سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :20

 

انهن جي پٺيان سنڌ جي قديم باشندن جو ڳين جي ڪمر ٻڌل هئي. هڪ ته انهن جي ڏنگيل ماڻهن کي ڇٽائڻ مان اپراسو ۽ پيٽ پالڻ جو آسرو هوندو هون ۽ ٻيو ته هو سمجهندا هئا ته انهن جي ذريعي جادوگري جا ڳجهه ۽ راز کلڻ ٿا ۽ ٽيون ته انهن مان قيمتي دوائون تيار ٿين ٿيون ۽ چوٿون ته انهن جي مڻ خود هڪ وڏو مال خزانو آهي ۽ اهي خزاني جي  پتي لهي ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اهي جوڳي خيال جا پڪا، پنهنجيءَ ڌُن ۾ سچا ۽ سامونڊين وانگر پنهنجي ڌنڌي ۾ مست ۽ مگن هوندا هئا. هنن جو مڪو هنگلاج ۾ هوندو هو، ۽ شوشنڪر جا پوڄاري هئا، هي رڌڻ پچائڻ کان آزاد هوندا هئا ۽ جڏهن به بک لڳندي هين، تڏهن ڪنهن ڳوٺ، واهڻ، وانڍ يا ڀاڻ وٿاڻ تي وڃي مفت ۾ چپو چورو ڪري ايندا هئا. ماڻهو به هنن کي اهم ڪم ۾ رڌل ڏسي دل سان دان ڏيندا هئا. انهن لاءِ ماڻهن کي اهڙي ته عزت هئي جو محمد بن قاسم پهرين سياسي غلطي اها ڪئي جو جڏهن اهي جوڳي ڀکشين جي روپ ۾ آرين جي اثر هيٺ ٻڌارايا، تڏهن انهن کي ڇڙواڳ ڇڏيائين ته ڀل ڇڙواڳ گهمندا وتن ۽ انهن کي پنهنجن آستانن ۾ آباد ٿيڻ ڏنائين. انهن جي اثر سرمد کي اگهاڙو ڪيو ۽ حسين بن منصور حلاج کي سنڌ ۾ جادو منتر جنتر سکڻ لاءِ ڇڪي آندو، جتان ويدانت فلسفي سان ڀرپور ۽ سرشار ٿي موٽيو. انهن جي اثر هيٺ اڪبر بادشاهه دين الاهي گهڙيو. گرونانڪ ۽ ڪبير ڀڳت ٻئي ڀکشو ڀڳتي وديالن جا شاگرد هئا. بيراڳين ۽ جوڳين جي اثر هيٺ علامه محمد معين ٺٽوي جهڙي شاعر به تخلص بيراڳي رکيو. وڌيڪ احوال ڏسجي جناب مولائي شيدائي جي ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ (1954ع) تان. حسين بن منصور حلاج بابت پتو سندس ڪتاب، ڪتاب الواسطين مان پوي ٿو.

رانجهن به جوڳي جي نالي جي آڙ وٺي هير جي علاج جي بهاني سان ان سان ملندو رهيو، جيسيتائين ڦڪڙ ڦاٽو، برن ۾ ڀٽڪڻ ڪري اهي جوڳي مٿي جا وار ڀنڊ ڪري ڇڏيندا هئا، جيئن تتي ٿڌي کان مٿو بچيل رهي، پر تڏهن به ڊڪ ڊوڙ، اس ۽ بک اڃ سبب هنن کي اهڙي دوا جي تلاش ٿي جيڪا کين طراوت ۽ سڪون بخشي. تحقيقاتي مخزن الادويه جو مصنف لکي ٿو ته اهڙي ٻوٽي جيڪا سنڌ ۾ پاڻهي پيدا ٿيندڙ هئي سا هنن ڳولهي هٿ ڪئي. اها هئي ڀنگ، جيڪا پوءِ ايران پهتي ۽ اتان الاموت جي قلع ۾ پهچي هشيش وارا هانڃا ڪيائين. هو وڌيڪ صفحه 188 تي لکي ٿو ته جوڳي، ويراڳي، سنياسي، ساڌو، ميراسي ۽ ملنگ سڀ هن ٻوٽي کي کائڻ يا گهوٽي پيڻ کي لڳي ويا. هن جي اثر هيٺ هو اس ۾ به مٿي تي جهڙ ڏسڻ لڳا، تري ۽ تازگي محسوس ڪرڻ لڳا، وهمي خواب خيال وڌيڪ مضبوط ٿيل بلڪ حقيقت ۾ بدليل ڏٺائون، سڪل پيٽ ۾ بک محسوس ڪرڻ ۽ کاڌي جي طلب ڏٺائون، ذهني تحريڪ محسوس ڪرڻ لڳا، تنهنڪري ڀنگ ۽ ان جي پيداوار جهڙوڪ آفيم، چرس وغيره جو رواج پئجي ويو، حالانڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ انهن جا نتيجا تباهه ڪن ثابت ٿيا. جڏهن آريا آيا تڏهن جوڳين جي اثر هيٺ هنن به اهڙي نشيدار ٻوٽي ڳولهي لڌي، جنهن کي سوما سڏيو ويو. اها هماليه جبل تي پيد اٿئي ٿي. پر سنڌ جي هندن ڀنگ کي سکي جي نالي ۾ جاري رکيو، ڇاڪاڻ ته ممسڪ ۽ پيشاب آور پڻ آهي. انهن کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن ۾ به ان جو واپرائڻ پکڙجي ويو. جوڳي سمجهندا هئا ته آفيم نانگ جي ڏنگ جو ترياق آهي. زالون ٻارن کي رات جو مٺي ننڊ ڪرڻ لاءِ آفيم تي هيرائنديون هيون.

نانگ جي زهر جي علاج لاءِ اول سنک جي خاڪ ڪم آڻڻ لڳا. سنک هنن کي سامونڊي ڪناري لڳ هنگلاج وٽ مليا هوندا ۽ اهي مذهبي پوڄا پاٺ ۾ وڄائڻ لاءِ به ڪتب اچڻ لڳا. ساڳيءَ طرح ڪچ ڪوڏين کي به دوا طور استعمال ڪرڻ جو طريقو معلوم ڪيائون. ڪچ ڪوڏيون، لونک ۽ ڦوٽا منهنجيءَ سانڀر واري زماني ۾ به چندن هارن ۾، سڳين ۾، ۽ موڙن ۾ (جيڪي گهوٽن کي ٻڌا ويندا آهن) پوتا ويندا هئا. جڏهن اهي بيڪار ۽ پراڻا ٿي ويندا هئا، تڏهن ٻار ۽ زالون اهي هڪ هڪ ڪري کائيندا ويندا هئا. هنن جو وات ۽ ڏند انهن جي اثر ڪري صاف، مضبوط ۽ خوشبودار رهندا هئا ۽ هاضمي تي به سٺو اثر پوندو هون. جوڳي مرلين ۾ ڪچ ڪوڏيون جڙاءَ طور وجهي ايندا هئا ۽ ڏاندن جي مکڻهاري ۽ جهل تي به انهن جو جڙاءُ هوندو هو. ميهڙ جي سيٺ هيمنداس جي جاءِ شاهي بزار ۾ آهي، جنهن جي مهاڙي تي گچ سان ڪچ ڪوڏين جو واهه جو ڪم ٿيل آهي. ان جا ڪي حصا اڃا سوڌو سلامت بيٺا آهن.

جوڳين، ماڻهن کي قيمتي پٿرن کان به واقف ڪيو. هو ڪنڌ ۾ بلور جا هار، ڪهربا شمعي جا هار، عقيق جا هار، ملي جي مڻڪن جا هار وغيره پائي ايندا هئا ۽ ماڻهن کي پڇڻ تي انهن جا ڪرشما ٻڌائيندا هئا ۽ قيمت تي يا لٽي ڪپڙي اناج وغيره جهڙي جنس تي ڏيئي ويندا هئا. نانگ جي مڻ پڻ وڪڻندا هئا، جي ماڻهو گهڻو ڪري وٺي رکندا هئا، جو گهرن ۾، وٿاڻن ۾ ۽ گهرن جي آسپاس وارين لين ۾ جتي ٻهراڙي جو زالون حاجت ضروري لاءِ اُٿنديون ويهنديون هيون، اڪثر وڇون ۾ نانگ هوندا هئا. ڏنگ جي جاءِ تي مڻ کي رکبو هو ته، چون ٿا ته چهٽي پوندي هئي ۽ ٿوري ويرم پڄاڻان ان کي لاهي ڪنهن سخت شيءَ تي ٺوڪيو هو ته قطرا وهه جا ٽپڪي ڪري پوندا هئا. اهو تماشو اکين سان ڏسي ماڻهو نوبنو ٿي ويندو هو. مون کي هن جو ذاتي تجربو ڪونه ٿيو آهي، باقي ملي جي مڻڪن کي مون پاڻ آزمايو آهي. اهي خاص قسم جا پٿر آهن، جن ۾ نر ۽ ماد آهن. انهن کي ملائي ڌاڳي ۾ پوئي هار وانگر بنائي رکبو آهي، جو وچ ۾ سل نڪتل هوندا اٿن. پر ڌاڳي ۾ پوئڻ کان اڳ ۾ وٺڻ وارو انهن کي کير ۾ پسائي رکي ۽ پوءِ ڌوئي صاف ڪري پوئي. ان بعد جڏهن به ڪنهن ڀاتيءَ کي خناق يا ڪلين جي اٿاڻ يا ڳلي جي ڳوڙهن جي تڪليف ٿئي، تڏهن اهي پنهنجي ڪنڌ ۾ وجهي ڇڏي. ٻن ٽن ڏينهن اندر تڪليف دور ٿي ويندي آهي. ڪم آڻڻ کان پوءِ وري کير ۾ وجهي ڌوئي صاف ڪري رکجن ۽ ستن پئسن جي مٺائي وٺي الله جي نالي پيران پير دستگير جي واسطي سان ورهائي ڇڏبي آهي. نه ڄاڻان هي به خيال جو اثر آهي يا پٿرن جو تاثير آهي. چون ٿا ته لاهوت لامڪان ۾ اڃا سوڌو قيمتي پٿر لڀن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته هنگلاج کان موٽندي لاهوت لامڪان جي ٽڪرين مان جوڳي اهي قيمتي پٿر هٿ ڪري ايندا هجن يا عربستان تائين سفر ڪري اتان آڻيندا هجن انهن کان پوءِ ملنگن ۽ قلندر جي فقيرن هن رواج کي زور وٺايو. رازي، ڪتاب الخواص ۾ لکيو آهي ته حجر يرقان کي گلي ۾ ٻڌڻ سان يرقان ڇڏي ٿو وڃي.

شاهه ڀٽائي انهن جوڳين جي ياد کي هميشہ لاءِ سر مومل راڻي، پورب ۽ رامڪلي ۾ پلٽي ڇڏيو آهي.

جڏهن چانورن، ماهئي کير ۽ مکڻ کائڻ سبب سنڌين گوشت کي حد کان وڌيڪ وڌندو ڏٺو، تڏهن هنن توازن کي پوري رکڻ لاءِ هڏن جي پڃري کي چوني يعني ڪئلشم سان وري مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه سوچي. ان لاءِ هو مرجان، مڇي، ڦاڙهي جو سڱ ۽ موتي ڪتب آڻڻ لڳا. ابرڪ ۾ سليڪان جو جزو ٿو ٿئي، جو گوشت، جهلين ۽ پردن ۾ خشڪي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ٿو ڏئي. چٽي جي مرض ۾ رت ڦٽي پوندو آهي ۽ منهن تي اڇا اڇا ٽڪا ظاهر ٿي پوندا آهن. انهن جي لاهڻ لاءِ يڪ رنگي ڪانوَ جي هڏڙن جو هار ٺاهي پاتو ويندو هو. اهو ڪم سر کاهوڙي ۾ ذڪر ڪيل پورهيت ڪندا هئا. وڏي کنگهه جي زور ڀڃي پوڻ بعد باقي اثرن کي دور ڪرڻ لاءِ لالڙي ڪٻر، جيڪا ڀڏن ۾ ٽنگ ڪري آکيرو ڪندي آهي، سا ماري پچائي کارائي ويندي هئي. سنڌ ۾ بازن جي شڪار جو شوق هوندو هو. انهن لاءِ طعامي لاءِ ڪانو کپندا هئا، جي پڻ سر کاهوڙي وارا غريب مسڪين فقير ۽ پورهيت ڦاسائي اچي وڪڻندا هئا. انهن کي چڙي مار به سڏيو ويندو هو. هيڙهن کي (ڀوري ميٽالي رنگ جو ننڍو پکي، ڊگهي پڇ سان اڪثر وڏن لوَن ۾ رهندڙ) ماري انهن جو شروو يرقان  ۾ جلندر واري کي پياريو ويندو هو. لوي جو ٻور ڪاڙهي تپن کان پياريو ويندو هو. سر کاهوڙي وارا لاڻي پٽي آڻيندا هئا، جا کار وانگر ڪپڙن کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندي هئي. ڊاماهو ۽ کپ خبيث ڦٽن ڦرڙين جي ڇڏائڻ لاءِ اڃا سوڌو ڪم پيا اچن.

ستين ۽ آخرين درجي ۾ اهي سر کاهوڙي وارا ماڻهو آهن، جن سنڌي طبي علم جي اپٽار ڪئي يا بهتر آهي ته چئجي ته طبي حڪمت عملي جو رستو گهڙيو. انهن ۾ سنياسي (شنياسي) به شمار ڪرڻ گهرجن جيڪي برن پٽن ۾ رلي ڌڪا ڌوما کائي اهڙيون ٻوٽيون يا شيون هٿ ڪندا هئا، جهڙوڪ شينهن جي چرٻي، سانڊي جو تيل، ريگ ماهي جي گڦ، نانگ جي کل ۽ وهه ۽ چرٻي، سلاجيت، مهماءِ، ميمري، وغيره. هو انهن جڙين ٻوٽين سان ڪشتا ماري وڪڻندا آهن ۽ ڪيمياگري جي ڪوشش پيا ڪندا آهن.

سنڌين کي موتين جواهرن، ٻين قيمتي پٿرن، خوشبودار مصالن، مرجان وغيره سان واسطو  سامونڊي واپار رستي پيو، جو سنئون سڌو سرانديپ، ايراني نار رستي بصره ۽ بغداد ۽ ايران سان، ۽ ڳاڙهي سمنڊ رستي عدن، تدمر، پيٽرا، برنائيس، ميوس، هرموس صيدا ۽ صور سان ۽ مصر سان هلندڙ هوندو هو. وي گارڊن چائيلڊ لکي ٿو ته سنڌين جا غوراب عربي سمنڊ رستي بابل تائين پهچندا هئا(1).

سنڌي عورت جي حڪمت عملي ۽ طب

سنڌي عورت جو قد ڊگهو ۽ سڄو بدن يڪ ڪرو ۽ لسو، ٻن سڌين ليڪن ۾ سموهجي وڃڻ وارو هوندو هو. گنڌارا جي فنڪاري واري ڳوڙهن ۽ ڳنڍن، گاٽنِ ۽ گپن، هڪ ڄنگهه ٿلهي ته ٻي سنهي واري عورت جا مجسما پوءِ جي اثرن ۽ ڌارين جي تهذيب جي پيداوار آهن. ڪم ڪار ڪرڻ واري، ٻار ڄڻڻ واري عورت جي ڇاتي لسي، ڍاڪون ٻاهر نڪتل ڪونه ۽ ڍڍر، ٻانهون ۽ ڄنگهون هڪ جهڙيون سنهيون ۽ سڌيون ٿينديون آهن. گجن کي اُرهه واريءَ جاءِ تي ڪاون ۾ ڀرت جو جڙاءُ به ان ڪري ڪيو ويندو هو ته ڇاتي کي اڀرڻ جي بجاءِ هيٺ دٻيل رکن. ويتر جو اڳيان دامن وٽ انهن ۾ کيسو وڌو ويندو هو تنهن ۾ پيل بار جي زور تي سيني کي سڌو رکڻ ۾ مدد ڪندو هو. سنڌي عورت مرد جي هر ڪم ڪار ۾ مدد ڪندي هئي ۽ مرد عورت جي رڌ پچاءِ ۾ ۽ ٻارڙن جي سنڀال ۾ سار لهندو هو. عرب جو اديب جاحظ پنهنجي هڪ رسالي ۾ لکي ٿو ته سنڌي مرد عمدو کاڌو تيار ڪندا آهن. مرد ۽ عورت جو پاڻ بيحد پيار ۽ پنهنجي گهر سان ۽ ٻارن ۽ مال متاع سان الفت هوندي هئي. رات جي وقت واهيري ويل سنڌي پکين کي به ڦاسائڻ يا ٽاهه ڏيڻ پاپ سمجهندا هئا.

تنهنڪري سنڌي عورت شڪار، کيتي، مال چارڻ توڙي طب ۾ پوئتي وک نه وڌي، بلڪ پنهنجي مرد سان ڪلهوڪلهي ۾ ڏيئي بيٺي هوندي هئي. اڄ به سارين جي رونبي ڪرڻ وقت زالون ۽ مرد گڏ مراين هڻندي ڏٺا پيا وڃن. لاب پيا لاهن ۽ وُل پيا ڍوئن.

ڊگهي قد ۽ يڪ ڪري لسي بدن کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌي عورتن ٻنڌڻ يا تنجڻ جو دستور ڪڍيو. ٻارن کي ڪپڙي جي ڦتيلن ۾ ڪلهن کان وٺي مرن تائين سوگهو ٻڌنديون آهن. رڳو ڳچي، مٿو ۽ پير خالي ڇڏينديون آهن، جيئن بدني واڌ مٿي ۽ هيٺ ٿئي ۽ عضوا هڪ ڪرا بيهڪ وٺي وڃن ۽ ڏنگا ڦڏا يا ڪٿي ٿلها ڪٿي سنها نه ٿي وڃن. ٻارن جي ابتي يا پاسيري سمهڻ کان سئو ڪوهه پري ڀڄنديون هيون. گوڏا ڪجهه مٿڀرو ڪري ڇڏينديون هيون. جڏهن مون امريڪن خلائي جهاز ۾ ٻن سفر ڪندڙ هوابازن جو مخصوص تنگ لباس ڏٺو، جنهن ۾ انهن کي وجهي خلائي جهاز هلائڻ واري جاءِ ۾ خاص طرح تيار ڪيل ڪوچ تي ليٽايو ويو هو، تڏهن يڪدم تنجڻ ۾ جڪڙيل ٻار جي شڪل اکين اڳيان ڦري وئي. فوٽي ۾ هواباز به گوڏن کي مٿڀرو ڪيون انهيءَ شڪل تي ٺهيل ڪوچ تي ليٽيل هئا. بدن جي سڪون ۾ آرام لاءِ سائنسدانن هن ائٽم جي زماني ۾ اها ليٽڻ جي طرز ڳولهي لڌي، جا سنڌي مائرن جي مامتا پنج هزار سال قبل مسيح محسوس ڪئي هئي. ٻار کي سڌي سمهارڻ وقت هن کي مٽي پوئين حصي هيٺان ٺڪر جو گول ٿانوَ رکنديون هيون، جنهن ۾ مغز جو پويون حصو ڦهڪي ويندو هو ۽ وڏي لاءِ مغز گول يا چوٽي طرح مٿي واڌ ڪيل يا مغز جي اڳئين حصي سان مليل ٺهي ويندو هو، جنهن کي چوندا هئا ته مٿو ”ويٺل“ اٿس. اهو علاج هن واسطي ڪنديون هيون جيئن ڪياڙي پاسي مغز جي ڏولهه پٺتي نه نڪري پوي. هنن جي خيال ۾ اهڙي لولهيري مٿي وارو ماڻهو شيطان گيري ۽ حيوانيت ۾ برک هوندو آهي. جنهن جو نرڙ وري اڳتي گپ وانگر نڪتل هوندو آهي، ان کي خود غرض ۽ اڳرائي ڪرڻ وارو ڄاتو ويندو هو، تنهنڪري تري جي زور سان نرڙ کي ويهاري لسو ڪري ٻئي منهن جي برابري ۾بيهاريو ويندو هو. سرائي جي نوڪ جي زور سان کاڏي ۾ چاهه غضغب ۽ ڳلن تي چگهه Dimple)) ٺاهيو ويندو هو. چون ٿا ته کاڏي جو اڀريل هجڻ قوت ارادي جي نشاني آهي، پر چاهه غضغب کان سواءِ آڪڙ ۽ غرور پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. ڳلن جي چگهه نه رڳو کلڻ وقت محبوبي شان پيدا ٿا ڪن پر مِٽر ماڻهو هٺيلو ۽ خود غرض هوندو آهي. شاعرن چاهه ذقن تي خوب شعر ٻڌا آهن ۽ اُن جي چاهه ۾ چڪناچور ٿيندا آهن.

ٻارن کي صبح جي اُس ۾ آڍ ڏيڻ سان سنواريو، سڌاريو ۽ رُئاريو ويندو آهي. ائين ڪرڻ سان هنن جي ورزش ٿي وڃي ٿي. عضوا ڊولائتا بنجن ٿا ۽ ڦڦڙ مضبوط سٺي طرح ساهه کڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿيون. اُس ۾ انهيءَ ورزش جي ڪري وٽامن ڊي بدن پيدا ڪري ٿو ۽ ٻار جا هڏا مضبوط ٿين ٿا. ٻار جي ڏندن جي نڪرڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي ته سيهڙ جا اڳيان ٻه ڏند هٿ ڪري هن جي گلي ۾ وڌا ويندا هئا، ڇاڪاڻ ته سيهڙ ۾ اهي اول ۽ آخر هوندا آهن. ڪوهه طور جو ڪارو سرمو گلاب جي پاڻي يا نم جي رس ياترن جي سفيد گلن جي رس ۾ پيهي پامال ڪري سرائي چاندي جي ساڻ اکين ۾ وڌو ويندو هو ته اک چيروائين چمڪدار ۽ کليل  رهي ۽ تارو ۽ دوڏو صاف شفاف، سفيد ۽ خشڪ رهي. اک جي بيڪار پاڻيٺ، ميل ۽ ڍرائي کي اهڙو سرمون ڪچي ٿو ڇڏي. سرنهن جي تيل جي تاثيرن بابت اڳيئي ڪجهه لکجي چڪو آهي. هي علاج بالمثل جو اوائلي اصول ٿو ڏسجي.

ماتا جو ملڪ ۾ چوٻول ٻڌبو هو ته مائر ٻارن کي ٻه - چار داڻا سچن موتين جانيراني ڳهائي ڇڏينديون هيون ۽ مرد ٻاهر اُسهندو هو ته پڳ جي ور ۾ هڪ بصر وجهي ڇڏينديون هيس. ڏوري ۾ امام ضامن جو رپيو پڻ ٻڌو ويندو هو جو هر آفت جي ٽري وڃڻ بعد خير خيرات ۾ ڪتب آندو ويندو هو. ان زماني ۾ خبر نه آهي ته ڪهڙي ديوتا يا ديوي يا طاقت ڏانهن ان کي منسوب ڪيو ويندو هو. منهنجيءَ راءِ ۾ هن رسم جو بنياد ڪنهن مذهبي عقيدي کان وڌيڪ اقتصادي نظر ٿو اچي، اهو بحث به اڳتي ايندو.

گهر ۾ اڪثر وڏيءَ عمر واريون عورتون ٻارڙن جو علاج پاڻ ڪنديون هيون. لوبان جي جلائڻ جو رواج به هوندو هو، جنهن مان ڏسجي ٿو ته مڇر مهين جيت جڻئي کي ڀڄائڻ ۽ جيوڙن کي مارڻ ۽ گهر کي خوشبودار رکڻ جي هنن کي اوائلي اون هوندي هئي. سرميداڻين ۽ سراين جي نهايت سهڻن نمونن مان ان جي استعمال جي اهميت جي کڙڪ پوي ٿي. منهنجي سانڀر ۾ اسان جي آسپاس ٽي ڏاهيون هونديون هيون، جي ٻارن جو علاج ڪنديون هيون. جا کاري کٽي ستي ٻارن لاءِ عام جام ڪم آندي ويندي هئي، ان جو مکيه نسخو هن ريت آهي، پوءِ مرض جي حالت پٽاندر ان ۾ ڪنهن وکر يا ٻن وکرن جو واڌارو ڪيو ويندو هو،

ڊاک ڪاري، ڪڻ ڏاڙهن جي، سڪل ڦودنو، ڦوٽن ننڍن جي ڪڻ، مرچ ڪارا،وڏف. هنن وکرن کي رات جو ٺڪر جي ٿانو ۾ پاڻي ۾ پسائي رکبو هو ۽ صبح جو ٻه جوش ڏياري لاهي ڇاڻي ڏينهن ۾ ٻار کي ٻه دفعا ڏبو هو. دمڪشي لاءِ مساڳ وڌيڪ وجهندا هئا. ان وقت هر هڪ وکر پاڻي جو  ڪافي ٿيندو هو.

وڇونءَ جي ڏنگ تي ڦيڻو پڙهيو ويندو هو يا دالچيني جو تيل لڳايو ويندو هو. درد گرده لاءِ گندرف سنهو پيهي ڪڻڪ جي داڻي جيترو مکڻ ۾ نيرانو ڳهرايو ويندو هو. ترن جا تازا سفيد گل کارايا ويندا هئا ته اکيون نه اٿن ۽ اڪ جون تازيون ڦلڙيون کارايون وينديون هيون ته هاضمه قوي ٿئي. ڇڪي جي مرض لاءِ عورتون داين کان هٿ به هڻائينديون هيون ۽ سچين ڪوڏين کي اڱرن تي ڦلائي ان ۾ هم وزن جعفر ۽ ڳڙ ملائي صبح ۽ شام جو پاڻي سان وٺنديون هيون.

جيئن ته چاڙهه ٻاڙهه جو اڪثر وقت ڪونه ملندو هون، تنهنڪري گهر ۾ پاروٿي ماني، مکڻ ۽ ماکي، ستن، ترن جي بوڻينڊن وغيره جي ٺاهي رکڻ جو رواج هوندو هو. موچارن گهرن ۾ مٺي ماني، جنهن ۾ کنڊ گيهه، ڪارا مرچ، چٽو جيرو ۽ ڦوٽا پوندا هئا، سا ٽلهي ڪري پچائي رکي ويندي هئي ۽ ٻن ٻن ڏينهن تائين خراب نه ٿيندي هئي. سفر ۾ اسهڻ وقت به زالون، ستون يا مٺي ماني ٻڌرائي کڻائينديون هيون.

علاج لاءِ مرد حڪيم ڪجهه به ڪونه وٺندا هئا. غريبن کي ته دوا به مفت ملندي هئي ۽ ماني به کارائي ڇڏيندا هئا. باقي نسخو پنساري ڏانهن لکي ڏيندا هئا، جتان ٿورڙي بها ۾ اصل ۽ تازيون شيون ملي وينديون هيون يا باغن کيتن واهن جي ڀر تان تازيون جڙيون ٻوٽيون هٿ ڪيون وينديون هيون. اڄ سوڌو زنانا ڏس پتا اڪسير جو ڪم پيا ڏين. منهنجي وڏي ڌيءَ کي پهرين ويم ۾ کاٻي ڄنگهه ۾ اچي سخت سور پيو. سور اهڙو هو جو رڙ هيٺ رڙ مٿي لڳي پئي هئي. سڄي آڪهه انتظار ۾ اچي وئي. مرض تي نالو سفيد درد رکيو ويو. سول سرجن، ڊاڪٽرن، طبيبن گهڻائي علاج ڪيا، پر ڪو فرق ڪونه پيو. آخر گهڻي لوڙڻ کان پوءِ هڪ غريب عورت، جا پڇڻ لاءِ آيل هئي، تنهن ڏس ڏنو ته جهنگ مان تازو اوئن گاهه ۽ ساٿر پٽرائي ڪونڊي ڏنڊي سان گهوٽرائي لپري ڪري سور جي جاءِ تي اڳڙي سان ٻڌي ڇڏيو ته خير ٿي ويندو. ائين ڪرڻ سان چوويهن ڪلاڪن ۾ سور لهي ويو، باقي گهڻي وقت جي تڪليف سبب ڄنگهه ڪمزور ٿي وئي هئي، سا ٽنڊي سائينداد جي سرهندي بزرگن جي علاج سان ٺيڪ ٿي وئي.

شايد ڪن ڪٽ ڪاپڙين جو هڪڙو ڏس آهي جو ٻار جي خصئي وڏي ٿي وڃڻ تي عورتون ڪنديون هيون. اُلٽي طرف واري ڪن جي وچ ۾ سئيءَ سان ٽنگ ڪڍڻ تي خصيو خصين جهڙو ٿي ويندو هو. هي هڪ ٽڪ علاج آهي. ٻار جو ڪاڪڙو ڪري پوندو هو ته مٿي تي اسپنگر جي لپري رکنديون هيون، يا نم جي چهي سان ڪاڪڙو مٿي کڻنديون هيون، مکڻ ۽ مٽي ڪت مکي.

چوپائي مال ۽ ڪڪڙن ڪڪڙين جو علاج به گهر ۾ ئي ٿيندو هو. ان وقت ايتريون پيچيديون ۽ مهلڪ بيماريون ڪونه هونديون هيون. آب وهوا ۽ غذا صحتمند هوندي هئي. ترت ئي بيماري دفع ٿي ويندي هئي. ڪوڪڙو، يعني مرغي جي زبان تي پيدا ٿيل سخت ڇلڪو ته ننهن سان اکيڙي ۽ اڊيڙي وٺبو هو ۽ پوءِ مرغي کي ٿوم ڳڙ پنير ۽ جاڻ ڪٽي کارائي ڇڏبي هئي. مال جا ٿڻ پچي پوندا هئا يا انهن ۾ ڳڙڪون ٿي پونديون هيون ته عاج جو ٻورو ڪٽي ۾ ملائي کارائڻ سان خير ٿي ويندو هو. عاج نه رڳو زيور طور پر علاج ۾ به ڪم ايندو هو.

مال جي وڏين بيمارين لاءِ ڪيترا مال جا ڏاها موجود هوندا هئا، جي اثرائتو علاج ڪندا هئا. اسان جي آسپاس هڪ ڏاهو انبار جي ڳوٺ ۾، ته ٻيو سيالن جي ڳوٺ ۾ هوندو هو. دُٻن ۽ ڍنڍن ۾ ڄئورون عام جام هونديون هيون ۽ اڪثر مال جي پيٽ ۾ يانڙيءَ ۾ هليون وينديون هيون ۽ انهن جي ڪڍڻ جو علاج ٿيندو هو. هيءُ هڪ جدا باب آهي، پر هت رڳو ان ڏانهن اشارو ڪرڻ ڪافي آهي. ساڳئي طرح ڦٽ ڦرڙين ۽ سير ڇوڙڻ، طهر ڪرڻ يا جراحي لاءِ حجم هوندا هئا، باب آهي. سورنهن سينگارن تي جدا ڪتاب لکيل آهي.

سنڌ ۾ ذهني علاج

کليل هوا، پاڻي، اُس ۽ وارياسي خشڪ زمين تي سخت پورهئي پال ۽ جاکوڙ ڪرڻ ڪري خاص ڪري زالن ۽ مردن کي دماغي ۽ ذهني امراض پيدا ٿيندا هئا، جن جو ڪجهه ڪارڻ معاشرتي يا جنسي پيچيدگيون پڻ هونديون هيون، ڇاڪاڻ ته اوائل کان ئي هتان جي تهذيب ۽ تمدن ڪافي منجهدار ۽ ڳوڙهو هو. ”موهن جي دڙي جي هڪ سونهين“(1) ۾ صفحي 2 تي مڃيو ويو آهي ته پنج هزار سال اڳ جي لڳ ڀڳ جڏهن هي سنڌو ماٿري جي تهذيب اُڀري تڏهن ئي اها اِنڊو - آرين اثر کان سواءِ ئي ڳوڙهي شهري تمدن جي صورت اختيار ڪيل هئي. صفحي 7 تي لکيو ويو آهي ته سڪندر اعظم جي فتح کان پوءِ ئي سنڌ طبعي حالتن جي مٽ ڦير سبب اوائلي چوماسي دائري کان نڪري وئي ۽ سنڌ جي رفته رفته تباهي ٿي وئي.اهڙن دماغي مرضن ۽ ذهني پريشانين جو علاج ساز سرود، سوال جواب ۽ جسماني عذاب ڏيڻ سان ڪيو ويندوهو،جو انهن ڪيفيتن لاءِ دوائون بيڪار ڄاتيون وينديون هيون. هن علاج لاءِ خاص مرڪز هوندا هئا، جي اڃا سوڌو هلندا اچن. انهن کي محض جن ڀوت ۽ جادو جا اڏا سمجهي انهن جي سائنسي اهميت کي نظرانداز ڪرڻ هڪ وڏي ناانصافي آهي. جاهل انهيءَ کي ”جن ڪڍڻ“ ڀل سڏن يا ڪو ٻيو نالو ڏين، پر هن طريقه علاج جو اثرائتو هجڻ هڪ مڃيل معاملو رهجيو وڃي. يورپ ۾ هينئر ساڳي طرح سرود ۽ سوالن جوابن سان علاج ڪيو پيو وڃي ۽ ان تي سڀ واهه واهه پيا ڪن، مگر اسان جي ساڳئي قديم علاج کي وهم، ڀرم، جادو ۽ جک مارڻ سڏي لوئيو پيو وڃي. هن بابت وڌيڪ احوال مذهب جي بحث ۾ ايندو.

”وادي سندهه کي تهذيب“ ۾ محمد ادريس صديقي (1). . لکي ٿو ته موهن جي دڙي جا ماڻهو رقص ۽ سرود جا وڏا شوقين معلوم ٿا ٿين، جنهن جو ثبوت رقاصہ جو اهو ڪنجهي جو بنايل بت آهي. اهڙيءَ طرح هڙاپا ۾ به پٿر جو هڪ مجسمو لڌو ويو آهي، جنهن کي رقص ڪرڻ جي حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

اهڙن مرڪزن تي بيمار جي اچڻ بعد اتان جا مقرر پير، خليفا يا فقير مريض سان رات جو انڌاري ۾ مجمع ماڻهن جي ۾ ملي اول سوال جواب ڪندا آهن، جن مان مريض جي ذهني ڪيفيت جو صحيح اندازو لڳائيندا آهن. هن طرز عمل جو ذڪر مولانا رومي پنهنجي هڪڙي مثنوي جي قصي ۾ به آندو آهي، جنهن ۾ بادشاهه جي هڪ بيمار ٻانهي جو احوال ڏنل آهي، جنهن کان سوال جواب ڪري هن جي عشق جو پتو طبيب لهي، ان جو تدارڪ ڪري علاج ڪري ورتو هو. سوال جواب بعد، چيلهه کان مٿي (ڌرتي تي پلٿي هڻي ويهڻ ) سرندي جي ساز تي جهومڻ، يا بند ۾ رکڻ يا جسماني تڪليف ڏيڻ، جنهن ۾ پاڻيءَ ۾ خاڪ وجهي پيارڻ به اچي ويندو آهي، جو فيصلو ڪندا آهن. چرين جي اسپتال ۾ بجلي جو ڌڌڪو ڏئي علاج ڪرڻ ته هزار درجي هن کان وڌيڪ عذاب وارو آهي. اهي پير، خليفا ۽ فقير وڏا حڪمت عملي جا ماهر، هوشيار ۽ پرهيزگار هوندا آهن. پرهيز سنڌين جي جان ۽ ايمان آهي. ملهه به خاص پرهيز ڪندا آهن ۽ هاري به هر نه اورانگهندا آهن ۽ تڙ سان ماڻهو ٻيڙي ۾ سوار نه ٿيندا آهن. تيار اناج جي راهه کي چوڌاري ليڪو ڪڍيو ويندو آهي ۽ مٿي ميرو ماڻهو ان جي اندر پير نه پائيندو آهي. باقي رهيو سوال مڪر ۽ فريب جو، سو عنصر ته زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي مان خارج ڪري نٿو سگهجي. جسماني تڪليف ڏيڻ سان هڪ ڪارج اهو به سرندو هو ته ٺوڳي ۽ سڌڙيا اهڙن پڙن ۾ سعيو ڪري پير پائڻ کان ڪيٻائين. سنڌين جو ٻيو پراڻو عقيدو اهو آهي ته جڏهن دماغ ۽ باقي جسم جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون پورو نٿو رهي تڏهن ذهني پريشاني پيدا ٿي ٿئي. ان لاءِ هڪ علاج مارَ کي مڃيندا هئا. تنهنڪري ئي اهڙا پهاڪا اسان جي ادب ۾ اچي ويا، جهڙوڪ سوٽي هجي ساڻ گڏهه گوهي نه ڪري، يا ٻار جي سنوار آهي ماريا مار موچڙي ۾ وڏي ڪلا نه آهي، يا هڻ ڌيءَ کي ته نهن سکي، يا کڻ کلو ته ٿئي ئي ڀلو وغيره. اڳوڻا استاد جو مارون ڏيئي شاگردن کي سڌاري دستاربند بنائيندا هئا، سو رڳو ظالمانه ۽ جاهلانه عمل نه هوندو هو، پر ان جي پٺيان مٿيون عقيدو لڪل هوندو هو.

نيره تعلقي ميهڙ ضلعي دادو واري مرڪز ۾ چرين کي ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏڻ ۽ ٻئي ڏس پنڌ ڪرڻ سان ڇڏايو ويندو هو. شاهه گودڙئي، پير گاجي، ميان نصير جا مرڪز وري ذهني پريشاني جو علاج ڪندڙ آهن. جيءُ سڀ دادو ضلعي اندر آهن. مون پاڻ وڃي انهيءَ غور ۽ خيال سان اتي ٿيندڙ ڪرتب ڏٺا آهن ۽ مون کي رڳو مڪر ۽ ڌوڪو نظر آيو. هزارها مريض سچ پچ چاق چوبند ٿيندا رهن ٿا. رڳي ڌوڪيبازي ايترو جٽاءُ نه ڪندي آهي. اسان وٽ پنهنجي سٺي شئي کي به نندڻ وارا جام پيا آهن ۽ ٻيا پنهنجي بري شئي کي به آسمان تي چاڙهيو ڇڏين.

سنڌ جي طب ۽ تهذيب جي قدامت

هن باري ۾ جيڪو بهترين مواد ۽ شاهد منهنجيءَ نظر مان نڪتو آهي، سو آهي ڊاڪٽر رستم جل وڪيل جو مضمون، جيڪو السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا ۾ شايع ٿيو آهي (1) . هندستاني طب جا هو هن طرح مکيه دؤر مقرر ڪري ٿو:

(1)     2500 ورهيه قبل مسيح کان آڳاٽو، تاريخ کان به اڳ جو دؤر.

(2)    2500 ورهيه قبل مسيح کان وٺي 1500 ورهيه قبل مسيح وارو دؤو، جيڪو ويدن کان اڳ وارو عرصو آهي ۽ سنڌو ماٿري يا هڙاپا تهذيب جو زمانو شمار ڪيو وڃي ٿو.

(3)    ويدڪ زمانو، جو 1500 ورهيه قبل مسيح کان شروع ٿي 800 ورهيه قبل مسيح تي ختم ٿئي ٿو.

(4)    800 ورهيه قبل مسيح کان 600 ورهيه قبل مسيح وارو برهمڻي يا برهمنا - اپانيشاد عرصو.

(5)     600 ورهيه قبل مسيح کان 200 ورهيه بعد مسيح وارو ٻڌن جو دؤر، جنهن ۾ طب عقليت واري ٿيڻ لڳي.

(6)    200 ورهيه بعد مسيح کان پوءِ جو زمانو جنهن ۾ هندستاني طب جو زوال شروع ٿيون.

اسم نمبر 3 واري ويدڪ زماني کي هو اوائلي فلسفي ۽ طب جو زمانو ٿو سڏي، جنهن ۾ هن جي خيال موجب چار ويد - هر هڪ رگ ويد، يجر ويد ۽ اٿروا ويد لکيا ويا. انهن مان اٿروا ويد جو هن جي خيال موجب 700 ورهيه قبل مسيح لکيو ويو. تنهن هڪ سوَ چوڏهن کي جيترا شبد طب سان تعلق رکندڙ ملن ٿا.

هو مڃي ٿو ته آرين جي سنڌو ماٿريءَ تي چڙهائي 1500 ورهيه قبل مسيح ٿي، جڏهن ويدڪ زمانو به شروع ٿيو. ان بابت جناب مير رحيمداد مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ ۾ ٽن معتبر ڪتابن جي راءِ تي بيهندي لکيو آهي ته ”آريا جڏهن سنڌو جي ميدان ۾ ڪاهي آيا، تڏهن اتهون جا رهاڪو کانئن گهڻو سڏريل هئا. آريا رولو قوم چوپائي مال چارڻ واري هئي. سنڌين وٽ ٻه ٽي ماڙ جايون، وڻج واپار، تور جا سڪا، جوتش ۽ ڪپڙي ٺاهڻ جو هنر، کيتي ۽ واپار وغيره هئا. دراوڙن جي پني قوم، جا سنڌ جي آرچوسيا واري حصي ۾ آباد هئي ۽ جن کي يوناني پرينمي(Pernemi) ڪري پوڪاريندا هئا، تن بابت اي هليبرانت جي ڪتاب ”ويدڪ مٿالوجي“ جلد 1، صفحو 94،برسبلاءُ (1902- 1891) جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ”هنن آرين سان سخت جنگيون ڪيون، جن کي گهڻو ڌڪاريندا هئا، هنن ڪڪرن جو پاڻي به روڪي ڇڏيو هو ۽ سواءِ جنگ ڪرڻ جي آرين جي حوالي دولت نه ٿا ڪن.“

هن مان پتو ٿو پوي ته خود آرين جو سنڌين جي فن، هنر ۽ حڪمت عملي بابت ڪهڙو خيال هو. هن محقق جي راءِ موجب رگويد مهراڻ جي ڪپ تي 1200 ورهيه قبل مسيح کان 1000 ورهيه قبل مسيح جي وچ ۾ قلمبند ڪيو ويو. هن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ وارن جي طبي معلومات مان فائدو ورتو ويو آهي. ڊاڪٽر رستم پنهنجي مضمون ۾ صاف طرح ڄاڻائي ٿو ۽ ته اٿر وا ويد ۾ زهرن، مرگهي، جلندر، چريائي، روزي رکڻ، بدن جي عضون کي ڌوئڻ، تعويذ ٻڌڻ، بخارن، کنگهه، مليريا، پاڻي جي حيات بخش تاثير، ڄورن ڏيڻ ۽ نانگ جي چڪ لاءِ چٽڪلا موجود آهن. هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي طب مان اهي چٽڪلا چونڊيا ويا آهن، جو پاڻي، ڄورن ۽ نانگن سان رڳو سنڌ جو خاص سنٻنڌ هو، جيئن اڳ بحث ٿي چڪو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ جناب مولائي شيدائي راءِ قائم ڪئي آهي ته آرين ۾ ڪٿي به جهاز راني ۽ مڇي مارڻ جو ذڪر ڪونهي. اٽلندو سنڌوندي کي سمنڊ سمجهي ان کي سموندرا جو نالو رکيائون. سمنڊ جي پاڻي کي اورانگهڻ پاپ ليکيو ويندو هو. انهن وٽ مٿي ذڪر ڪيل چٽڪا ٻيو ڪيئن پيدا ٿيا؟

ڊاڪٽر رستم  اهو به صاف مڃي ٿو ته ”اشتنگا آيرويدا جي دؤر ۾ آڳاٽي جادوگري، مذهبي دؤر جي علاج کان هٽي مادي ۽ عقليت واري دؤر ڏانهن اچڻ جو چٽو موڙ ڏسجي پيو.“ هو اهو به مڃي ٿو ته آيرويدڪ دوا جو مرڪز هڪ تڪشيلا ۾ هو ۽ ٻيو ڪاشي ۾.

”واديءَ سندهه کي تهذيب“  ۾ محمد ادريس صاحب صديقي صفحي 156 تي حڪمت جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته ”هتي سمنڊ ڦيڻ، ڦاڙهي جي سنڱ جا ٽڪرا دريافت ٿيا آهن، جن جي موجودگي هن امر ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته اهي ضرور ويدن جي نسخن جو جزو هوندا. سلاجيت به لڌو آهي، جو ذيابيطش، جگر ۽ نقرس لاءِ اڪسير آهي. مٽي جي ٿانون ۾ ڏهه شاخا ۽ مڇي جا هڏا به ڏٺا ويا آهن، جي بک لاهڻ لاءِ يا ٻاهرين طرح ڪن، اک، گلي ۽ چمڙي جي بيمارين لاءِ استعمال ڪيا ويندا هوندا.“ مگر هن غلطي ڪري انهن چيزن کي آيرويدڪ طب سان مليل ڏيکاريو آهي. هوڏهن خود ڊاڪٽر رستم ويدڪ زماني کي 1500 ورهيه قبل مسيح کان شروع ٿيل ٿو مڃي ۽ ٻيا محقق به انهيءَ راءِ جا آهن. لائيف انٽرنيشنل (1) مهراڻ وادي  جي تهذيب تي هڪ عمدو مضمون رنگين فوٽن سان شايع ڪيو آهي. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سنڌو ماٿري جي تهذيب جهوني ۾ جهونين ٽن تهذيبن مان هڪڙي آهي. ٻي آهي فراحا ۽ دجله واري سوميرين تهذيب، جتي هينئر موجود عراق آهي ۽ ٽين آهي نيل ندي واري مصر جي تهذيب... سڌريل انسان جي اُڀار جي عجائبات ۾ سنڌو ماٿري(انڊس ماٿري) هڪ مڪمل ترين ڪرشمو آهي. 2300 ورهيه قبل مسيح ٻه بادشاهي شهر موهن جو دڙو هيٺين ڀاڱي ۾ ۽ هڙاپا مٿئين ڀاڱي ۾ هن تهذيب جا مرڪز بنجي چڪا هئا ۽ هڪ ٻئي کان 400 ميلن جي مفاصلي تي هئا. هنن مرڪزن جو تسلط ذري گهٽ پنج سؤ هزار مربع ميل مهذب ايراضي تي هو. انهن شهرن جون گهٽيون ڪشاديون، جاين جا بلاڪ چورسا، پاڻي جي نيڪال جو بهترين بندوبست، هڪ ضابطه هيٺ ڪيل رٿا موجب تيار ٿيل هيون. ثابتي ملي ٿي ته آڳاٽين تهذيبن جي تاريخ ۾ هي هڪ بي مثال نموني جو هڪ مرڪزي شهري اختياري جو نظام هو... هن ماٿريءَ جا رهاڪو لکي ڄاڻندا هئا. ان جو پوءِ ايندڙ هندستان جي هندن تي ڪي قدر اثر ٿيل ڏسجي ٿو.“ اڳتي هلي مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن ماٿريءَ جون حدون موجوده بمبئيءَ جي اتر ۾ هڪ نقطي کان شروع ٿي عربي سمنڊ جو ڪنارو وٺي ڪراچيءَ جي هنڌ کان ڪافي پري تائين هيون. اندر تي اتر اوڀر ۾ ست سؤ ميل کان مٿي حد وڌيل هئي ۽ اولهه ۾ ٽي سئو ميل هئي. هيءَ تهذيب پنهنجي ڪمال تان پوئتي هٽي رهي هئي. جڏهن اڻ پوري طرح سڃاتل رولو قوم، جنهن کي آريا ٿو سڏجي، آيا، ۽ سنڌو جي مٿئين ڀاڱي ۾ ايراني مٿاهين پٽ کان پهتا ۽ ٻيو يورپ جي هاڻوڪي ڏکڻ اوڀر حصي کان آيا ۽ هڙاپا ۽ ٻين شاهي شهرن جي تباهي آندائون. موهن جي دڙي مان لڌل هڏن مان پتو ٿو پوي ته ماڻهن تي اوچتو حملو ٿيل هو. نئون وارد ٿيلن کي شهري زندگي لاءِ ڪو چاهه ڪونه هو.“

ڊاڪٽر نوح ڪريمر آمريڪا جي پينسلوينيا يونيورسٽيءَ جي عجائب خانه جو سوميرالاجسٽ، پاڪستان ۾ 1960ع ۾ آيو هو اها جاچ ڪرڻ ته سوميرين مٽي جي ميلن تي جيڪو نالو دلمن جو ڏسجي ٿو، سو سچ پچ سنڌو ماٿريءَ لاءِ ڪتب آندل آهي ڇا؟ ڊاڪٽر ڪريمر جي راءِ ۾ اها سيل، جنهن تي دلمن جو نالو اڪريل آهي، سا ارڙهن سؤ ورهيه قبل مسيح جي آهي ۽ سوميري تهذيب ٽي هزار ورهين قبل مسيح کان وٺي ارڙهن سو ورهيه قبل مسيح جي آهي. سيل ۾ دلمن بابت لکيل آهي ته ”اها سومير جي اوڀر م سرزمين آهي، جتان گهڻو ڪجهه ٻيڙي رستي اچي ٿو. اها زمين بهشت جي آهي جتان سج اڀري ٿو، جتي نه ڪو بيمار آهي نه ڪا وڌوا نه يتيم. هي اها زمين آهي جتي ديودار (ديال) قسم جا وڻ ٿين ٿا. دنيا جا سڀئي ملڪ دلمن ڏي پنهنجا مال موڪليندا آهن.“ اها ثابتي به ملي آهي ته دلمن کان اُرجي شهر ڏانهن عاج ايندڙ هو. اُر سومير جي نزديڪ هو. سوسا ڏانهن به خشڪي رستي واپار هلندڙ هو. اهو سمورو احوال روزنامه ڊان جي پرچي مورخه 12 - ڊسمبر 1960ع جي صفحه 12 تي سيل جي فوٽو سميت ڊان جي خصوصي خاطو ڇپرايو آهي، جو ڏسڻ وٽان آهي. منهنجي اڳيان ڊان اخبار جي آچر واري مخزن وارو حصو مورخه 8 آگسٽ 1965ع پڻ آهي جنهن ۾ پهرين صفحي تي احمد نبي خان جو مدلل مضمون شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌو تهذيب جو زمانو، ڪوٽڏيجي جي کوٽائي کان پوءِ ست سؤ ورهيه آڳاٽو ٿي ويو آهي، مقرر ڪيل اندازي کان. هن موهن جي دڙي ۽ هڙاپا کان سواءِ ڪوٽ ڏيجي، سون ماٿري(موجوده اسلام آباد)، آمري، چاهون دڙو، جهوڪ وغيره جي مرڪزن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. اڃا ته هن کان لاڏڪ ڪاڻو(موجوده لاڙڪاڻو)، سون مياڻي، منڇر، شاد ٻيلو(جنهن کان پوءِ هندن ساڌ ٻيلو سڏيو) ۽ سيوهڻ وسري ويا آهن. ڪولي ۽ ڪيچ به نظرانداز ڪيا اٿس.هنگلاج به شايد معلوم نه اٿس. هن مان سنڌو ماٿريءَ جي اوچ تهذيب ۽ شاهوڪاريءَ جو پتو پوي ٿو. روپا ۽ ٽئڪسيلا به شمار ڪرڻ گهرجن. ڊاڪٽر احمد حسن داني ته احمد آباد ضلعي وارو لوٿال به شامل ڪري ٿو.

هاڻي غور ڪجي ته جناب محمد ادريس ڪيئن ٿو موهن جي دڙي مان لڌل دوائن کي ويدن جو وکر سڏي. ڀائنجي ٿو ته هن اهوئي ڌوڪو کاڌو آهي، جنهن موجب مغربي اديبن جي اثر هيٺ هر ڪا آڳاٽي سٺي شيءِ آريائي تهذيب ڏانهن منسوب ڪئي ويندي هئي ۽ ان کي دنيا جي قديم ترين تهذيب سڏيو ويندو هو. مگر انهن دعوائن جو ڀانڊو ڀڄي چڪو آهي. تنهن کان سواءِ محمد ادريس صاحب جنهن کي مڇي جا ڪنڊا سمجهيو آهي، سا ڪا شيءِ ئي ٻي آهي ۽ اها هاضمي وڌائڻ لاءِ  ٿانون ۾ وجهي رکيل نه آهي، جيئن هن انومان ڪڍيو آهي. اها چيز دراصل ڪوڏ جو هڪ قسم آهي، جو سامونڊي جيت جي پٺي تي ٿيندو آهي ۽ جيت ان ۾ اندر هوندو آهي. ان کي اردو ۾ گهونگها سڏين ۽ انگريزي ۾ ان کي شيل (Shell) سڏبو آهي. هن جا ڀائر سڪي تي رهڻ وارا انگريزي ۾ سنيل (Snells)سڏبا آهن. زمانه قديم ۾ فونيشنز (فنيڪي) ان جو واپار ڪندا هئا. ارغوني رنگ جو ”رائل ٽائريان“ گهونگهو  ڏاڍو مهانگو ۽ مقبول هوندو هو. انهن جي باري ۾ باضابطه تحقيق ارسطو ڪئي جا ٽي سئو ڇٽيهه ورهيه قبل مسيح لکجڻ ۾ آئي. سن 77ع ۾ پلني (Pliny) به ان باري ۾ تحقيق ڪئي جا سندس نيچرل هسٽري انسائڪليوپيڊيا 27 جلد جي هڪ باب ۾ ڏنل آهي. سياح ڪولمبس، ڊياز ۽ ميگلان انهن جا نمونا هٿ ڪري کڻي آيا هئا. آمريڪا ۾ فلي ڊلفيا جي نيچرل سائنس جي اڪيڊمي ۾ انهن بابت کوجنا هلندڙ آهي. سمنڊ جو حسين ترين گهونگهو ڪون شيل ڄاتو وڃي ٿو(Cone Shell)، جو خوبصورت نقش نگار وارو هوندو آهي ۽ پنج انچ کن ڊگهو ۽ نادر هوندو آهي. 1963ع ۾ ان جو هڪ نمونو ٻن هزار ڊالرن ۾ وڪيو ويو. ويسٽ انڊيز جا سونهري گهونگها ۽ خليج بنگال جا اندر گهونگها هزارين ڊالرن جي قيمت ۾ وڃن ٿا.

هينئر ڏسڻو آهي ته موهن جي دڙي وارن وٽ اهي گهونگها ڪيئن آيا. موهن جي دڙي وارن بابت مون پنهنجي ناچيز راءِ ڪيترا سال اڳ ظاهر ڪئي هئي، جنهن کي بعض ليکڪن قبول ڪري ورتو آهي ته اهو لفظ منوئن (Minoan) جي بگڙيل صورت مهاڻي مان هندن ڦيرائي موهن بنايو آهي. حقيقت ۾ اهو مهاڻن جو دڙو آهي. مهاڻا عربي سمنڊ مان ڪينجهر ۾ ڪٺا ٿيا ۽ اتان منڇر ۾ اچي موجود ٿيا، جتان مهراڻ رستي مهاڻن جي بستي آباد ڪيائون، جنهن کي هاڻي مهاڻن جو دڙو سڏڻ گهرجي. ان جي ڀرسان ميربحر يا مهاڻي لاڏڪ ڪاڻي جي نالي پٺيان لاڙڪاڻه ٻڌل آهي، جو شڪارپور ضلعي (جنهن ۾ اڳ لاڙڪآڻو ۽ دادو ضلعا به سمايل هئا) جو بهترين شهر هوندو هو. آءٌ ان کي تهذيب، واپار، سياست، مهمان نوازي، حسن، نيڪي،آب و هوا، وڻج واپار ۽ علم ادب جو هڪ وڏو مرڪز تصور ڪندو آهيان. موهن جي دڙي کان مٿي لهي ٿورڙن مهاڻن شاد ٻيلو وڃي آباد ڪيو ۽ اتان وڌيڪ نه چريا، پلو به سکر کان ڍومون هڻي واپس موٽندو آهي ۽ هي به اتي پهچي دنگ ڪري بيٺا.

اهي منوئن قوم جا ماڻهو سڀني کان آڳاٽا جهازران ثابت ٿيا آهن. وڏي محقق انگريز تاريخدان آرنولڊ جي ٽوئنبي پنهنجي مشهور ڪتاب”تاريخ جي هڪ اڀياس“ ۾ (1) ۾ هيئن لکيو آهي:

”هيلينڪ سوسائٽيءَ جي پس پرده هڪ ٻي جهوني سوسائٽي جي چٽي جهلڪ نظر اچي رهي آهي، اها هئي سامونڊي سلطنت شاهي، جنهن ڪريٽ جي ٻيٽ تان ايجئين سمنڊ تي تسلط قائم ڪيوهو ۽ جنهن کي منوس جي ٿالاسا ڪريسي!(2) سڏجي ٿو. هيلينڪ ادب جي الئڊ ۽ اوڊيسي ۾ به ان جو ذڪر ملي ٿو. مصر جي نئين سلطنت جا 18، 19 ۽ 20 گهراڻي ۾ هئي، ان ۾ پڻ ان جو ذڪر ملي ٿو. اها پراڻي سوسائٽي 1400 ورهيه قبل مسيح تباهه ٿي چڪي هئي. منوئن جون ڪيتريون لکڻيون آهن، جي اڃا نه پڙهيون ويون آهن. منوئن جي فن ۾ پاڪ ماءُ کي عالم جي ديوي ڪري ڏيکايو ويو آهي. هن حياتي کان پوءِ هو هڪ جاوداني زندگي ۾ اعتقاد رکندا هئا. هنن جي قبرن مان سوٻٽ ۽ پوپٽ جا سونا تعويذ لڌا ويا آهن.“ اڳتي هلي راءِ قائم ٿو ڪري: ”سيريا جي سوسائٽي انهيءَ منوئن قوم جي تباهي مان تيار ٿي ۽ سيريا جي سوسائٽي مان اسلامڪ سوسائٽي پيدا ٿي. منوئن قوم جي الف ب سڀني ٻين هجي جي حرفن جي ماءُ آهي. صفحه 103 تي لکي ٿو ته سيريا جي سوسائٽي تي ٻي هڪ آڳاٽي سوسائٽيءَ جو هلڪو اثر پڻ ڏسجي ٿو، جنهن سوسائٽي مان سوميري ۽ اڪاد سلطنت شاهي جنم ورتو.“

هو ائين به لکي ٿو ته منوئن جو واپار مصر سان هلندڙ هو ۽ فونيشنز هنن کان پوءِ آيا. هن قوي راءِ جي آڌار تي منوئن جو مصر ۽ ميسيپوٽيميا کان هلي سنڌ ماٿري ۾ پهچڻ وسهڻ ۾ اچي ٿو. اسڪندر مقدوني جي ڪاهه وقت سندس اميرالبحر نيرڪوس سنڌ جي ڊيلٽا تي فنيڪا جا واپاري ڏٺا هئا، جي ضرور منوئن واپارين جي گهڙيل واٽ وٺي اتي پهتا ٿا ڏسجن.

ڪوهلي سيتارام پنهنجي ڪتاب سنڌو ماٿري (1) ۾ لکي ٿو ته ”قديم سنڌي، جن جي تهذيب ڀونوچ ۽ ايجئين سمنڊن وارن ڪنارن جي رهاڪن جهڙي هئي، سي عراق جي قومن وانگر هڪ گڏيل قومن جو ميڙ هو.“ منوئن قوم جو پسنديده رنگ ارغواني (Purple) هو، جو پڻ موهن جي دڙي، جنهن کي اڳئي مهاڻن جو دڙو سڏيو ويندو، جو پيارو رنگ هو. اڃا سوڌو اڪثر گوڏيون انهيءَ رنگ جون رنگايون وينديون آهن.“

انهن مهاڻن ۾ ايراني نسل جا ميربحر ۽ ملاح، عربي نسل جا جهازران، ڪلواني ۽ مصري واپاري به اوائل کان شامل هئا(2). مهاڻن جون وري ڪيتريون شاخون هيون، جهڙوڪ: ماڇي، ميوَ، موئا، دونگهه(پاتڻي)، سامٽيا(مٽي وارا)، لاڙڪ، کهڙا يا ڪوسلا(ٻيڙين ٺاهڻ وارا)، اپيرا (ابڙا، جيڪي موجوده ڪڇ جي رڻ وٽ ابهيريا نالي ٻيٽ ۾ خود مختار هئا) جي دريائي ڪچي سان اسطو رکندڙ هئا. سنڌو ندي جي، هاڪڙي جي ۽ لوني ندي جي ڇوڙن وٽ، بگ دريائي ڍنڍن ڍورن سان واسطو رکندڙ، دونده يا دوندڙ يا ديدڙ (ڊونڊين وارا)، جيسر (تنبي تي ترڻ وارا)، مهيسر (مينهن مان پيدا ٿيل ڍنڍن وارا مهاڻا)، ٻه پيرا(بيا پرايه) جيڪي سامونڊي واپاري هوندا هئا.بهڻ (بياسنا) دريائي واپاري، گندرا (مڇي فروش) ۽ لوهاڻا جيڪي مهاڻن کان مال وٺي ريزڪي وڪرو ڪندا هئا ۽ حساب ڪتاب رکندا هئا ۽ مهاڻن کي پئسي ڏوڪڙ جي مدد ڪندا هئا. بقول جناب مولائي شيدائي انهن مڙين کي هڪ نالو ڏنو ويو آهي ”نديا سڪاريه“ جو، جنهن جي معنيٰ آهي ملڪ جي دريائي اقتصاديت کي قائم رکڻ وارا. لوهاڻي شاخ درياه جي شاخ هئي، جنهن تي برهمڻ آباد قلعو هو. چچ جي بدچالي سبب لوهاڻن، جي انهيءَ شاخ تي آباد هئا ۽ جاٽن، برهمڻن جي مخالفت ڪئي. اگهم لوهاڻو تاريخ ۾ مشهور شخصيت جو مالڪ هو.

ايڇ - ٽي- لئمبرڪ، سر آريل سٽين جي راءِ سان شامل ٿيندي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ لکي ٿو (3) موهن جي دڙي وارا ڪيترين قومن جا گاڏڙ هئا. تنهن هوندي به اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته منڇر ڍنڍ وارا مهاڻا سنڌ جي اصلي رهاڪن هجڻ جو ٻئي سنڌ جي ڪنهن به قوم کان وڌيڪ امڪان ٿا رکن.

هو صاحب ڇٽن ۽ گائنچن کي به ميربحرن جي شاخ ٿو سڏي. هن جي راءِ موجب، جيڪا سنسڪرت جي ڪتابن تي قائم ڪيل آهي، جاٽ ۽ ميڊ به سنڌ جي قديم باشندن منجهان آهن. انهن مان جاٽ ٻيڙيون هلائيندا هئا ۽ ميڊ چراگاهن سان چاهه رکندڙ قوم هئي.

جوڳين ۽ سنجوڳين لاءِ اڳيئي مٿي ذڪر اچي چڪو آهي ۽ ساڳيءَ طرح سنياسين ۽ ويراڳين بابت پڻ. جناب عبدالغفار خان بلوچ پنهنجي ڪتابچه ”موهن جو دڙو ۽ هڙاپا“ ۾ لکي ٿو ته دراوڙا، جن کي پرنيمي سڏيو ويندو هو، سي به سنڌو ماٿري جا اصل باشندا آهن، جن ڌارين جي ڪاهن سبب ڀڄي وڃي ايران جو مٿاهون پٽ (آرچوسيا) وسايو، جتان وري ڪي وڃي عربستان ۾ لڪا، جتي هنن سوميري قوم جو بنياد وڌو. سنڌ جا سومرا انهن جا پونئر آهن، جن سنڌ ۾ خيما کوڙيا. لبنان ۽ ڪنعان جي باشندن فنيڪي قوم جو بنياد وڌو ۽ لبنان وارا، جيڪي سنڌ ۾ اچي رهجي پيا، سي لٻاڻان مشهور ٿيا.

هاڻي هن سڄي بحث مان ڀلي ڀانت چٽو ٿيو هوندو ته گهونگها مهاڻن جي دڙي ۾ ڪيئن آيا. باقي ڏسڻو آهي ته انهن کي ڇو آندو ويو ۽ انهن مان ڪهڙو ڪارج ٿي سريو. اهي گهونگها جهازن جي ڪاٺ کي اندران چنبڙي پوندا هئا ۽ ان جي ڪاٺ کي کائي کوکلو ڪري وجهندا هئا. تنهن کان سواءِ خاص مهلڪ مرض پکيڙيندا هئا، جو مڇي ۽ آبادي لاءِ هاڃيڪار هوندو هو. جيئن ته جراثيم جو پتو مهاڻن جي دڙي وارن کي هوندو هو تنهنڪري هنن انهيءَ آفت جي اڀياس ڪرڻ لاءِ گهونگها گهرايا. انهن مان اهڙا گهونگها به معلوم ٿيا، جن جي رس انهن مرضن جو ترياق هئي. مثال طور ڪئليفورنيا جا گهونگها بدن ۾ اهڙي رس رکن ٿا جا ٽائفائڊ جي جراثيم کي مارڻ لاءِ پينسيلن کان به زيادهه ڪارآمد ثابت ٿي آهي. تنهن کان سواءِ بدن جي فالج ۽ سڪي پوڻ لاءِ پڻ اها رس مفيد آهي. گهونگها حسين پڻ آهن. ٻارن جي راند کيڏڻ يا ڳهن ۾ پوئڻ جو به واهه جو ڪم ڏيندا هئا. اکين جي تفريح، نفسياتي علاج، اعصابي ڪمزوري جي علاج وغيره لاءِ به انهن کي مفيد ڄاتو ويندو هو. اڄ سوڌو انهن ڪوڏن کي گهر ۾ روڪڙ سان گڏ رکڻ ان جي واڌاري لاءِ مفيد سمجهيو ٿو وڃي. انهن جون ڪي شڪليون روزنامه حريت ڪراچي مورخه 18 - فبروري 1965ع جي صفحي 6 تي شايع ٿيون آهن. هن مان ثابت ٿيو ته محمد ادريس صاحب ڀل ڪري مهاڻن جي دڙي مان لڌل دوائن ۽ وکرن کي ويدن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. قاضي ابوالقاسم صاعد بن احمد اُندلسي پنهنجي ڪتاب طبقات الامم (صفحو 4 ۽ 12) ۾ سنڌ کي ملڪ الحڪمت سڏيو آهي. عربي اديب جا حظ پنهنجي ڪتاب ”البيان و تبيان“ ۾ انهن سنڌي حڪيمن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جا نسخا هن عربي ۾ ترجمو ڪيا هئا. پنهنجي ٻئي رسالي ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ وارا تارن جي حساب جي علم (نجوم) ۾ ترقي ڪيل آهن ... طب ۾ به هو اڳرا آهن ۽ طب جا ڪيترا عجيب نسخا کين معلوم آهن ... ترارون به عمديون ٺاهيندا آهن.“ بشاري مقدسي پنهنجي ڪتان احسن التقاسيم في حرفتہ الاقليم ۾ لکي ٿو ته سنڌ عام طور تي گرم ملڪ آهي، پر هتي پوري پني آب و هوا وارا هنڌ به آهن. ذمي بت پرست آهن ۽ سون، جڙي ٻوٽي، دوائون ۽ چانور گهڻا ٿين ٿا.

مشهور تاريخدان ۽ عالم، يعقوبي، تاريخ احمد ابن ابي يعقوب، جلد 2 ۾ لکي ٿو ته :

”سنڌ جا ماڻهو عقل وارا ۽ سوچ ويچار جا ڪوڏيا آهن. سڌانت سندن ذهانت جو نيتجو آهي، جنهن مان يونانين ۽ ايرانين فائدو ورتو. طب ۾ سندن شناس سڀني کان اڳري آهي.“

خليفي هارون الرشيد پنهنجي علاج لاءِ سنڌ مان ماڻڪ طبيب گهرايو هو.

هيروڊوٽس جو رايو ته هن سنڌ جي رهاڪن کي پنهنجن زالن سان کليو کلايو حيوانن وانگر مباشرت ڪندي ڏٺو، سو خبر نه آهي ته هن مٿي ذڪر ڪيل ڪهڙن جهيرن جهانگين نوڪرن چاڪرن جي چاهه کي ڏسي قائم ڪيو هو. بستين جي پري هجڻ سبب ۽ گهرن ۾ ٻچن ٻارن جي هجڻ سبب نيچ ڌنڌي ڪرڻ وارا جي گهڻو وقت جهنگ يا پاڻي ۾ رهندڙ هئا سي جيڪڏهن بشري تقاضا ۽ بدني صحت جي زور هيٺ ڪنهن واهه وڪڙ لئي يا کٻڙ جي آڙ وٺي ائين ڪندا ڏٺا ويا به ته اهي ڪير هئا ۽ ڪيترا ڏٺا ويا ۽ ان ڳالهه کي سنڌين جي هڪ عادت سمجهي وٺڻ ڪيتري قدر قابل قبول آهي، سي سوال به ڏسڻا آهن. تنهن کان سواءِ هيروڊوٽس کي مسٽر آرد گهريشمئن مصنف ڪتاب ”ايران“، پيليڪن، بوڪ 1954ع، صهحي 97 تي ٻي هڪ ڳالهه بابت به غير صحيح سڏي ٿو. اهڙن سياحن جا رايا اڪثر بغض يا تڪڙ تي بيٺل هونديون آهن.

سنڌ جو وڏو حصو جهنگل هو ۽ ٻيو چراگاهه ۽ ٽيون پاڻي يا آبادي هيٺ هو. جهنگل ۾ جهنگلي قومن، جن جو ذڪر شاهه جي رسالي جي سر کاهوڙي ۾ اچي ٿو،جو گذران هو ۽ شڪار ڪنديون هيون مڇي يا پکين يا سيسرن يا واڳن جو. ماڻهو جهنگل ۾ ڪاٺيون ڪرڻ به ويندا هئا ۽ راجائن کي ڍل نه ڏيندا هئا. انهن مان گونڊ به هڪ جهنگلي قوم هئي جا بقول جناب مولائي شيدائي، ضعيف پير مرد ڪهي کائيندي هئي. ٿرپارڪر ۽ لاڙ طرف وري دراوڙن جي نسل مان ڪولهي ۽ ڀيل رهندا هئا، جي چور ۽ شهزور هوندا هئا. ساڪستان يعني سيستان جي رهاڪن کي ساڪا سڏيو ٿو وڃي، تن بابت عام سنڌين جي چوڻي موجب گار جو لفظ آهي ”سڪو“. چوندا آهن فلاڻي ڪي فلاڻي جو سڪو.

ٻي جنهن ڳالهه جي ترديد ڪرڻ ضروري آهي، سا عجب اتفاق سان هڪ سنڌي حڪيم جي راءِ آهي، جو لکي ٿو(1) ته تاريخي شاهدين مان پتو پوي ٿو ته علم طب جي شروعات سڀ کان اول بابل ۽ نينوا وغيره ۾ 5000 سال قبل  مسيح کان به اڳ ۾ ٿي. بابل ۽  نينوا اهي بنيادي پرڳڻا آهن، جن ۾ تهذيب ۽ سڌاري باقاعدي پرورش پاتي. هن ڳالهه بابت ڪجهه بحث ته اڳيئي ٿي چڪو آهي، وڌيڪ جناب مولائي شيدائي جي راءِ هيٺ ڏجي ٿي:

”سنڌ جو تمدن 5000 ورهيه ق.م. جهونو آهي. سنڌ هڪ مشرقي ملڪ آهي جو تمدن ۾، تاريخ جي زماني کان اڳ، نينوا، بابل، ميمفس، ٽيبس ۽ صور(ٽائري) سان ڪلهو هڻندو هو“. ڏسجي سندس تاريخ تمدن سنڌ.

اڳي ذڪر هيٺ آيل ”موهن جي دڙي جو هڪ سونهون“ جو مهاڳ لکندي پاڪستان جي ڊائريڪٽر آف آرڪيالوجي جناب ايس احمد جي راءِ آهي ته موهن جي دڙي جي کوٽائي مان لڌل چيزن جي شاهدي تي ڏٺو ويو ته هن تهذيب جو قدم سومير ۽ ميسو پوٽيميا سان هموزن هو. ٽي هزار ورهيه ق.م هتان جا ماڻهو مضبوط سوسائٽين ۾ رهندا هئا، جن جي تهذيب ڪنهن به طرح نيل ندي يا فرات ندي جي ماٿرين کان گهٽ نه هئي.“

آرچائڪ ايجپٽ ۾ (1) ڊبليو. بي. ايمري صفحي 13 تي لکي ٿو ته نيل ۽ فرات ۾ تهذيبي ناتي جو هجڻ هينئر بحث جي حد کان وڌي عام طور مقبول هجڻ واي درجي تي اچي ويو آهي. مصر تي ميسوپوٽيميا جو تهذيبي قرض ضرور آهي پوءِ کڻي شاگرد يا اڌاري وٺندڙ نموني جو نه هجي. حقيقت ۾ اڃا ڪوٽيون اثر به مڃڻو پوندو، جنهن جي تهذيبي ڪمال ٻنهي کي پهچي چڪو هو، نه ته ٻيءَ طرح انهن جا مشترڪ ۽ مخالف جزا سمجهي نٿا سگهجن.

اهو ٽيون تهذيبي عنصر ڪهڙو هو، تنهن بابت چٽا رايا اڳ ئي اچي ويا آهن.

روم ۽ ايران ۾ طب

جيڪڏهن ٻئي ڪنهن به ملڪ جي طب جو اثر سنڌي طب تي هجي ها ته ايران ئي هو، ڇاڪاڻ ته قديم ايران جو قديم سنڌ سان تمام آڳاٽو تعلق آهي. سيستان، گيدروشيا ۽ آرچوسيا، جتان ڪيترا اوائلي نسل سنڌ ۾ اچي ٽڪيا يا جتي سنڌي نسل وارا نڪري وڃي رهيا هئا، سي سڀ ايران جا حصا هئا. پر ايران جو باقاعده تعلق هندستان سان ڊاڪٽر اسپيگال 3000 ورهين کان وٺي ڏيکاري ٿو.

هيروڊوٽس سنڌ جي انهن قديم قومن جا نالا يوناني ۾ ڏنا آهن، جي ايراني شهنشاهت جي ماتحت هئا، اهي آهن ساڪا(ساڪستان يعني سيوستان جا رهاڪو)، ماڪا(مڪران جا رهاڪو) داديڪا ۽ پڪٽائي، جيڪي پشتو ڳالهائيندڙ، ڪوئٽيا ۽ پشين جا رهاڪو هئا. پنج سؤ ورهيه قبل مسيح ڌاري پارسين جي وڏي بادشاهه سنڌوندي تائين حڪومت وڌائي هئي، جا ان وقت جي وڏي ۾ وڏي بادشاهت هئي. اهو بادشاهه هو سائروس (1). ان جي بادشاهي ۾ مصر، ميسيڊونيا، ايشيا مائنر، فلسطين، ميسوپوٽيميا سوميرين، موهن جو دڙو ۽ هڙاپا اچي وڃن ٿا. سنڌونديءَ جي موهن جي دڙي واري ڪپ تائين حڪومت جون حدون هيون. پر ايڏي ساري حڪومت جلد ئي ڊهي پئي ۽ ٻيا فاتح پوءِ ايندا رهيا.

هن مان ئي ظاهر آهي ته سنڌي طب تي هن پوءِ جي تسلط اثر ته ڪونه ڪيو هوندو اٽلندو سنڌي طب گهڻو وقت اڳ ايران تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو. ان بابت همدرد صحت جي ڪراچي واري رسالي ماهه مارچ 1965ع واري شماري ۾ هڪ وڏو مضمون سيد حسن تقي زاده جو ترجمو ٿي شايع ٿيو آهي، جو پڙهڻ وٽان آهي. ان مضمون ۾ لکيل آهي ته هندستاني طب به ايران ۾ آئي، ۽ ايران جا طبيب يوناني طب سان گڏ هندستاني طب مان به فيض وٺندا رهيا. هن مضمون ۾ هندستاني طب مان مراد ويدڪ طب جي ورتل آهي، ڇاڪاڻ ته ايران جي طب جي بائيبل ”ويديو اوستا“ تي خود ويدن جو نالو چڙهيل آهي ۽ ويدن واري طب جي اڳيئي جاچ پڙتال وٺي چڪا آهيون.

يوناني طب به پهريان اسقليبيوس باضابطه علاج ۾ ڪتب آندي ۽ ان جي تدوين جو سهرو بقول محمد حسن قرشي (1) ، بقراط جي سر تي سونهين ٿو. يوناني تهذيب کي به ڏسي آيا آهيون ته ڄڻ ڪالهوڪي آهي. علامه قرشي اڳتي هلي بحث ڪيو آهي ته موجوده ايلوپٿي طريقهِّء علاج کي يوناني طب مان چونڊيو ويوآهي ۽ يوناني طب تي عربي طب جو گهرو اثر آهي. هن ان لاءِ دوائن جي نالن جي سن پيش ڪئي آهي، جا هن ريت آهي:

ڪافور = ڪئمفر

عراق = اڪوا

الانبيق = الاينيق

راب = راب

مشڪ = مسڪ

ڪبابه = کيوبب

سناء = سنا

ياسمين = جاسمين

جلاب

صندل = سئنٽل

گلاب = جو لپ

الڪيميا = الڪيمي

شڪر = شگر

تمرهندي = ٽمرانڊ

عنبر = امنبر

 

بقراط جو مشهور ڪتاب ”ڪليات“ ڇنڊڇاڻ ڪري ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته ان تي سنڌي طب جو ڪيڏو نه اثر آهي. روم جي تهذيب جو آغاز 509 ق - م آهي. ڏسجي ”تهذيب ڪي ڪهاني“، لکيل انور هاشمي جي، جيڪا ڪراچي ۾ بي - ايس - سي، جي ڪورس تي نصاب طور بحال ٿيل آهي، اُن جي صفحي 70  صفحي 55 تي هو ساڳي راءِ ٿو قائم ڪري ته يوناني تهذيب جو ٻج ڪريٽ جي مهاڻن (منوئن) قوم جي تهذيب مان ورتل آهي. الف - بي هنن فنيڪي هٿ ڪئي. ڏسجي صفحو 056 آر - گهرشمئن پنهنجي ڪتاب”ايران“، جنهن جو ذڪر اڳيئي ٿي چڪو آهي، جي صفحي 29 کان 32 تائين دلچسپ احوال ڏنو آهي، جنهن مان واسطو رکندڙ هن ريت آهي:

ايراني مٿاهين پٽ تي پهرين انساني آبادي سيل ڪ، نزديڪ ڪاشان جي، طهران جي ڏکڻ ۾ لڌي وئي آهي. ان وقت وڻن جي ٽارين سان جهوپڙيون جڙيل هونديون هيون(نوٽ: عراق ۾ به اوائلي شاندار غار جي ماڻهن جڏهن غار کان ٻاهر پير پاتو، تڏهن وڻن جي ٽارين جون گول گنبذ وانگر جهوپڙيون جوڙڻ لڳو هو) پر پوءِ جلد پيس (پيش) جون اڏاوتون تيار ڪرڻ لڳو.

هي پيس ايران جي پٽ ۾ نه ٿيندي هئي. اها ڪيچ مڪران ۽ ڪاري جبل کان بروهين رستي اتي پهتي ۽ بروهي جئن هاڻي به پيس جي تڏن سان جهوپڙيون جوڙيندا آهن، تيئن ان وقت به ايرانين کي جوڙڻ سيکاريائون. مهاڻن جي دڙي جي بيل گاڏي پنج هزار سال اڳ به اهڙي هئي جهڙي اڄ آهي.

مٿئين ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته زيورن ۾ گهونگها ڪم آندا ڏٺا ويا آهن. اهي ساڳيا ئي گهونگها آهن، جن بابت مٿي تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي.مري ويلن جي پورڻ جو نمونو ساڳيو بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو سنجوڳي سنڌ ۾ اختيار ڪندا هئا. مون پنهنجي اکين سان هنن جو مقام  هاڻوڪي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ جي اتر واري راندين جي ميدان ۾ ڏٺو هو، جتي سنجوڳي مرده کي ڪپڙي جي ڳنڍ ۾ وجهي کڻي ايندا هئا. ڳنڍڙي کي ٻن پاسن کان بانس جي لڪڙي ۾ ٻڌندا هئا ۽ ٻه ماڻهو ڪلهي تي اها لڪڙي کڻي هلندا هئا. ٻيا سنک وڄائيندا هئا ۽ چورسي کڏ کوٽي ان ۾ مرده کي  ڪرونڊڙو ڪري سمهاريندا هئا، جيئن گوڏا سيني برابر ٿي وڃن. پوءِ ٺڪر جي کمرن ۾ ڪجهه شيون وجهي بند ڪري لاشي جي ڀرسان رکي کڏ کي پوري مٿان قبي ٻڌي ڇڏيندا هئا. اها گول قبي ننڍڙي ڍڳي وانگر هوندي هئي. پورڻ جو اهو نمونو سنڌ جي جوڳين ۽ سنجوگين کان ورتو ويو هو. پيس جي تڏن جي گهرن کان پوءِ سج ۾ سڪايل سرن جا گهر بالڪل تيار ڪرڻ ۾ آيا، جيئن مهاڻن جي دڙي ۾ ٿيندا هئا.

صفحي 35 تي ذڪر ٿيل آهي ته سنڌو ماٿري، جنهن کي مصنف غلطيءَ کان انڊيا ٿو سڏي، جي ٻاجهري 4000 ورهيه قبل مسيح اٽلي سوڌو پهچندي رهي. هيءُ مصنف قبول ٿو ڪري ته ميسو پوٽيميا جي تهذيب جو اثر ايلامي سياسي اقتدار جي وڌڻ سان ايراني مٿاهين پٽ تي پهتوهو. ميسو پوٽيميا جو ناتو جيڪو سنڌو ماٿري سان هوندو هو، سو اڳيئي ذڪر هيٺ اچي چڪو آهي.

علم طب بابت نظريا ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ

طب جو علم ڇا آهي ۽ اهو انسان کي ڪيئن حاصل ٿيو، تنهن بابت علامه قرشي پنهنجي ڪتاب مخزن الحڪمت جلد اول ۾ ڪجهه بحث ڪيو آهي، جنهن جو انتخاب ڪري سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ئي ڪافي ٿيندو. ضرورت آهر پنهنجي طرفان ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ ۾ ايندي ۽ سهيڙڻ ۽ سموهڻ ۾ هڪ خاص ترتيب اختيار ڪئي ويندي:

(1) وحشي اقوام جي اوهام پرستي ۽ جن ڀوت جادو وارو نظريو.

مسٽر ٽيلر پنهنجي شهره آفاق تصنيف قديم تهذيب ۾ ۽ ٻين تحريرن ۾ ۽ ٻين مغربي ماهرين هيءُ نظريو قائم ڪيوآهي ته آسٽريليا، برما، تسمانيه، ملايا، هندوستان، مڊغاسڪر، سيام، بنگال، جاوا، بورنيو، فجي، افريقه ۽ امريڪا جي اونداهن ايراضين ۾ ڪي قديم جهنگلي ۽ جاهل قومون آباد آهن، جي مرض کي جن ڀوت پريت جادو ۽ مرده روحن جي خبيث اثرن جو پيدا ڪيل مڃن ٿا ته خبيث روح جو دشمن جي جسم ۾ حلول ڪرڻ جا قائل آهن. تاريخ جي ڪيترن دؤرن ۾ مرض ۽ ان جي علاج ۾ توهمات کي وڏو دخل پئي رهيو آهي. خود يورپ جي تاريڪي عهد ۾ سحرپرستي زور هئي ۽ جادوگراڻين کي پڪڙي جلائڻ جي سخت رسم پڻ جاري هئي.

پر معلوم ٿو ٿئي ته اهڙي اوهام پرستي سان گڏ دوائن جي استعمال ڪرڻ جو دستور به گهٽ يا وڌ جاري ٿي ويو هو، ۽ هر ملڪ ۽ دؤر ۾ ترقي ڪندو رهيو. هندستان جا قديم گونڊ ۽ ڀيل به ڪن مرضن لاءِ ڪجهه جڙيون ٻوٽيون استعمال ڪندا هئا. ڊاڪٽر ريواز پنهنجي ڪتاب”ميڊيسن، ميجڪ ائنڊ رليجن“ ۾ مڃي ٿو ته شمالي نيوگني ۾ معالج جادو ۾ ماهر هجڻ سان گڏ پلستر هڻن، سير کولڻ، ڄور هڻڻ ۽ بخاري غسل ڏيڻ جو ڪم به ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح ڊبليو. اي. راٿ به لکي ٿو ته آسٽريليا جا قديم باشندا جادو، منتر، تعويذ کان سواءِ رت ۽ نانگ جي چرٻي وغيره جي مالش ڪندا هئا ۽ ڪي جڙيون ٻوٽيون به ڪتب آڻيندا هئا. انهن ۾ انجير جي تازي کل جي رس، ڦوٽن جي وڻ جي تازي کل ۽ مختلف کئونر ۽ ڦودني جو نزلي ۽ زڪام ۽ کنگهه لاءِ اسعمال به اچي وڃي ٿو.


(1) V . garden Childe: The most ancient east, P. 173 London (1929).

 (1) A guide to Mohenjodaro, by Nazimuddin Ahmed, Asst, supdt of Archaeology govt of pakistan, (1952) page 2, 7.

(1)  page 155, (1959).

(1)  Illustrated weekly of India, Vol: LXXXV 49. Sunday, 6 December 1964 page 21, under the Caption of the Medical Legacy-2.

(1) Life international, Vol. 32, No.5, dated 12 March 1962, page 42.

 (1)  A Study of History by Arnold J. Toynbee, Vol:1 (introduction) Page 92, 97, 102.

(2) سمونڊن جي حڪومت.

(1) The Indus Civilization (1934) Page 35.

(2)  D.D. William Vincent: The Voyage of Nearchus from indus to Euphrates, Page 135, London.

(3)  History Of Sind Series, Vol:1, “Sind” a general Introduction, by H.T. Lambrick, 1964, page 206.

(1)  Archaic Egypt, by W.B. Emery, Pelican Book, 1961.

(1)  An Outline of History Of civilization by F.g. Pearce, Oxford University Press 1957, page46.

(1) جامع الحڪمت جلد اول، سال تصنيف ڪونه ڄاڻايل، صفحو 41 ۽ 42.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com