سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1981ع (3)

 

صفحو :19

هاڻ ڪجهه فرق وارا لفظ ڏجن ٿا:

 

سنڌي                  سبيءَ جي سنڌي

·       ڪپڙي بابت

دامن           =      دانون

        انگوڇو         =       انگوشو

اڳڙيون =      ريڙون، ليڙون

ڪپهه          =      ڪپنهه

گوڏ            =      لانڪ

قميص        =       چولو

ڪانچ         =       سٿڻ، شلوار

ڪفن         =       خفن

·       انسانن ۽ جانورن بابت

منهن          =       مُونهن

نرڙ             =      نراڙ

هنج            =       بغل

دل             =      هان

بادشاهه     =       باڇا

ڪبوتر         =      ڪپوتر

ٻگهه           =      ٻگهلو

ڪوئو          =      چوهو، مشق

سرڻ            =      هِل

باز             =      بانز، شڪرو

پيچوهو        =      ڪيچوئو

 

·       ڏينهن ۽ وقت بابت

گهارڻ              =      جالڻ

وقت               =      وخت

اڳو پوءِ             =      هڪومَنه

هن سال            =      هيل

راتون رات =      راتو واهُو

شام               =      سنجهو

ٻپهري             =      پيشي

ٽه پهري           =      ديگر

منجهند            =      منجهن

صبح               =      صُبوح

رُڌل                =      سُڪ

ڪالهه             =      ڪلهه

ٽيون ڏينهن        =      ڪلٿون

 

·       شين بابت

ٽماٽا              =      ٽماٽر، چماٽا

موري              =      مولي

ٻٽون              =      بٽوئو

دوا                =      دارون، درمل

لسي               =      ڌنورو، ڏڌ

آچار               =      کٽو

جُتي              =      گهيتلو

سائيڪل          =      سيڪل

ڪندق            =      ڪنداخ

ٻيڙي             =      ٻينڙي

لوٽو               =      گڏون

چمڙو              =      چم، کل

پٽاٽا              =      ٻٽالون

باهه                       =      ڄَر

 

·       ٻيا لفظ

چڱو               =      کاشو

ڏنگو              =      ڏوڙو

اندر               =      منجهه

ٻاهر               =      ٻَهر

آڻ                 =      آن

شايد              =      شايت

ڊڪائڻ            =      ڊيڪائڻ

مدد                =      مدت

همت              =      همٿ

واندو              =      نمکڻو، رول

خالي              =      سکڻو

عادت             =      علت

افعال              =      حفال

ڇاڪاڻ            =      ڇاجي لا، ڇاڪان

خارش             =      کارش

واسطي            =      ڪان

ٻهڻي             =      ٻوڻين

ڀرتي              =      برٿي

اسٽيشن          =      ٽيشڻ

بچيو              =      بتو

منڍ                       =      مهڙ

مڃڻ              =      منڻ

لفظ               =      لوظ

لوئڻ               =      گڏڻ

غلط              =      گلت

غريب             =      گريب

چونڪ            =      چئوس

شوق              =      شونق

رواج               =      رواز

رسم               =      رشم

تاريخ              =      تاريڪ

اڪيلو             =      هيکلو، اڪيلو

مهمان            =      مزمان

ڊاڪٽر             =      ڏاڪدار، ڏاڪدر

بخار              =      تپ، کوسو

قدرت             =      قزرت

بهادر             =      بهاذر

پرهيز              =      پهريز

ڪٿان             =      ڪاٿئون

جتان               =      جاٿئون

اتان                       =      اتئون

توهان             =      تهان

اڱڻ                =      اڳواڙو

ڇانو               =      ڇان

بيوقوف           =      ٻٿ

ڪاهه             =      هڪل

غيرت             =      گيرت

دورو               =      دوڙو

غوطا              =      گهوتا

بندوق             =      توپڪ

تمٽار              =      ٽٻٽار

بخشڻ            =      بشڪڻ

کوٽو              =      ڪسو

ڏٻرو               =      سنهون، سڪو

پيٽُو               =      پيٽر

مانارو             =      منارو

 

·       ٻٽا لفظ

اڳياڙي وارا =     آڳاٽا

پڇاڙي وارا         =     پاڇاٽا

ٽيون ڏينهن کان   =     ڪلٿون لاڪون

ڪالهه تان        =      ڪلاڪون

وڏي هوندي        =     وڏي لاڪون

پرسال کان        =      پراڪون

هن سان کان       =     هيلاڪون

جڏهن کان        =      جانڪون

تڏهن کان         =      تناڪون

منهنجي لاءِ              =      ماڪان

تنهنجي لاءِ               =      توڪان

لاپوڙا نه هڻ        =      ذمب نه هڻ

ڇڪ ڏي          =      ڪش ڏي

هن وانگر          =      هڻ وانگي

منهن موڙيم       =     ڇک هنيم

لاحول             =      الاخوت

لک لعنت        =      نخ نعلت

ڀوڳ ڇڏ          =      چَپ چَلي ڇڏ

توکان              =      توکئون

مونکان            =      ماکئون

وٺ وٺان          =      پڪڙ ڌڪڙ

مارڪٽ           =      هڻ هڻان

ڪيستائين               =      ڪيستڪ

هيستائين         =      هيستڪ

وَرتي اٿس        =      وَتي ٿس

ورتو اٿس         =      وٺيو ٿس

 

نالا رکڻ:

        هن علائقي جا ماڻهو پنهنجن ٻارن تي ٺيٺ سنڌي نموني جا نالا رکن ٿا ۽ سندن نالن مان هن علائقي جي ٻولي پئي بکندي ۽ نالو به ڪانه ڪا معنيٰ  رکندو هوندو. مثال طور: ”الاهه ڏِوايو“ ۽ الاهه جوايو“ وغيره. جيڪڏهن ڪو ٻار خير خوشيءَ سان پيدا ٿيندو ته نالو رکندس ”خيرو“ يا ”خيري“ يا جيڪڏهن ٻار مرندا هوندن ته نالو رکندس ”بشڪڻ“ ۽ مونث ۾ ”نه مُئي“ وغيره. ان کان علاوه هن علائقي جي جاگرافيائي لحاظ سان به نالا رکندا آهن، مثال طور ”جبل“ ۽ ”ٽڪر“. هتان جي ذاتين تي به نالا رکيا ويندا آهن، مثال طور ”پٺاڻ خان“، ”بلوچ خان“ ۽ ”مينگل خان“ وغيره. سهڻي ٻار تي ”سهڻو، پيار کان ”پيارو“، ”شربت خان“، ”مٺا خان“ ۽ خار کان رکندا ”ڪوڙو“ يا ”ڪوڙي“ وغيره. ان کان علاوه هتان جي نالن ۾ پکين، وڻن ۽ ميون جا نالا ”کٻڙ خان“، ”ڪرڙ خان“، ”ڪانڊيرو“، ”ڏاڙهون“، ”ميوو خان“، ”مور“ ۽ ”طوطو“. عورتن ۾ ”مينا“، ”موران “ ۽ ”ڪونجان“ وغيره. هتان جي شهرن تي به علائقي جي جاگرافيائي حالتن جهڙا نالا رکيل آهن. مثال طور ”جهٽ پٽ“، ”بيل پٽ“ ۽ ”پٽ فيڊر“ وغيره اڃا ٻيا نالا آهن ”ڀاڳ“، ”مٺڙي“، ”ڇٽ“ ۽ ”ڪڇي“ وغيره.

 

مونث ۽ مذڪر:

        هتان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ مونث ۽ مذڪر ۾ تمام ٿورو فرق محسوس ٿيندو آهي، يعني تقريبن هڪ جهڙو محاورو استعمال ڪجي ٿو، يعني ”کائيني“. هيءُ لفظ مونث ۽ مذڪر ٻنهين ۾ هڪجهڙو آهي ۽ فرق صرف ”زير“ جو آهي، يعني جيڪڏهن لفظ مذڪر لاءِ استعمال ڪيل هوندو ته ”زير“ ڏنل نه هوندي ۽ مونث لاءِ هوندو ته ”زير“ ڏيئي ڳالهايو وڃي ٿو، باقي لفظ جي پويان ”ءَ“ ڪونه ٿو ڏنو وڃي، يعني هت ”پڙهنِيءَ“ يا ”پڙهنِينءَ“ بجاءِ ”پڙهنِي“ يا ”پڙهِنين “ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ”هوءَ“ بدران ”هو“ يعني ”هه“ کي ”پيش“ ۽ ”ءَ“ ٻئي ڪونه ٿا ڏنا وڃن ۽ ”هو“ مونث توڙي مذڪر ٻنهين ۾ ڪم آڻجي ٿو. اهڙيءَ طرح”هيءَ“ لاءِ ”هي“ استعمال ڪجي ٿو، يعني ”هه“ کي ”زير“ ۽ ”ءَ“ ٻئي ڪونه ٿا ڏنا وڃن. هنن محاورن مان ظاهر آهي ته هت مونث ۽ مذڪر ٻنهي لاءِ تقريبن ساڳيو ئي محاورو استعمال ڪيو وڃي ٿو.

 

ڳجهارتون

        هن علائقي ۾ ڳجهارتون به هتان جي سنڌي ٻوليءَ مطابق عجيب و غريب آهن، جنهن مان هتان جي سنڌي ٻولي پئي ظاهر ٿيندي، مثال طور:

1. ”ٽريچڪ ٽريچڪ ٽن ڄنگهن تي، ڪاٺ ڪلهي تي، ٽپ مٿي تي.“

هن ڳجهارت جو حل آهي: لوهي چلهه تي ديڳڙي، ڍڪڻ ۽ ڏوئي، يعني ٽن ڄنگهن واري لوهي چلهه، جنهن تي ديڳڙي رکيل ۽ مٿان ڏوئي ۽ ڍڪڻ رکيل هجي.

2. ”اڇو قبو شاهه جو، جينکي نه دري نه دروازو.“

هن ڳجهارت مان مراد آهي ”ڪڪڙ جو آنو“، جنهن کي ڪوبه ٽُنگ وغيره ڪونهي، جنهن کي دري يا دروازو چئي سگهجي.

3. ”هيترڙو پٺاڻ، هيڏي پُڇ سان ساڻ.“

هن ڳجهارت مان مراد آهي ”سُئي ڌاڳو“، جيڪا پاڻ تمام ننڍي ۽ وڏو ڌاڳو پڇ طور لڳل اٿس.

4. ”جيئن ڇڪنس تيئن ننڍي.“

هن ڳجهارت مان مراد آهي ”ٻيڙي“، جنهن کي جيڪڏهن ڇڪبو رهبو ته اها ننڍي ٿيندي ويندي.

5. ”ٻُجهارت ٻُجهڙي، جينکي نه ڪن، نه پڇڙي.“

هن ڳجهارت مان مراد آهي ”ڏيڏر“، جنهن کي نه ڪن آهن ۽ نه وري ڪو پُڇ اٿس، انهيءَ ڪري هن ڳجهارت کي ”ٻُجهارت ٻُجهڙي، جين کي نه ڪن نه پڇڙي“ ٺاهي استعمال ڪيو وڃي ٿو. (هت ڳجهارت کي ”ٻجهارت“ چئبو آهي.)

بلوچستان جي هن علائقي ۾ پوشاڪ ۾ گهڻو ڪري وائل جو پٽڪو، ڪمرڪ يا بافتي جي سٿڻ ۽ قميص استعمال ڪجي ٿي. هتان جا ماڻهو اجرڪ ۽ سنڌي ٽپي وڏي شوق سان استعمال ڪندا آهن ۽ عورتون ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي ڇيٽ ۽ اجرڪون پائن ٿيون.

هتان جا ماڻهو سنڌ صوبي سان خاص لڳاءُ رکن ٿا. حيدرآباد ۽ ڪراچي ريڊيو اسٽيشنن جا سنڌي پروگرام وڏي شوق سان ٻڌڻ پسند ڪندا آهن. خاص طور حيدرآباد کان ”جمهور جو آواز“ پروگرام ۾ ”فتح خان جي ڪچهري“ دل و جان سان ٻڌندا آهن. ان کان علاوه شاهه لطيف ڀٽائيءَ جا ڪلام به وڏي شوق سان ٻڌندا آهن. سازن ۾ ”الغوزه“ (بينا)، شرنائي، مُرلي، يڪتارو، چپڙي، دُهل، ڌُڪڙ ۽ دمبورو بيحد پسند ڪندا آهن.

هتان جا ماڻهو رهڻ لاءِ خاص طرح سان سنڌي نموني جون جايون تيار ڪن ٿا، جن ۾ گمب جون ڀتيون تيار ڪري، مٿان پَترون، ٽوئا ۽ سَر ڏيئي ڇِت تيار ڪن ٿا، ان کان پوءِ بُهه جو ليپو ڏنو وڃي ٿو. اوطاقن لاءِ هت خاص طور لانڍيون تيار ڪن ٿا، جن ۾ مانجهاندڙي ۽ لَئي جي ڪاٺين جو استعمال زياده ٿئي ٿو ۽ گرمين ۾ پاڻيءَ جو ڇڻڪارڪري ڪچهريون ڪيون وڃن ٿيون. پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ وڏا وڏا مَٽ زمين ۾ کڏ کوٽي واري وجهي، ڳچيءَ تائين پورين ٿا. مهمان نوازيءَ ۾ هتان جا ماڻهو مشهور آهن ۽ هر هڪ زميندا پنهنجي اوطاق لاءِ ننگر پاڻي هلائيندو رهندو آهي ۽ ڪنهن به وقت اچڻ واري مسافر کي ماني ملندي آهي.

هتان جا ماڻهو پنهنجي گذاري لاءِ جوئر، مٽر، چڻا، ڪڻڪ، ٻاجهري، جَوَ ۽ چانور پوکين ٿا ۽ زمين ۾ ڪيڻ، هَر ۽ گهوٻو وغيره استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ مال ڍوئڻ لاءِ ڏاند گاڏين جو استعمال ٿيئي ٿو. کير، مکڻ ۽ لسيءَ لاءِ مينهون، ٻڪريون، ڳئون ۽ ريڍو مال پالجي ٿو. ريڍي مال جي پشم ۽ ٻڪرين جي وارن مان کٿا، جوال، ٻاچڪا، ڪمبل، رَسا ۽ واڏڻ ٺاهين ٿا. سمهڻ لاءِ رلهي، جيڪا خاص طرح ٽُڪ تي تيار ڪجي ٿي، استعمال ڪن ٿا.

هن علائقي جي ماڻهن تي سنڌي ٻوليءَ سبب سنڌي ثقافت جو پڻ ڀرپور اثر آهي. هتان جي مشهور ۽ تواريخي جاين مان سنڌي تهذيب ۽ تمدن جا اهڃاڻ ملن ٿا. نصير آباد ضلعي جي ڳوٺ صحبت پور جي تواريخي مسجد پوري پاڪستان ۾ مشهور آهي، جيڪا صحبت خان گولي ٺهرائي هئي، جنهن ۾ شيشي جي چٽساليءَ ۽ ٽُڪ جو عاليشان ڪم اڄ به سنڌي تهذيب کي زنده رکيو ٿو اچي. ان کان علاوه ساڳي ڳوٺ جي چوڌاري مير صحبت خان گولي جو ٺهرايل گمب جو ڪوٽ به اهم تهذيبي ۽ تمدني حيثيت رکي ٿو، جنهن جي اوچائي تقريبن پندرنهن فوٽ ۽ ويڪر پنج فوٽ آهي.

هن علائقي ۾ ڪيترائي سنڌي اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جنهن ۾ صوفي شاعر حضرت رکيل شاهه ۽ قادر بخش گولو تمام مشهور ٿي گذريا آهن. ضلع ڪڇي جي مشهور ڳوٺ فتح پور، جتي سيد رکيل شاهه جو مزار مبارڪ آهي، تمام مشهور آهي. هت ان مزار جي دروازي تي سائين رکيل شاهه جو هڪ بيت اڄ به سنڌي زبان جي تواريخي حيثيت کي نمايان طور ظاهر ڪري ٿو ۽ سائينءَ جي ڪلامن جو مجموعو سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. هت هر سال شاهه سائين جو عرس مبارڪ به ٿيندو آهي ۽ هتي وڏا وڏا عالم اچي شرڪت ڪندا آهن، وڏا وڏا فنڪار سائين جو ڪلام پيش ڪندا آهن. ان کان علاوه ڳوٺ صحبت پور جو مشهور ۽ معروف شاعر قادر بخش گولو به هتان جو آهي ۽ تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلامن جو مجموعو ”گلزار ڪاپاري“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.

هن علائقي جي رهاڪن تي سنڌي ٻوليءَ جو ايترو ته اثر آهي جو ڪيتريون ئي قومون پنهنجي اصلي زبان وساري هميشه لاءِ سنڌي ٻولي طور استعمال ڪن ٿيون. اهڙين ذاتين ۾ بلوچن مان مستوئي، جتوئي، جمالي، چانڊيا، ديناري، لاشاري، ليغاري ۽ دستي آهن. پٺاڻن ۾ خجڪ ۽ سيلاچي ذاتين جا ڪيترائي خانان اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي مادري زبان ڇڏي سنڌي ۽ سرائڪي زبانون استعمال ڪن ٿا، پر افسوس جو هن علائقي ۾ ايتري اڪثريت هجڻ جي باوجود اسڪولن ۾ سنڌي ڪونه ٿي پڙهائي وڃي! حالانڪه هن علائقي جي ماڻهن کي اردو سان گڏ سنڌي ٻولي جي تعليم جي به سخت ضرورت آهي؛ ڇو ته سندن مادري زبان سنڌي آهي ۽ هي علائقو سنڌي ٻولي وارو علائقو به سڏائجي ٿو. هتي سنڌي ٻولي جي تعليم جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن هن علائقي ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو ڪو مناسب بندوبست ڪيو وڃي ته جيڪر هتان جي ماڻهن جي پراڻي خواهش پوري ٿي پوي؛ ڇو ته هر هڪ انسان کي سندس مادري زبان ۾ پڙهائڻ، بنسبت ٻين ٻولين جي تمام آسان هوندو آهي.

صوبي بلوچستان جي ڳوٺ سئي (”سئي گيس“) کان لس ٻيلي تائين سؤ ميل ويڪري ۽ پنج سؤ ميل ڊگهي پٽي ۾ هن علائقي ۾ نه صرف بروهي بلوچ ۽ پٺاڻ قومون آباد آهن پر هت ڪيتريون ئي سنڌي قومون به صدين کان آباد آهن، جن جي مادري زبان صرف سنڌي آهي. هنن قومن ۾ سيد، شيخ، سومرا، ابڙا، سيال، اعواڻ، ملڪ، ٻرڙا، اوستا، ڀنگر، کوکر، ناوڙا، هندو، گوپانگ، ڪمڀر، آرائين، ڪورائي، ڪولاچي، ماڇي، ڌرپالي، چنهواڻ، ڪوري، موچي، سميجا، چاچڙ، چانگ، ڏنگر، تنيا، سيانچ، پنهيار، پنهور، بلال، هاڙا، گولا، گهوٽا، منجهو، رڏ، بوهڙ، ريٽي، ٻٻر، نائچ، هامڀي، ڀٽي، ڪَٽا،جت ۽ منگي ذاتيون اچي وڃن ٿيون. انهي ڪري سنڌي ٻوليءَ جو اثر ٻين ٻولين وارن تي به آهي ۽ هو هن مٺڙي ٻوليءَ کي پنهنجي ٻوليءَ طور قبول ڪن ٿا.

هن علائقي جا ڪجهه حصا، جنهن ۾ نصير آباد ضلع جي نصير آباد سب ڊويزن جا جهٽ پٽ ۽ اوسته محمد تعلقا ۽ لس ٻيلو ضلعو ون يونٽ ختم ٿيڻ کان اڳ تقريبن يارهن سال سنڌ ۾ شامل هئا، جنهن ڪري هن علائقي ۾ اڃا به وڌيڪ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو اثر وڌندو رهيو. هن علائقي جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ، مٽي مائٽي ۽ وڻج واپار سڀڪجهه گهڻو ڪري سنڌ سان وابسته آهي، انهيءَ ڪري هتان جي ماڻهن مٿان سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو اثر تمام گهڻو رهيو آهي، جنهن سبب هتان جا ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن، ۽ هو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائڻ ۾ خوشي حاصل ڪندا آهن، ڇو ته هتان جي ماڻهن جا رسم رواج، شاديون مرادون ۽ رهڻي ڪهڻي سڀ سنڌين جهڙيون آهن. هتان جا ماڻهو تفريح لاءِ سنڌي نموني جي ملهه، ٻلهاڙو، ڪٻڊي _ ڪٻڊي ۽ وانجهي راند وڏي شوق سان پسند ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com