سڪندر جي
قديم سنڌ تي ڪاهه
محمد بخش انصاري ”اويسي“
(سڪندر اعظم هڪ شهنشاهه، مدبر، فاتح، منتظم ۽
فيلسوف هيو. کيس اچي اهو خيال ويٺو ته سڄي دنيا
فتح ڪجي، ان لاءِ هڪ وڏو لشڪر ٺاهي، ڪيترا ملڪ فتح
ڪري بربيابان، سربسز واديون لتاڙي، ڏونگر ڏوري،
نديون نالا پار ڪري، اچي قديم سنڌ تائين پهتو، پر
سنڌي سورمن ساڻس سخت مقابلو ڪيو. کيس شڪست ته ڪونه
ڏيئي سگهيا، مگر سندن لشڪر، ساز و سامان کي ايترو
ته مفلوج ڪيائون، جو هن هندستان ۽ سنڌ ڏانهن اڳتي
وڌڻ جو ارادو ترڪ ڪري واپس وطن وڃڻ ۾ خيريت سمجهي.
هن مضمون ۾ سڪندر جي مٿين خوبين جو احوال لکجي ٿو،
جو اميد ته قارئين ڪرام جي دلچسپي جو سبب بڻبو. هن
مضمون جا ماخذ يوناني تاريخ جا پراڻا ڪتاب آهن.)
سڪندر پيءُ جي طرف کان هرقل جي نسل مان ۽ ماءَ جي
طرف کان سندس سلسله نسب ايقوس تائين پهچي ٿو. سندس
والد فيلقوس جيءَ جواني جو زمانو ٿريس علائقه ۾
گذريو ۽ اتي هڪ وڏ گهراڻي ”اولم پياس“ نالي عورت
تي عاشق ٿي پيو ۽ وڏي ڀاءُ جي اجازت سان ساڻس شادي
ڪيائين. شاديءَ کان هڪ رات اڳ اولم پياس خواب لڌو
ته مٿس بجلي ڪري آهي ۽ فيلقوس وري ننڊ ۾ ڏٺو ته هو
پنهنجي زال جي جسم تي مهر هڻي رهيو آهي ۽ ان مهر
تي ببر شير جي تصوير اڪريل آهي. نجومين کيس ٻڌايو
ته کيس هڪ پٽ ڄمندو، جو طاقت ۽ شجاعت ۾ ببر شير
وانگر هوندو. سڪندر جي ڄم جي تاريخ بلڪل اهائي
هئي، جنهن ۾ ڊي آنا ديوي جي مندر ۾ باهه لڳي هئي.
سڪندر جو رنگ ڏاڍو صاف ۽ ڳورو هيو ۽ ان جي ڳلن ۽
سيني تي هلڪي سرخي مائل هئي. ننڍي هوندي کان وٺي
هو مهم جو هيو، شهرت ۽ ناموري حاصل ڪرڻ جو ڪوڏيو
هيو. ٻالپڻي ۾ هن غير معمولي بلند حوصلو، وسيع
نظريي ۽ عالي ظرفي ظاهر ڪئي. مثلاً جڏهن کانئس
پڇيو ويو ته، ”ڇا هو(سڪندر) اولمپي راندين ۽ ڊوڙ ۾
حصو وٺندو؟“ سڪندر جواب ڏنو ته: ”بخوشي، بشرطيڪ
ڀڄڻ وارن ۾ ٻيا بادشاهه به مون سان شريڪ هجن.“
سڪندر بادشاهن جي ڊوڙ ۾ حـصي وٺڻ لاءِ تيار هيو،
مگر عام رانديگرن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ ڪونه پئي
گهريو.
ننڍي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي غير حاضريءَ ۾ ايراني
سفيرن جي مهمان نوازي جو به عجيب انتظام ڪيائين.
سندن ملڪ ۽ ايشيا جي سڻڪن پنڌن ۽ پيچرن جي مفاصلي
جو احوال ٻڌائي، لشڪر ۽ دشمن سان لڙائي جو طريقي
جو بيان ڪري، کين پنهنجو گرويدو بڻائي ڇڏيو. اهي
سندس عقل، حوصلي ۽ معلومات کان دنگ رهجي ويا. جڏهن
سڪندر اهو ٻڌوندو هيو ته سندس پيءُ فلاڻي ملڪ ۾
قلع فتح ڪيو آهي ۽ معرڪو ماريو آهي، تڏهن پنهنجي
هڪ جيڏن کي چوندو هيو ته ”معلوم ٿئي ٿو ته بابو
سائين منهنجي ناموس لاءِ ڪوئي موقعو ڪونه ڇڏيندو ۽
سڀ وڏا وڏا ڪارناما پاڻ ســَـر ڪري ويندو.“ دراصل
هن کي نمايان ڪارنامن ڪرڻ ۽ پنهنجي دست بازو جي
قوت آزمائڻ جو ڏاڍو شوق هيو. دولت ۽ عيش عشرت جي
سامان لاءِ کيس نفرت هئي. هن جي تمنا هئي ته کيس
فتني فساد سان ڀريل سلطنت ورثي ۾ ملي، ته جيئن کيس
جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ملي. سڪندر جي تعليم وڏي
اهتمام سان شروع ٿي. نوڪرن چاڪرن کان سواءِ مختلف
علمن ۽ هنرن سان سينگارڻ لاءِ سندس ڪيترائي استاد
۽ ڪاريگر مقرر ٿيا. هيءُ شمشير زني، ڪمند اڇلائڻ،
نيزي بازي، گهوڙي سواري ۽ ڪشتي ملهه ۾ ماهر ٿي
ويو. جڏهن لٿسلي جو باشندو فيلوني جس بوسفالس نالي
گهوڙو فيلقوس وٽ آندو تڏهن ڪوبه ان تي سواري ڪري
ڪونه سگهيو، جو چڙهڻ وقت هو سوار وانگر الف وانگر
اُڀو ٿي بيهندو هيو، ۽ آخر جڏهن گهوڙي کي واپس ڪرڻ
جو خيال ڏيکاريو ويو،تڏهن سڪندر چوڻ لڳو ته ”افسوس
آهي جو پنهنجي ڪم همتي ۽ ناداني تي اهڙو گهوڙو
وڃايو ٿا“ ۽ ”مان ان کي ٺيڪ ڪري سگهان ٿو.“ سڀني
جي حيرت جي حد ڪانه رهي، جڏهن سڪندر گهوڙي جي پٺي
ٺپيندو ساڻس گڏ ڀڄندي ڀڄندي مٿس چڙهي ويٺو. جڏهن
گهوڙي کي ڀڄائي ڀڄائي پيءُ وٽ آيو تڏهن فيلقوس کيس
چيو ته ”پٽ، مقدونيه جي بادشاهي تو لاءِ تنگ آهي،
تولاءِ ڪا وڏي سلطنت هجي جا تنهنجي حوصلي مطابق
هجي.“ جڏهن عمر، سمجهه ۽ عقل ۾ بالغ ٿيو، تڏهن
سڪندر جو استاد پنهنجي وقت جو مشهور فيلسوف
”ارسطو“ مقرر ٿيو، جنهن کيس طب، تقرير، شاعري،
سياست، حڪمت، تواريخ ۽ فنون لطيفه جي تعليم ڏني.
ڪتابن جي مطالع ۽ علم طب ۾ خاص دلچسپي رکندو هيو.
هومر جو ايلڊ هميشه وهاڻي هيٺان خنجر ساڻ گڏ رکندو
هيو. جڏهن فيلقوس بائيز نطه تي چڙهائي ڪئي ۽ سڪندر
کي مقدونيه م پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو، تڏهن
واندو وهڻ هن لاءِ ناممڪن هيو ۽ انهيءَ دوران هن
علائقي ”ميڊي“ جي باغين کي اتان تڙي ڪڍيو.
اليگزنڊر پولس يعني سڪندر آباد نالي شهر آباد
ڪيائين. وري جڏهن پڻس جو ايرانين سان مقابلو ٿيو،
تڏهن هڪ رستي جو اڳواڻ ٿي اول اول وڃي ايرانين تي
حملو ڪيائين ڪنهن سبب ڪري فيلقوس سڪندر جي ماءُ
”اولم پياس“ کان پري رهڻ لڳو ۽ هن ٻي شادي
”ڪلوپترا“ نالي عورت سان ڪئي. گهرو جهيڙي ڪري ملڪ
۾ بيچيني پيدا ٿي پئي، جڏهن ڪنوار جي چاچي اتالوس
شراب جي نشي ۾ مقدونيه وارن کي چيو ته : ”دعا
ڪريو ته منهنجي ڀائٽيءَ مان ملڪ جو حقيقي وارث
پيدا ٿئي.“ تڏهين سڪندر جوش ۾ اچي شراب جو پيالو
کيس هنيو، ڇو ته هن اڻسڌيءَ طرح کيس حرامي ڪوٺيو
هو. فيلقوس پنهنجي نئين سهري جي ڀاءُ جو طرفدار
ٿيو ۽ سڪندر تي جلهه ڪري آيو، مگر نشي ۽ غصي ۾
سندس پير ٿڙڪي پيو ۽ هو ڪري پيو. سڪندر وراڻيو ته
هن شخص ڏانهن ڏسو، جو يورپ ڇڏي ايشيا فتح ڪرڻ جا
ارادا رکي ٿو، مگر ٻن وکن کڻن کان پوءِ ڪري پيو
آهي. پوءِ سڪندر پنهنجي ماءُ کي وٺي اليريه هليو
ويو. هڪ دفعي فيلقوس پنهنجي امير زمارا طوس کان
يونانين جي باري ۾ پڇيو ته هن جواب ڏنو ته جڏهن
اوهان جو پنهنجو گهر جهيڙي سان ڀريو پيو آهي ته
پوءِ ٻين لاءِ ڇاٿا پڇو. اِن برمحل ۽ برموقعي جي
جواب فيلقوس تي ايترو اثر ڪيو جو ماڻهو موڪلي
پنهنجي پٽ سڪندر کي گهرائي ورتائين. هڪ سازش ۾
فيلقوس ڪنهن باغي هٿان قتل ٿي ويو.
پيءَ جي قتل وقت سڪندر جي عمر ويهه سال هئي ۽ سندس
تخت نشيني وقت حڪومت دشمنن جي خطري ۾ ويڙهيل هئي.
مقدونيه جي آس پاس ڌاريون قومون سرڪشيءَ لاءِ تيار
هيون. خود نئين فتح ڪيل يوناني علائقن جو انتظام
درست ڪونه هو، هن همت ۽ حوصلي سان ڀر وارن تي حملو
ڪيو، کين عبرتناڪ شڪست ڏيئي، ملڪ ۾ انتظام درست
ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ يونانين هڪ وڏو جلوس
ڪڍيو ۽ ان ۾ سڪندر کي پنهنجو يڪراءِ سپه سالار
تسليم ڪيو ۽ ايرانين خلاف کيس مدد ڏيڻ جو انجام
ڪيو، مگر حڪيم ديوجانس وٽس ڪونه آيو. هڪ دفعي جڏهن
اتان لنگهندي سڪندر کيس اس ۾ ويٺل ڏٺو تڏهن وٽس
آيو ۽ کيس چيائين ته ”اوهان کي جنهن ڳالهه جي
خواهش هجي ته بيان ڪريو.“ ديوجانس وراڻيو ته ”ها،
مان گهران ٿو ته تون اس ڇڏي پري ٿي بيهه.“ سڪندر
جڏهن اِهو ڏٺو ته ايڏي وڏي حڪمران جي هيءُ مطلق پر
واهه ڪونه ٿو ڪري، تڏهن کانئس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽
چيائين ته ”والله، اگر مان سڪندر نه هجان ها ته
ديوجانس بڻجڻ جي آرزو ڪريان ها.“
جڏهن سڪندر دنيا کي فتح ڪرڻ لاءِ ڊيلفيءَ جي مندر
۾ استخاره ڪرڻ ويو، اتفاق سان انهيءَ ڏينهن
استخاره ڪرڻ جي ممانعت هئي. مندر جي خدمتگذار
ملياڻي سندس سڏ تي ڪونه آئي ۽ مندر کولڻ کان انڪار
ڪيو، تڏهن سڪندر وٽس ويو ۽ کيس زبردستي سان کڻرائي
آيو ته سندس ضد کان ملياڻي مائي متاثر ٿي چيو ته،
”پٽ! تون ڪنهن به شيءِ کان هارائڻ وارو ڪونه
آهين.“ سڪندر اهو فقرو پڪڙيو ۽ خوشيءَ مان چيائين
ته ”استخاري جو جواب ملي ويو.“ سڪندر جي فوج جو
تعداد ٽيهه هزار پيادا ۽ چار هزار سوار هو.
تيستائين ايشيا ۽ ايران تي چڙهائي ڪونه ڪيائين،
جيستائين پنهنجي لشڪر جي ذرائع آمدني جو جائزو
ڪونه ورتائين ۽ جن جو گذارو تنگ هو تن کي آباد
زمين امداد ۾ ڏنائين، ايتري قدر جو سندس ذاتي
جائداد ۽ املاڪ تقريباً تقسيم ٿي ويئي، تنهن تي هر
دڪاس کانئس پڇيو ته پاڻ وٽ باقي ڇا رهايو اٿوَ.
تڏهن سڪندر هڪ لفظ وراڻيو ته ”اميد.“ اهڙيءَ طرح
سڪندر جي ٻين دوستن، سردارن ۽ اميرن به جائداد
ورهائي ڇڏي، پوءِ ”تروي“ وڃي مشهور قومي شاعر
ڪراڪي ليس جي قبر جو طواف ڪري سندس قبر کي تيل سان
ڌوتائين ۽ دارا جي لشڪر جي مقابلي لاءِ نڪري پيو.
دره دانيال جو اپسمنڊ پار ڪري اچي دريائي گريني
ڪوس جي ڪناري تي پهتو ۽ ٻي ڪناري تي ايرانين جو
لشڪر تيار بيٺو هو. سندس لشڪر جي سردارن صلاح ڏني
ته ڏينهن ڪافي گذري ويو آهي، انڪري درياهه اڄ ڪونه
ٽپجي ۽ ڪو چڱو گهيڙ ڳولهي اتان لهڻ گهرجي. پر
سڪندر ڪٿي مرڻ ۽ بيهڻ وارو هو. سوارن جي فوج سان
درياهه ۾ ٽپي پيو.
ٻئي ڪناري تي هڪ چڱو گهيڙ ڳولهي پار ٽپيو ته
ايراني سوارن مٿس حملو ڪيو. ٻه ايراني سردار سڪندر
تي چڙهي آيا. سڪندر ذري گهٽ زخمي ٿيڻ کان بچيو.
ايتري ۾ سندس باقي لشڪر به اچي پهتو. باقائدي جنگ
شروع ٿي ويئي، جنهن ۾ ايرانين کي شڪست فاش ملي.
سڪندر کي وڏو مال غنيمت هٿ ۾ آيو، جو پنهنجي
لشڪر ۾ ورهائي ڏنائين. ان لڙائي جي ڪري سڪندر جو
سڪو سامونڊي ڪناري وارن سڀني علائقن تي ويهجي ويو
۽ هو سندس تابع ٿي ويا. ان کان پوءِ سڪندر ميديه
وارن کي مغلوب ڪيو ۽ فرغيه تي قابض ٿيو ۽ پوءِ اتر
طرف وڌيو.“ پي فلوگونيا ۽ ڪي پي ڊوسيه کي فتح ڪيو.
اتي هن کي خبر پيئي ته دارا جو مشهور امير البحر
”ممنان“ مري ويو آهي. ان مان خدشو اهو هو ته
يونانين کي اڳتي وڌڻ ڪونه ڇڏيندو. ان دوران ايران
جو بادشاهه دارا پنهنجي ڇهه لک فوج وٺي سوس کان
ڪوچ ڪري چڪو هو ۽ سڪندر شام مان ٿيندو اچي عراق
ايران طرف رخ رکيو. ان وقت دارا جي فوج ۾ آمين تاس
نالي هڪ مقدونوي شخص ڀڄي اچي پناهه ورتي.هو سڪندر
جي مزاج کان واقف هو، تنهنڪري هن دارا کي گهڻو
سمجهايو ته هو(دارا) سڪندر ڏانهن پهاڙي علائقي طرف
نه وڌي، پر ميداني علائقي ۾ رهي، سڪندر جي ٿوري
لشڪر کي پنهنجي گهڻي لشڪر جي گهيري ۾ آڻي تباهه
ڪري. مگر دارا سندس نيڪ نصيحت تي عمل ڪونه ڪيو ۽
ائين چيائين ته سڪندر مون کان ڊڄي ٿو، تنهنڪري
سندس ڀڄي وڃڻ کان اڳ ۾ وڃي کيس گرفتار ڪجي.
اُنهيءَ ارادي سان تڪڙو تڪڙو ڪوچ ڪندو اچي پهاڙي
علائقي ۾ سڪندر جي سامهون ٿيو. ٻنهي ڌرين جو
مقابلو شام ملڪ ۾ ٿيو، جو اُن وقت ايرانين جي
قلمرو ۾ هو. لڙائيءَ جي ميدان ۾ سامونڊي ناريون،
نهرون، ٽڪريون ۽ نالا حائل هئا. سڪندر ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ دارا پنهنجي غلطي محسوس ڪئي. ڏاڍي ڪوشش
ڪيائين ته پنهنجي وڏي فوج کي ميداني علائقي ۾ آڻي،
ڇو ته تنگ ميدان ۾ سندس وڏو لشڪر و بالِ جان بڻجي
پيو هو. ان ڪري کيس لشڪر ڪيترن حصن ۾ ورهائڻو پيو،
مگر سڪندر پنهنجي سڄي ۽ کٻي لشڪر کي اهڙيءَ طرح
پکيڙيو، جو خود دارا محصور ٿي پيو ۽ اڳين صفن ۾
خود سڪندر پاڻ پنهنجي سر وڙهڻ نڪتو. ٿوري ڪشمڪش
سان ايرانين ۾ ڀاڄ اچي پيئي. مڪمل فتح ۾ رڳو اها
ڪسر رهجي ويئي، جو دارا ذري گهٽ گرفتاريءَ کان بچي
نڪتو. اُن جنگ ۾ سڪندر کي ران تي ترار جو زخم پهتو
۽ ايرانين جو هڪ لک 10 هزار لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو.
مال غنيمت ۾ يونانين کي وڏو ساز سامان هٿ آيو. خاص
دارا جو خيمون سڪندر لاءِ مخصوص ڪيو ويو، جو سون،
چاندي، عطر، مشڪ، ڪرسين، ڪوچن ۽ ٻئي ساز سامان سان
ڀريل هو. حمام به بلڪل تيار هو. سڪندر، دارا جي
حمام ۾ غسل ڪري، دارا جي تخت تي ويٺو. دارا جو رٿ
۽ ڪمان، ٻه ڪنواريون ڌيئر ۽ زال سڪندر جي قبضي ۾
آيون. سڪندر، دارا جي اهل عيال کي خاطري ڏني ته هن
اِها لڙائي پنهنجي ســِـر بچاءَ لاءِ لڙي آهي ۽ نه
ملڪ گيريءَ جي هــَـوس لاءِ. سڪندر سندن شان مان
آهر، سندن طعام ۽ قيام جو اعليٰ انتظام ڪيو، جو
کين بلڪل اباڻي گهر وانگر آرام ۾ رکيائين، حالانڪ
دارا جي زال ۽ ڌيئر خوبصورت هيون، ته به سڪندر
ڪڏهن به سندن خلوت خاني سان ڪوبه سروڪار ڪونه رکيو
۽ هميشــہ ائين چوندو هو ته پنهنجي نفس تي قابو
رکڻ، دشمن تي غلبي کان بهتر آهي. سڪندر شاديءَ کان
اڳ مري ويل ايراني اميرالبحر جي بيوه ”باريسه“ کان
سواءِ ٻي ڪنهن به عورت سان جنسي تعلق ڪونه رکيو،
حالانڪ مال غنيمت ۾ ڏاڍيون حسين ۽ جميل ڇوڪريون
سندس سالار پيش ڪندا هئا، پر هو رڳو سندن حسن جي
تعريف ڪري، کين خسيس شين وانگر واپس ڪري ڇڏيندو
هو. جڏهن سڪندر کي ٻڌايو ويو ته ٽوڊورس سهڻن ڇوڪرن
جو واپار ڪري ٿو، جي هن (سڪندر) کي ڪنهن غلمان جي
ضرورت آهي ته هو ڏانهنس موڪلي ڏي. سڪندر وراڻيو ته
جي سندس سامان تجارت غرق ٿئي ته بخدا هو خوش ٿيندو
۽ وڌيڪ چيائين ته ٽوڊورس، مون ۾ الائي ڪهڙي ذلالت
جهڙي ڳالهه ڏٺي آهي، جو مون کي اهڙي خواهش ٿو ڪري.
هڪ دفعي جڏهن سڪندر کي خبر پئي ته سندس ٻن سپاهين،
ڪن پرديسي عورتن جي آبرو ريزي ڪئي آهي، تڏهن سپهه
سالار ڏانهن تاڪيدي حڪم ڪيائين ته تحقيقات کان
پوءِ مجرمن کي انهن درندن وانگر قتل ڪيو وڃي، جي
رڳو نوع انسان جي اِيذاءَ لاءِ خلقيل آهن. اُن خط
۾ وڌيڪ لکيائين ته مون اڄ ڏينهن تائين دارا جي زال
۽ ڌيئرن جي شڪل به ڪونه ڏٺي آهي ۽ نه وري انهن جي
حسن جي تعريف روبرو ٻڌڻ گهران ٿو. هو گهڻو ڪري
چوندو هو ته ننڊ، ڄم ۽ موت جو سلسلو ڏسي، مون کي
هميشــہ پنهنجو فاني هجڻ ياد اچي ٿو، جنهن جي ٻين
لفظن ۾ اها معنيٰ آهي ته خوشي ۽ غم ٻنهي جو اصلي
سبب ساڳيو آهي، جو اُهي ٻئي فطرت انساني جي ڪمزوري
۽ نفساني پيرويءَ لاءِ پيدا ٿيا آهن. سڪندر کي
عمدي کاڌي جي به تانگهه ڪونه هوندي هئي، ان لاءِ
چوندو هو ته رات جو عمدي کاڌي جي تانگهه هجي ته
ڏينهن جو گهٽ کائجي ۽ محنت ڪجي ته رات جو سادو
کاڌو به عمدو محسوس ٿيندو. دراصل سڪندر شراب جو به
ايترو پياسي ڪونه هو، رڳو ڪم کان پوءِ فرصت ۾ شراب
جو پيالو اکين آڏو رکيو، ڳالهيون پيو ڪندو هو.
پيئندو ٿورو هو، مگر ڪچهري گهڻي ڪندو هو.
واندڪائيءَ جي زماني ۾ پهريائين ديوتائن جي نالي
تي قرباني ڪرڻ، کاڌو کائي شڪار ڪرڻ، مطالعي ۽ ملڪي
۽ جنگي امور تي راءِ زني ڪندوهو. کاڌي جي معاملي ۾
ايترو پابند هو، جو جيڪو کاڌو پاڻ کائيندو هو،
تنهن سان ئي سردارن، اميرن ۽ سالارن جي تواضع ڪندو
هو ۽ پوءِ پنهنجي راءِ جو اظهار خيال ڪندو هو.
وقتي خوشامد پسند به هو، ڇو ته حاضرينن کي ضرور
پنهنجي راءِ جي اظهار ڪندي، خوشامد ۽ تحسين ڪرڻي
پوندي هئي. رات جو دير تائين، جڏهن خاص محفل
برخواست ٿيندي هئي، تڏهن وري غسل ڪري سمهي پوندو
هو-- ۽ صبح جو نيرن، بلڪ منجهند تائين سمهيو پيو
هوندو هو. شام جي فتح کان پوءِ قبرص ۽ فنيقيه جو
علائقو سندس زير نگين آيو، مگر ”صور“ صوبي جي فتح
لاءِ کيس ست مهينا گهيرو ڪرڻو پيو. انهيءَ محاصري
جي دروان، سڪندر جي فوج جي هڪ دستي عربن تي به
حملو ڪيو ۽ ان ۾ ذري گهٽ موت کان بچي ويو. سڪندر
”صور“ تي هڪ ڏينهن ايترو سخت حملو ڪيو ۽ بار بار
ايتريون سخت يلغارون ڪيون، جو سندس جوش ڏسي، سندس
لشڪر به ساهه جو سانگو لاهي اچي قلعي تي ڪڙڪيو ۽
فتح جو سهرو هميشــہ وانگر سڪندر جي ســِـرَ تي
رهيو. شام جي ٻي شهر غازه جي فتح به سڪندر کي
تڪليف ڏني، پر نيٺ اهو به فتح ٿي ويو. شام جي فتح
کان پوءِ سڪندر مصر ڏانهن روانو ٿيو. ڏاڍا ڪشالا
ڪڍي، ڏونگر ڏوري، بربيان لتاڙي اچي مصر پهتو.
معمولي مقابلي کان پوءِ ڪامياب ٿيو. دريائي نيل ۽
سمنڊ جي وچ تي اسڪندريه شهر آباد ڪيو. مصر کان
فينقيه واپس وريو، اتي کيس دارا جو قاصد مليو ۽
کيس صلح جي آڇ ڪيائين ته قيدين جي آزاديءَ جو فديه
ڏهه هزار سونا سڪا، فرات کان پرين ڀر وارو ملڪ
پنهنجي ڌيءَ شادي ۾ ڏيئي صلح پئي گهريائين، مگر
سڪندر چوَرائي موڪليو ته اول پنهنجو پاڻ کي زنده
منهنجي حوالي ڪر، پوءِ هر قسم جي مهرباني ممڪن
آهي. انهيءَ دوران دارا جي گهر واري ويم ۾ گذاري
ويئي. سڪندر کي ڏاڍو ڏک ٿيو، مگر سندس ڪفن دفن
شاهاڻي نموني ڪرايائين. مرڻ واري راڻيءَ جو خاص
اردلي موقعو وٺي ڀڄي دارا تائين پهتو ۽ کيس رآڻي
جي وفات جو ذڪر ڪيو. دارا ڏاڍو رنو، چيائين ته
”افسوس! ايرانين جي اهڙي ته بدقسمتي آهي جو سندن
شاهاڻي گهراڻي جو آل اولاد قيد ۽ بند ۾ آهي.“ مگر
کيس اردلي قسم ويساک کڻي دلداري ڏني ته اتي بلڪل
گهر وانگر آرام ۾ آهن، ۽ سندن عزت آبرو ۾ گهٽتائي
ڪونه آئي آهي. سڪندر جهڙو لڙائيءَ ۾ خوفناڪ آهي
اوترو ئي فتح کان پوءِ نرم دل آهي.
هاڻي سڪندر سڄو فرات ۽ ايشيا فتح ڪري دارا جي طرف
وڌيو، جو ڏهه لک فوج سان مقابلي لاءِ اچي رهيو هو.
جڏهن سڪندر جي سپهه سالارن دارا جو ايڏو وڏو لشڪر
۽ ساز سامان ڏٺو، تڏهن دهلجي ويا ۽ کيس صلاح
ڏنائون ته ڏينهن جو ايڏي ساري لشڪر جو مقابلو
ناممڪن آهي، تنهنڪري دشمن تي رات جو شبخون هڻجي.
تنهن تي سڪندر اهو تواريخي جواب ڏنو ته مان فتح کي
چورائڻ ڪونه ٿو گهران.
“I
dont want to steal the victory”
ڪن ماڻهن جي نظر ۾ سڪندر جو اهو جواب ٻاراڻي
بيهودگي هو، پر ڪي ان کي خوداعتمادي ۽ قوت بازو جو
دليل پيا سمجهن، ڇو ته شبخون سان فتح حاصل ڪرڻ
دارا کي ٽين لڙائي لاءِ آماده ڪرڻو هو، جو پهرين
لڙائي کي هو موقعي، موسم ۽ ماحول جي خرابي ۽ ٽاڪرو
سرزمين ۽ اتفاقي بدنصيبي جو بهانو ڏيئي نئين سر
ويڙهه لاءِ تيار ٿيو هو. جڏهن يوناني فوجي سالار
واپس وريا، تڏهن سڪندر پنهنجي تنبو ۾ بيخوف ٿي
سمهي پيو ۽ سڄي رات گهري ننڊ م سمهيو رهيو، جو صبح
جو سندس آفيسر اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ صلاح ڪيائون
ته سڪندر جي جاڳڻ کان اڳ ۾ ڀلي فوج کاڌو کائي فارغ
ٿئي. آخر ٻنهي فوجن جي صف بندي ٿي ويئي ۽ لڙائي
شروع ٿي. سڪندر يونانين جي آڏو مؤثر تقرير ڪئي. ان
وقت ارس تن در نجومي لشڪر کي هڪ عقاب ڏيکاريو جو
سڪندر جي سر تي دشمن جي طرف اڏامي رهيو هو. سڪندر
جو اهو خاص نشان ڏسي ۽ نيڪ فال سمجهي دشمن تي هلان
ڪري ويا ۽ ان تي وڃي ڪڙ ڪيا. دشمن ۾ اچي ڀاڄ پيئي.
سڪندر انهن کي گهيري ۾ آڻي گڏ ڪيو، سڪندر دارا تي
حملو ڪيو، سندس جان فروش بادشاهه جي آڏو ڪٽجي ويا،
انهن نمڪ حلالن جي لاشن جا ڍير لڳي ويا، مگر سڪرات
۾ به حمله آورن جي گهوڙن جي پيرن سان وچڙي کين
اڳتي وڌڻ کان رنڊايائون پئي. جڏهن ته دارا ڏٺو ته
سندس فوجي باڊي گارڊ منتشر ٿي ويا آهن ۽ پاڻ به
زخمي ٿي پيو آهي تڏهن ڀاڄ ۾ غنيمت سمجهيائين. رٿ
جي ڦيٿن جي اوسي پاسي ۾ ايترا ته لاش پيا هئا، جو
رٿ جو هلڻ ته بجاءِ پرچرڻ پرڻ به ڏکيو هو. دارا هڪ
گهوڙي جنهن کي پنهنجي ڦر کان جدا ڪري وٺي آيو هو،
تي چڙهي وٺي ڀڳو. عين ان وقت ايراني سالار لشڪر
”مازيٽوس“، فوج جي هڪ دستي کي چڪر ڏيارائي اچي
سڪندر جي خيمه گاهه تي حملو ڪيو. يوناني سالار“
پارمينو“ پريشانيءَ م سڪندر ڏانهن چوارائي موڪليو
ته خيمه گاهه جي حفاظت لاءِ فوج موڪليو جو ان تي
ايرانين حملو ڪيو آهي. سڪندر کي ناگوار گذريو ته
اوڏانهن ڪجهه فوج موڪلي ڇو ته فتح ڪامل ۾ باقي
ٿوري دير رهجي ويئي هئي. جيڪڏهن سڪندر اوڏانهن
پنهنجي فوج ڪونه موڪلي ها ته ايراني شهنشاهه دارا
اتي گرفتار ٿي پوي ها. هن فيصله ڪن جنگ ۾ ايراني
سلطنت جو بظاهر خاتمو ٿي ويو ۽ هاڻي ايشيا جي تخت
لاءِ سڪندر جو ٻيو ڪوبه حريف ڪونه رهيو. سڪندر
دارا جي تخت تي رونق افروز ٿيو، ۽ پنهنجي سردارن ۽
سپهه سالارن کي جاگيرون، عهدا، انعام اڪرام بخشيا
۽ بي انداز مال غنيمت سپاهين ۾ ورهايو ويو. ايراني
خزاني ۾ دريائي نيل ۽ ڊئنيوب جو پاڻي به عظمت
سلطنت نمائي لاءِ رکيو هو. ايران خاص ۾ داخل ٿيڻ
جو رستو تمام مشڪل هو، حالانڪ دارا ايران جي وچ ۾
وڃي پهتو هو، ته به رستي جي گهٽ گهيڙن تي ايراني
سردارن جا پهريدار بيٺل هئا. مگر سڪندر هڪ نيم
ايراني رهبر جي مدد سان دارا جو ڪاميابيءَ سان
پيڇو ڪيو. دارا جي دارالسطنت ۽ محلات تي وڃي قبضو
ڪيائين، ۽ اتي هن کي ايترو ته مال غنيمت مليو جو
ان جي کڻائڻ لاءِ پنج هزار خچر ۽ ويهه هزار اُٺ
مهيا ڪرڻا پيا. سڪندر طبعاً سخي هو، جيترو گهڻو
مال غنيمت کيس مليو ٿي، اوتري وڌيڪ بخشيش انعام
اڪرام پئي ڪيائين، پر سندس سردار ۽ سپهه سالار
گهڻي دولت ڪري عيش پرست ٿي پيا. معمولي تيل جي
بجاءِ قيمتي عطر عنبير لڳائڻ شروع ڪيائون، زربفت ۽
ڪيمخواب جون پوشاڪون پهرڻ لڳا، سڪندر کين ٽوڪيو ته
سچي عيش جي لذت پاڻ ڪم ڪرڻ ۾ آهي ۽ نه ٻين کان کان
ڪم ڪرائڻ ۾. سڪندر نه فقط زباني نصيحت ڪندو رهيو،
پر خطري جي ڪمن ۾ اڳي کان وڌيڪ ٽپي پوندو هو، ۽
جنگي ورزش ۾ به اڳي کان سوايو پئي نظر آيو.
اسپارٽا جو سفير سڪندر جي جنگي ڪرتبن ۾ جانفشاني
ڏسي دنگ رهجي ويو ۽ هڪ دفعي شڪار ڪندي قوي الحبثه
ببر شير سان سڪندر اڪيلو مقابلو ڪري کيس زير ڪيو،
تڏهن مذڪور سفير چيو ته واقعي شير ۽ تو ۾ بادشاهي
تنهنجو حق آهي. سڪندر چاهيندو هو ته سندس ساٿي به
هن جي پيروي ڪن، پر گهڻي دولت کين آرام پسند بڻائي
ڇڏيو هو، ۽ هو سخت جاني جي ڪرتبن کان لهرائڻ لڳا.
سڪندر باقي فوج ڇڏي مختصر فوج سان دارا جو يارنهن
ڏينهن تعاقب ڪري 450 ميلن جي مفاصلي تي وڃي کيس
جهليو. سڪندر جي فوج کي ڏاڍا جاکوڙا ڪڍڻا پيا ۽
پريشاني پسڻي پيئي، پر خاص ڪري پاڻيءَ جي آڻهوند
کين تنگ ڪيو.
ان
دوران سڪندر
جي
هڪ سپاهي
ڪٿان
هڪ
گلاس پاڻيءَ
جو
هٿ ڪري آڻي
اهو
گلاس
سڪندر کي ڏنو، جڏهن باقي سپاهي کيس لالچي نظرن
سان ڏسي رهيا هئا. سڪندر ائين
جو
ائين، هڪ
به
ڍُڪ
پيڻ کان سواءِ واپس
ڪيو
ته
جي مان
اڪيلو پاڻي
پي
اُڃ لاهيندس ته باقي سڀني جي دلشڪني ٿي پوندي.
جڏهن سپاهين اهڙو ايثار ڏٺو تڏهن يڪ آواز ٿي
چيائون ته اسان کي اعتراض ڪونهي، مگر سڪندر ڪونه
مڃيو. سپاهي بک ۽ اُڃ جي باوجود به ڪوچ ڪرڻ لڳا ۽
چيائون ته جڏهن اسان جو بادشاهه به اسان سان گڏ
اُڃيو ۽ بکيو هلي ٿو ته اسان کي ڪهڙي پرواهه آهي؟
آخرڪار وڃي بيابان جي وچ ۾ هڪ خيابان ۾ دارا جي
ويجهو وڃي ڪڙڪيا، تنبن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي. مال متاع
،زر ۽ جواهر هيٺ پکڙيا پيا هئا، حسين جميل عورتون
هيڏانهن هوڏانهن ڀاڄ ۾ هيون. مگر افسوس جو هيڏي
جدوجهد کان پوءِ دارا مليو پر هڪ رت ۾ ٻڏل لاش، سو
به سڪرات جي حالت ۾ لڌو ويو. سندس بدن تــِـيرن جي
زخمن سان ڀريل هو، ۽ ڪنهن گهڙي سوا جو مهمان هو.
يونانين کان پاڻي گهريائين . جڏهن ”پولي ٽراٽس“
کيس ٿڌو پاڻي پياريو، تڏهن چيائين ته اِها منهنجي
ڪيڏي نه بدقسمتي چئجي جو جيڪي منهنجي آخر وقت ۾ ڪم
اچن تن جي احسان جو بدلو مان ڏيئي ڪونه سگهان، ۽
پوءِ سڄو هٿ ”ٽراٽس“ سان ملايائين، ۽ کيس وصيت
ڪيائين ته اِهو ساڳيو هٿ منهنجي (دارا) طرفان
سڪندر سان مــِـلائي ۽ قيد ٿيل اهل عيال کي آرام ۾
رکڻ لاءِ سندس طرفان شڪريو ادا ڪري. جهٽ کان پوءِ
سڪندر اچي دارا جي لاش مٿان بيٺو ۽ پنهنجو قيمتي
چوغو لاهي لاش تي وڌو. شاهاڻي شان سان دارا جي لاش
کي دفنايو ويو. دارا جي ڀاءُ اڪشا تريش تي خاص
نوازشون ڪيائين، ۽ کيس پنهنجي دوستن ۾ شامل
ڪيائين. ايران کان پوءِ سڪندر پنهنجي سڄي لشڪر سان
گڏ پار ٿيا(ترڪستان) روانو ٿيو، ۽ اتي پهريون
مرتبو غير ملڪي لباس پهريائين. ننڍا ننڍا قلعا ۽
شهر فتح ڪيائين. مگر سندس لشڪر مال غنيمت سان
ايتري قدر ڀرجي چڪو هو، جو پهريون دفعو لشڪر واپس
ورڻ جو اظهار ڪيو. سڪندر سڄي فوج جي سامهون تقرير
ڪئي ته ”جنهن جي مرضي هجي سو ڀلي واپس وڃي، مان
پاڻ اڳتي وڌڻ جي خيال جو آهيان. پر ائين سو ضرور
چوندس ته جڏهن مان يونانين کي سڄي دنيا جو بادشاهه
بنائڻ لاءِ وٺي پئي ويس، تڏهن سواءِ ٿورن جان
نثارن جي باقي سڀ اڌ کان موٽي ويا.“ انهيءَ جو
خاطر خواهه نتيجو نڪتو ۽ سڀني يڪ آواز ٿي سڪندر
سان هلڻ لاءِ آواز اُٿاريو. سڪندر ترڪن تي
نوازشون ڪيون ۽ انهن جون ڪجهه رسمون رواج استعمال
ڪري کين يوناني طور طريقن جي ويجهو آندو، ۽ اتان
جي هڪ رقاصه ”روشنڪ“ (رڪسانه / رخسانه) سان پڻ
شادي ڪري ترڪن کي پنهنجو ڪيائين. هت سڪندر سان هڪ
ناخوشگوار واقعو در پيش آيو جو سندس دوست ۽ سالر
”فلوطاس“، نشي جي حالت ۾ سڪندر سان سامهون ٿيو ۽
ضد ۾ پئجي ويو. سڪندر به جذبات ۾ اچي کيس پنهنجي
خنجر سان قتل ڪيو. مگر مقتول جي لاش وانگر سڪندر
به ٿڌو ٿي ويو ۽ دوست جي قتل تي روڄ راڙو ڪرڻ لڳو
۽ سڄي رات سڏڪا ڀريندو رهيو، ۽ ٻيو سڄو ڏينهن به
تنبو ۾ اڪيلو گذاريائين. پوءِ سندس خاص دوست ۽
فيلسوف ”انڪسارجس“ ذهن نشين ڪرايو ته مقتول جو قتل
سندس بيوقوفي ۽ ناسازگار واقعن جي ڪري اتفاقي موت
هو. پوءِ سڪندر وري اچي سردارن جي ڪچهريءَ ۾ ويٺو
۽ فوجي ڪاروبارن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، ۽ ٻيو قتل
پنهنجي دوست ”هر مالوس“ کي هڪ سازش جي الزام ۾
ڪرايائين، جنهن ۾ هو رڳو پنهنجي زبان درازي ۽
بيوقوفيءَ جي ڪري منسوب ٿي ويو. هاڻي سڪندر جي
مزاج ۾ رکائي اچي ويئي ۽ ترڪستان کان پوءِ سڪندر
سنڌ ۽ هند جي مهم ۾ افغانستان ۽ سرحدي قومن سان
جهڙپ ۾ زخمي ٿي پيو.
هاڻي سڪندر سنڌ ۽ هند تي حملي ڪرڻ جو پڪو ارادو
ڪري چڪو هو، مگر اهو ڏسي متفڪر ٿيو ته سندس سپاهي
مال غنيمت سان ايتري قدر ڀرجي چڪا هئا، جو سامان
ساڻ کڻي هلڻ انهن لاءِ وبال جان بڻجي پيو. انهيءَ
مسئلي کي هن ائين حل ڪيو جو هڪ باهه جو آڙاهه
ٻارايائين، ان ۾ پنهنجي قيمتي سامان کان سواءِ ٻيو
معمولي سامان وجهرايائين ۽ پوءِ پنهنجي خاص
همنشينن کي اشارو ڪيائين، جن سڪندر جي پيرويءَ ۾
پنهنجو عام رواجي مال غنيمت ساڙيو. ائين اهڙو ته
چهچٽو ۽ چرچو لڳو، جو انهن جي ريس تي باقي سپاهين
به نعرا هڻندي پنهنجو وزني سامان باهه ۾ ساڙيو،
چڱو خاصو ميلو لڳو. اهو اهڙو تعجب خيز منظر هو، جو
خود سڪندر جو حوصلو وڌي ويو ۽ اڳتي فتوحات جو
ارادو پختو ٿي ويو. مگر هاڻي سڪندر مزاج جو اهڙو
سخت ٿي پيو، جو ماڻهن کي خسيس خطائن تي سخت سزائون
ڏيڻ لڳو. ”مناندر“، جو سندس دوستن ۾ شمار ٿيندو
هو، ان کي انهيءَ ڏوهه ۾ قتل ڪرايو ويو ته هو هڪ
قلعو، جتي سڪندر کيس هڪ فوج جي دستي سان مقرر ڪيو
هو، ڇڏي ويو هو. انهن ڏينهن ۾ هڪ رڍ ويائي، جنهن
هڪ اهڙو عجيب غريب ڦر ڄڻيو، جنهن جي ســِـر تي
هوبهو تاج جي صورت ٺهيل هئي ۽ ٻنهي طرفن ٿيلهيون
لٽڪيل هيون. سڪندر پنهنجي سردارن کي چيو ته مون کي
پنهنجو ڪوبه ڏک ڪونه آهي، پر ارمان اِهو آهي ته
مون کي پوءِ سلطنت نااهل سپــہ سالارن جي هٿ اچي
ويندي. هاڻي هت سڪندر کي آب و هوا جي خرابي ۽ رسد
جي آڻــُـهوند نقصان پهچايو. مگر هو ڪنهن مصيبت کي
خيال ۾ آڻڻ وارو ڪونه هو. سڪندر جي حڪم سان ڪيترن
قلعن جو گهيرو ڪيو ويو، پر ”نيسه“ جي گهيري سڪندر
جي سپاهين کي بي همٿ ڪري ڇڏيو، پر سڪندري بخت اتي
به کيس ڪونه ڇڏيو. قلعو فتح ٿي ويو ۽ ٻين قلعن جون
سفارشون به سڪندر وٽ آيون.
انڊو پاڪستان( سنڌ ۽ هند) ۾ ٽڪسيلا (راولپنڊي لڳ)
جي راجا جي سلطنت مصر جي برابر وسيع هئي ۽ پنهنجي
سرسبزي، شادابي ۽ ميوي جي گهڻائيءَ ڪري ممتاز
هئي. خود راجا به عقلمنديءَ ۾ مشهور هو. سڪندر سان
پهرين ملاقات ۾ اجهو هن طرح گفتگو ٿي: ”اسان پاڻ ۾
ناحق ڇو وڙهون. جڏهن توهان جو هتي اچڻ جو مقصد
اسان جو داڻو پاڻي بند ڪرڻ ڪونه آهي، حالانڪ اُهي
اهڙيون شيون آهن جنهن لاءِ عقلمند به جنگ ڪرڻ لاءِ
مجبور هوندا آهن. باقي رهيو مال متاع، زر ۽
جواهر، سو جي مون وٽ وڌيڪ آهي ته مان خوشيءَ سان
توکي حـصي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، اگر تو وٽ مون کان
وڌيڪ نڪري ته تنهنجي احسانمند بڻجڻ لاءِ به مون کي
ڪوعار ڪونه آهي“ سڪندر اِهو جواب ٻڌي کيس ڀاڪر
پاتو ۽ سندس تحفن کان کيس وڌيڪ سوغاتون ڏنائين ۽
کيس هڪ هزار ٽيلينٽ ڏيئي پنهنجي فياضيءَ جو نقش
ويهاريو. ايڏي وڏي رقم اهڙي خسيس ڳالهه تي لٽائڻ
سڪندر جي رفيقن کي ناگوار گذري. البت سنڌين ۾ سندس
وڏي شهرت ٿي ۽ گهڻا ان جا مداح بڻجي ويا. مگر
هينئر سنڌي جوڌا جوان ميدان ۾ نڪري چڪا هئا. ننڍين
رياستن جي راجائن کيس ڇاپه مار حملن سان پريشان
ڪري ڇڏيو. انهن سپاهين وانگر سڪندر کي سنڌي
فيلسوفن ۽ استادن به سک سان ويهڻ ڪونه ڏنو. هو گشت
ڪري آزاد رياستن جي عوام، فوجين، حاڪمن ۽ سردارن
کي بچاءَ واريءَ جنگ لاءِ همٿائي رهيا هئا ۽ جن
راجائن سڪندر جي آڻ مڃي هئي، تن جو تبرو ڪري رهيا
هئا. انهن مان ڪن کي سڪندر قيد ڪرائي ڦاسي
ڏيارائي. سڪندر پنهنجي ڊائريءُ ۾ فورِ سنڌي (راجه
پورس) جي لڙاين جو احوال خود پاڻ لکيو آهي. هو لکي
ٿو ته فريقين جي وچ ۾ جهلم درياهه حائل هو. درياهه
جي ٻي طرف هاٿين جي لشڪر جي قطار پهرو ڏيئي رهي
هئي ۽ درياهه جي گهاٽ ۽ گهيڙن تي فوجي چوڪيون
قائم هيون ۽ مان (سڪندر) روزانه پنهنجي لشڪر ۾
نعرا ۽ نغارا ۽ لڙ گوڙ ڪرائي رهيو هئس ته جيئن
اسان جي موجودگيءَ جو کين احساس هجي. آخرڪار هڪ
اونداهي رات جو جڏهن برسات وسي رهي هئي، ڪجهه
چونڊيل سوار وٺي هڪ سوڙهو گهيڙ لهي راجا جي لشڪر
کان پري وڃي درياءَ داخل ٿيس. اڃان سير ۾ هئاسين
ته وڄن وسڪارو ڪيو ۽ گجگوڙ جو گهمسان شروع ٿيو.
برسات ۽ طوفان ڪري جهلم ٽمٽار پئي وهيو ۽ درياهه
جا ڪنارا کاڄي ويا هئا، ان ڪري ڪناري تي لهڻ ڪري
ڏاڍيون دقتون در پيش آيون ۽ ڌٻڻ واري زمين تي پيرن
جو ٽــِـڪڻ ڏکيو هو.“
سڪندر جو خيال بلڪل صحيح نڪتو، جو سندس مقابلو اول
اول پورس جي گهوڙي ۽ هاٿي سوارن سان ٿيو، جنهن
لاءِ سندس چونڊيل سپاهي ڪافي هئا. راجا جا هڪ هزار
سوار ۽ سٺ جنگي رٿ پنهنجي لشڪر کان اڍائي ميل پري
اچي سڪندر سان وچڙيا، جن مان چار سؤ سوار قتل ٿيا
۽ هڪ رٿ صحيح سلامت واپس ڪونه وريو،سي سڀيئي
يونانين گرفتار ڪيا. ان دوران پورس ائين اندازو
لاتو ته سڪندر درياهه پار ڪيو آهي. ان ڪري پنهنجي
سڄي فوج وٺي لڙائيءَ لاءِ نڪتو آهي، سڪندر سڄي
لشڪر سان مقابلي ٽارڻ لاءِ پنهنجي فوج کي ٻن حصن ۾
ورهائي دشمن جي سڄي پاسي تي پاڻ وڃي ڪڙڪيو ۽ کٻي
تي ڪينوس وڃي وڄ وانگر ڇاپو هنيو. هيءَ تدبير
نهايت ڪامياب ويئي، جو دشمن جوکٻو ۽ سڄو طرف ٽٽي
پيو ۽ لشڪر اچي قلب(وچ ۾) گڏ ٿيو، جنهن کي سڪندر
گهيري ۾ آندو، مگر راجائي لشڪر ڄمي وڙهيو ۽ ڏينهن
جو اٺن ڪلاڪن کان پوءِ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، پر باوجود
شڪست جي يونانين کي به مفلوج ڪري وڌائون. سڀيئي
يوناني مورخ انهيءَ روايت ۾ متفق آهن ته پورس ۽
چار هٿ ڊگهو ۽ پنهنجي وڏي جسيم هاٿي تي ويٺل هيو ۽
ان تي اهڙو ٺهڪي پئي آيو جيئن ڪو سوار پنهنجي
گهوڙي تي. ان هاٿي به لڙائي ۾ عجيب غريب جوهر
ڏيکاريا، جو جيستائين سندس مالڪ صحيح سلامت لڙائي
وڙهي رهيو هو ته هاٿي وڏي دليريءَ سان ان جو بچاءُ
ڪري رهيو هو ۽ حمله ڪندڙن کي ويجهو اچڻ ڪونه ٿي
ڇڏيائين، مگر جڏهن تيرن جي زخمن سان چور ٿي راجا
بي وس ٿيو ته هن نمڪ حلال جانور کيس هيٺ ڪرڻ ڪونه
ڇڏيو، مگر هو ريان گوڏن ڀر جهڪيو ۽ سونڊ سان ان جا
تير ٻاهر ڪڍڻ لڳو. پورس جڏهن گرفتار ٿي آيو سڪندر
پڇيس ته ”تو سان ڪهڙي هلت هلجي؟“ پورس وراڻيو
”جهڙي بادشاهه بادشاهن سان هلندا آهن.“ سڪندر به
کيس مايوس ڪونه ڪيو، مگر خود سندس ملڪ کان سواءِ
ٻين ڪيترن آزاد قومن جا ملڪ، جي يونانين پنهنجي
ٻانهن جي ٻل سان فتح ڪيا هئا، کيس بخش ڪيا، ان جي
صوبه داري ۾ پندرهن قومن جي بيشمار ڳوٺن کان سواءِ
پنج هزار وڏا وسندڙ واهڻ ۽ شهر به شامل هئا. پورس
جي لڙائي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سڪندر جو پيارو
گهوڙو ”بوسي فلس“ مري ويو. سڪندر کي سندس وفات جو
ايڏو ته ڏک ٿيو، جيترو ڪنهن عزيز جو ٿئي ۽ ان جي
يادگيريءَ ۾ جهلم جي ڪناري هڪ شهر”بوسي فلس“ آباد
ڪرايو، ۽ چون ٿا ته سڪندر پنهنجي پياري ڪتي پري
تاس(شايد، گهڻو ڪري روتاس جو قلعو، جو ضلع جهلم ۾
واقع آهي) جي نالي تي پڻ شهر ٻـَــڌو ۽ قلعو
اڏايو. پورس سان آخري جنگ ۾ منظم مقابلي مقدونيه
وارن جي همٿ توڙي وڏي ۽ هندوستان طرف اڳتي وڌڻ کان
روڪي ڇڏيو. انهن ڏٺو ته پورس ڇڙو ويهه هزار پياده
۽ ٻه هزار سوارن سان اهڙو سخت مقابلو ڪيو جو حمله
آورن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ جڏهن لشڪر اهو ٻڌو ته
گنگاندي جو پيٽ ٻٽيهه فرلانگ ۽ گهرائي هڪ سو گز
آهي ۽ ٻنهي ڪنارن سان گندار تان ۽ پريسيان جا
مهاراجا اسي اسي هزار رٿ ۽ سوار ۽ ڇهه ڇهه هزار
هاٿي ۽ ٻه لک پيادن جي مسلح هٿياربند فوج سان
لڙائي لاءِ تيار بيٺا آهن، تڏهن سڀني يڪراءِ ٿي
سڪندر جي هندوستان طرف وڌڻ جي راءِ جي سخت مخالفت
ڪئي، ۽ اهي ڳالهيون بي بنياد ڪونه هيون، ڇو ته
ٿورا ڏينهن پوءِ سڪندر جي موٽڻ کان پوءِ چندر گپت
جڏهن ملڪ جو حڪمران ٿيو ته هڪ ئي دفعي پنج هزار
هاٿي سيليوڪس ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ ڇهه لک فوج سان
سڄو هندوستان فتح ڪيو. دراصل سنڌي سورمن سڪندر جي
فوج کي ٽوٽا چٻايا ۽ کين واپس موٽڻ ۾ سلامتي نظر
آئي سڪندر سپاهين ۽ سالارن جي راءِ آڏو پنهنجو
سرخم تسليم ڪيو ۽ واٽ تي موجوده سنڌ مان لنگهندي
ڪيترا يادگار ساڻ ڇڏيندو ويو، ۽ ڪيترا ئي منارا ۽
قلعا ٺهرائيندو ويو. غالباً سيوهڻ ۽ رني ڪوٽ
انهيءَ دور جا يوناني يادگار آهن. سڪندر درياهه
سنڌ جو ڪنارو ڏيئي واپس وريو. واٽ تي ديوتائن جي
نالي تي قرباني ڪندو ويو. هاڻي سڪندر کي سمنڊ ڏسڻ
جي اچي تڪڙ ٿي، تڪڙو تڪڙو ڪوچ ڪندو اچي سامونڊي
ڪناري تي پهتو. سامونڊي ڪناري جي ويجهو ننڍا وڏا
قلعا ۽ ڪوٽ فتح ڪندو اڳتي وڌيو. واٽ تي سمنڊ جي
ڪناري (غالباً ٺٽي، ڪراچي ۽ مڪران، لس ٻيلي جي
سامونڊي ڪناري. هنن ڄاڻايل جاين جو تعين مترجم ڪيو
آهي). سندس مقابلو سنڌين جي ويڙهو قوم ملين سان
ٿيو، جنهن ۾ سڪندر ذري گهٽ پنهنجي حياتي وڃائي
هئي. يونانين قلعي تي حملو ڪيو ۽ ڪمند وجهي قلعي
جي ديوار تي چڙهي ويا. ايتري ۾ ڪمند ٽٽي پيو ۽
سڪندر ٻين ٻن سپاهين سان قلعي جي ڀت تي رهجي ويو.
سڪندر ڀت جي ٻاهران ٽپي ڏيڻ بدران قلعي اندر ٽپو
ڏنو ته مٿس 8 - 10 ملي حملو ڪري آيا ۽ کيس زخمي
ڪري وڌائون ته ايتري ۾ ڀت تان سندس ٻيا ساٿي به
سڪندر جي پيرويءَ ۾ هيٺ ٽپي پيا ۽ اچي سڪندر کي
بچايائون. وري جڏهن يونانين کي سڪندر جي احوال جي
خبر پيئي سي به جانفشانيءَ ڪري ڀت ٽپي اندر آيا ۽
عام لڙائيءَ ۾ هميشه وانگر سڪندر ئي سوڀارو ٿيو.
هن لڙائيءَ ۾ اهو به افواهه اٿيو ته سڪندر قتل ٿي
ويو آهي! سڪندر کي بيهوش لڌو ويو ۽ گهڻو عرصو
بستري داخل رهيو. انهيءَ دريائي ۽ سامونڊي سفر ۾
ڏهه سنڌي حڪيم گرفتار ٿيا، جن کي يوناني جمنو
سافسٽ(اگهاڙا حڪيم) ڪري چوندا هئا جي سباس قوم کي
سندس برخلاف ڀڙڪائي رهيا هيا. مٿيان حڪيم حاضر
جوابي ۽ ڏکين سوالن جي حل ڪرڻ ۽ پرولين سلڻ ۾
اعليٰ مهارت رکندا هيا. سڪندر کين چيو ته جي جواب
اڻ پورا ۽ غلط هوندا ته سندن ســِـر ڌڙ کان جدا
ڪبو. پهرين کان پڇيائون ته: مري ويلن جو ڳاڻاٽو
وڌيڪ آهي يا جيئرن جو. جواب مليو ته، ”جيئرن جو،
ڇو ته جي مري چڪا انهن جو وجود ئي ڪونه رهيو آهي.“
ٻئي کان پڇيائين ته سمنڊ ۾ جانور وڌيڪ پيدا ٿين ٿا
يا خشڪي (زمين) تي؟ جواب مليو ته ”خشڪي تي“ ڇو ته
سمنڊ ته خود زمين جو جزو آهي.“ ٽين کان سوال پڇيو
ته جانورن مان سڀ کان چالاڪ جانور ڪهڙو آهي؟ جواب،
”اهو جو اڃا تائين انسان کي دستياب ٿي ڪونه
سگهيو.“ چوٿين کان دريافت ڪيو ته، ڀلا اهو ڪهڙو
دليل هيو جو سباس قوم کي منهنجي برخلاف اڀارڻ ۾
توهان استعمال ڪيو؟ جواب، ”ڪجهه به نه، سواءِ ان
جي ته يا انهن کي ذلت سان زنده رهڻ گهرجي يا شرافت
جي موت مرڻ گهرجي.“ پنجين کان پڇيو ته ”رات ۽
ڏينهن مان پهريائين ڪير پيدا ٿيو؟ (ڪنهن جي عمر
وڏي آهي؟).“ جواب، ڏينهن! جو رات کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ
ڏينهن ضرور وڏو آهي. وري کانئس پڇيو ته ڪهڙو عمل
آدمي کي نهايت محبوب ۽ هر دلعزيز بڻائي ٿو؟
چيائين ته ”قوت، بشرطيڪ ماڻهن کي مرعوب ۽ مخوف نه
ڪري“ ستين کان پڇيو ته ”ڪهڙي طريقي استعمال ڪرڻ
سان انسان الله (لافاني) بڻجي وڃي“ جواب مليو ته
”اهڙن ڪمن سان جي ماڻهن جي نظر ۾ ناممڪن العمل
هجن.“ اٺين پنهنجي سوال جي جواب ۾ وراڻيو ته ”موت
۽ زندگيءَ مان زياده طاقتور زندگي آهي، جو ايترين
مصيبتن سهڻ کان پوءِ به حوصلو رکي ٿي.“ آخري شخص
کان پڇيو ته آدمي کي ڪهڙي قوت تائين جيئڻ مناسب ۽
پسنديده آهي؟ جواب آيو ته ”جيستائين زندگي کان
وڌيڪ موت جي خواهش هجي“ . آخر ۾ سڪندر سڀني کي
تحفا ڏيئي آزاد ڪيو ۽ کين جيئندان ڏنائين.
سڪندر جا فيلسوف سنڌي رشي ڊنڊاميش سان مليا، جيڪو
ساڻن اخلاص سان مليو، ۽ سقراط، فيثا غورث ۽ ديو
جانس جا حڪيمانه قول ٻڌي چيو ته ”منهنجي خيال موجب
اُهي وڏا قابل قدر ۽ عظيم انسان هئا ۽ رڳو انهيءَ
ڳالهه ۾ ڀــُـليا ته انهن کي پنهنجي ملڪ جي قاعدي
قانون ۽ سماج جو ڏاڍو لحاظ هو.“ روايت آهي ته
مشهور سنڌي فيلسوف ”ڪالي
نوس“ سڪندر کان پڇيو ته سندس ايترو دور دراز اچڻ
جو مقصد ڇا آهي؟ پوءِ هڪ سڪل کل جي هڪ طرف بيهي
رهيو ته ان طرف هيٺ جهڪي، مگر ٻين طرفن کان اڪڙجي
بيهي رهي. وري جڏهن آڪڙيل طرف بيٺو ته جهڪيل طرف
مٿي ٿي ويو. پر جڏهن کان کل جي وچ تي بيٺو ته سڄي
کل سڌي ٿي ويئي. انهيءَ عملي سبق جو مقصد هو ته
سڪندر کي گهڻو وقت دارالحڪومت ۾ گذارڻ گهرجي.
پوءِ سڪندر ست مهينا عربي سمنڊ ۾ سامونڊي سفر ڪيو
۽ پوءِ ڪجهه لشڪر سمنڊ رستي مڪران، لس ٻيلي ۽
ايشيا مائنر ۽ ايراني نار جي رستي موڪليائين ۽ پاڻ
خشڪي رستي وطن واپس وريو. واٽ تي کيس خشڪي سفر ۾
سخت تڪليفون درپيش آيون، ڇو ته اهو ملڪ(غالباً لس
ٻيلو) ويران، ڀڙڀانگ ۽ غيرآباد هو ۽ اتان جا رهاڪو
ڏاڍا مفلس ۽ تنگ دست هئا، جن جي سڄي موڙي ۽ ملڪيت
صرف رڍون هيون ۽ اُهي به اهڙيون ڏٻريون ۽ ڳريل
هيون ۽ سندن گوشت بدبودار هو. سڪندري فوج کي سامان
رسد ميسر ڪونه آيو، پر جي آيو ته انهن مان طرح طرح
جا مرض نڪري نروار ٿيا. نتيجو اهو نڪتو جو وڏو
لشڪر، جنهن ۾ هڪ لک ۽ 20 هزار پيادا ۽ 15 هزار
سوار هئا، سي سنڌ مان واپسي وقت چوٿون حصو به ڪونه
رهيا، وڏو لشڪر بک، وبائي بيمارين ۽ گرميءَ جي تپت
کان هلاڪ ٿي ويو، خاص ڪري کاڌي جي شين جي ڏڪر ڏاڍو
نقصان پهچايو. سٺ ڏينهن جي سفر جي مشقت کان پوءِ
يوناني لشڪر موجوده مڪران ۾ داخل ٿيو، جتي سامان
رسد فرواني سان هٿ آيو، جو آس پاس جي بادشاهن ۽
والين سندس آمد جي خبر ٻڌي اول ئي کاڌي جو انتظام
ڪري ڇڏيو هو. اُتي پنهنجي فوج کي آرام ڏيئي ڪر مان
جي رستي اڳتي وڌيو ۽ سڄي واٽ ستن ڏينهن تائين جشن
ملهائيندو هليو. پاڻ پنهنجي خاص دلي دوستن سان گڏ
هڪ وڏي تخت تي سوار ويٺو رهيو، جنهن ۾ اٺ گهوڙا
جوٽيل هئا، جنهن تي ڏينهن رات عيش جي محفل متل هئي
۽ سندس پويان رٿن جي قطار هئي، جن تي قيمتي ڪپڙا
لٽڪيل هئا. سندس دوست ۽ لشڪر جا سپه سالار شراب
نوشي ۾ مشغول هئا. اهڙيءَ طرح باقي سپاهين کي به
تلوار جي مــُـٺئيي بدران شراب جي صراحي جي گردن
هٿ ۾ هئي ۽ سپاهي هڪٻئي جي ياد جو پيالو پــُـر
ڪري پي رهيا هئا ۽ ســُـرندي جي ســُـر تي مٺڙا
آلاپ ڳائي رهيا هئا. عراق ۾ سندس اميرالبحر
”نيارڪس“ به ساڻس سامونڊي فوج سان گڏيو ۽ سامونڊي
سفر جو اهڙو دلڪش نقشو ڪڍيو جو سڪندر ڏاڍو خوش ٿيو
۽ ان لاءِ آماده ٿيو ته عرب ۽ آفريڪا کان ڦري،
جبرالٽر کان ٽپي، بحر روم ۾ داخل ٿجي. انهيءَ
ارادي جي پوئواري لاءِ ٿپسا ڪوس (موصل) وٽ ٻيڙن
ٺهڻ جي ڪم جا حڪم ڪڍي ڇڏيائين. ۽ ڪجهه جهاز جڙي به
ويا، مگر ان تجويز تي عمل ٿي ڪونه سگهيو، جو سلطنت
جي حالت جي تقاضا ڪجهه ٻي هئي، جو هر طرف کان شورش
۽ فساد جي خبرن کيس مجبور ڪيو ته بحري سفر جي مزي
وٺڻ کان اول پنهنجي گهر جي خبر وٺجي .
دراصل ڳالهه اها هئي ته جڏهن کان وٺي قديم سنڌ ۾
سندس مشڪلات جو چرچو ڦهليو ۽ ملين(سنڌي سورمن) جي
هٿان سندس موت جي خبر اُٿي ۽ تنهن کان سواءِ سنڌ
کان واپس ورڻ تي سندس بي رعبي عام ٿي وئي ۽ سڪندري
بخت لوڏن ۾ اچي ويو. ان کان سواءِ سندس ڪن گورنرن
رعيت تي اهڙيون شرمناڪ سختيون ڪيون، جو شورش نه
گزير بڻجي ويئي، جو مفتوحه علائقن ۾ هلچل مچي ويئي
۽ ملڪن ۾ انقلاب جو خدشو پيدا ٿي پيو، خود مقدونيه
۾ سندس ماٽيلي مائرن ڪلوپٽرا ۽ اولم پياس جو جهڳڙو
لڳو پيو هو. اپيروس تي اولم پياس متصرف هئي ۽
مقدونيه خاص تي ڪلوپٽرا جو قبضو هو.
دارالحڪومت سوس ۾ سڪندر پنهنجي شادي دارا جي ڌيءَ
”استاترا“ سان ڪئي، ۽ ان سان گڏ ڪيترن سردارن کي
به وڏ گهراڻي ايرانين اميرزادين سان پرڻايائين.
شادي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ نو
هزار مهمان شريڪ ٿيا، جن مان هر هڪ کي هڪ هڪ سونو
پيالو رسم رواج ادا ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو ۽ ٻين فياضين
سان گڏ اهل فوج جا سڀ قرض چڪايا ويا، جي جملي نو
هزار اٺ سؤ سترهن ٽيلينٽ هئا (هڪ ٽيلينٽ برابر
ساڍا ٽي هزار روپيا). همدان پهچي وري سڪندر عيش
عشرت جي محفل ۾ گم ٿي ويو. ٽي هزار گويا ۽ مسخرا
يونان کان پهچي چڪا هئا، مگر سڪندر کي هڪ سخت
ناگوار واقعو پيش آيو، جو سندس دوست ”هفس شيان“ جي
موت جو واقعو هو، جيڪو ڀــُـڳل ڪــُـڪڙ جي مٿان
شراب پيئڻ ڪري بدپرهيزي سبب وفات ڪري ويو هو.
انهيءَ افسوسناڪ واقعي سڪندر کي حال کان بي حال
بنائي ڇڏيو. اظهار غم ڪري انهيءَ وقت اهو حڪم
ڏنائين ته سڀني گهوڙن ۽ خچرن جا پڇ ۽ بشڪون وڍيون
وڃن ۽ ڀروارن سڀني ڪوٽن ۽ قلعن جا برج ۽
ڪنگراڪيرايا وڃن.
غريب طبيب کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو ۽ لشڪر ۾ پڙهو
گهمايو ويو ته ڪوبه گانو بجانو ساز سرود ڪونه
وڄائي. پوءِ سڪندر بابل جي طرف وڌيو، واٽ تي
خالديه قبيلي جي رمالن سڪندر جو بابل ۾ وڃڻ منحوس
قرار ڏنو، مگر سڪندر ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي ۽ ڪوچ
جاري رکيو. بابل جي شهر پناهه وٽ ڪيترا ڪانوَ
وڙهندا نظر آيا، جن مان ڪي بلڪل سڪندر جي آڏو اچي
ڪريا ۽ مئا. اهڙن بدسوڻن جو سلسلو جاري رهيو.
مثلاً هڪ پاليل گڏهه اٽون هڻي هڪ ببر شير کي هلاڪ
ڪيو، حالانڪ هو هڪ طاقتور ۽ قوي الحبثه سڪندر جو
پاليل شير هو. هاڻي سڪندر ڪجهه وهمي طبيعت جو ۽
شڪي مزاج بڻجي پيو.
جڏهن ايرانين سندس پوڄا شروع ڪئي، تڏهن سندس خاص
يوناني دوست کانئس ڪناره ڪش رهڻ لڳا. سڪندر غم غلط
ڪرڻ لاءِ وري عيش عشرت ۽ شراب نوشيءَ جو سلسلو
شروع ڪيو ۽ پنهنجي اميرالبحر نيارڪس جي اعزاز ۾ هڪ
پــُـرتڪلف ضيافت ڪئي. اتان واندو ٿي معمول مطابق
پنهنجي غسلخاني ڏانهن وڃي رهيو هو ته سندس سپهه
سالار ۽ سردار ميدوش کيس روڪيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ
کاڌي کائڻ جي درخواست ڪئي. سڪندر ساڻس ويو ۽ ٻئي
ڏينهن صبح کان شام تائين برابر شراب پيئندو رهيو .
اتي سندس طبيعت بگڙي پيئي ۽ کيس بخار اچي ورتو.
سڪندر، جنهن ايترن بادشاهن کي مغلوب ڪيو، ڪيترن
مانجهي مردِ ميدان مڙسن کي ماري مڃايو، سو نيٺ موت
کان مفتوح ٿيو. سندس مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ
نشينيءَ لاءِ سندس سپهه سالارن ۾ ويڙهه شروع ٿي.
سڪندر جو لاش بي گور وڪفن ڪيترا ڏينهن انهيءَ ڪمري
۾ پيو هو. آخرڪار سندس سلطنت سندس سپهه سالارن
ورهائي کنئي. ان کان پوءِ سڪندر جو لاش به دفن ڪيو
ويو. مرڻ کان پوءِ سڪندر پنهنجي مئل لاش جي معرفت
خلق لاءِ عملي هدايت ۽ عبرت جو سبق ڇڏيو. اها وصيت
ڪيائين ته سندس ٻيئي هٿ ڪفن کان ٻاهر ڪڍيا وڃن ۽
خلق، جنهن کيس شهنشاهيت جي دوران ڏٺو هو، کيس
معلوم ٿئي ته سڪندر هڪ عام انسان وانگر ساڳئي راهه
رباني وٺي رمندو رهيو. |