بسم الله الرحمٰن الرحيم
گذارش
سنڌي ادب جا چند مکيه مسئلا
اڄوڪيءَ صحبت ۾، سنڌي ادب جي چند مکيه مسئلن جو
ذڪر ڪجي ٿو.
(1) سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت گذار علمي ادارن،
جيڪا ادبي ڪارڪردگي قائم ڪئي آهي، اُن کان ملڪ جي
سمورن تهذيبي حلقن سان گڏ عالمي علمي حلقا پڻ
معترف ۽ مداح آهن. سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌ الاجي، سنڌ ميوزم، شمس علماءَ ڊاڪٽر دائودپوٽو
سنڌ پراونشل لئبرري، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، قلندر شهباز
ميموريل ڪميٽي ۽ شاهه ولي الله اڪيڊمي چند اهڙا
قداور نالا آهن، جيڪي سنڌي ادب ۽ ثقافت جي عظمت جا
روشن اُهڃاڻ ۽ محافظ آهن.
انهن باوقار ادارن کي پنهنجا منصوبا اطمينان بخش
نموني عمل ۾ آڻڻ لاءِ گهربل فنڊن جي عام شڪايت
آهي. سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ انهن
ادارن جي ڪارڪردگي بنيادي حيثيت رکي ٿي. انهن
ادارن کي مالي لحاظ کان مستحڪم بنائڻ جي ضرورت کان
انڪار ڪري نٿو سگهجي. اسان کي پنهنجي حڪومت ۾ اها
اميد آهي ته انهن ادارن جي گهـُـرجن ۽ ضرورتن جو
جائزو وٺي، کين گهربل فنڊ مــُـهيا ڪري ڏيندي،
جيئن مستقبل ۾ اهي ادارا سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ
پنهنجا فرض خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪري سگهن.
(2) مٿين ادارن سان گڏ ڪن مکيه خانگي علمي ادارن ۽
سوسائٽين، تنظيمن ۽ اڪيڊمين جي وڻندڙ ڪارڪردگيءَ
کي پڻ، ان ڏس ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. شيخ
عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي، سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ
ڪلچرل سوسائٽي،سنڌي ادبي سنگت،بزم طالب الموليٰ،
ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي، لاڙ ادبي سوسائٽي، ۽ ان
قسم جون ٻيون ڪيتريون ئي تنظيمون، اڻهوند جي
باوجود، جيڪو مخلصانه علمي ڪم ڪري رهيون آهن، ان
کان اهل وطن اڻواقف ناهن. ان قسم جي سوسائٽين جي
پڻ سار سنڀال لڌي وڃي ۽ کين مناسب امداد ڪئي وڃي.
(3) حضرت سچل سرمست جي ڪلام ۽ پيغام جي تشهير
لاءِ، سچل نئشنل سيمينار جي سلسلي کي اهل، سنڌ
گهڻو ساراهيو هو. ٻن سيمينارن کان پوءِ اهو سلسلو
بند ٿي چڪو آهي. سچل جي گذريل سالانه عرس جي موقعي
تي سرڪاري طرح اهڙو اعلان به ٿيو هو ته مذڪور
سيمينار جو سلسلو جاري رکيو ويندو. ضرورت آهي ته
سچل نئشنل سيمينار جا اجلاس، باقاعدگيءَ سان منعقد
ٿيندا رهن ۽ انهن لاءِ فنڊ مهيا ڪيا وڃن.
(4) پهرين سچل نئشنل سيمينار(1982ع) جي موقعي تي
سچل اڪيڊميءَ جي قيام جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ سنڌ ۾
ان فيصلي جو گرمجوشيءَ سان خير مقدم ڪيو ويو.
ڪريون اميد ته هن اسڪيم کي جلد عملي صورت ڏني
ويندي.
(5) سنڌي رسالن ۽ اخبارن جا انيڪ مسئلا آهن، جن ۾
اشتهارن ۽ ڪاغذ جي ڪوٽا مکيه موضوع آهن. سنڌي پريس
ڪنهن به ٻي ٻوليءَ کان گهٽ محب وطن ڪونهي ۽ هــُـن
قومي تعمير ۾ پنهنجو ڀرپور مثبت ڪردار ادا ڪيو
آهي. بنيادي ڳالهه اها آهي ته سنڌي پريس کي، انهن
سڀني سهوليتن ۽ رعايتن جو حق ڏنو وڃي، جيڪي قومي
پريس کي حاصل آهن. ان سلسلي ۾.
(الف) سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي ملندڙ اشتهارن جو
تعداد وڌايو وڃي.
(ب) سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي اشتهارن جا اگهه وڌائي
ڏنا وڃن.
(ج) سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي ڪاغذ جي ڪوٽا وڌائي
ڏني وڃي.
(د) سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي غير ملڪي دؤرن ۾ مناسب
نمائندگي ڏني وڃي.
(هه) سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي پي. آءِ. اي جي
اُڏامن ۾ رکيو وڃي.
(6) سنڌي رسالن لاءِ ڊڪليئريشن جي حاصلات جو
موجوده طريقه ڪار نهايت اڻانگو ۽ پيچيدو آهي،
انڪري سنڌي ادب جي وڏي حوصله شڪني ٿي رهي آهي.
اسان جي تقاضا آهي ته ڊڪليئريشن جاري ڪرڻ جو طريقو
آسان بنائي، سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي فراخ دليءَ
سان اجازت ناما ڏنا وڃن.
(7) گذريل اهل ِ قلم ڪانفرنس(1983ع) جي موقعي تي
پاس ڪيل ٺهرائن مان هڪ اهو به هو ته قومي سطح تي،
ادب جي فروغ لاءِ مختلف انعامي اسڪيمن ۾ اردو ۽
ٻين پاڪستاني ٻولين جي ڪتابن تي انعامن جي رقم هڪ
جيتري هئڻ گهرجي.
مذڪوره ٺهراءَ جي روشنيءَ ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف
ليٽرس، نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان
رائيٽرس گلڊ ۽ وفاقي وزارت مذهبي امور جو توجهه
ڇڪائجي ٿو ته ان ٺهراءَ جي عملي صورت پيدا ڪئي
وڃي.
اهلِ سنڌ کي اپيل
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي مخلصانه علمي ڪارڪردگيءَ جي
وسيلي، جيڪا بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي آهي، اهلِ
سنڌ ان کان بخوبي آگاهه آهن ۽ ان ڳالهه تي بجا طور
تي نازان آهن. رب ڪريم جي فضل وڪرم سان بورڊ کي،
ملڪي ۽ غير ملڪي علمي ۽ ادبي، تهذيبي ۽ ثقافتي
حلقن ۾ جيڪا مقبوليت ۽ مڃتا حاصل آهي، ان شهرت ۽
عظمت ۾، اهلِ سنڌ جي حـصي کي به نظرانداز ڪري نٿو
سگهجي، ڇو ته سنڌ وارن هميشــہ، شروع کان وٺي، هن
علمي اداري کي بنهه پنهنجو تصور ڪندي، ان سان ڀال
پئي ڀلايا آهن. عالمن ۽ محققن، اديبن ۽ شاعرن،
تعليمدانن ۽ صحافين،سگهڙن ۽ سنڌي ادب جي عام
شائقين، بورڊ کي علمي تعاون سان نوازي، ان کي هڪ
باوقار ادبي اداري جي حيثيت بخشي آهي ته سنڌي ٻولي
ڳالهائيندڙ، سنڌ جي سٻاجهڙن، بورڊ جي ڪتابن ۽
رسالن کي وڏي شوق ۽ اڪير سان خريد ڪري، پنهنجي علم
دوستي ۽ ادب نوازيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. اهلِ سنڌ جي
پنهنجي هن ادبي اداري سان والهانه محبت، اسان
لاءِ نهايت خوشيءَ جو امر آهي.
هن وقت بورڊ، مالي لحاظ کان ڏکئي دؤر مان گذري
رهيو آهي. سرڪار وٽان ملندڙ سالانه گرانٽ ، بورڊ
جي موجوده ضرورتن ۽ گهرجن جي پيش نظر ڪافي ناهي،
ان ڪري بورڊ ڪوشش ورتي آهي ته ان جي ضرورتن جي
پورائيءَ لاءِ سرڪار طرفان گهربل اپاءَ ورتا وڃن.
ٻئي طرف اسان اهلِ سنڌ جو ڌيان هڪ اهم نقطي طرف
ڇڪائڻ مناسب ٿا سمجهون. اهو هي آهي ته بورڊ جا
ڇپيل ڪتاب ۽ رسالا وڏي تعداد ۾ خريد ڪيا وڃن، جيئن
بورڊ جي مالي معاونت ٿي سگهي. اهل سنڌ ڏانهن اسان
جي اها پنهنجائپ واري اپيل، اسان کي اميد آهي ته
پوري توجهه سان ٻڌي ويندي ۽ ان تي عمل ڪيو ويندو ۽
ان لاءِ بورڊ سندن شڪر گذار رهندو.
هن پرچي بابت
مهراڻ جو هي پرچو، جيڪو سال 1984ع جي آخري سماهي
واري عرصي تي مشتمل آهي، ”مقالا نمبر“ جي نالي
سان، هڪ خاص پرچي جي صورت ۾، پنهنجن مهربان
پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.
”مهراڻ“ جا سال 1984ع جا چارئي پرچا خاص نمبر بنيا
آهن: پهرين ٽن پرچن - فهرست نمبر، سنڌي ادب
سيمينار نمبر ۽ رني ڪوٽ نمبر - کي اسان جي عالمن ۽
محققن ۽ عام پڙهندڙن نهايت پسند ڪندي، قدر جي
نگاهه سان نوازيو آهي. مهراڻ جي گذريل شماري ”رني
ڪوٽ نمبر“ کي ته خاص طرح سان وڏي مقبوليت حاصل ٿي
آهي. ان ڏس ۾ اسان جي قدردانن - عالمن ۽ اديبن -
جا چند خط هن پرچي جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن، جن ۾ آيل
تاثرات، مهراڻ جي مڃتا ۽ سنڌي ادب سان سندن
والهانه محبت جي نشانن تي مشتمل آهن. هن ڏس ۾ اهو
ذڪر ڪرڻ نامناسب نه ٿيندو، ته سندن قدردانيءَ سان
اسان جي وڏي همت افزائي ٿي آهي.
سنڌي ادب ۽ ثقافت، تاريخ ۽ آثار قديمه، تحقيق ۽
تنقيد، سياحت ۽ طب جي موضوعن تي هن پرچي ۾ آيل
تحقيقي مقالا، اسان کي توقع آهي ته پڙهندڙن کي
ڪافي نئين علمي معلومات فراهم ڪندا ۽ هن خاص نمبر
کي پڻ پسند ڪيو ويندو.
مهربان لکندڙن ڏانهن
مهراڻ جي لاڳيتن خاص نمبرن سبب، جديد سنڌي تخليقي
ادب جي اشاعت ۾ برابر تعطل پيدا ٿيو آهي. ان موضوع
تي اسان پنهنجي گذريل شماري جي اداريه ۾ تفصيلي
گفتگو ڪري چڪا آهيون. اسان کي ان ڳالهه جو اڳي ئي
پورو پورو احساس آهي ته مهراڻ ۾ شعر و شاعري ۽
ڪهاڻين جي مواد کي ساڳئي وقار ۽ اهميت سان، ڀرپور
انداز ۾ پيش ڪيون،ان لاءِ اهتمام موجود آهي.
مهراڻ جو رٿيل ”تحريڪ آزادي نمبر“ انشاالله
ســُـتت شايع ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ دستوري پرچن
۾ ڪهاڻين ۽ شعر و شاعريءَ جي ڀاڱن
کي آب و تاب سان پيش ڪيو ويندو. مهربان لکندڙن کي
گذارش آهي ته پنهنجا نوان پيارا سهڻا شعر ۽ دلپذير
ڪهاڻيون، هاڻي ئي مهراڻ کي موڪلڻ جو انتظام ڪن،
جيئن مهراڻ جا ورندڙ دستوري پرچا اڃا به وڌيڪ
معياري انداز سان رٿي سگهجن.
”مهراڻ“ جو سالانه چندو
ڪاغذ ۽ ڇپائيءَ جي ٻئي ساز و سامان جي مهانگائيءَ
جي ڪري، مهراڻ تي جيڪو خرچ اچي ٿو، ان جي ڀيٽ ۾،
وڪري مان آمدني تمام گهٽ آهي. ظاهر آهي ته مهراڻ
کي پنهنجي مخصوص اهميت ۽ معيار کي قائم به رکڻو
آهي.
ائين برابر آهي ته مهراڻ خالص تجارتي بنيادن تي
شايع ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۽ ان جي اشاعت جو بنيادي
مقصد جديد سنڌي همعصر ادب جي اشاعت آهي.وري اها به
حقيقت آهي ته مهراڻ کي ڪڏهن به وڪري مان مالي
منافعو پيدا ڪونه ٿيو آهي ۽ نه مقصود ئي رهيو آهي.
پر ايترو ضرور آهي جو موجوده مهانگائيءَ جي ڪري
خرچ ۽ آمدنيءَ جي ڇرڪائيندڙ حد تائين ناهموار
ڪيفيت کي نظرانداز به نٿو ڪري سگهجي، بالخصوص ان
حالت ۾، جڏهن بورڊ جي مالي حالت اطمينان بخش نه
آهي.
اهڙيءَ صورتحال ۾، اسان لاءِ هن کانسواءِ ڪو چارو
نه آهي ته مهراڻ جي اشاعت کي خاطر خواه نموني قائم
رکڻ لاءِ، ان جي قيمت ۾ معقول حد تائين واڌ
آڻيون.اسان کي اميد آهي ته انهيءَ موزون اضافي کي
اسان جا مهربان خريدار قبول ڪري، مهراڻ سان پنهنجي
ديرينه محبت جو ثبوت ڏيندا.
اضافي حيثيت سان، سال 1985ع کان مهراڻ جو سالانه
چندو 50 رپين مان وڌائي 75 رپيا ڪيو ويو آهي ۽
دستوري ڪاپي 20 رپيا مقرر ڪئي ويئي آهي.
ان موقعي تي مهربان خريدارن کي اهو واضح ڪرڻ گهرون
ٿا ته مٿئين اضافي جي باوجود، بازار ۾ موجود ٻين
سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جي قيمتن کان مهراڻ جي قيمت
بهرحال هر طرح گهٽ آهي.
ماءُ! ڏٺم اڄ ماٺ مڙهين ۾......
ويجهڙائيءَ ۾ اسان جا ڪجهه پيارا ساٿي اسان کان
وڇڙي ويا آهن! سنڌي ادب، ثقافت ۽ تعليم ۾ سندن ڪيل
خدمتن کي وساري نٿو سگهجي. سيد جمال الدين بخاري ۽
محترم محمد يعقوب نياز بابت قدري تفصيلي احوال هن
پرچي جي آخر ۾ ڏنو ويو آهي.
*--- خادم سنڌي، ڏاڍو پيارو شاعر هو. سندس ڪلام ۾ سنڌ سان
محبت ۽ وطنيت جي جذبي جا نهايت ســُـهڻا تاثرات
سمايل آهن. سنڌي ادبي سنگت سان ديرينه وابستگيءَ
سبب اُن جي وڏي خدمت ڪيائين ۽ خيرپور سنگت جو
سيڪريٽري پڻ رهيو. ذاتي طرح بيحد پيارو انسان هو.
سندس وفات سبب دوستن جي وسيع حلقي کي ڏک پهتو آهي.
*--- ”مستانو“ سيوهاڻي، طنز و مزاح جي ميدان ۾ نهايت
مقبول ۽ تمام پــُـراڻو لکندڙ هو. سندس اصل نالو
رحمت الله ابڙو هو، پر مستانو سيوهاڻيءَ جي قلمي
نالي سان اخبارن ۾ مزاحيه ڪالم لکندو هو. 25 سال
کن لاڳيتو سنڌي صحافت سان وابسته رهيو. ملنسار،
خوش خلق ۽ مرنجان مرنج طبيعت جو مالڪ هو ۽ سڀ ڪنهن
سان رس رهايائين.
*--- برک ماهر تعليم محترم مير محمد سيال سڄي زندگي سنڌ ۾
تعليم و تدريس جي پيشي ۾ گذاري. علم ادب سان
والهانه شوق هوس. سندس شاگردن ۽ دوستن جو حلقو
وسيع آهي. وفات کان چند ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ بورڊ
آف انٽرميڊيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن جي چيئرمن جي
حيثيت سان چارج ورتي هئائين..
*--- اديب، شاعر ۽ فلمساز خدا بخش مغل،”مير سنڌي“ جي قلمي
نالي سان پــُـراڻو لکندڙ هو. سندس ڪجهه ڪلام
مهراڻ ۾ پڻ آيل آهي.
* ادب ذوق ۽ ســُـڄاڻ استاد، حبيب الله
جمالي، جا متعدد مضمون اخبار ”تنظيم جمالي“ ۾
موجود آهن، جنهن جي مجلس ادارت سان، مرحوم سالن جا
سال واڳيل رهيو. آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسئيشن
جي اهم ۽ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان مخلصانه خدمتون
انجام ڏنائين. سندس شمار محنتي استادن ۾ هو. ذاتي
طرح زنده دل، يار ويس ۽ محبوب صفت انسان هو. 54
ساله، جوانه مرگ حبيب الله جمالي جي اڃا وڃڻ جي
ويل ڪانه هئي!
سيد جمال الدين بخاري، محمد يعقوب نياز، پروفيسر
خادم سنڌي، مستانو سيوهاڻي، مير محمد سيال، خدا
بخش مغل، مير سنڌي ۽ حبيب الله جمالي جي وفات تي،
اسان دعاگو آهيون ته شال رب ڪريم مرحومين کي مغفرت
سان نوازي ۽ سندن پوين کي صبر جميل جي توفيق عطا
فرمائي.(آمين)
- نفيس احمد شيخ
سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا
سيد حسام الدين
راشدي
مترجم: غلام محمد لاکو
سنڌ،جيڪا پاڪستان جو هڪ اهم حصو آهي، مون کي پڪ
آهي ته سندس قدامت ۽ شاندار تمدني توڙي علمي
ماضيءَ کان ڪوبه پڙهيل لکيل اڻ واقف ڪونهي. موهن
جي دڙي واري ان جهوني سرزمين ۽ ايران جي وچ ۾
تاريخ جي ابتدا کان ئي گهرن لاڳاپن جا نشان ملن
ٿا(1). تاريخي کنڊرن مان مليل شيون، سماجي ۽
واپاري لاڳاپن جو پتو ڏين ٿيون. قديم تخت گاهه
بهمن آباد(برهمڻ آباد) (2)،ساساني ساخت وارو رني
ڪوٽ، جيڪو ديوار چين جو ننڍڙو نمونو آهي(3)، يا
خود منهنجي تاريخي ڳوٺ بهمن جي نالي ذريعي، اڄ به
ان ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته آڳاٽي زماني کان
اسان جا سياسي لاڳاپا ڪيترو نه گهرا پئي رهيا آهن.
ان کانسواءِ بهرام گور ۽ شنگل (راءِ چڱل؟) جو
واقعو(4)، سنڌ تي بهرام جو اثر ۽ سنڌ کان هزارن
لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي!
فردوسيءَ جا هي شعر ڪنهن نه پڙهيا هوندا.
بنزديک شنگل فرستاد کس
چنين گفت: اي شاه فرياد رس
ازان لوليان(لوريان) بر گزين ده هزار!
نر و ماده بر زخم بربط سوار
کــہ استاد بر زخم دستان بود!
در آواز او، رامش جان بود.
(2)
اسلام کان پوءِ ايران ۽ سنڌ جا لاڳاپا ايترو ويجهو
۽ مستحڪم رهيا آهن، جو چوڏهن سؤ سالن ۾ هي سلسلو
ڪڏهن به ٽٽل نه ٿو ڏسجي. سياسي يا ثقافتي، ادبي يا
فني - بهرحال ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، هي روابط هر دور
۽ هر سمي قائم ۽ مستحڪم پئي رهيا آهن(5). انهن
لاڳاپن جي تاريخ کي - تعلقات جي گوناگون صورتحال ۽
مواد جي ڪثرت توڙي پکڙيل واقعن جي ڪري، آءٌ ڪٿان
شروع ڪيان، ڪهڙن ڪهڙن عنوانن تحت بيان ڪيان ۽ وري
ڪيسين بيان ڪيان، منهنجي لاءِ حيران ڪن ڳالهه آهي.
سر اين رشته ندانم، زکجا بکشائم!
داستان طويل ۽ وقت گهٽ آهي. لهاذا، هتي آءٌ ان
دلچسپ حڪايت جو فقط هڪ مختصر خاڪو پيش ڪندس.
اوهان سڀني کي خبر آهي، ته سنڌ ۾ اسلام ايران
ذريعي پهتو. اگرچ تاريخي رستن ۽ راهن جي ذريعي
اسان جي وچ ۾ واپاري آمد و رفت آڳاٽي وقت کان
موجود هئي(6)، پر شيراز کان ابن قاسم سان گڏ
ايراني لشڪري جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيا، تڏهن عام نوعيت
جي تعلق مذهبي رشتي جي صورت ورتي ۽ عربن سان گڏ
ايرانين جون بستيون پڻ نئين سر سنڌ ۾ آباد ٿيون.
سيستان جي طاهر ذوالمينين(5. 2-259 هه) يا يعقوب
يا يعقوب بن ليث صفار(253-265 هه) جي زماني ۾،
ايراني ڪارندن ۽ حاڪمن جي اچڻ وڃڻ جا، تاريخ ۾ چٽا
نشان موجود آهن(7).
عربي دور حڪومت ۾ جتي عربي زبان کي سياسي بناءَ
تي، سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو مليو، اتي هي قدرتي
امر آهي، ته تجارتي تعلقات ۽ ايندڙ ويندڙ
قافلن(8) يا انهن ايرانين جي ڪري جيڪي عربن سان گڏ
سنڌ ۾ آباد ٿيا، ايراني اثر سان گڏ ايراني زبان کي
به هتي متعارف ٿيڻ جو موقعو مليو هوندو(9).
جيتوڻيڪ عرب جاگرافيدانن هن ڳالهه کي غير ضروري
سمجهي بيان نه ڪيو آهي، پر ان جو سبب به سمجهڻ
جوڳو آهي. ايران ۽ ايراني ٻولي ان وقت غلام هئا،
ان جي اثرن جو چٽائيءَ سان ذڪر نه ڪرڻ، ڪا غير
معمولي ڳالهه نه آهي.
سنڌ جي فارسي زبان سان واقفيت ۽ ان سان دلچسپي،
جيڪڏهن پهريان کان پيدا ٿيل نه هئا، ته پوءِ عربي
زبان جي حاڪميت ختم ٿيڻ بعد فارسي زبان جو پوءِ جي
زمانن ۾، سندس جڳهه وٺڻ ڪهڙي طرح ممڪن هو!
(3)
مختصر مدت جي طوائف الملوڪيءَ بعد عربن کان حڪومت
جي واڳ، سنڌ جي هڪ مقامي قبيلي سومرن جي حوالي ٿي.
ان دور ۾ قرامطين جو اقتدار(10)، هن ڳالهه جو پتو
ڏئي ٿو ته ان زماني جو ايراني فڪر ۽ اثر سنڌ تي
تمام گهڻو هو. محمود جڏهن ملتان(401هه) ۽ منصوره
416هه) کي غلام بنايو، تڏهن ظاهر ۾ قرامطي(11)
وجود کي هن شرعي سبب طور استعمال ڪيو هو.
محمود غزنوي جي لاڳيتن حملن ۽ سندس سنڌ ۽ پنجاب تي
حڪومت قائم ڪرڻ سبب سنڌ ۾ ايراني اثر ۽ ان جي ادب
۾ هڪ تازگي پيدا ٿي پئي. ان دور جي ڪيترن ئي
شاعرن، سنڌ کي پنهنجي شعرن ۾ مختلف صورتن ۾ ياد
ڪيو آهي، جي سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙن سان سندن گهري
واقفيت ۽ دلچسپيءَ جو پتو ڏين ٿا. دقيقي (وفات قبل
384هه)، فرخي (وفات 429هه)، عنصري (وفات 431هه)
قطران تبريزي (وفات 466هه)، ناصر خسرو (وفات
481هه)، مسعود سلمان (وفات 515هه)، عسجدي مروزي
(وفات 514هه)، امير معزي (وفات 21-518هه) ۽ مختيار
غزنويءَ (وفات 535هه) جا شعر هن سلسلي ۾ پڙهڻ جوڳا
آهن(12).
غزنوي اثر واري زماني ۾ فارسي شاعرن ۽ ليکڪن جي اچ
وڃ سبب، سنڌ ۾ جو ڪجهه پيدا ڪيو، اسان کي ڏک آهي
ته زماني جي هٿ چراند اهي سڀ آثار، ڪجهه اهڙيءَ
ريت ختم ڪيا، جو اڄ اسين انهن علمي يادگارن مان
ڪجهه به پيش نٿا ڪري سگهون. بهرحال هي ته اسين
اندازو ڪري سگهون ٿا ته ملتان ۽ منصوره تي تسلط
سبب علمي تخليقون لازمي ٿيون هونديون.
(4)
غزنوين جي دور(401- 441 هه) جي علمي اثاثي گم ٿيڻ
جو اسين ڏک ڇو ڪريون، جڏهن ته اسان وٽ ان دؤر کان
پوءِ ناصر الدين قباچه جي زماني(602 - 625 هه) جو
علمي ذخيرو به محفوظ نه رهي سگهيو. ناصر الدين ۽
سندس علم پرور وزير عين الملڪ اشعريءَ جي علمي
سرپرستيءَ ڪري، تاتارين جي غارتگري ۽ خونريزين سبب
هجرت ڪندڙ، متعدد عالمن ۽ ناميارن شاعرن کي پنهنجي
درٻار ۾ آڻي گڏ ڪيو(13).
مولانا قطب الدين ڪاشاني(14)، قاضي شرف الدين
اصفهاني(15)، سيد الند ماعه تاج الفضلاعه فخر
القد ماءَ شمس الدين محمد بلخي(ڪي بزرگ هن شاعر جو
نالو هن ريت به لکن ٿا - شمس الدوله سيد الند ماءَ
تاج الفضلاعه فخر القد ماءَ محمد الکاتب بلخي-
سنڌيڪار)، فخر الشعرا ضياءَ الدين سجزي، منهاج
سراج قاضي (624 هه)، سديد الدين عوفي(617هه)،
”بفروش“ شاعر ۽ فضلي ملتاني(16)، جا چند نالا آهن،
جيڪي محفوظ رهجي اتفاق سان اسان وٽ پهتا آهن. جن
جو نالو گم ٿي ويو، اهي نه ڄاڻ ڪيترا هوندا، جيڪي
هن درٻار ۽ دور سان واسطيدار هئا. ”جامع الحڪايات“
”الفرج بعدشدة، جو ترجمو، ”طبقات ناصري“ جي تاليف
جو آغاز ۽ ”چچ نامه“ (613هه) هن سونهري دور جا اهي
علمي يادگار آهن، جي خوشقسمتيءَ سان زماني جي هٿ
چراند کان بچي اسان تائين پهتا آهن. ”چچ نامه“ جو
فارسي مترجم سنڌ جي هڪ عالم مولانا ڪمال الدين
اسماعيل جي لاءِ - جنهن وٽان کيس ”فتح نامه“ جو
عربي متن مليو. لکي ٿو ته، هو فارسي علم ۽ فن ۾ بي
مثال هو(17). هي بزرگ اروڙ جو هو، جيڪو شهر سنڌ جي
اڳين بادشاهن جو تختگاهه هو.
محمد بن عليءَ جي هن قول مان سنڌ ۾ فارسي علم جي
ترويج جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هي فارسي مترجم پاڻ
به شاعر هو. ”چچ نامه“ ۾ به سندس شعر موجود
آهن.(18).
هيءَ تعجب ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته فارسي شاعرن جو
سڀ کان پهريون تذڪرو، جنهن کي ديوان سڏيو ويو
آهي(19)، سنڌ جي سرزمين تي مرتب ٿيو، ۽ پوءِ ٻئي
قديم ترين تذڪري”لباب الالباب“ جي تڪميل جو شرف به
سنڌ کي ئي حاصل ٿيو.
هن دور جي فارسي شاعريءَ جو نمونو اسان کي ”لباب
الالباب“ ۾ ملي ٿو. خود عوفيءَ جو اهو قصيدو، جيڪو
بکر جي قلعي جي فتح تي هن لکيو، اسان وٽ هڪ قيمتي
ادبي اثاثو آهي(20).
بهرحال، هي سڀ علمي آثار ۽ نشان غزنوي دور کانپوءِ
جو بچي ويل سرمايو آهي. جيڪو ڪجهه ختم ٿي ويو، ان
جو نقصان نه فقط سنڌ جي لاءِ، پر فارسي ادب جي
تاريخ لاءِ هڪ ابدي نقصان جي حيثيت رکي ٿو.
شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني(وفات 666 هه)، هن
دور جو جيد صوفي ۽ صاحب حال بزرگ هو. وٽس سماع جو
رواج هو، جتي اڪثر ڪري فارسي شعر پڙهيا ويندا
هئا(21)، هڪ ڀيري هن شعر، شيخ کي ڊگهي عرصي تائين
وجد جي حالت ۾ بي حال رکيو.
مستان که شراب ناب خوردند
از پـهلوئي خود کباب خورد ند (22)
شيخ بهاءُ الدين ذڪريا وٽ، فخر الدين عراقي(وفات
688 هه) وارد ٿيو. سندس غزل-
نخستين باده کاندر جام کردند
زچشم مست ساقي وام کردند
۽ هي غزل -
در کوئي خرابات ”کسي راکه نياز“ است
هوشياري ومستيش همـہ عين نماز است
هتي جا يادگار آهن(23).
شيخ عثمان قلندر لعل شهباز مروندي، جنهن جي خانقاه
سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ اڄ تائين زيارتگاهه
بنيل آهي، اهو بلبن جي دور ۾، جڏهن سندس پٽ خان
شهيد(668 - 683 هه) ملتان جو حاڪم هو(1)
مرند کان سنڌ پهتو. ڏانهس ڪيئي فارسي غزل منسوب
آهن(وفات 650 هه)(24).
هي ياد رهڻ گهرجي ته جلال الدين خوارزم شاهه(18 -
619 هه) جو اچڻ ۽ سنڌ ۾ سڄو سال رهڻ ۽ ديبل جي ارد
گرد جامع مسجد ٺاهي وڃڻ، بحث هيٺ آيل دور جي شروع
جو اهم سياسي واقعو آهي.
سنڌ تي تعلقن جا حملا 752/ 1351ع کان شروع ٿين ٿا،
جڏهن ته هتي سومرن جي جاءِ تي، سمن جو گهراڻو حاڪم
ٿي چڪو هو.
هن دور ۾ فارسي شعر چوڻ جو، مقامي طور تي رواج جو
اهڃاڻ پڻ ملي ٿو. هن سلسلي ۾ اسان وٽ ان فارسي شعر
جو هڪ مصرع ثبوت جي لاءِ موجود آهي، جو سنڌي نسل
سنڌ جي حاڪم فيروز، تغلق آڏو پڙهيو هو.
شاهه بخشنده توئي بنده شرمنده منم(25).
ملتان جي حاڪم عين الملڪ ماهر و جي خطن جو مجموعو
’انشاي ماهرو‘، جي نالي سان موجود آهي، جيڪو هن
ڳالهه جو ثبوت آهي ته، هن دور ۾ فارسيءَ کي سرڪاري
زبان جي حيثيت حاصل هئي ۽ سنڌ جي سلسلي ۾، لکپڙهه
لاءِ به”فارسي“ کان ڪم ورتو ويندو هو. هن ڪتاب ۾
سنڌ جي حاڪمن جي نالي جيڪي خط آهن، اهي هن ڳالهه
جي شاهدي ڏين ٿا(26).
سنڌ ۾ هي رواج به ان زماني ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته، ماڻهو
پنهنجي بزرگن جي ڪتبو 782 هه(27)، ۽ محمد تغلق جي
عارضي قبر تي سيوهڻ جا ڪتبا(28) هن ڳالهه جي شاهدي
ڏين ٿا.
ننڍي کنڊ ۾ ڪلام پاڪ جا ٻه پهريان فارسي ترجما به
سنڌ ۾ ئي ٿيا آهن، جن مان مخدوم جهانيان جهان
گشت(وفات 785 هه) جو ترجمو(29)، هن دور جو يادگار
آهي ۽ ٻيو(جيڪڏهن شهاب الدين دولت آباديءَ جو
تفسير”بحر مواج“ کي تفسير جي حيثيت ڏجي ته پوءِ)
ڏهين صدي هجريءَ ۾، مخدوم نوح هالائيءَ جو ڪيل
فارسي ترجمو آهي،(1)
جو هند و پاڪ جي سڀني فارسي ترجمن ۾ آڳاٽو
آهي(30).
اگرچه اها ڳالهه موضوع کان ٻاهر آهي، پر هڪ عجيب
اتفاق جو هتي ذڪر ڪرڻ دلچسپ هجڻ سبب، منهنجي خيال
۾ برو نه ٿيندو. هي عجيب اتفاق آهي ته، ڪلام پاڪ
جو پهريون ترجمو، جو ڪنهن به غير ٻوليءَ ۾ ٿيو،
اهو به سنڌ ۾ ئي ۽ هتي جي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي(31).
(6)
اٺين صدي هجريءَ ۾، يا ان کانپوءِ اسان کي ڪيترائي
علمي گهراڻا اهڙا ملن ٿا، جن ايران کي ڇڏي، سنڌ ۾
مستقل رهائش اختيار ڪئي، جن جي اٿي ويٺي،مجلسن ۽
صحبتن جي ڪري، سنڌ ۾ فارسي زبان جي اشاعت ۽ اضافي
کي وڏي تقويت حاصل ٿي.
هن سلسلي ۾ شيراز جي انجوي ساداتن جي هڪ شاخ جي
بزرگ سيد محمد جو نالو کڻي سگهجي ٿو، جيڪو 786هه ۾
شيراز کان نڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. خاندان جي تاريخي
ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، حافظ شيرازي هن سيد
محمد جو بي حد معتقد هو ۽ ان به ساڻس گڏ وطن ڇڏيو،
ليڪن قنڌار پهچي سيد صاحب زور ڀري کيس واپس ڪري
ڇڏيو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته حافظ:
”گريه ميکرد و ميرفت“(32).
هن دور ۾ دارلسلطنت ٺٽي ۾ توڙي سنڌ جي ٻين وڏن وڏن
شهرن ۾، ڪثرت سان مدرسا موجود هئا(33)، جن ۾
عربيءَ سان گڏوگڏ، فارسي ڪتاب به پڙهايا پئي ويا.
(7)
خراسان جو آخري تيموري سلطان حسين بايقرا(863-
912هه) ۽ سنڌ جو والي ڄام نظام الدين(866- 914هه)
نه فقط همعصر هئا، بلڪ هم ذوق به هئا. علمي ۽ ادبي
سرپرستيءَ ۾ هڪجهڙا هئا، جنهن ڪري هرات ۽ ٺٽو هڪ
ئي وقت ۾ شاعر، ۽ عالمن جو ڳڙه بنيل هئا(34) ، ۽
سندن درميان هڪجهڙائيءَ جو هي به هڪ عجيب اتفاق
آهي ته، جنهن وقت تيمورين جي هن آخري سلطنت جي
طاقت ختم ٿي! ته عين ان وقت سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جو
ڏيئو به گل ٿي ويو. آزاد سنڌي حڪومت جو هي آخري
ادب پرور شاهه، ڄام نظام الدين سمون نه فقط علم
دوست ۽ هنر پرور هو، ليڪن خود به فارسيءَ جو شاعر
هو. هي رباعي سندس آهي:
اي آنکه، ترا نظام الدين مي خوانند
تومفتخري، مرا چنين مي خوانند
گر در ره دين، از تو خطائي افتند
شک نيست که ترا کافر لعين مي خوانند(35).
مولانا عبدالعزيز ابهري پنهنجي خاندان سان گڏ، هن
دور ۾ ئي سنڌ پهتو ۽ مستقل طور هتي ٽڪي پيو(32).
هن هتي علم جي اشاعت ۽ واڌاري لاءِ هڪ وڏي مدرسي
جو بنياد رکيو. علامه جلال الدين دواني(908هه) به،
هن سلطنت جي علم پروريءَ جي هاڪ ٻڌي هتي اچڻ ٿي
گهريو، ليڪن سندس ٻه شاگرد، مير شمس ۽ مير معين،
سلطان نظام الدين کان سفر جو خرچ وٺي، جيسين اتي
پهتا، ان کان اڳ علامه دواني آخرت جي سفر تي روانو
ٿي چڪو هو(37).
901هه ۾ مشهد مقدس کان سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق هت
پهتا، جن جو خاندان”مشهدي سادات“ جي نالي سان ٺٽي
۾ اڃا هلندو اچي(38). مشهدين جو ٻيو گهراڻو،ٻن
ڀائرن سيد احمد ۽ سيد محمد ولد سيد عابد مشهديءَ
تي مشتمل هو، سو 906 هه ۾ اچي هتي پهتو(39).
مڪليءَ جي قبرستان ۾ خواجه شرف الدين شيرازيءَ جي
قبر به ان دور جو يادگار آهي، جنهن تي هي ڪتبو
موجود آهي:
وفات مرحوم الواصل الي رحمة الله
خواجه شرف الدين شيرازي
في تاريخ شهر جمادي الاول سنه 911 هه (40).
هي بزرگ به انهن ايندڙن مان هڪ آهي، جن کي نظام
الدين جي علم نوازي ايران کان سنڌ گهلي آئي.
ٺٽي ۾ مغلپوره هن سلطان جو يادگار آهي. هي محلو ان
ڪري سرڪاري خرچ سان ٺاهيو ويو ته، جيئن ايران مان
ايندڙ مشاهير ۽ عالم آساني ۽ آرام سان، اچڻ شرط
هتي آباد ٿي وڃن. هي ياد رکڻ گهرجي ته هن دور ۾
ايرانين جي لاءِ ”مغل“ ۽ ”ولايت زاد“ لفظ استعمال
ڪيا ويندا هئا. مغل لفظ شايد ان ڪري ايرانين جي
لاءِ مشهور هو، ڇو ته ان زماني ۾ ايران جا مختلف
ٽڪرا، تيموري مغلن جي قبضي ۾ هئا.
ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جهڙي ريت ايران لاءِ ڏک
۽ ڏڦيڙ جو سبب بني، اهڙيءَ ريت سنڌ جي لاءِ به. هن
صديءَ جي ابتدا مستقبل جي مستقل سياسي نڀاڳ جو سبب
بني. ايران ۾ تيمورين جو ڏيئو گل ٿيڻ شروع ٿيو
هو. شيباني، صفوي ۽ بابري قوتون هڪٻئي خلاف ميدان
۾ هيون. هتي سنڌ ۾ سلطان نظام الدين جي وفات
خانداني جهڳڙي جو اهو سلسلو پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي
آزاد مستحڪم ۽ وسيع سلطنت جون پاڙون پٽي ڇڏيون.
ايران، شاه اسماعيل (906 - 930هه) صفويءَ جي ذريعي
جلد ئي نه فقط هڪ مستقل گهراڻي جي هٿ ۾ انتشار ۽
طوائف الملوڪيءَ جي تباهڪارين کان بچي ويو، پر
نئين سر آزادي حاصل ڪري پنهنجي ٽڙيل پکڙيل حصن کي
گڏ ڪري، مستقل بادشاهت جو بنياد وجهي صحيح رستي تي
گامزن ٿي ويو، ليڪن سنڌ جي حالت ٺيڪ نه ٿي سگهي،
ڇو ته ٽن - چئن ماڻهن تي مشتمل ارغون گهراڻو، جيڪو
سلطنت جي پاران قنڌار، ڪابل، بست ۽ زمين داور تي
نيابت ڪندو هو، اهو بابر جي قنڌار ۽ ڪابل تي قبضي
ڪرڻ بعد، سنڌ جي ان گهرو جهڳڙي مان فائدو وٺي، سنڌ
تي قبضو ڪري ويٺو.
اڃا گهرو لڙائي هلي رهي هئي، ته هرات جي تيموري
بادشاهت جو ڀٽڪيل شهزادو بديع الزمان (41)، سنڌ ۾
آيو ۽ ڄام فيروز وٽ پناهگير بنيو(18 - 919 هه)
ليڪن پوءِ جلد ئي هتان ترڪيءَ ڏي راهي ٿيو.
(8)
هر معاملي جا ٻه پهلو ٿين ٿا. ارغوني تسلط جي
تصوير جو سياسي پهلو، جنهن جي تاريخ(927 هه)
”خرابيءَ سنڌ“ مان نڪري ٿي(42)، بلاشڪ اونداهو نه
پر تاريڪ رهيو: ليڪن ٻيو پهلو، جيڪو خاص علمي ۽
ادبي هو، اهو روشن بلڪ روشن تر گذريو.
جيتوڻيڪ سنڌ گذريل دور ۾ ئي فارسي زبان کي درٻاري
۽ علمي زبان قبول ڪري چڪي هئي، ليڪن هن خاص فارسي
گو گهراڻي جي تسلط بعد ايران سان اسان جا لاڳاپا
زياده مضبوط ٿي ويا. شيراز، مشهد، سبزوار ۽ ٻين
ايراني شهرن مان سوين روحاني ۽ علمي گهراڻا سنڌ ڏي
لڏي آيا، جنهنڪري فارسي ٻولي ۽ فارسي تمدن جي
جهڙوڪر، هڪ مڪمل دنيا سنڌ ۾ پيدا ٿي پئي.
هن زماني ۾ غياث الدين منصور دشتڪيءَ جي گهراڻي
مان سيد شڪر الله شيرازي (43) سنڌ ڏي لڏي آيو،
جنهن جي گهراڻي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ناميارن عالمن،
فارسي گو شاعرن، طريقت جي صاحب ۽ اهل قلم فاضلن کي
جنم ڏنو. شيرازي ساداتن جو ٻيو خاندان سيد ڪمال ۽
سيد جمال نالي ٻن ڀائرن تي مشتمل، سيد شڪر الله
سان گڏ ٺٽي پهتو، جنهن جي گهراڻي به ڪيئي مشاهيرن
کي پيدا ڪيو(44).
مولانا جامي رح جي دوست ۽ روحاني رفيق شيخ جلال
الدين بايزيد پورانيءَ کان هر اهو پڙهيل لکيل واقف
آهي، جنهن ”نفحات الانس“ پڙهيو آهي. هن شيخ جلال
الدين پورانيءَ جو ڏوهٽو ميرڪ شيخ محمود سنڌ ۾ هن
زماني ۾ پهتو(45)، ۽ ٻن سون سالن تائين، سندس
خاندان سنڌ ۾ عالمن، شاعرن ۽ ليکڪن کي پيدا ڪندو
رهيو. سنڌ ۾ هي گهراڻو عربشاهي سبزواري ميرڪ سيد
جي نالي سان به مشهور آهي ۽ پوراني سادات پڻ سڏائي
ٿو.
مير غياث الدين محمد معروف ، سلطان رضائي عريضي
سبزواري صاحب”حبيب السير“ يعني خواند مير جو ڏوهٽو
هو(42). هي به پنهنجي اولاد کي وٺي، هن دور ۾ لڏي
آيو. سندس سنڌي اولاد به سنڌ ۾ فارسيءَ جا ڪيئي
پايدار علمي آثار ڇڏيا آهن. هي معلوم هجڻ گهرجي
ته”حبيب السير“ واري ليکڪ جا ارغون گهراڻي سان
تمام ويجها ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن. خواند مير
پاڻ به هتي آيو هو. ليڪن پوءِ هندستان ويو ۽ اتي
ئي وفات ڪيائين(47).
مولانا مصلح الدين لاري(48)، مولانا عبدالخالق
گيلاني(49)، مولانا يار محمد ياري هروي(50) ۽
مولانا يونس سمرقندي(51) به هن دور ۾ آيا ۽ حيدر
ڪلوچ به هن دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي فوت ٿيو(52).
شاه جهانگير هاشمي ڪرمانيءَ جي مثنوي ”مظهر
الاثار“ (940هه) (53)، فخري هرويءَ جو تذڪرو ”روضة
السلاطين“ (958 هه) (54) ۽ شاعريءَ جي فن ۾ ”صنايع
الحسن“ (55) ۽ خواتين شاعرن جو تذڪرو ”جواهر
العجائب“ (56) يا وري ”فتاواي پوراني“(57) ۽ ”آداب
المريدين“ (58)، هن دور ۾، اسان جي مٿي ذڪر ڪيل
خاندانن جون چند علمي نشانيون آهن.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته”روضة السلاطين“ فارسي
شاعرن جو ٻيو جهونو تذڪرو آهي، جيڪو سنڌ ۾ لکيو
ويو. اهڙيءَ طرح فخري هرويءَ جو”جواهر العجائب“
خواتين شاعرن جو پهريون تذڪرو ”روضة السلاطين“
(958) (54) ۽ شاعريءَ جي فن ۾ ”صنايع الحسن“ (55)
۽ خواتين شاعرن جو تذڪرو”جواهر العجائب“ (56) يا
وري فتاواي پوراني“(57) ۽ ”آداب المريدين“ (58)،
هن دور ۾، اسان جي مٿي ذڪر ڪيل خاندانن جون چند
علمي نشانيون آهن.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته”روضة السلاطين“ فارسي
شاعرن جو ٻيو جهونو تذڪرو آهي، جيڪو سنڌ ۾ لکيو
ويو. اهڙيءَ طرح فخري هرويءَ جو ”جواهر العجائب“
خواتين شاعرن جو پهريون تذڪرو آهي، جيڪو هتي لکيو
ويو.
هن جي مغل بادشاه همايون جو ايران وڃي پناهه وٺڻ
هن دور جو مکيه سياسي واقعو آهي. هن ڏس ۾ هي ياد
رکڻ کپي ته اهو شاه حسن ارغون ئي هو، جنهن سنڌ ۾
(47- 950 هه) همايون کي رهڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي
سمورين ڪوششن ناڪام ٿيڻ بعد ٻيو رستو نه ڏسي هو
ايران ڏي ”صراط مستقيم“ (950 هه) ذريعي روانو
ٿيو(59). شاهه طهماسپ صفويءَ کي، همايون بادشاهه
جيڪو خط لکيو، ان ۾ شاه حسن ارغون جي سياست ڪاريءَ
ڪري، کيس پهتل تڪليفن جو اشارو هن ريت ڪيو آهي.
”از فضائي سواد اعظم هند، بتنگنائي ظلم سندهه،
رسيده شد“
بگذشت از سر مان آنچه گذشت
چه بدريا وچه کهسار و چه دشت (60)
(9)
ارغونن کانپوءِ (962هه) سنڌ کي، هنن جي ٻن اميرن
تقسيم ڪيو، هيٺين سنڌ(ٺٽو) ميرزا عيسيٰ ترخانن ۽
اتر سنڌ(بکر) سلطان محمود بکريءَ جي حـصي ۾ آئي.
هي اهوئي ميرزا عيسيٰ ترخان آهي، جنهن جي زال ماه
بيگم جي نالي فخري ”جواهر العجائب“ منسوب ڪيو هو،
ليڪن جڏهن اڪبر تخت تي ويٺو(963 هه) تڏهن، هڪ
معمولي امير جي زال جي ڀيٽ ۾ هڪ وڏي بادشاهه جي
دائي ماهم انگــہ جي نالي، هن پنهنجي انتساب کي
تبديل ڪري ڇڏيو.
ميرزا عيسيٰ ۽ سندس پوين(962- 1000 هه) جا لاڳاپا،
ايران سان اهڙيءَ ريت ٺيڪ رهيا، جهڙيءَ ريت اسان
ارغوني دور جو اڀياس ڪيو. هن دور ۾ به ڪيئي ايراني
خاندان، پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي سنڌ پهتا. سيد بدر
الدين مازندراني(61)، هن دور ۾ لڏي ايندڙن مان هڪ
آهي. تاريخ نگارستان جو مؤلف قاضي احمد غفاري
قزويني هن زماني ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ هتي ئي فوت ٿيو(
975 هه) (62).
مشهد (آستان قدس) سان، ميرزا عيسيٰ ترخان جي گهري
وابستگي هئي، چنانچه عقيدت جي اظهار طور هن خاص
اهتمام سان سنڌي مشعل ٺهرائي، اوڏانهن موڪلي ڏنا.
ميرزا عيسيٰ سياسي طور تي به، ايران سان لاڳاپي جي
لاءِ مجبور هو. هو سنڌ ۾ هڪ پاسي بکر جي حاڪم
سلطان محمود بکريءَ کان ڊنل هو، ته ٻئي طرف اڪبر
کان به کيس خوف هو، جيڪو نئون نئون فتوحات جي
تازي جذبي ۽ ارادي سان تخت نشين ٿيو هو. لهاذا،
ميرزا جي لاءِ بي حد ضروري هو ته، هو پنهنجي
پاڙيسري سلطنت بلڪ عظيم تر مملڪت يعني ايران سان
لاڳاپو پيدا ڪري، ليڪن سندس مشهد ڏي لاڙو، پڪ آهي
ته سياسي نوعيت جو هو.
محمود بکري، جنهن جو نالو اسان هاڻي کنيو آهي، سو
ان وقت نه رڳو لاثاني بهادر ۽ جنگجو امير هو، بلڪ
سياست ۽ ڏاهپ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو. ايران ڏي
ميرزا عيسيٰ جو لاڙو ڏسي، هن به پنهنجا سفير موڪلي
شاه طهماسپ سان پنهنجا تعلقات پيدا ڪري ورتا
هئا(63).
مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبز واري، جنهن
جي خاندان جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، محمود بکري
پاران ۽ تردي بيگ يا حق بر دي بيگ ايراني درٻار
مان سنڌ ايندا ويندا رهيا (967 هه) (64). شاه
طهماسپ نه رڳو پاڻ کيس ”خان“ ۽ ”سلطان“ جو لقب
ڏنو، بلڪ محمود جي ئي درخواست تي، اڪبر کي به خط
لکيو ته محمود کي پنهنجي درٻار مان به ”خان خانان“
خطاب ڏنو وڃي. هندستاني درٻار ۾ جيئن ته هڪ وقت ۾
هڪ خان خانان هوندو هو، ۽ ان وقت منعم خان هن منصب
تي فائز هو، لهاذا اڪبر، شاه طهماسپ کي معذرت جو
خط لکيو (65).
|