمرن کي بلڪل ڏسڻ نٿي چاهيان ۽ اڄ هتي ڇا پئي ڪرين تون؟“ مان مٿي کان پيرن تائين ڏڪي ويس.

”ڏيو خبر محترمه، ڪا شيءِ پسند آئي توهان کي؟“ هن طنزيه مرڪندي چيو.

مون کي ائين محسوس ٿيو جيئن ننڍڙيون ننڍڙيون چڻنگون منهنجي سڄي جسم ۾ سُين وانگر چُڀڻ لڳيون آهن. مون ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي زبان کولي، پر آواز گلي ۾ ڦاسي پيو.

”توهان جي طبيعت ناساز آهي ڇا؟“ هن منهنجي بلڪل ويجهو اچي منهنجي دماغ تي هڪ ٻي اذيت لڳائي. منهنجو ته روح به ڏڪي ويو. مان هيسجي پوئتي هٽي ويس. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن هوءَ ٿورو به ويجهو اچي ها ته مان ٿاٻڙجي ڪِري پوان ها!

”مان، مان، بلڪل ٺيڪ آهيان، مسز ڊينور! در حقيقت مان باغ ۾ بيهي، باغ جو نظارو ڪري رهي هئس ته اوچتو ئي اوچتو منهنجي نظر هن دريءَ تي وڃي پئي، جا کليل هئي. مان هن دريءَ کي بند ڪرڻ لاءِ هيڏانهن آيس.“ مون ڳالهه کي ٺاهيندي چيو.

”مان بند ڪيان ٿي اها دري.“ هن جواب ڏنو ۽ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي دري بند ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي. دري بند ڪرڻ کان پوءِ هو منهنجي سامهون اچي بيهي رهي_ ”توهان اهو ڪوڙ ڇو ڳالهايو ته دري کليل هئي.“ هن نهايت اعتماد سان چيو، ”مان ته دري پاڻ بند ڪري وئي هئس. دري کليل نه هئي، پر دريءَ کي توهان کوليو آهي، ڪيئن، ائين آهي نه! توهان کي ڪمري ڏسڻ جو شوق هو ته توهان پاڻ تڪليف ڇو ڪئي، هن ناچيز بنديءَ کي چئو ها، مان توهان کي اکين سان ڏيکاريان ها.“ سندس زهر ۾ ٻڏل تير منهنجي دل ۾ پار ٿي رهيا هئا. مان شرم کان ٻڏي رهي هيس. دل چاهيو ٿي ته وٺي ڊوڙ پايان، ليڪن پيرن دل جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مان سندس اکين ۾ اکيون وجهي کيس گهوريندي رهيس.

”هينئر توهان اچي ويون آهيو ته اچو ته مان توهان کي سڀئي شيون ڏيکاريان ته جيئن توهان جي اکين جي شوق کي ڪجهه تسڪين ملي.“ سندس آواز ۾ نفرت ۽ حقارت جي تلخي هئي.

هن اڳتي وڌي مون کي ٻانهن کان ورتو. سندس ٿڌيون آڱريون نشتر وانگر منهنجي جسم ۾ لنگهي پيون. هوءَ مون کي رابيڪا جي بستري جي ڀرسان وٺي وئي.

”هيءُ رابيڪا جو بسترو آهي، جتي هوءَ آرام ڪندي هئي. ڪيڏو نه سهڻو آهي هيءُ بسترو! ڪيڏي نه نرم ۽ گداز آهي هيءَ ريشمي رضائي! هن بستري تي سدائين هيءَ ريشمي چادر وڇايل هوندي هئي. هيءَ ان کي ڏاڍي پسند هئي. سندس رات واري پوشاڪ ڪٻٽ ۾ پئي آهي. توهان ان کي هينئر پنهنجا هٿ لائي رهيون هيون. اِهو ئي اُهو لباس آهي، جيڪو مرڻ کان اڳ ۾ هن کي پهريل هو. ٿورو هن کي هٿ ۾ وٺي ڏسو، ڪيڏو نه سنهو ۽ ملائم آهي. هن جو ڪپڙو، جيئن ڪنهن شاعر جي حسين تصور جي نرم ۽نازڪ تارن سان ان کي اُڻيو ويو آهي.“ هن، ڪٻٽ مان ڪپڙا ڪڍي منهنجي اڳيان رکيا. ”هي انهيءَ حالت ۾ پيا آهن، جيئن هوءَ انهن کي لاهي رکي وئي هئي.“ انهيءَ کان پوءِ هن انهن ڪپڙن کي ويڙهي ڪٻٽ ۾ رکيو ۽ ڏاڍي اطمينان سان چيو، ”مان سندس ڏاڍي خدمت چاڪري ڪندي هيس. ڪيتريون ئي نوڪرياڻيون آيون ۽ ويون، پر هڪڙي به سندس معيار مطابق نه هئي، پر مون سان ڏاڍو خوش هئي ۽ اڪثر چوندي هئي، ’ڊيني، تون ڏاڍي خدمت گذار آهين، توکان سواءِ مون کي ٻي ڪابه نوڪرياڻي پسند نه آئي.‘ هي ڏسو هن جو ڊريسنگ گائون، هوءَ ڏاڍي قداوار هئي. قدو قامت ۾ توهان کان به ڊگهي هئي. ڏسو نه هيءُ گائون ڪيڏو ڊگهو آهي، هيءُ توهان کي مُرن تائين ايندو. هوءَ سراپا ناز ۽ حسن و جمال ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي. هي سندس سليپر آهن. سندس پير ننڍا ۽ ڏاڍا سهڻا هئا. ٿورو هنن سليپرن ۾ پنهنجا هٿ وجهي ڏسو، ڪيڏا نه ننڍا ۽ تنگ آهن، آهن نه؟“

”توهان ڊريسنگ ٽيبل تي برش به ڏٺا هوندا؟“ هوءَ مون کي هٿ کان جهلي، ڇڪيندي ڊريسنگ ٽيبل وٽ وٺي وئي ۽ چيائين، ”هي برش ائين ئي پيا آهن، جيئن هن ڪم آڻڻ کان پوءِ رکيا هئا ۽ اڄ تائين انهن کي ڪنهن به هٿ نه لاتو آهي. مان روزانو شام جو سندس وارن کي برش هڻندي هيس. جڏهن سندس شادي ٿي هئي ته سندس وار چيلهه تي پوندا هئا. مسٽر ڊي ونٽر به سندس وارن کي بُرش هڻندو هو. هڪڙي ڏينهن شام جو ڪمري ۾ آيس ته کيس قميص جون ٻانهون کنجي ان کي بُرش ڪندي ڏٺم. هوءَ مرڪي مسٽر ونٽر کي هدايتون ڏئي رهي هئي: ’ٿورو ڏاڍيان ميڪس، ٿورو ڏاڍيان‘. ۽ مسٽر ڊي ونٽر سعادت مند خاوند وانگر ائين ئي ڪندو رهيو هو.“

هوءَ خاموش ٿي ويئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ چيائين، ”جڏهن هن پنهنجي وارن کي ننڍو ڪرايو ته هر هڪ ان کي ناپسند ڪيو، پر هوءَ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي هئي ۽ چوندي هئي: ’مون کي ٻين جي ڪهڙي پرواهه، سوال ته منهنجي پسند جو آهي. ننڍن وارن سان گهوڙي سواري ۽ ٻيڙي هلائڻ جو لطف هوندو آهي.‘ سندس گهوڙي تي سوار هڪ تصوير هڪ مصور بنائي هئي. ڏاڍو مشهور مصور هو. اها تصوير هال ۾ لڳل آهي، توهان به ڏٺي هوندي؟“

”نه، نه، مون ڪانه ڏٺي آهي.“ مون ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو.

”جيتوڻيڪ اها تصوير سال جي بهترين تصوير قرار ڏني وئي، پر انهيءَ هوندي به مسٽر ڊي ونٽر کي پسند نه آئي. هو چوندو هو ته مصور سندس حسن ۽ جمال کي پنهنجي زور قلم سان ڪينوس تي منتقل ڪرڻ ۾ انصاف کان ڪم نه ورتو آهي _ جڏهن هن سمنڊ ۾ ٽپ ڏئي پنهنجي جان جي بازي لڳائي ته _ پٿريلي بي رحم ٽڪرين سندس حسين ۽ گداز جسم کي ٻئي ٻانهون غائب هيون، پر ڊي ونٽر ان کي سڃاڻي ورتو هو.“

مسز ڊينور خاموش ٿي وئي. سندس نظرون بدستور تيرن وانگر منهنجي جسم ۾ کتل هيون، جنهن جي چڀڻ سان منهنجو روح تڙپي ويو.

”انهيءَ حادثي جي سڄي ذميداري مون تي آهي. مان انهيءَ شام ڪرٿ وئي هيس. گهڻي رات گذرڻ تائين مان اتي رهيس، ڇو ته مون کي خبر هئي ته مسز ڊي ونٽر لنڊن ويل آهي ۽ رات موٽي نه ايندي. جڏهن ساڍي نوين بجي مان واپس آيس ته مون کي خبر پئي ته هوءَ ستين بجي لنڊن مان موٽي آئي هئي. هن اڪيليءَ ڊنر کاڌي ڇو ته مسٽر ڊي ونٽر، فرينڪ وٽ ماني لاءِ ويل هو. ڊنر کان پوءِ هوءَ سمنڊ جي ڪناري سير و تفريح لاءِ هلي وئي. مون کي بيحد فڪر هو، ڇو ته جهڪ لڳڻ شروع ٿي وئي هئي. جيڪڏهن مان گهر ۾ هجان ها ته پوءِ هوءَ ڪڏهن به نه وڃي ها. هوءَ هميشه منهنجي نصيحت تي عمل ڪندي هئي.“

ان جي سخت گرفت کان منهنجي ٻانهن سڪي پئي ۽ منهنجو جسم ٿڙڪي رهيو هو.

”مسٽر ڊي ونٽر ڪيڏيءَ مهل موٽي آيو، انهيءَ جي مون کي خبر نه آهي. منهنجو خيال آهي ته ٻارهين بجي جو وقت هوندو ته جهڪ تمام تيز ٿي وئي. هوءَ اڃان تائين واپس نه موٽي هئي. مان ڏاڍي پريشان هئس، انهيءَ پريشانيءَ جي عالم ۾ مان هيٺ ويس، ڪمري ۾ روشني هئي. مون ڊريسنگ روم جي دروازي کي کڙڪايو، مسٽر ڊي ونٽر يڪدم جواب ڏنو، ’ڪير آهي؟‘ مون پنهنجي پريشانيءَ جو ذڪر ڪيو ته هن چيو، ’مسز ڊي ونٽر جان واپس نه آئي آهي!‘ ۽ ٿوري دير ۾ ڊريسنگ گائون پائي، دروازي کان ٻاهر آيو ۽ چيائين، ’شايد هوءَ رات ڪاٽيج ۾ گذاريندي، تون وڃ، وڃي آرام ڪر.‘ مسٽر ڊي ونٽر ٿڪل ٽٽل نظر اچي رهيو هو ۽ مون وڌيڪ ان کي پريشان ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. هوءَ اڪثر ڪري ڪاٽيج ۾ رات گذارڻ ويندي هئي ۽ ڪيترائي ڏينهن اتي گذاريندي هئي.“

مان انهي ڪهاڻيءَ مان تنگ ٿي پئي هيس ۽ چاهيم ته اها ڪٿا بند ڪري، پر هوءَ دنيا و مافيها کان بي خبر، پنهنجي ڳالهه جاري رکندي آئي، جيئن هن سڄو داستانِ حيات يڪساهي ٻڌائڻ جو عزم ڪري ڇڏيو هو.

”مسٽر ڊي ونٽر هاڻي رابيڪا جي هنن ڪمرن کي ڪڏهن به استعمال نه ڪندو آهي، شايد انهيءَ لاءِ ته گذريل ۽ وسريل زماني جون حسين يادگيريون سندس دل ۾ اُڌما نه کائن ۽ ستل ارمان وري نه سجاڳ ٿي پون. توهان کي سمنڊ جو آواز ته ٻڌڻ ۾ ايندو هوندو؟“

جيتوڻيڪ دريون بند هيون، تنهن هوندي به سمنڊ جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ائين معلوم ٿي رهيو هو ته سمنڊ جون ڪاوڙيل لهرون زور سان شور مچائي، ڪناري سان ٽڪرجي رهيون هيون.

مون پنهنجو هٿ ڇڏائڻ خاطر زور لڳايو، پر هن پنهنجي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪئي ۽ سرگوشيءَ جي عالم ۾ چيائين، ”مان اڪثر ڪري محسوس ڪندي آهيان ته هوءَ ورانڊي ۾ منهنجي پٺيان پاڇي وانگر اچي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته جيئن هوءَ دريءَ ۾ نِوڙي سمنڊ جي گوڙيلي چاڙهه مان لطف اندوز ٿي رهي آهي. ڇا انسان مرڻ کان پوءِ وري هن دنيا ۾ ايندو آهي؟“

”مون کي ڪابه خبر نه آهي، مون کي ڪجهه خبر نه آهي.“ مون رڙ ڪندي جواب ڏنو. منهنجي آواز ۾ احتجاج هو. انهيءَ جي خلاف مون کي پنهنجو آواز پنهنجو نه لڳو.

”ڪڏهن مان سوچيندي آهيان ته شايد رابيڪا مانڊرلي ۾ آئي هوندي ۽ توهان کي ڊي ونٽر سان گفتگوءَ ۾ محو ڏسي تڙپي ويندي هوندي. ٻڌو ٿيون نه توهان؟ تڙپي ويندي هوندي جامهءِ حيات ۾ اچڻ لاءِ.“

اسان ٻئي دروازي ۾ بيهي هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي نهاري رهيون هيونسين. هن جي اکين ۾ وحشتناڪ بربادي هئي. انهيءَ کان پوءِ هن دروازو کوليو ۽ مون کي ٻاهر وڃڻ لاءِ رستو ڏنو. مان جڏهن ٻاهر نڪتيس ته سخت پريشان هيس. منهنجي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ سڄو بدن خوف ۽ دهشت کان ڏڪي رهيو هو. مان بنا ڪنهن سوچڻ سمجهڻ جي وٺي ڀڳيس ۽ پنهنجي ڪمري ۾ بستري تي وڃي ڪِريس ۽ خوف کان روئڻ لڳيس.

*      *      *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com