سنڌ جا سهروردي
بزرگ
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
[سنڌ جي سهروردي بزرگن بابت هڪ مقالو سه ماهي
”مهراڻ“ جلد 32، نمبر 2 ۽ 3- 1983ع ۾ شايع ٿي چڪو
آهي. هي مقالو ان جو ٻيو حصو سمجهڻ گهرجي. اڳيئن
مقالي ۾ بيان ڪيل بزرگن جي اولاد ۽ مريدن جو
تفصيلي احوال هن مقالي ۾ ڏنو پيو وڃي.]
سيد محمد مڪي
سندس والد سيد محمد شجاع، اصل مشهد جي ويٺل هو.
سيد شجاع مشهد مان نڪري سير ڪندو بغداد آيو.
سهروردي سلسلي جي باني شيخ شهاب الدين عمر سهروردي
(وفات 1234ع) جو مريد ٿيو، ۽ ان جي نياڻيءَ سان
سندس شادي ٿي. اتان ٿي مڪي شريف آيو، جتي کيس محمد
مڪي ڄائو. سيد محمد شجاع موٽي مشهد آيو ۽ اتي وفات
ڪيائين. امام موسيٰ رضا جي مقبري ۾ مدفون ٿيو.
سندس فرزند سيد محمد مڪي بکر ۾ اچي سڪونت اختيار
ڪئي. سندس مزار سکر ۾ ڪليڪٽريءَ لڳ آهي.
سندس فرزند شاهه صدر الدين به وڏو بزرگ ٿي گذريو
آهي. سندس مزار بکر ٻيٽ ۾ آهي. شاهه صدر الدين جو
فرزند سيد بدر الدين به وڏو بزرگ ٿيو. سيد جلال
سرخ بخاري جڏهن بکر ۾ آيو، ته کيس پنهنجي نياڻي
نڪاح ۾ 0نائين. سيد جلال ڪجهه وقت بکر ۾ رهي، پوءِ
اُچ ويو.
هن خاندان مان ٻيا به ڪيترائي بزرگ ٿيا، جهڙوڪ:
سيد علاؤ الدين بن سيد محمد مڪي، سيد موسيٰ بن سيد
علاؤ الدين، سيد شهاب الدين بن سيد موسيٰ، سيد
علاؤ الدين بن شهاب الدين، سيد حيدر حقاني( مدفون
روهڙي)، مير ميران رضوي، سيد يعقوب، سيد صادق علي،
سيد نظام ولد ناصر، مير جعفر، مير سعيد خان، مير
قلندر علي وغيره. هي خاندان پوءِ بکر مان لڏي اچي
روهڙيءَ ۾ رهيو، ۽ اڃا تائين سندن پويان روهڙيءَ ۾
رهن ٿا ۽ رضوي سيد سڏيا وڃن ٿا.
مير جان الله شاهه رضوي
سيد حيدر حقاني جي اولاد مان مير جان الله شاهه يا
مير جان شاهه، وڏو بزرگ ۽ فارسي زبان جو باڪمال ۽
صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. هو طريقت ۾ شاهه
عنايت شهيد جهوڪ واري جو مريد ۽ وڏو خليفو هو،
انهيءَ ڪري قادري طريقي ۾ آيو. شاهه شهيد جي شهادت
تي ڏاڍو پر درد ۽ پرسوز مرثيو فارسي زبان ۾
لکيائين. 4 - ربيع الاول سنه 1167 هه(1754ع) تي
وفات ڪيائين.
سنڌي زبان جي باڪمال شاعر حضرت قادر بخش بيدل
روهڙيءَ واري جا وڏا هن بزرگ جا مريد هئا. حضرت
بيدل به هن بزرگ جي سجاده نشين جو مريد هو.
مير جان الله شاهه فارسي جو صاحبِ ديوان شاعر هو.
سندس شعر نهايت اعليٰ درجي جو آهي، ۽ هندستان جي
ان زماني جي شاعرن مرزا بيدل، آزاد بلگرامي ۽ واقف
بٽالوي جي مقابلي جو آهي. تصوف جي مضامين سان گڏ
حسن و عشق جو ذڪر به دلگداز انداز ۾ ملي ٿو. فني
پختگي، رواني ۽ اثر انگيزي سندس ڪلام جون خاص
خصوصيتون آهن. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
صاحبِ تسليم را برهان نمي آيد بکار –
اهلِ دين را حکمت يونان نمي آيد بکار
انحرافِ عکس از معکرس در آئينه نيست –
مير محوِ دلبران را جان نمي آيد بکار
بزلفِ کافرِ او نقد ايمان دادم و رفتم –
بمزگانِ کجش تصديق برهان دادم ور فتم
جان الله شاهه ثاني
مير جان الله شاهه صاحب جي اولاد مان عالم، اديب ۽
شاعر ٿيندا آيا آهن. سندس وفات کان پوءِ سندس
گاديءَ تي مير قلندر علي سندس فرزند ويٺو، جنهن
1187 هه ڌاري وفات ڪئي. کانئس پوءِ مسند تي مير
جان الله شاهه اول جو ٻيو فرزند مير منور علي شاهه
ويٺو، جنهن 1199 هه ڌاري وفات ڪئي، ۽ 6 فرزند
ڇڏيا. مير جان الله شاهه ثاني انهن ڇهن مان ننڍي ۾
ننڍو هو. فقيري سجاده تي سندس وڏو ڀاءُ مير فتح
علي شاهه ويٺو، جنهن جي زير نظر مير ثانيءَ جي
تربيت نهايت بهترين نموني ٿي. عربي ۽ فارسيءَ ۾
مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ روحاني ترقيءَ ڏانهن ڌيان
ڏنائين. انهن ڏينهن ۾ ڀاڳ ناڙيءَ کان مير جان الله
شاهه اول جو خليفو سيد عبدالوهاب شاهه روهڙيءَ ۾
آيو، جنهن مير ثانيءَ کي روحاني تربيت ڏيئي، بلند
مرتبي تي پهچايو. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ ميرثاني
فقيري سجاده تي ويٺو.
ميرثاني وڏو سخي هو. هندو مسلمان صوفي ڪهي اچي
ساڻس ملاقاتيون ڪندا هئا. هالن وارو مشهور ويدانتي
ولايت راءِ، جو پوءِ قمبر ۾ اچي رهيو، ڪهي اچي مير
صاحب سان ملاقاتيون ڪندو هو. روهڙيءَ جو هندو صوفي
پارو شاهه سندس بيحد معتقد هو. روهڙيءَ جو سوموڙ ۽
سنڌ جو عظيم شاعر حضرت قادر بخش بيدل هن بزرگ جو
ئي مريد هو. بچل شاهه مياڻيءَ وارو سندس همعصر هو
۽ سندس روحاني عظمت جو قائل هو.
مير ثاني 1864ع ڌاري وفات ڪئي. فارسيءَ جو بلند
پايه شاعر هو. سندس تخلص ”عاشق“ هو. سندس ديوان ۾
تصوف جي مسئلن جي اپٽار آهي. نموني طور ٻه غزل هيٺ
ڏجن ٿا:-
الاهي موج طوفان بخش لشک ديده گريان را –
سحاب آسا پر افشان کن مدامم چشم جريان را
تلطف خويش قائم کن برائي درد مند عشق –
از ابر رحمت سر سبز گردان جان بريان را
خيالات و جو دم را همه منسوخ گر داني –
بکن گلزار نوراني تجلي طور طريان را
ز بير حمي بسايل ديدن آئين گرم نبرد –
بده ساغر زمي احمر بنوشان ديده تريان را
عجائب ”عشق“ همت داد عاشق را درين منزل –
بزير حکم خود آورد جن و انس و پريان را
(2)
دل ز دستم مير و د در گردش است راز مرا –
مي برد هرجا که بيند يار دمساز مرا
بهر وصل دوست ميکو شند مشتاقان وصال –
ميرو د از خويش بيند هر که اعجاز مرا
هر کجا ميخواهم وهم مير وم اختيار ماست –
از مکان تا لا مکان در لخطه پرواز مرا
از کلام جا نشاه ”عشق“ صفا اظهر شود –
هر که خواهد بيندش تصنيف آغاز مرا
مير جان الله شاهه ثالث
مير جان الله شاهه ثاني کان پوءِ علي اڪبر شاهه
اول سجاده نشين ٿيو. هي بزرگ حضرت بيدل جو همعصر
هو. مير جان الله شاهه ثالث، علي اڪبر شاهه اول جو
فرزند هو، ۽ کانئس پوءِ سجاده نشين ٿيو. هو عالم،
فاضل، شاعر ۽ بزرگ هو. ڪيترائي هندو مسلمان سندس
مريد هئا. ويهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ وفات
ڪيائين. سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ۾ پختو شعر
چيو اٿس. سندس ڪلام ۾ تصوف جا مسئلا سمجهايل آهن.
ان سان گڏ حسن و عشق جو ذڪر به رنگين ۽ دلڪش نوع ۾
ڪيو ويو آهي. سندس ڪلام ۾ عربي، فارسي ۽ ٺيٺ سنڌي
لفظن سان گڏ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ به ملن ٿا،
جهڙوڪ:
مرگهه ترشنا جي جل جو، ڇڏيائون اولو
ارد يا ڳنڍ کلي پئي، ويو غير جو چولو
جان شاهه، ڀڃي ڀرم جو ڀولو، سامي سنوان ٿيا سير ۾.
--- ---
ڪوڙ ڪپت پر پنچ ۾، اوسرين آتم ڌن
لحظي ۾ لڙهي ويا، ڪي ئي مورک من
جان شاهه، ڪري من امن، چڙهي ويٺو سکپت سيج تي.
ميون شاهه عنايت رضوي
هن خاندان مان شاهه هاشم رضوي بکر مان لڏي نصرپور
۾ آيو، جتي سندس خاندان مان ڪيترائي بزرگ ٿيا.
سنڌي زبان جو باڪمال شاعر ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جو وڏو معاصر ميون شاهه عنايت رضوي هن خاندان مان
هو. سندس والد بزرگ جو نالو سيد نصر الدين هو. سنه
1120 هه ۽ 1025 هه جي وچ ڌاري وڏيءَ عمر ۾ وفات
ڪيائين. پنهنجي والد جي مرشد شاهه خير الدين جو
مريد هو، ۽ ان جي زيارت لاءِ بار بار سکر ويندو
هو. هي پهريون شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ تصوف سان
گڏ حسن و عشق جو ذڪر به ملي ٿو. ان کان پوءِ هي
پهريون شاعر آهي، جنهن جو ”مڪمل رسالو“ مليو آهي،
جنهن ۾ پهريون ڀيرو بيتن سان گڏ وايون به نظر اچن
ٿيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس ننڍو معاصر هو.
هڪ روايت موجب ٻنهي جي پاڻ ۾ روح رهاڻ ٿي هئي.
اندازو آهي ته شاهه لطيف کانئس گهڻو ڪجهه پرايو.
نموني طور شاهه عنايت رضوي جو ڪجهه شعر هيٺ ڏجي
ٿو:
سائر لهريون ريج وڻ، جيئن سي پکين پــَـکَ،
وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪکَ،
اونهون ڏيهه عظيم جو، پيتم تان نه پرَ کَ،
تـــِـهان مٿي لک، آءٌ ڀال ڀلي جا ڀائنيان.
---- ----
ميان! تون ميٽائيين، ڪئم ڏوهه ڪبير،
الا، هن عاجز جا، سڀئي ڪٽ صغير،
برڪت محمد مير، پار پهتا پهيڙا.
ٻين شهرن جا رضوي سيد
سيد محمد مڪي جي اولاد مان سيد حميد بکر مان لڏي
اچي جوڻ ۾ رهيو، ۽ هتي سندس خاندان وڌيو ويجهيو.
ارغون -- ترخان دور ۾ سيد محمد مڪي جي اولاد مان
سيد جادم عرف جادو جا ٻه فرزند سيد محمد يوسف ۽
سيد عبدالرزاق لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا، جتي سندن
خاندان ديني خواه دنيوي اوج حاصل ڪيو. سيد بدر
عالم بن سيد صدر الدين جو هڪ فرزند شعبان الملت
سيد مرتضيٰ، پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ لڏي وڃي
جهونسي(هندستان) ويٺو. اتي سندس خاندان وڌيو ۽
مشهور ٿيو.
سنڌ ۾ شيخ شهاب الدين عمر سهرورديءَ جو اولاد
سهروردي سلسلي جي باني حضرت شيخ شهاب الدين عمر
سهرورديءَ جي اولاد مان ڪجهه بزرگ لڏي اچي سنڌ ۾
رهيا، انهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
مخدوم الياس ۽ سندس اولاد: حضرت شيخ شهاب الدين جي
اولاد مان هو. لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي”جوڻ“ ڳوٺ ۾
رهيو، جيڪو ان زماني ۾ وڏو واپاري شهر هو. سندس
فرزند مخدوم عجائب به وڏو بزرگ ٿيو. ان جو فرزند
هارون لڏي وڃي ٺٽي ويٺو.
مخدوم ضياء الدين: مخدوم هارون جو فرزند هو.وڏو
عالم، فاضل ۽ بزرگ هو. ٺٽي ۾ سنه 1091هه (1679ع) ۾
سندس ولادت ٿي. ٺٽي جي عالم مخدوم عنايت الله کان
تعليم حاصل ڪيائين. سنڌ جو وڏو عالم، فاضل، محدث،
فلسفي ۽ صوفي حضرت مخدوم محمد معين سندس هم درس
هو. تحصيل کان پوءِ ٺٽي ۾ ئي جدا مدرسو کولي، درس
و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين، جنهن مان وڏا عالم
۽ فاضل فارغ التحصيل ٿي نڪتا. مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي به سندس شاگرد هو. هن شروعاتي ڪتابن کانسواءِ
باقي سڀ ڪتاب مخدوم ضياء الدين وٽ پڙهيا. سندس
استاد جي استاد عالمه ميان احمد جو پوٽو ميان احمد
۽ ڏوهٽو مخدوم نعمت الله بن مخدوم عبدالجليل سندس
شاگرد هئا. مخدوم نعمت الله تمام وڏو عالم ۽ بزرگ
ٿي گذريو آهي. سنڌ جو حاڪم ميان سرفراز ڪلهوڙو
سندس شاگرد هو.
مخدوم ضياء الدين 80 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1171 هه
۾ وفات ڪئي. سندس ٻه فرزند ٿيا: ميان يار محمد ۽
مخدوم غلام حيدر.
”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“ جي نموني تي سنڌيءَ ۾
ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ ديني تعليم جي اپٽار ٿيل
آهي. ان کي ”ضياء الدين جي سنڌي“ سڏيو ويو. نموني
طور ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون:
فرض آهي ماءُ پيءُ تي، سعي سوڌي ڀت
موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏي سٿ
جيئن تابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏي مت
راتو ڏينهان ٻالڪ ڪري نماز پرت
وضوءَ جي وجود ۾ ڀڃي ڪري ڀرت.
شيخ يوسف ۽ سندس اولاد
سهروردي سلسلي جي باني حضرت شيخ شهاب الدين
سهرورديءَ جي اولاد مان هو. عراق مان لڏي پهريائين
ملتان ۾ اچي رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ لڏي اچي ڳوٺ
”پاٽ“ ۾ رهيو، جيڪو موجوده دادو ضلعي جو وڏو ڳوٺ
آهي. شيخ يوسف پاٽ ۾ ئي وفات ڪئي. سندس اولاد مان
ڪجهه لڏي وڃي هندستان جي شهر برهانپور ويٺا ۽ ڪي
پاٽ ۾ رهيا. بعد ۾ ڪي ارغون دور ۾ پاٽ مان لڏي وڃي
سيوهڻ ويٺا. سنڌ توڙي هند ۾ سندس اولاد مان ڪيترا
عالم، فاضل، محدث، فقيــہ ۽ اهل الله ٿيا. انهن
جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
برهانپور جا عالم ۽ صوفي
برهانپور ۾ هيٺين بزرگن وڏو نالو ڪڍيو ۽ تصوف،
تفسير، حديث توڙي فقهه تي ڪيترائي ڪتاب لکيائون ۽
ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض ڏنائون.
شيخ طاهر: ولد شيخ يوسف وڏو محدث ۽ اهل الله هو.
پاٽ مان لڏي احمد آباد ۽ برار کان ٿيندو برهانپور
۾ وڃي متوطن ٿيو، جتي سن 1004هه(1595ع) ۾ وفات
ڪيائين. بلند پايه تصنيفون يادگار ڇڏيائين، جهڙوڪ:
تفسير، مجمع السجاد، مختصر قوة القلوب، منتخب
مواهب لدنيه، ملتقط جميع الجوامع سيوطي، موجز
قسطلاني (صحيح بخاري جي هن کان وڏي شرح اڄ تائين
نه لکي وئي آهي)، تفسير مدارڪ، ۽ رياض الصالحين.
قاسم بن يوسف: شيخ طاهر جو ڀاءُ هو.سنه 1981
هه(1573ع) ۾ ايلچپور (برار) ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي
ئي مدفون ٿيو.
شيخ سليمان: شيخ قاسم جو فرزند هو. اهل دل، صوفي،
عالم ۽ شاعر هو. ”سيفي“ تخلص ڪندو هو. سندس فارسي
رباعيون، سندس ڀاءُ مسيح الاولياءُ شيخ عيسيٰ جي
ڪتاب”عين المعاني“ ۾ ملن ٿيون، جن ۾ اسمائي حسنه
جي تعريف بيان ڪئي اٿس. هيٺين رباعي ۾ صوفي بابت
چوي ٿو:
صوفي که صفا و صفِ حياتِ دل اوست
زان هم گز رد چون نگرد بر رخِ دوست
يعني که بود پاک دران حضرت قدس
از هرچه بود خواه بد و خواه نکوست
18 جمادي الثاني سنه 1005 هه(1596ع) ۾ اڪبر
بادشاهه جي زماني ۾ بيجاپور جي مهم ۾ خانخانان جي
لشڪر ۾ جنگ جي ميدان ۾ وڙهندي فوت ٿيو.
مسيح اولياء شيخ عيسيٰ جند الله: شيخ قاسم جو
فرزند هو. سنه 962هه (1554ع) ۾ سندس ولادت ٿي ۽
1031 هه(1621ع) ۾ وفات ڪيائين. وڏو عالم ۽ اهل
الله هو. ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض
ڏنائين. سماع سان ڏاڍي رغبت هوندي هيس. سندس
مقولو آهي ”السماع ڪالصلواة“. ان مان ظاهر ٿئي ٿو
ته سندس نظر ۾ سماع جو درجو عبادت جي برابر هو.
ڪيتريون ئي تصنيفون يادگار ڇڏيائين، جهڙوڪ: روضة
الحسنيٰ (الله تعاليٰ جي 99 اسمن جي شرح)، عين
المعاني (الله تعاليٰ جي اسمن جي ٻي شرح)، انوار
الاسرار (تفسير قرآن مجيد)، رساله حواس پنجگانه،
حاشيه براشارهء غريبه ڪتاب انسان ڪامل(شيخ
عبدالڪريم جيلي جي ڪتاب انسان ڪامل تي حاشيو)، شرح
قصيده برده، رساله قلبة المذاهب اربع مع اشارات
اهل تصوف، حاشيه بر شرح ضيائيه(مولانا جامي جي
ڪتاب ڪافيه جي شرح)، فتح محمد در علوم مايتعلق به
التفسير، رساله عقود، ٻن رباعين جي شرح، ترجمه
اسرارالوحي وغيره. ان کانسواءِ سندس ملفوظات جا ٻه
مجموعا به ملن ٿا، جهڙوڪ: ڪشف الحقائق ۽ روائح
الانفاس.
هن بزرگ پنهنجي مختلف ڪتابن ۾ تصوف جا مختلف مسئلا
نهايت دليلن سان ۽ وضاحت سان سمجهايا آهن. هڪ عالم
۽ صوفي شيخ عبدالله بلياني وحدت الوجود بابت من
عرف نفسه فقد عرف ربه جي شرح ڪندي عربي زبان ۾هڪ
ڪتاب لکيو هو. حضرت شيخ عيسيٰ فارسي زبان ۾ ان جي
شرح لکي آهي، ۽ وجودي نظريه تي تفصيل سان روشني
وڌي اٿس. ان کانسواءِ هڪ ٻيو رسالو تعينات ۽ حقيقت
محمدي بابت به لکيائين.
شيخ عبدالستار: حضرت مسيح الاولياء جو فرزند هو.
بابا فتح محمد محدث: حضرت مسيح الاولياء جو فرزند
هو. وڏو عالم، فاضل ۽ اهلِ دل هو. ڪيترائي ڪتاب
ديني علمن ۽ تصوف جي اسرار ورموز بابت لکيائين.
ڪنهن سنڌي بزرگ جا حرفي اشارات جي سلسلي ۾ ٽي شعر
مشهور هئا، ايتري قدر جو تعليم يافته گهراڻن ۾
عورتن کي به ياد هوندا هئا. حضرت شيخ فتح محمد به
پنهنجي والده کان ننڍپڻ ۾ سکيا هئا. انهن ٽن شعرن
جي اشارات جو تفصيلي حل پنهنجي ڪتاب مفتاح الصلواة
۾ بيان ڪيو اٿس. اهي شعر هي آهن:
فرائض: فرائض نه داني شوي در قلق
اججس توق تتق رسق
واجبات: چو واجب نداني شوي در خطر
فضت تقت لقت جسر
ســُـنن: چو سنت بداني شوي مقتدا
دوثت تبت تست دوا
ان کان سواءِ ٻيا ڪتاب به لکيائين. سن 1080
هه(1669ع) ۾ وفات ڪيائين. سندس فرزند به وڏا اهل
الله ٿيا، جهڙوڪ: شيخ شهاب الدين، شيخ رحيم ۽ شيخ
محمد عيسيٰ. شيخ شهاب الدين جا فرزند به روحانيت
جا صاحب ٿيا، جهڙوڪ: شيخ محمد، شيخ بهاءُ الدين ۽
شاهه غلام حسين.
شيخ طــهٰ: حضرت مسيح الاولياء جو ٽيون نمبر فرزند
هو. برهانپور ۾ هن خاندان مان ٻيا به ڪيترائي
عالم، فاصل ۽ اهل الله ٿيا.
هن خاندان مان سنڌ ۾ عالم ۽ صوفي: پاٽ ۽ سيوهڻ ۾
به هن خاندان مان ڪيترائي عالم، فاضل ۽ اهلِ دل
ٿيا، جهڙوڪ:
مفتي عبدالواحد ڪبير: پاٽ جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي
گذريو آهي.سندس والد جو نالو مولانا عبدالرحمان
قاري هو. سن 1123 هه(1711ع) ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم عبدالواحد صغير سيوستاني: مخدوم دين محمد جو
فرزند ۽ مفتي عبدالواحد ڪبير جو پوٽو هو. سندس
والد مخدوم دين محمد پاٽ مان لڏي اچي سيوهڻ ۾
رهيو. وڏو عالم ۽ فقيــہ هو. کيس نعمان ثانيءَ جو
لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. سندس والد به وڏو عالم
۽ بزرگ هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو گهرو دوست
هو. حضرت ڀٽائي وٽس اچي رهندوهو. مخدوم عبدالواحد
صغير به عالم هئڻ سان گڏ نقشبندي طريقي ۾ حضرت
خواجه صفي الله مجددي (وفات 1212 هه) جو مريد ۽
خليفو به هو. حنفي فقهه ۾ کيس وڏو ملڪو حاصل هو.
ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”بياض واحدي“ مشهور آهي. ان
کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيائين، جهڙوڪ: ڪشف
الڪامن في علم الباطن، تفسير القدير في اصحية
الفقير، رسالــہ در ڪسب و توڪل، ارشاد الصواب،
اليسر المطلوب وغيره. سنڌي ۽ فارسي ۾ سندس شعر به
ملي ٿو. فارسي ۾ سندس”ديوان واحدي“ يادگار آهي. سن
1224 هه (1809ع) ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم محمد عارف: مخدوم عبدالواحد صغير جو ڀائٽيو
۽ مخدوم محمد حسن بن مخدوم دين محمد جو فرزند هو.
وڏو عالم ۽ فاصل هو. سن 1258 هه(1842ع) ۾ وفات
ڪيائين.
مخدوم محمد: مخدوم محمد عارف جو فرزند هو. وڏو
عارف ۽ مجذوب طبع هو. نقشبندي طريقي سان وابسته
هو. سن 1316 هه(1898ع) ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم بصر الدين: ماضي قريب جو وڏو عالم، عارف ۽
حڪيم ٿي گذريو آهي. هن خاندان مان ٻيا به ڪيترائي
عالم ۽ اهلِ دل ٿيا.
شيخ ابونجيب عبدالقاهر سهروردي جو سنڌ ۾ اولاد
هي بزرگ سهروردي سلسلي جو باني هو. سندس نسب جو
سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. وڏو عالم،
عارف ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. سن 1097ع ۾ سندس
ولادت ٿي، ۽ سن 1168ع ۾ وفات ڪيائين. سهروردي
سلسلي جو پختو پايو وجهندڙ شيخ شهاب الدين عمر
سهروردي (وفات 1234ع) سندس ڀائٽيو هو.
هن بزرگ جي خاندان مان شيخ ابوبڪر ڪتاني لڏي اچي
ملتان لڳ ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهيو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.
سندس نسب جو سلسلو حضرت شيخ ابونجيب سان هن طرح
ملي ٿو:
شيخ ابوبڪر ڪتاني بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله
بن شيخ نصير الدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ
ابونجيب.
شيخ ابوبڪر جو فرزند مخدوم فخر الدين سير و سفر
ڪندو سنڌ ۾ آيو، ۽ اچي بوبڪ ۾ رهيو. سيوهڻ ۾ وفات
ڪيائين،“ حضرت قلندر شهباز جي روضي جي پسگردائيءَ
۾ مدفون ٿيو. ان جو پوٽو مخدوم فخر الدين صغير (بن
شيخ عزالدين بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالوهاب بن
پير مير عرف سرور پير بن شيخ برهان الدين بن شيخ
فخر الدين ڪبير) هالا ڪنڊي ۾ اچي رهيو. هالا ۾
سندس خاندان وڌيو ويجهيو، ۽ ان مان ڪيترائي اهل
الله پيدا ٿيا. مشهور بزرگ حضرت مخدوم نوح سندس
خاندان مان هو. ان جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:
مخدوم نوح هالائي: حضرت فخر الدين صغير تائين حضرت
مخدوم نوح رح جي نسب جو سلسلو هن طرح آهي:
”مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن اسحاق بن شهاب
الدين صغير بن فخر الدين صغير.“
حضرت مخدوم نوح جي ولادت سنه 911 هه (1505ع) ۾ ٿي
۽ 998 هه (1589ع) ۾ وفت ڪيائين. ظاهري تعليم تمام
ٿوري حاصل ڪيائين. سندس ننڍپڻ جو استاد مخدوم
عربي ڌياڻو عرف شاهه ڏنو هو. ٿوري تعليم هوندي به
ذاتي مطالعي ۽ ”روحاني طاقت سبب قرآن حڪيم جو جڏهن
تفسير ڪندوهو،ته عالم دنگ رهجي ويندا هئا سندس
قرآن مجيد جو ڪيل فارسي ترجمو، سندس مريد حضرت
بهاؤالدين گودڙئي جو لکيل اڄ به موجود آهي، ۽
هينئر سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي چــُـڪو آهي.
سندس ظاهر مرشد به ورتل نه هو، پر کيس ملڻو هو،
اهو کيس خواب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليــہ وسلم جي
حڪم سان حضرت علي رضه ذريعي مليو. اهو ئي سبب آهي،
جو هن پاڻ کي اويسي سڏايو آهي.
حضرت مخدوم نوح رح سادو کائيندو هو ۽ سادو
هنڊائيندو هو. هميشــہ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو
هو. هر حال ۾ شريعت جي پابندي ڪندو هو. سندس
ملفوظات سندس مريد بهاؤ الدين گودڙئي جي لکيل ڪتاب
”رساله بهاؤالدين گودڙيه“ ۾ آيل آهن، جتان حاجي
پنوهر پنهنجي ڪتاب
”دليل الذاڪرين“ (تصنيف 13 - رمضان 1106 هه =
1694ع) ۾ نقل ڪيا آهن. ان کان سواءِ سندس ڪجهه قول
سندس پوٽي مخدوم فتح محمد جي ڪتاب”رساله فتحيه“
(تاليف 1019 هه = 1610ع) ۾ به ملن ٿا. قولن سان گڏ
ڪجهه سنڌي بيت به”دليل الذاڪرين“ ۾ ملن ٿا. ان کان
سواءِ ڪجهه سنڌي بيت پير محمد راشد جي ملفوظات
”جامع الفيوضات“ ۾ به ملن ٿا. سنڌي ابيات ۽
ملفوظات ۾ تصوف ۽ اخلاقيات جي تعليم ذهن نشين
ڪرايل آهي.
سندس وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند مخدوم امين
محمد اول(وفات 1015 هه) سجاده نشين ٿيو. حضرت
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (ولادت 1338 هه)
سندس 17 سجاده نشين آهن. هن خاندان مان ڪيترائي
بزرگ ۽ شاعر ٿيا. يارهون سجاده نشين مخدوم امين
محمد(وفات 1252 هه) سنڌي زبان جو باڪمال شاعر ٿي
گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي تعليم نروار ڪيل
آهي.
مخدوم نوح رح جا ڪجهه سنڌي بيت به سندن ملفوظات ۾
ملن ٿا. ان ۾ آيو آهي، ته وفات کان ڪجهه وقت اڳ
سومهڻيءَ جو هي بيت پڙهي رهيا هئا:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانئيو ماڻهئا،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوئين کي.
--- ---
نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.
مسجد کان ٿي، جڏهن حويليءَ جي دروازي وٽ پهتا، ته
هي بيت چيائون:
ابوبڪر آءٌ ، سامين سفر چتائيو،
متان ٿي پئان، سارين سناسين کي.
سندن مريد ابوبڪر لڪياريءَ کي ڪشف ذريعي حقيقت
معلوم ٿي وئي. سو هي بيت چوندي ڳوٺان، نڪتو، ۽ اچي
سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو:
اچان ٿي اچان، ڪجو ذرو ڪا جٽا،
متان ٿي پئان، ساريان سنياسين کي.
هونئن ته ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کانئس فيض پرايو،
پر ڪن خاص طالبن ۽ فقيرن مان ڪن بزرگن جو احوال
هيٺ ڏجي ٿو:
بهاؤالدين گودڙيو: ٺٽي جو ويٺل هو ۽ ذات جو ميمڻ
هو. وڏو عالم، فاضل ۽ اهل دل ٿي گذريو آهي. پهرين
ٺٽي جي درويش موسيٰ جو مريد هو، پوءِ مخدوم نوح رح
جو مريد ٿيو. لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. ڪي
ئي ڪتاب پنهنجي هٿ سان لکيائين. هڪ عاليشان
لائبريري هيس، جيڪا ٺٽي جي مغل گورنر شريف الملڪ
يڪ چشم ساڙائي ڇڏي. ان واقعي جي حقيقت هن طرح آهي،
ته سنم 1035 هه(1625ع) ۾ شهزادو شاهجهان پيءُ کان
ناراض ٿي سنڌ ۾ آيو. شريف خان سندس مخالفت ڪئي ۽
مقابلو ڪيو. انهيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هو دعا
پنڻ لاءِ مخدوم گودڙئي وٽ آيو، جنهن سندس آڌرڀاءُ
ڪيو ۽ کيس مهماني ڏني. انهيءَ تي گورنر ڪاوڙجي
سندس گهر کي باهه ڏياري ۽ کيس جيل ۾ رکيو. سندس هٿ
اکري ڪتابن مان فقط قرآن مجيد جو فارسي ۾ مخدوم
نوح جو ڪيل ترجمو باقي بچيو آهي، جيڪو هن پنهنجي
پيرڀائي سيد ابوبڪر لڪياري لاءِ لکيو هو. اهو قرآن
مجيد جو ترجمو، برصغير پاڪ و هند ۾ قرآن حڪيم جو
پهريون فارسي ترجمو آهي. تازو سنڌي ادبي بورڊ
طرفان ڇپجي چــُــڪو آهي. سندس وفات يارهين صدي
هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ ٿي. سندس مزار مڪلي ٽڪريءَ
تي ”ميان مٺي“ جي مزار جي ڀرسان آهي.
سيد علي ثاني شيرازي ٺٽوي: وڏو عالم، فاصل، اديب،
شاعر ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريو آهي. ٺٽي جي انجوي
شيرازي سيدن مان هو. سندس پڙ ڏاڏو سيد احمد (تولد
شيراز 757 هه، وفات سنڌ 845 هه) پنهنجي والد سيد
محمد (وفات 800 هه) سان گڏ سنڌ ۾ آيو. سندس والد
جو نالو سيد جلال بن سيد علي اول هو. سندس نانو
پير مراد شيرازي (وفات سنه 893 هه) به وڏو عالم ۽
اهل الله ٿي گذريو آهي.
سيد علي ثاني ظاهري تعليم مخدوم فيض الله کان حاصل
ڪئي. روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي بزرگن سان
صحبتون ڪيائين، خاص طرح سان درويش آچر کان فيض
پرايائين، درويش علاؤالدين کان به متاثر هو. مخدوم
نوح جي هٿ تي بيعت ڪيل هيس. شاهه ڪريم بلڙي واري
جو دوست هو. سندس دستر خوان هميشــہ کليل هوندو
هو، خاص طرح سان ربيع الاول مهيني جا ٻارهن ڏينهن
وڏي فراخدليءَ سان فقيرن ۽ مسڪينن کي کاڌو
کارائيندو هو. سماع جو به ڏاڍو شوق هوندو هوس.
سنڌي زبان ۾ شعر به چوندو هو. ”آداب المريدين“
نالي هڪ ڪتاب به لکيائين. تحفةالڪرام ۽ تاريخ
معصومي ۾ سندس وفات جو سن 971هه ڏيکاريل آهي.
حديـقة الاولياء، ۽ معارف الانوار ۾ 981هه(1573ع)
ڄاڻايل آهي، ۽ اهو ئي صحيح سن معلوم ٿئي ٿو. سندس
هڪ سنڌي بيت ڪتاب ”معارف الانوار“ مان مليو آهي،
جيڪو هن ريت آهي:
سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،
آءُ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريو وهارين،
وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
کهندا ٿيون کارين، ڪانه هلندي هوت ڏي.
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو: سنڌ جي عظيم شاعر
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو هو. سندس
نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم سان وڃي ملي
ٿو. سندس وڏا پهريائين شيراز ۽ ترمذ ۾ رهندا هئا،
پوءِ لڏي اچي هرات ۾ ويٺا. امير تيمور جي هرات فتح
ڪرڻ کان پوءِ هن خاندان جو هڪ فرد مير حيدر سنڌ ۾
آيو ۽ اچي هالا ۾ رهيو. هتي مير محمد هالي جي
نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي، جنهن مان ”مير علي“
ڄائو. سنڌ جا مٽياريءَ سادات ان جي اولاد آهن،
ڇاڪاڻ جو هي خاندان هالن مان لڏي اچي مٽياري ۾
رهيو.
شاهه عبدالڪريم مٽياري ۾ سنه 944 هه (1538ع) ۾
تولد ٿيو. سندس والد سيد لعل محمد عرف لال شاهه
پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ظاهري تعليم کان
وڌيڪ ذڪر ۽ سماع سان شوق هوس، انهيءَ ڪري ظاهري
تعليم ننڍپڻ ۾ ئي ڇڏي ڏنائين، البته بزرگن ۽ عالمن
جي صحبت مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين.
پهريائين بهار جي هڪ بزرگ سان سندس روح رهاڻ ٿي،
جيڪو سندس ڳوٺ جي مسجد ۾ اچي رهيو هو، ان کان پوءِ
ٺٽي جي بزرگن: سيد يوسف بکري ۽ مخدوم آدم سميجي
سان صحبتون ڪيائين. مخدوم نوح جو باقاعده مريد
ٿيو، ۽ گهڻو فيض ان کان ورتائين. ان جي چوڻ تي ڳوٺ
ڇڏي بلڙيءَ وسايائين. سادي زندگي گذاريندو هو، خدا
جي مخلوق جي خدمت ۾ وسان ڪين گهٽائيندو هو. پيٽ
قوت حاصل ڪرڻ لاءِ پورهيا ڪيائين ۽ پوک ڪيائين.
ڪجهه وقت سير و سفر به ڪيائين. 7 - ذوالقعد 1032
هه(1622ع) ۾ وفات ڪيائين.کيس اٺ پٽ ۽ ٽي نياڻيون
ٿيون. سنڌ جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس
فرزند جمال شاهه جو پڙ پوٽو هو. شاهه ڪريم جي
ملفوظات فارسيءَ ۾ سندس مريد محمد رضا سنه1038
هه(1628ع) ۾ ”بيان العارفين“ جي نالي سان قلمبند
ڪئي. ان ۾ سندس 92 سنڌي بيت ۽ ڪيترائي قول آيل
آهن. ان کانسواءِ هن ملفوظات مان قاضي قاضن جا اٺ
بيت ۽ ٻين سنڌي شاعرن جا 6 بيت به مليا آهن.
شاهه ڪريم آڳاٽي دور جو تمام وڏو شاعر آهي. قديم
شاعرن ۾ هي پهريون شاعر آهي، جنهن جو سڀ کان گهڻو
ڪلام مليو آهي، انهيءَ ڪري کيس سنڌ جو ”چاسر“ به
چيو ويندو آهي. کيس”سنڌي ادب جو وهائو تارو“ ۽
”شاهه لطيف جو مبشر“ به چيو ويندو آهي. نه فقط
قدامت جي لحاظ کان سندس درجو اعليٰ آهي، پر ادبي
خوبين ۽ خصوصيتن جي لحاظ کان به سندس درجو مٿانهون
آهي. هو پنهنجي وطن جي رسمن، رواجن ۽ ڌنڌن ڌاڙن جو
گهرو مطالعو ڪري، پنهنجي ڪلام ۾ ان جو ذڪر آڻي،
نهايت باريڪ نڪتا بيان ڪري ٿو. لوهر کي سنداڻ تي
ڌڪ هڻندو ڏسي، پنهنجي دل کي سنداڻ سان ڀيٽ ڏئي،
پنهنجو مطلب بيان ڪري ٿو:
ڌڪين ڏات پئو، هينئڙو لــہ سنداڻ جيئن،
سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئو.
ڳوٺاڻي عورت کي دلو مٿي تي کڻندو ڏسي، ۽ پکيءَ کي
پاڻيءَ تي ويٺل ڏسي، پنهنجي دل جو حال بيان ڪري
ٿو:
پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جقيِّن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
يعني سندس شعر زندگيءَ جي تجربن ۽ سياڻپ جو آئينه
دار آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شعر جون ڪيتريون
مصرعون، پهاڪا ۽ چوڻيون ٿي پيئون آهن، مثلاً:
”نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هونِ“
”هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ“
”جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير“
”مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته واءُ“
”پاڻي اتي جهوپڙا، مورک اڃ مرن“
شاهه ڪريم جو شعر فصاحت ۽ بلاغت جو به اعليٰ نمونو
پيش ڪري ٿو. سيد صاحب تصوف جا اونها راز، نهايت
سهڻين تشبيهن ۽ استعارن سان بيان ڪري سمجهايا آهن.
مطلب ته هر لحاظ کان شاهه ڪريم جو شعر اعليٰ پايه
جو آهي. خود شاهه لطيف سندس شعر جي تتبع ڪئي آهي.
شاهه ڪريم جا 94 بيت سندس ملفوظات ”بيان العارفين“
مان مليا آهن، جيڪا سندس مريد محمد رضا 1038 هه ۾
لکي پوري ڪئي. ان ۾ بيتن سان گڏ سندس قول به آهن.
ڪجهه بيت نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ ڏجن لوڪ،
کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ.
--
جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي،
من پريان نيئي، پڳهيون پاڻ ڳري.
--
هنج تتهين هوءِ، اونهي ۾ اوڙاهه جو“
اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇرو ۾ ڇيڙون ڪري.
--
جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکيا،
ري ڇاجي کٽئي، سڀر ٻري نه باهه.
--
سوئي هيڏانــہ، سوئي هوڏانــہ، سوئي من وسي،
تنهين سندي سوجهري، سوئي سوپسي.
بيان العارفين ۾ ٻين شاعرن جا بيت: سمن جي دور ۾
آيو آهي، ته شاهه ڪريم جي ملفوظات بيان العارفين ۾
شاهه ڪريم ۽ قاضي قاضن جي بيتن کان سواءِ، ڇهه بيت
ٻين شاعرن جا آهن، جن مان ٽي شاهه ڪريم کان اڳ جي
شاعرن جا آهن ۽ ٽي شاهه ڪريم جي همعصر شاعرن جا
معلوم ٿين ٿا، انهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. باقي
جيڪي ٽي بيت همعصر شاعرن جا معلوم ٿين ٿا، اهي هيٺ
ڏنا وڃن ٿا:
ڦٽيون ڪر ڦڙڪيون، ور ونگائي پاءِ،
جاتن اندر کاءِ، سا معلوم محبوب کي.
---
وائي وڃيم شال، ڪنين سين ڪين سڻيان،
ڀلو ڪري ڀال، ته اکين سين انڌو ٿيان.
---
چارئي پلوء چڪ ۾، پڇي پارير وٺ،
ان اهڙي احتياط سير، ڦٺ پڄاڻان ڦٺ. |