گچيري جا مشاهير
هن قديم شهر جي خاڪ پاڪ مان ڪيترائي عالم، فاضل،
مشائخ، مؤزخ،حڪيم، مصنف، اديب ۽ شاعر، امير ۽ غريب
پيدا ٿيا، جن پنهنجي دور ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. اهي
سڀ هتي جي خاڪ ۾ ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن، ليڪن افسوس
جو اڄ انهن مان ڪيترن جو احوال به ڪونه ٿو ملي
سگهي. ڪنهن شاعر ڪهڙو نه سچ چيو آهي:
جن کي نقش پاکو رکهتي تهي زمين سر پر به فخر،
تربتون مين خاک آلوده هين وه عالي گــُـهر
نام ان کان کوئي لب بهلي سي بهي ليتا نهين،
جن کي دروازي پر ڊنکا بجتا تها شام و سحر _ الخ
انهن بزرگ شخصيتن مان جن جو به ٿورو ڪي گهڻو احوال
اسان کي ميسر ٿي سگهيو آهي، تن جو بيان هتي ڪجي
ٿو:
(الف) عالم ۽ درويش
(1) مخدوم هنڱورو:
گچيري شهر ۾ ميمڻن واري پـُراڻي مسجد شريف جي ساڄي
طرف اترئين ۽ اوڀارئين ڪنڊ تي اٽڪل ٻه سؤ والن جي
مفاصلي تي مخدوم هنڱوري جي آخرين آرامگاهه آهي. هن
بزرگ جي باري ۾ روايتون ملن ٿيون ته پاڻ سنڌ جي
وڏي جيد عالم ۽ سرويچ سپاهي مخدوم بلاول عليـہ
رحمة (26) جو خليفو ۽ سندس معتقدن مان هو. پاڻ
حريت پسند شخصيت ۽ بلالي تحريڪ جو وڏو مبلغ هو.
اهو يقين سان چئي نٿو سگهجي ته مخدوم هنڱوري جو
اصل نالو ڇا هو؟ پر ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته
مخدوم صاحب جو اصل نالو سيد محمد عثمان هو ۽ کيس
سچائي ۽ صداقت جي ڪري ”صادق“ پڻ چوندا هئا. مخدوم
صاحب جو جنم هڪ اندازي موجب سن 971هه مطابق 1066ع
۾ ٿيو. محترم رسول بخش ٻگهيي ڄاڻايو آهي ته: مخدوم
صاحب جي ولادت دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ ”هڱورجا“ ۾ ٿي
۽ انهيءَ نسبت سان کيس ”مخدوم ”هنڱورجو“ يا ”مخدوم
هنڱورو“ سڏجي ٿو.“ (27) مٿئين روايت اسان کي ضعيف
نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ”هنڱورجن“ جو قديم تاريخي
شهر اڄ به ساهتي پرڳڻي جي قديم حدن اندر راڻيپور
جي ڀرسان موجود آهي. ڄام اهيو سهتو اتان جو مشهور
جاگيردار ٿي گذريو اهي ۽ ڄام اهييم جي مسجد اڄ
تائين هنڱورجن ۾ قائم آهي.
مخدوم هنڱوري جو تعلق ”هنڱورجا“ ڳوٺ سان سمجهڻ ۾
نٿو اچي. اسان کي گچيري جي معزز شخصيت ميان امان
الله خان ٻگهيي جيڪا زباني روايت ٻڌائي هئي، ان
مطابق مخدوم صاحب جي ذات جو تعلق سماٽ قوم سان
ڏيکاريو ويو هو. بهرحال مخدوم صاحب جي زندگيءَ
وارو بحث پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو علمي ۽ تاريخي
بحث آهي، جيڪو اميد ته ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ ڪيو
ويندو.
مخدوم هنڱورو قرآن مجيد، تفسير، عربي، فارسي،
فقــہ ۽ حديث جو وڏو عالم هو. مخدوم بلاول رحه جي
هٿ تي بيعت ڪئي هئائين ۽ سڀئي روحاني منزلون طي
ڪيون هئائين. پنهنجي مرشد مخدوم بلاول رحه جي
شهادت کان پوءِ مخدوم صاحب درياءُ پار ڪري، گچيري
۾ اچي پنهنجي خانقاهه قائم ڪيائين، جتي عمر جي
آخري گهڙين تائين ڀٽڪيل انسانن جي روح جي صفائيءَ
جو ڪم ڪندو رهيو. گچيري ۾ اچڻ کان پوءِ اتان جي
ٻگهيا قوم جي سردارن سندس هر وجهه مدد ڪئي ۽ سندس
ڏاڍا معتقد بڻجي پيا. اهو مخدوم هنڱوري جي
تعليم،تبليغ ۽ تربيت جو ئي اثر هو، جو هتان جي
ٻگهين، ارغونن، ترخانن ۽ مغل گورنرن جي آڻ مڃڻ کان
هميشــہ انڪار پئي ڪيو.
مخدوم صاحب گچيري ۾ پنهنجي خانقاهه سان گڏوگڏ هڪ
ديني مدرسي جو بنياد وڌو. سندس مدرسو ۽ خانقاهه هڪ
عظيم الشان اسلامي مسافر خانو ۽ بلالي تحريڪ جا
مرڪز بڻجي پيا. ڪيترائي ڏورانهن ڏيهن کان عالم ۽
شاگرد هلي اچي وٽانئس علم حاصل ڪندا هئا. سندس
دستر خانو ڪشادو هو. وٽس هر روز ڪيترائي نامور
صوفي، درويش، عالم، فاضل، شاعر ۽ وڏي عزت ۽ مرتبي
وارا ماڻهو ايندا رهندا هئا. سندس مدرسو علم ظاهر
۽ باطن خصوصاً علم حديث جي هڪ ”جامع“ هو، جنهن جو
فيض ورهين تائين جاري رهيو. مخدوم صاحب جي وفات
کان پوءِ کيس سندس مدرسي واري عمارت جي احاطي ۾
دفن ڪيو ويو. هن وقت اتي ٻي ڪا به عمارت باقي
موجود نه آهي.
مخدوم صاحب هڪ اندازي موجب سن 1036 هه ۾ وفات ڪئي.
سندس مزار جي مٿان قبو اڏيل آهي(28). قبي جي
اندرئين اڏاوت ۽ نقش نگار مان اهو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته اهو ارغوني ۽ ترخاني دور جي فن تعمير
جو نمونو آهي. قبي جي گنبذ ۾ چٽسالي ۽ نقاشي جو
بهترين ۽ نفيس ڪم ٿيل آهي. اصلي قبي جي ڪمزور ٿيڻ
ڪري، هن وقت ان جي مرمت ڪرائي پيئي وڃي. اصل قبي
کي اتر ۾ اندر داخل ٿيڻ جو دروازو هو، مگر پوءِ
اهو بند ڪري ڏکڻ طرف ڪيو ويو آهي. قبي ۾ اندر
ڪاشيءَ جي پڪ - سرائين ڏيڍ فوٽ ٿلهي تي الهندي کان
ٽئين نمبر تي مخدوم صاحب جي مزار آهي. مزار تي اڇي
چــُـن جي گاري جو ڪم ٿيل آهي ۽ مٿس ڪوبه تاريخي
ڪتبو اُڪريل نه آهي(29).
مخدوم هنڱوري جي مزار جي اوڀر ۾ ان ساڳئي ٿلهي تي
هڪ درويش جي مزار آهي، جنهن کي مقامي روايتن موجب
”ڏاچيءَ وارو پير“ ڪري چون ٿا. انهيءَ بزرگ لاءِ
روايت آهي ته هو ڏاچيءَ تي سوار ٿي اچي مخدوم صاحب
جي خانقاهه کان لنگهيو ۽ مخدوم صاحب جي شخصيت کان
متاثر ٿي هميشــہ لاءِ اتي رهي پيو. مخدوم صاحب جي
وفات کان پوءِ جلد ئي هن بزرگ به وفات ڪئي ۽ کيس
مخدوم صاحب جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. ان ڏاچيءَ واري
درويش جي ڀر ۾ هڪ ٻئي درويش ”ريلائي بزرگ“ جي
مزار آهي. هيءُ بزرگ به مخدوم صاحب جو معتقد ۽
بلالي تحريڪ جو خاص رڪن هو. وفات کان پوءِ مخدوم
صاحب جي پهلوءَ ۾ آرامي ٿيو. الهندي کان وري هڪ
مزار سندس ڪنهن خليفي جي آهي ۽ ان ڀرسان مخدوم
صاحب جو فرزند دفن ٿيل آهي. انهن مان ڪنهن به تربت
تي ڪوبه تاريخي ڪتبو وغيره لکيل ڪونه آهي.
(2) پير بي واسطو:-
گچيري شهر جي اولهه ۾ ڪچين سرن جي هڪ وڏي ٿلهي تي
”پير بي واسطي“ جي مزار آهي. هن بزرگ جو احوال پڻ
گمناميءَ ۾ آهي. هيءُ بزرگ اصل ۾ ڪير هو ۽ ڪٿان
آيو هو؟ هن بزرگ جي باري ۾ مقامي روايتن مان معلوم
ٿئي ٿو ته هيءُ درويش مخدوم لعل شهباز قلندر جو
همعصر هو. مخدوم شهباز سان روزانو درياءُ پار ڪري
وڃي روحاني ڪچهري ڪندو هو. اڄ به هن بزرگ جو فيض
عام جاري آهي.
(3) درويش جــُـمن جــَـتــِـي:-
” سيد عالم شاهه“ جي مزار جي الهندي ۾ ”جمن
جـَـتيءَ“ جو آخرين آرامگاهه آهي. هن بزرگ جي باري
۾ چوڻ ۾ اچي ٿو ته پاڻ اصل ۾ اُچ شريف کان هتي آيو
هو. گچيري ۾ سندس مريد هئا ۽ وفات به اتي ئي
ڪيائين. سندس آخرين مٽيءَ پنوڙو به گچيري ۾ ئي
ٺهيو. پاڻ پنهنجي دور جو وڏو ولي، ڪامل ۽ صاحب
ڪرامت بزرگ هو.
(4) سيد عالم شاهه:-
گچيري شهر جي اولهه ۾ پراڻي شهر جي قديم کنڊرن ۾
هڪ قبرستان آهي، جنهن کي ”عالم شاهه جو قبرستان“
ڪري چوندا آهن. هن قبرستان جي شروع ۾ هڪ ڪچيءَ سرن
جي چوکنڊيءَ اندر ”سيد عالم شاهه“ جي مزار آهي. هن
درويش کي پکين سان تمام گهڻي پريت هوندي هئي. اسان
کي شهر جي هڪ وڏيءَ عمر جي شخص نالي الهه ورايي
سهتي (هن وقت سؤ ورهين کان به مٿي آهي) ٻڌايو ته،
هــُـن سيد عالم شاهه کي، پنهنجيءَ اٽڪل چوڏهن
ورهين جي عمر ۾، پيرسنيءَ جي حالت ۾ ڏٺو هو ۽ جلد
ئي پوءِ وفات ڪئي هئائين.
(5) مولوي محمد صادق گچيرائي:-
مولانا محمد صادق گچيرائي پنهنجي زماني جو وڏو
يگانه - روزگار عالم ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سندس
ابتدائي زندگيءَ جو ڪوبه مفصل احوال ملي نه سگهيو
آهي. البت ايترو سو معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ بزرگ
ٽالپورن جي آخرين دور ۾ ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌ جي
ٽالپورن جي ملازمت ۾ به ڪجهه عرصو رهيو هو. پراڻي
گچيري ۾ سندس ديني مدرسو هو، جنهن ۾ پاڻ عربي،
فارسي، فقــہ ۽ حديث جي علمن جو درس ڏيندو هو.
سندس وفات جي سن ۽ تاريخ جو ڪوبه پتو ڪونه ٿو
پوي(30).
(6) مولوي عبدالله ميمڻ:-
مولوي عبدالله ميمڻ گچيري جو وڏو عالم ۽ فقــيـہ
هو. ميمڻن واري مسجد ۾ سندس ديني مدرسو هو. مولوي
صاحب مولود ۽ مداحون ڏاڍي سٺي آواز ۾ پڙهندو هو.
سندس حياتيءَ جو وڌيڪ احوال ملي ڪونه ٿو سگهي.
(7) مولوي گل محمد ميمڻ:-
مولوي ميان گل محمّد ميمڻ وڏو متبحر عالم ٿي گذريو
آهي. گچيري ۾ سندس ديني مدرسو هو. سندس حياتيءَ جو
وڌيڪ احوال گمناميءَ ۾ آهي. سندس وفات کانپوءِ
سندس فرزند مولوي محمد اسماعيل پيءُ واري مدرسي کي
وڏي اوج تي رسايو.
(8) مولوي محمد اسماعيل ميمڻ:-
مولوي محمد اسماعيل ولد مولوي ميان گل محمد
ميمڻ،گچيري جي وڏن اعليٰ مرتبي وارن عالمن مان ٿي
گذريو آهي. سندس ولادت 1280 هه ڌاري اعليٰ مرتبي
وارن عالمن مان ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1280 هه
ڌاري گچير ٰي ۾ ٿي. مولوي محمد اسماعيل علم جي
تحصيل ان دور جي ڪيترن ئي وڏن جيد عالمن کان حاصل
ڪئي. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ مولوي محمد
اسماعيل پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي والد جي قائم ڪيل
مدرسي کي جاري ڪيو. انهيءَ مدرسي ۾ مولوي صاحب
ورهين جا ورهيه ديني علمن جو درس ڏيندو رهيو.
مولوي محمد اسماعيل وقت جي وڏن، بلند پايي جي
عالمن کان ديني تعليم حاصل ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو،
جن مان مولوي ميان عبدالله گچيرائي، مولوي محمد
دائود دولت پوري، مولوي ميان فيض محمد ٿرڙي محبت
وارو، مولوي ميان عبدالرزاق بوبڪائي ۽ مولوي ميان
غلام محمد ملڪاڻي نقشبندي وغيره قابل ذڪر آهن.
مولوي صاحب پان خود وڏو علم جو فياض هو. سندس علمي
فيض مان وقت جي ڪيترن عالمن فيض حاصل ڪيو، جن مان
مولوي محمد صادق مورائي، محمد ايوب ڏاهري، مولوي
عبدالخالق پنهور، مولوي رحيمداد بروهي، مولوي محمد
حيات ٻگهيو ماڙيءَ وارو، مولوي محمد افضل ڏاهري ۽
مولوي محمد سليمان نوناري وغيرهه وڏا دين جا عالم
۽ بزرگ ٿي گذريا آهن. پير محمد شاهه ذاڪري، مولوي
محمد صالح ڀاڻ پوٽو، مولوي فضل محمد صابوگر ۽
مولوي رضا محمد ڏاهري سندس همعصر ۽ هم جليس عالم
هئا.
مولوي محمد اسماعيل، کنيارين جي مشهور نقشبندي
بزرگ جو دست بيعت ٿيل هو ۽ ملڪاڻي صاحب کان به ان
سلسلي ۾ طريقت جو ونڊ ورتو هئائين. کيس شعر و
شاعريءَ سان به ڏاڍو اُنس هو. سندس ڪيترائي ديني ۽
تبليغي ڪتاب تصنيف ڪيل آهن، جي سندس پوين وٽ محفوظ
آهن. مولوي صاحب تاريخ پهرين رجب المرجب سن 1360هه
۾ اسي ورهين جي عمر ۾ هن فاني جهان سان رحلت ڪئي.
گچيري جي جامع مسجد شريف جي اولهه ۾ هڪ پڪ -
سرائين ٿلهي تي مولوي صاحب جو آخرين آرامگاهه آهي.
مزار جي لوڙهه تي ڪاشيءَ جو هڪ تاريخي ڪتبو اُڪريل
آهي. اهو ڪتبو هن ريت آهي.
وصال بزرگوار مولوي ميان محمد اسماعيل
ولد مولوي ميان گل محمد ميمڻ بتاريخ پهرين
ماهه رجب بروز ڇنڇر سن 1360 هه.(26)
(9) فقير ولي محمد سومرو:-
فقير ميان ولي محمد سومرو پنهنجي وقت جو نيڪ سيرت
بزرگ ۽ روحانيت جو صاحب ٿي گذريو آهي. شهر جا
ماڻهو سندس وڏي عزت ۽ احترام ڪندا هئا سنڌي زبان
جو وڏو شاعر پڻ هو. پاڻ سنڌ جي نامياري شاعر قاضي
محمد علي ”اختر“ مورائي جو نانو هو. سندس ڪيترو ئي
ڪلام سنڌيءَ ۾ ملي ٿو، جنهن مان هڪ نموني طور هت
ڏجي ٿو:
توبهه توبهه زاري،
بخش گناهه، مون ڏي دلداري.
مون ته عمر ۾ ڪين ڪمايو، |
عيب کڻي آئون تو در آيو، |
هاڻي صاحب ڪر تون ستاري.
”ولي محمّد“ تو سمجهيو ڇا هي؟ |
ويسر گيسر لازم ناهي، |
ڪر تــُـر تئون هاڻي تياري.
مولوي ميان عبدالرحمان سومرو:-
مولوي ميان عبدالرحمان سومرو گچيري جي ممتاز عالمن
مان هڪ هو. سندس والد جو نالو ميان علي محمد سومرو
هو. سندس ابتدائي تعليم جي باري ۾ معلوم ٿئي ٿو ته
پاڻ پراڻي گچيري جي سنڌي اسڪول مان پرائمري تعليم
حاصل ڪري ”ميان نور محمد جا قبا“ جي هڪ ديني مدرسي
مان ديني علمن جي تڪميل ڪئي. اهو معلوم ٿي نٿو
سگهي ته ”ميان جي قبن“ وٽ ڪنهن جو مدرسو هئو ۽ ان
مدرسي جي ڪهڙي عالم وٽان تعليم ورتائين - پاڻ موري
هاءِ اسڪول ۾ ڪجهه عرصو عربيءَ جو استاد ٿي رهيو.
شاهپور جهانيان جي ڀرسان ”نم جي ڳوٺ“ ۾ ڪجهه زمين
خريد ڪري ”اسلام پور“ جي نالي سان هڪ ڳوٺ ٻڌي، اتي
ديني مدرسو قائم ڪيائين، جنهن ۾ ديني علمن جو درس
ڏيندو رهيو. نوابشاهه جي ڀرسان ”سکپور“ جي مدرسي ۾
به ڪجهه وقت درس و تدريس جو ڪم ڪيائين. ڳوٺ ”مقيم
ڏاهري“ ۾ به ڪجهه وقت لاءِ طالبن کي ديني علمن جي
درس ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيائين. پاڻ موري شهر جي
”کيڙن واري مسجد“ ۾ عام مسلمانن کي هدايت ۽ اسلام
جي تبليغ ڪندا رهندا هئا. قدرت سندس زبان ۾ ايڏو
ته وديت ۽ تاثير رکيو هو، جو پٿر دل به ميڻ ٿي
ويندا هئا. مولوي صاحب کي علم طب ۾ به هڪ وڏو درڪ
حاصل هو ۽ طبابت کي پنهنجو ذريعه - معاش بڻائي،
زندگيءَ جي آخري وقت تائين ان کي باقاعدگيءَ سان
هلائيندا رهيا. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف ۽ مؤلف
هئا، جي زماني جي دستبرد جو شڪار ٿي ويا. پاڻ نثر
سان گڏ شعروشاعري به ڪندا هئا. پاڪستان جي قيام
کان پوءِ پاڻ موري شهر ۾ هڪ ليٿو پريس قائم
ڪيائون، جنهن مان ڪيترائي ديني ڪتاب ڇپجندا هئا.
پاڻ ٻه شاديون ڪيائون: پهرئين گهر مان کيس ٻه
پـُـٽ صدر الدين ۽ عبدالحق نالي ٿيا ۽ ٻئي گهر مان
صرف هڪ نياڻي ٿي. پاڻ 2 - آڪٽوبر سن 1962ع ۾ هن
فاني جهان مان رحلت ڪيائون ۽ کيس موري شهر جي
”خليفي واري مقام“ ۾ دفن ڪيو ويو. (بروايت قاضي
شوڪت حيات مورائي).
(11) ميان علي محمد سومرو:- ميان علي محمد سومرو
وڏو حال ۽ قال جو صاحب ۽ درويش صفت شخص هو. سڪرنڊ
وارو پير سيد محمد شاهه ذاڪري سندس همعصر ۽ هم
صحبتي هو. پير صاحب ميان علي محمد جي روحاني مرتبي
جي ڏاڍي تعريف ڪندوهو. ميان صاحب گچيري ۾ ڪپڙن
رنڱڻ جو ڪم ڪندوهو. پاڻ ظاهر ۾ ته ڪپڙا رنڱيندو
هو، پر باطن ۾ انسانن جي ڪارين ۽ ڪٽ چڙهيل دلين جي
ڪــَـٽُ لاهي، خدا جي محبت جو رنڱ چاڙهيندو هو.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميان صاحب پنهنجي نفس جي سرڪشيءَ
کي دور ڪرڻ لاءِ پنهنجي دوڪان جي چائنٺ ۾ چمڙي جو
هڪ ســُـڪل پادر ٽنگي ڇڏيو هئائين، ته جيئن نفس ان
کي ڏسي تڪبر ۽ غرور وارو نه ٿئي ساڳئي وقت اهو به
چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميان علي محمد پنهنجي جيئري ئي
پنهنجي لاءِ قبر تيار ڪرائي هئي ۽ روزانو ان ۾
ڪجهه وقت لاءِ وڃي سمهندو هو. آخر وفات کان پوءِ
پاڻ ان ساڳئي قبر ۾ هميشـــہ لاءِ آرامي ٿيو. جامع
مسجد جي اتر ۾ ڪچين سرن جي ٺهيل سندس مزار واقع
آهي.
(ب) حڪيم:
(1) خليفو الهه ورايو ملاح:-
خليفو ميان الهه ورايو ملاح گچيري شهر جو وڏو
لاثاني حڪيم ٿي گذريو آهي. عربي ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو
هو. شهر ۾ سندس دواخانو هو. وٽس ڪيترين ئي خاص
بيمارين جي لاءِ ناياب نسخا هئا. پاڻ هڪ وڏي عزت ۽
توفيق وارو ۽ مکيه ماڻهن مان ٿي گذريو آهي.
(2) اوستو محمد ڇٽل سهتو:-
اوستو محمد ڇٽل سهتو سٺن اخلاقن ۽ وصفن جو مالڪ
هو. پاڻ جيد عالم، شعرو سخن جو دلدادو ۽ دوستن جو
دلدار هو. طب جي علم ۾ پنهنجي وقت جو يگانو حڪيم
هو. يوناني طب سان گڏوگڏ، تعويذات جي علم ۾ پڻ
گهڻو مشهور هو.
(3) حڪيم حاجي الهه رکيو سهتو:-
حاجي الهه رکيو سهتو گچيري شهر جو نادر روزگار
حڪيم ٿي گذريو آهي. فضل ۽ ڪمالات جو صاحب ۽ بزرگ
صفت انسان هو. سندس دواخاني جي هاڪ ان دور ۾ پري
پري تائين هئي. اوستي محمد ڇٽل سهتي جو همعصر ۽ هم
صحبتي هو.
(4) ڀائي نارائڻ سنگهه:-
ڀائي نارائڻ سنگهه گچيري جي هندن مان ناليرو حڪيم
ٿي گذريو آهي. ڀائي صاحب عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين
جو ڄاڻو هو. طب جي علم ۾ کيس خاص درڪ حاصل هو.
فضيلت ۽ ڪمال ۾ بينظير ۽ علمن جي جامع هجڻ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هو. شهر ۾ پسارڪو دوڪان هئس. اڪثر
ماڻهن جو علاج مفت ڪندوهو، خاص ڪري پوڙهن کي جوان
ڪرڻ جو وٽس نادر دوا جو نسخو هو.
(5) ڀائي آسنداس:
ڀائي آسنداس گچيري شهر جي هندو لوهاڻن مان هو. وقت
جو ناميارو حڪيم ٿي گذريو آهي. اهنسا جي متي جو
قائل هو. هندو مسلم اتحاد جو زبردست حامي هو. طب
۽ علم جي جراحيءَ جي فن ۾ وڏو ڪمال هوس. پنهنجو
وقت عزت ۽ آبرو سان گذاري ويو.
(6) حڪيم قاضي علي محمد:-
قاضي علي محمد وڏو نيڪ سيرت ۽ فرشته خصلت بزرگ هو.
متقي ۽ پرهيزگار هو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ ٻين
ٻولين جو ڄاڻو هو. علم طب ۾ وڏي مهارت رکندو هو.
گچيري ۽ ان جي آس پاس سندس حڪمت جي وڏي شهرت هئي.
سندس مطب ۾ هر وقت بيمارن جو وڏو هجوم رهندو هو.
علم طب تي وٽس نادرالوجود ڪتاب هئا.
(ج) متفرقه نامور شخصيتون:-
(1) ميان تاج محمد ٻگهيو:-
ميان تاج محمد ٻگهيو سن 1892ع ڌاري گچيري ۾
ڄائو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي
سنڌ مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ مدرسي ۾ استاد به ٿي
رهيو. ان کان پوءِ پاڻ جلد ئي قانون جي اعليٰ
ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي ويو ۽ اتان اها ڊگري
ڪاميابيءَ سان حاصل ڪيائين، مگر عملي طرح سان
وڪالت جو ڌنڌو اختيار نه ڪيائين. پنهنجي اباڻي ڳوٺ
گچيري ۾ اچي زمينداريءَ جو ڪم سنڀاليائين. پاڻ وڏو
مخلص، قومي ڪارڪن هو. خلافت تحريڪ، ڪانگريس ۽ مسلم
ليگ تحريڪن ۾ وڏي سرگرميءَ سان حصو ورتائين. جنگ
آزاديءَ جو سرويچ سپاهي هو. مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جي تعليم ۽ فلسفي جو مٿس وڏو اثر هو. ميان
تاج محمد سن 1946ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي ۽
گچيري جي ٿڌڙي مٽيءَ ۾ روز محشر تائين وڃي آرامي
ٿيو.
ميان امان الله خان ٻگهيو سندس لائق ۽ صالح فرزند
آهي. قانون جي ڊگري حاصل ڪيل اٿس. پاڻ ڪچهريءَ جو
ڪوڏيو ۽ ڏاڍو پيارو انسان آهي. وٽس نادرالوجود ڪتب
خانو آهي، خاص ڪري سنڌ جي تاريخ تي وٽس لاجواب
ڪتابي ذخيرو موجود آهي.
(2) حاجي شير محمد ٻگهيو:-
ميان صاحب شير محمد ٻگهيو هڪ بهترين شاعر ۽ سگهڙ
آهي. پاڻ صرف ابتدائي سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪيل
آهي. هن وقت سندس عمر اسي ورهين جي لڳ ڀڳ ٿيندي.
پنهنجي پيرسنيءَ جا ايام ڏاڍي سڪون ۽ آرام سان
گهاري رهيو آهي. حاجي صاحب رسول الله ﷺ جن جي شان
۾ تمام گهڻا مولود ۽ مداحون چيون آهن. پاڻ پنهنجي
ڪلام ۾ ”شيرل“ تخلص استعمال ڪيو اٿس. سندس ڪلام
ڪافي آهي، مگر افسوس جو گڏ نه ڪيو ويو آهي. سندس
ڪلام مان ڪجهه نموني طور هت ڏجي ٿو:
(1)
سڪندي سال ٿيا اٿم سنڌ ۾،
لــُـونءَ اندر ۾ آ لورِي، جيءَ ۾ جهوري.
موليٰ ميل محمد مدني،
سر ساهه سڄڻ تان صدقي،
قادر قسمت ڪر تون مديني،
ڪعبة الله کي قرب منجهاران،
چاهه منجهان چــُـمان حجرا سودکي،
عرفات جبل تي بيهي بــَـديــُـن کان،
رهبر جو ڏسي روضو اکين سان،
ٻاجهه ٻگهيي تي ڪر تون ٻاجهارل،
”شيرل“ سان شل ملندو شافعي، |
اِها آس الله ڪر پوري.
تنهنجي جانب تان جند گهوري.
ڏاتر وجهه ڪا ڏورِي.
طواف ڪريان مان چوڌاري.
پيان زم زم پاڪ ضروري.
ڪيان توبهه تهدل زاري.
بيحد ٿئي ته بهاري.
حــُـسن ڏسان ته حضوري.
اها ٿينديم ساعت سدوري. |
(2)
مديني وينديس الا! اٿم آس الله ۾.
وٺي واٽ وندر جي، حاجين سان هلنديس الا.
منجهان حوض حبيب جي، پاڻي آءٌ پيئنديس الا.
روضو پاڪ رسول جو، چشمن سان چمنديس الا.
هيءُ سر ساهه سڄڻ تان، گهوريو گهورينديس الا.
قادر قسمت تون ڪرين، دم نه دير ڪنديس الا.
صلواتون سيد تي، پرت منجهان پڙهنديس الا.
”شيرل“ چوي شفيع جي، پناري پونديس الا.
(3) ميان شفيع محمد ٻگهيو:-
استاد ميان شفيع محمد ٻگهيو سن 1920ع ۾ گچيري ۾
ڄائو. گچيري جي سنڌي پرائمري اسڪول مان سن 1936ع ۾
سنڌي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪري، تعليم
کاتي ۾ سنڌي پرائمري استاد مقرر ٿيو. سن 1942ع ۾
ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان سکيا ورتائين.
ٽريننگ ڪاليج مان امتياز سان امتحان پاس ڪرڻ تي
کيس ان وقت جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر علامه ڊاڪٽر
دائود پوٽي صاحب چاندي جو ٻلو انعام طور ڏنو هو.
استاد شفيع محمد سن 1980ع ۾ هيڊ ماستر ٿي پينشن تي
لٿو. اڃا پاڻ حال حيات آهي. مرحوم مفتي عبدالرحيم
لغاري، قاضي محمد علي ”اختر“ مورائي، عزيزالله
ٻگهيو ۽ غلام مصطفيٰ ٻگهيو سندس ناميارن شاگردن
مان آهن. اهي صاحب پنهنجي وقت جا نالي وارا عالم،
اديب ۽ شاعر آهن.
(4) ميان عزيزالله ٻگهيو:-
استاد عزيزالله ٻگهيو 18- جولاءِ 1930ع تي گچيري ۾
ڄائو. پرائمري تعليم گچيري جي پرائمري اسڪول مان
حاصل ڪيائين. پاڻ سن 1950ع ۾ گورنمينٽ مدرســہ ۽
هاءِ اسڪول نوشهري فيروز مان مئٽرڪ، 1957ع ۾ بي -
اي، 1962ع ۾ بي - ٽي، 1970ع ۾ ايم- اي (سنڌي) ۽
1972ع ۾ ايل - ايل- بي جا امتحان پاس ڪيائين. سن
1950ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ ۾ ماستر طور مقرر
ٿيو. سندس شمار محنتي استادن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ هن وقت
گورنمينٽ هاءِ اسڪول گچيري ۾ هيڊ ماستريءَ جا
فرائض خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ميان
عزيز الله ٻگهيو سنڌي علم ۽ ادب تي سٺي دسترس رکي
ٿو - پاڻ خوش خلق، خوش مزاج ۽ کلمک شخصيت آهي.
(5) رسول بخش ٻگهيو:-
رسول بخش ٻگهيو گچيري جو هڪ ادب دوست ۽ سٺو
مضمون نگار آهي. پاڻ اڪثر ڪري مذهبي قسم جا مضمون
لکيا اٿس. ان کان علاوه ڪجهه ادبي نوعيت جا مضمون
۽ مقالا به لکيا اٿس. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي
روزانه اخبارن جهڙوڪ عبرت، مهراڻ ۽ هلال پاڪستان ۾
ڇپندا رهندا آهن.
حوالا ۽ واڌارا
(1) گچيري جو نئون شهر، موري شهر کان ٻن ميلن
جي مفاصلي تي آهي.
(2) آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند: ”قديم سنڌ“، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد ص 36-233.
(3) رفيان - رفعان - رفيعان - ”تاريخ“ معصومي
جي تعليقات ۾ علامه دائودپوٽو مرحوم هن شهر کي
سيوهڻ ۽ درٻيلي جي وچ ۾ ڪنهن هنڌ ڄاڻائي ٿو.
مير معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“ (مترجم مخدوم
امير احمد) ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو ٻيو
1959، ص 313.
- ريورٽي صاحب”سنڌ جو مهراڻ ۽ ان جون شاخون“ ۾ وري
هن شهر کي ”ڪنجري ڍنڍ“ جي نالي سان روهڙيءَ جي
اولهه ۾ ڪنهن هنڌ ڄاڻائي ٿو. ساڳئي وقت ان جي
پڙهڻي ”رابيان“ مقرر ڪري ٿو ۽ ان کي ”راضي ديرو“
سڏيندي ”ڪنگري“ جي اولهه ۾ ٻڌائي ٿو. (Antiquities
of Sind - Foot Note P-240)
- مير محمد معصوم بکري هڪ هنڌ لکي ٿو ته عيسيٰ
ترخان ۽ محمود بکري جي درميان ”رفيان“ وٽ جنگ لڳي
هئي. انهيءَ جنگ کان پوءِ شيخ عبدالوهاب ۽ ماهه
بيگم جي سياڻپ ڪري صلح ٿيو هو. (تاريخ معصومي ص
251).
- مغلن جي دور ۾ جهانگير بادشاهه پاران سن 1025
هجريءَ ۾ مير ابوالبقا بدين سرڪار جو حاڪم مقرر
ٿيو. هن جي دور ۾ خطي پر ڳڻتي جي”رفيعان“ ڳوٺ جي
جوڻيجن کان ڍلون وصول ڪيون هئائين. (تذڪره
اميرخاني ص 87) ان مان اهو اندازو آهي ته هيءُ شهر
خطي پرڳڻي جي جوڻيجن جي حد ۾ آهي.
(4) تاريخ معصومي ص 59.
(5) تاريخ معصومي ص 313.
(6) ساڳيو.
(7) قديم دور ۾ ٽلٽي شهر سنڌو درياهه ڀرسان
پرئين ڪنڌيءَ تي هو. انهيءَ پراڻي شهر جا کنڊرات
اڄ تائين دڙن جي صورت ۾ موجود آهن. ماڻهو بلاولپور
جي پتڻ کان درياهه پار ڪندا هئا.
(8) بلاذري: ”فتوح البلدان“(ليڊن)، ص 438.
(9) مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد، 1958ع، ص 107.
(10) هينري ڪزنس: ”سنڌ جا آثار قديم“ (انگريزي)،
ص 20.
(11) ميرڪ يوسف: ”تاريخ مظهر
شاهجهاني“(مترجم نياز همايوني)، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد، 1979ع، ص 70- 169.
(12) سيد حسام الدين راشدي: ”تذڪره اميرخاني“
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1941ع، ص 81.
(13) ساڳيو
(14) ”طبقات اڪبري“ جلد 2، ص 455.
(15) تاريخ مظهر شاهجهاني ص 194.
(16) ساڳيو.
(17) ڪانهري. هيءُ ڳوٺ موجودهه دادو شهر جي آس
پاس سنڌو درياهه جي ڀرسان ڪنهن هنڌ موجود هو. سيد
بايزيد بخاري سن 1028 هه ۾ جڏهن ٺٽي جو صوبيدار
مقرر ٿي آيو، تنهن وقت سندس پٽن، مغل بادشاهه
جهانگير جي حڪم سان”ڪانهري“ جي قلعي تي حملو ڪيو
هو. اتان جي سردارن فرمانبرداري اختيار ڪري صلح
ڪيو هو. (تاريخ مظهر شاهجهاني سنڌي، ص. 15- 149)
ڪانهريءَ جي ڀرسان ”نورجا“ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ حضرت
سچل سرمست جا وڏا رهندا هئا، جتان پوءِ لڏي وڃي
”درازن“ ۾ رهيا. اڄ تائين اڃان به فاروقي هن شهر
۾ رهن ٿا،
(18) سامتاڻي - هيءُ ڳوٺ دادو شهر جي ڏکڻ -
اولهه ۾ ويهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. گچيري
کان اٽڪل اٺ ميل پري ان جي بلڪل آمهون سامهون آهي.
هن ڳوٺ ۾ قديم زماني جي هڪ جهوني مسجد شريف آهي،
جنهن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته اها سمن جي دور ۾ دولهه
دريا خان ٺهرائي هئي. اها مسجد شريف هن وقت به
اڃان صحيح ۽ سالم ۽ حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تاريخ
مظهر شاهجهانيءَ وارو، مغل گورنر احمد بيگ جي ظلم
جو هڪ داستان ٻڌائيندي چوي ٿو ته: ”هڪ دفعي
سامتاڻين جي قاضي عبدالواحد کان زبردستيءَ سؤ
روپين جو دستاويز لکرائي،ابراهيم ٻروچ کي وڪرو ڪيو
ويو. پوءِ قاضيءَ ۽ ٻروچ کي آمهون سامهون بيهاري،
ڦٽڪن هڻندڙ کي حڪم ٿيو ته تون ابراهيم ٻروچ کي
هڪڙو ڦٽڪو هڻي کانئس سؤ روپين جي گهر ڪر. هوڏانهن
ابراهيم ٻروچ کي حڪم مليو ته تون وري قاضي
عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي وٽانئس هڪ سؤ روپيا طلب
ڪر.“ اهو واقعو سيوهڻ ۾ عام ماڻهن جي اڳيان ٿي
گذريو (تاريخ مظهر شاهجهاني ص 242) انهيءَ دور ۾
بهاءُالدين پنهور ”سامتاڻي“ جو چڱو مڙس هو.
انگريزن جي دور ۾ هيءُ ڳوٺ سيٺ نائون مل جي جاگير
۾ هو.
(19) ”ٻٻري“ يا ”ٻاٻري“ جو ڳوٺ گچيري جي
ڀرسان هو. انهيءَ ڳوٺ ۾ پنهورن ۽ ڪؤريجن جي ٻگهين
سان ويڙهه ٿي هئي، جنهن ۾ هيءُ ڳوٺ اُجڙي ويو.
(20) تاريخ مظهر شاهجهاني، ص 194 کان 196.
(21) ساڳيو، ص 277.
(22) مرکپور - موجودهه دادو شهر جي اولهه ۾
ريلوي لائين جي پرئينءَ ڀر شهر جو هڪ محلو آهي.
مرکپور کي اڳئين دور ۾ چوڌاري هڪ ڪچو مٽيءَ جو ڪوٽ
هو ان جي چوڌاري هڪ وڏي کاهي کوٽايل هئي، جا اڄ به
موجود آهي. هن وقت اهو ڪوٽ يا قلعو ڊهي ويو آهي.
هتان مغل دور جا ڪافي سڪا مليا آهن. پنهورن جي
علائقي جو مکيه ۽ اهم ڳوٺ هو. (بروايت محترم
پروفيسر عبدالله خان مگسي دادوي)
(23) جمشيد گاهي- هيءُ هن وقت دادو شهر جو هڪ محلو
آهي. هن کي موجودهه وقت ۾ ”ڇاڻو“ به ڪري چوندا
آهن. هيءُ مرکپور جي اولهه ۾ اٽڪل هڪ ميل جي
مفاصلي تي آهي. محترم عبدالله خان مگسيءَ جي راءِ
موجب ته ممڪن آهي ته اهوئي جمشيد گاهيءَ جو پراڻو
ڳوٺ هجي! انهيءَ هنڌ سيد محسن شاهه دفن ٿيل آهي.
سيد صاحب، حضرت عبداللطيف ڀٽائي رحه جو همعصر هو ۽
سنڌي زبان جو شاعر ٿي گذريو آهي. محترم منظور
سخيراڻيءَ جي والد وٽ سيد محسن شاهه جو سنڌي ڪلام
ڪافي انداز ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن وقت
انهيءَ محلي کي ”شاهه آباد“ به ڪري سڏيو وڃي ٿو.
(24) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”تحفته
الڪرام“، مترجم مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد، 1957ع، ص 262.
(25) مهر، غلام رسول: ”تاريخ سنڌ - ڪلهوڙا
دور“، جلد پهريون، مترجم يار محمد ابن حيات پنهور
۽ شمشير الحيدري، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1963ع،
ص 189 کان 191.
(26) حضرت مخدوم بلال سنڌ جي وڏن سرويچ سپوتن
مان ٿي گذريو آهي، مخدوم صاحب ان دور ۾ سنڌ وارن
کي قرآن شريف، تفيسر حديث، فقہ ۽ شريعت جي علمن جو
درس ڏيندو هو. هيءُ بزرگ سنڌ جي تاريخي شهر ٽلٽي
واهڻ جو رهاڪو هو. تاريخي لحاظ کان سن 928هه مطابق
1522ع وارو زمانو سنڌ لاءِ ڏاڍو ڏکيو دور هو. سن
927 هه مطابق 1521ع شاهه بيگ ارغون، مهدي
جونپوريءَ جي هشيءَ تي سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ جي
امن پسند مسلمان حاڪم ڄام فيروز کي شڪست ڏيئي،
حڪومت حاصل ڪئي. ان دور ۾ سنڌ اندر مهدوي تحريڪ
سان گڏ بلالي تحريڪ پڻ جنم ورتو، جنهن جو باني
حضرت مخدوم بلال رحه هو. مخدوم صاحب جي انهيءَ
تحريڪ ۾ سنڌ جي عالمن، صوفي درويشن، بزرگن ۽ عام
ماڻهن ڀرپور حصو ورتو. شاهه بيگ کي جڏهن مخدوم
صاحب جي انهيءَ تحريڪ جي خبر پيئي، ته هو تپي باهه
ٿي ويو. هوڏانهن مخدوم بلال جي حامين مان ميان
محمود ۽ ميان مٺل، جي دولهه دريا خان جا پٽ هئا،
ڄام سارنگ، راڻي رڻمل سوڍي ۽ جوڌا سنگ سوڍي جي مدد
سان ٽلٽيءَ جي قلعي تي قبضو ڪيو. شاهه بيگ ارغون
به پنهنجي پوري فوجي قوت سان ٽلٽيءَ تي حملو ڪيو.
سخت جنگ لڳي. نيٺ آخرڪار ارغونن قلعي جا دروازا
ٽوڙي، اندر داخل ٿي قتل عام شروع ڪري ڏنو. هن جنگ
۾ سهتا ۽ سوڍا بي جگريءَ بهادري سان وڙهيا ۽ آخر
شهيد ٿي ويا. شاهه بيگ ارغون ان لڙائيءَ ۾ فتح
حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجن هٿ ٺوڪين مولوين کان
مخدوم بلال رحه تي ڪفر جي فتوا صادر ڪرائي، گهاڻي
۾ پيڙائي شهيد ڪرايو. (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:
”مخدوم بلال - هڪ محب وطن بزرگ“ مقالو - سماهي
”مهراڻ“ حيدرآباد، جلد 30 نمبر 4، 1981ع ص 43-
142)
(27) ٻگهيو رسول بخش گچيرائي: ”مخدوم ”هنڱورو“
(مقالو) روزنامه ”مهراڻ“ حيدرآباد، مورخه 12 -
ڊسمبر 1983ع.
(28) مخدوم هنڱوري جو قبو شهر جي اتر ۾ قديم
کوٽايل کاهيءَ جي ڪناري تي آهي. درياهه هر سال ٻوڏ
ڪندو آهي، ليڪن مخدوم صاحب جو آرامگاهه هميشه
محفوظ رهندو آهي.
(29) مخدوم سعد عرف ملان ساند: مخدوم سعد عرف
ملان ساند بن مخدوم ظفرالدين پنهنجي وقت جو وڏو
ولي ڪامل ۽ عارف بالله هو. پاڻ پنهنجي دور جو وڏو
جيد عالم، مفسر، فقيه ۽ بلند پايي جي شخصيت ٿي
گذريو آهي. مخدوم صاحب جي اوائلي زندگيءَ جي باري
۾ مختلف روايتون ملن ٿيون. ڪن جو چوڻ آهي ته پاڻ
بخارا جو ويٺل هو، جتان اچي ملتان وارن بزرگن جو
مريد ٿيو. ملتان کان ڪهي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي مخدوم
بلاول رحه جو مريد ٿيو. ان باري ۾ روايت آهي ته
مخدوم ساند سائي پوشاڪ پهري، مخدوم بلاول جي
حويليءَ ٻاهران اچي ويٺو. کيس پورا ٽي ڏينهن
استغراق واريءَ حالت ۾ گذري ويا. آخر ٽن ڏينهن کان
پوءِ مخدوم بلاول سان سندس ملاقات ٿي ۽ هڪ ئي
ملاقات ۾ رهيل باطني منزلون طي ڪري خلافت جو خرقو
حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب کي اڪثر ملان ساند ڪري
چوندا آهن. پاڻ بلاولي تحريڪ جا وڏا روح روان ۽
مبلغ ٿي گذريا آهن. چون ٿا ته مخدوم بلال جي شهادت
وقت پاڻ حاضر هو. جڏهن مخدوم صاحب کي شهيد ڪرڻ
لاءِ وٺي ٿي ويا ته مخدوم ساند ادب سان عرض ڪيو ته
قبلا! حڪم ٿئي ته ان جلاد کي شينهن جي ور چاڙهيان.
ليڪن مخدوم بلاول مشڪي جواب ڏنس ته فقير کي رضا
الاهيءَ تي راضي رهڻ گهرجي. ساڳئي وقت کيس سختيءَ
سان حڪم ڪيائون ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو توهان
منهنجي موت کان اڳ درياهه پار ڪري ڪنهن محفوظ جاءِ
ڏانهن هليا وڃو!
مخدوم هنڱورو، مخدوم ساند جو پير ڀائي ۽
ساڳيءَ تحريڪ جو هڪ رڪن هو. مخدوم ساند درياهه پار
ڪري، گچيري ۾ اچي مخدوم هنڱوري وٽ رهيو. مخدوم
هنڱوري جي صلاح سان اچي ”خيارين“ تعلقي سڪرنڊ ۾
رهيو. انهيءَ دور ۾ ”ڪنب ليمان“ جو قديم شهر ڏاڍو
وسندڙ هو. ان شهر جي ڀرسان ديني علمن جو مدرسو
قائم ڪيائين، جتي حديث، قرآن، فقــہ ۽ شريعت جي
علمن جو درس ڏيندو هو. سندس فرزند مخدوم بلال واري
جنگي معرڪي ۾ ارغونن سان مقابلي ۾ گرفتار ٿي قيدي
بڻيو، جو آزاد ٿيڻ کان پوءِ اچي والد وٽ رهيو.
مخدوم ساند جي مزار هن وقت انهيءَ قديم
بستيءَ جي ويراني ۾ آهي. هن بستيءَ جو نالو ڇا هو،
تنهن جي خبر خاوند کي آهي. هن وسيع ويرانيءَ ۾ سڀ
کان وڌيڪ مخدوم صاحب جي مزار جي اعتقاد عام ماڻهن
کي پنهنجو گرويدهه بڻائي ڇڏيو آهي. سمورو قبرستاان
اٽڪل 64 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ آهي. بزرگ جي تربت جي
چوگرد پراڻي دور جي پڪين سرن جي ديوار آهي. جنهن
کي اتر کان دروازو آهي. سندس مزار ڪچي مٽيءَ جو
ڍير آهي. مزار جي مٿن کان ڀوري رنگ جي پٿر تي هي
تاريخي ڪتبو تحرير ڪيل آهي:
الله اڪبر
وفات مخدوم ساند في تاريخ 16 شهر مبارڪ
رجب سن 1031هه
مخدوم صاحب جو اهو آخرين آرام گاهه
روهڙي ڪئنال جي اوڀر ۾ نوابشاهه شهر کان اٺن ميلن
جي مفاصلي تي آهي. مخدوم صاحب جي باري ۾ چوڻ ۾ اچي
ٿو ته انهيءَ قديم بستيءَ ۾ اچي رهڻ کان پوءِ پاڻ
ڪيريا قوم مان شادي ڪئي هئائين، جنهن مان مخدوم
صاحب کي ڪافي اولاد ٿيو. سندس انهيءَ زوجه جو
آخرين مٽيءَ جو پنوڙو به سندس ئي ڀرسان آهي. مخدوم
ميان محمد يوسف خيارين وارو سندس ستينءَ پيڙهيءَ ۾
وڏو ڪامل بزرگ ۽ حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي.
نوابشاهه شهر جي اوڀر ۾ گاجرا واهه جي لڳ پراڻي
خيارين ۾ هن بزرگ جي پوٽي ”سفيان“ جي مزار آهي.
مخدوم سفيان پڻ پنهنجي وقت جو ولي ڪامل ۽ بلند
مرتبي وارو بزرگ هو.
(30) قريشي حامد علي خانائي: ”ساهتي جا ناميارا
عالم“ (مقالو)، ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد، جلد 8
نمبر 1-2 ماهه جولاءِ آگسٽ 1978ع، ص 9.
(31) ساڳيو، ص 8 ۽ 9.
[نوٽ:- هن مقالي جي مواد ڪٺي ڪرڻ ۽ تياريءَ ۾ مون
سان عزيزم بشير احمد هيسباڻي صاحب وڏو وڙ ڪيو آهي.
ازانسواءِ ”گچيري“ جي قديم بستي جي سير ڪرائڻ جو
به بندوست پاڻ ئي ڪيائون. آءٌ دل جي تمام گهراين
سان سندس ۽ سندس ٻين دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن
هن علمي ڪم ۾ مون سان هٿ ونڊايو آهي.] |