ازانسواءِ منجهس ٽي آيتون آهن:
1- وَنحـــُـن اَقربُ اِليه من حـــَـبل
اِلوريدِ(3)،
تــَـهجو توهين ساڻ
2- اَلله بــِـکــُـل شيءِ مــُـحيط(4)،
اِي آرياڻي اُهڃاڻ
3- وفـــِـي اَنفسـُـکم اَفلا تبصرون(5)
سوجهي ڪر سهي
۽ ٻه حديثون:
1- من عـــَرفَ نفسـہ، فــَـقــَـد عرَف ربــہ،
اِهوئي آچار
2- خلق آدم علي صــُورتـہٖ(6)،
اي وڻن منجهه وروُنــہ.
اِهو ته ٿيو ٿوري ۾ آيتن، حديثن، چوڻين وغيره جو
اصلي روپ ۾ استعمال، پر عالم شاعر فقط اِن تي
ڪفايت نه ڪئي آهي. هن جي ڪلام ۾ ڪيترين آيتن،
حديثن ۽ ڪهاوتن جا ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ترجما پڻ ميسر
آهن. وٺو ڪلياڻ جو هيءُ بيت:
وَحــَده لاشريکَ لــَہ، اِي وهائــِـجِ وَي،
کـــَـٽين جي هارائيين، هنڌُ تــُهجو هي،
پاڻا چــُندءِ پيءُ، ڀري جامُ جنت جو.
ظاهر آهي ته آخرين مصرع قرآن شريف جي وسقاهم
رَبــهـُـم شراناً طــَـهوراً
(7)
جو اُلٿو آهي. ساڳيءَ ريت:
پاڻــِـہ پســَـي پاڻ کي، پاڻــِـہ ئي محبوبُ،
پاڻــِـہ خلقي خـــُوب، پاڻــِہ طالب تــَـنِ جو،
۾ صوفياڻي خيال اِن اَلله جــَـميل يــُحــِب
الجمال(1)
جو تصور آهي.
سر ليلا چنيسر جو هيءُ بيت وٺو:
سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيَ هارَ،
پسڻ ڪارڻِ پرِيَ جي، سهسين ڪن سنگار،
ڍولُ تـَـنين جي ڍارَ، هيٺاهيوُن هــَـلن جي.
پوئين سٽ جو مشابــہ ”الفرقان“ ۾ آهي و
عــِـبادالرحمان الذين يــَـمشــُونَ علي الارض
نصونا، يعني ته ٻاجهاري جا ٻانها اُهي آهن جيڪي
ڌرتيءَ تي نوڙت سان گهمندا آهن.
ڌڻيءَ اڳيان نه ڪنهن جي هوشياري هلندي ۽ نه ٺاهه
ٺوهه. اسان جو دلبر شاعر ليلان کي ڏوراپا ڏيئي چوي
ٿو:
هــُـئينءَ ته گهڻو هوشيارُ، ڪــَلَ به هــُـئيءِ
ڪاندَ جي؟
تو ڀانيو موچاري ٿيان، ڳــِـچي پائي هار؟
ڪانَ ڪوڙِيَ جو نه وڻي، سئين ڀــَـتين سنگار،
وَهم لهي ونجهارُ، دليون پرکي داسـَڙو.
بيت جي پوئين اڌ جي مطلب لاءِ ڏسو: اِن الله
لاينـــُـظــُـر اِلي صــُـورِ کــُـم و
اَموالــِـکــُم و لــِـکن ينــُـظــُر اِليُ
قــُلو بــِـکـُـم و اَعمالکُم(1)
. ساڳئي سر جي ٻئين داستان جي هن بيت
جي ليلائي نه لــُـهين، ته پـُڻُ ليلائيج،
آسر م لاهيج، سڄڻُ ٻاجهندڙُ گهڻون.
جي ٻينءَ مصرع ۾ لا تقنُطُوا من رحمـة الله
(2)
ڏانهن اشارو آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سعدي
شيرازيءَ جي ”گلستان“ ۾ ڏنل اُها حڪايت بيان ڪئي
آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته پاپي پنهنجا ڏوهه
بخشائڻ لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏائي ٿو. پهريائين ته قادر
مطلق ٻڌو ان ٻڌو ڪري ٿو ڇڏي، ٻيهر ٿو ليلائي،
تڏهين به نه ٿو ڌيان ڏئيس، ٽيهر عاجزيءَ سان عرض
ٿو ڪري، ته ٻاجهارو فرمائي ٿو: اي منهنجا ملائڪو!
مون کي هن بندي کان حياءُ ٿو اچي، هن لاءِ مون کان
سواءِ ٻيو ڪو ڪونهي، ان ڪري سندس عرض اونايم ۽ من
جي مراد پڄايم.
امر رسالي ۾ اهڙيون گهڻي ئي سٽون ملنديون جن ۾
آيت، حديث يا ڪهاوت به هوندي ته ان جي سنڌي پڻ.
مثلاً:
تو جــَنين جي تات، تن پــُڻ آهي تـُـهجــِـي،
فــَـاذکـُـروني اَذُ کر کــُـم
(1)
، اي پروڙج بات،
سر آسا جي ٽئين داستان جي وائيءَ ۾ آيل
موت مُند نه اهي، تائب ٿيو تڪڙا،
عجلوابِالتَوبةِ قَبلَ الموت
(2)،
ويـہ تون ويرم لائي.
جي پهرين سٽ ۽ ٻينءَ جو پويون اڌ، عربي جملي جو با
وضاحت ترجمو آهن. وري ڏسو ساڳئي سر جي چوٿين
داستان جي وائيءَ ۾
اِن اَوليائي تحتَ قــَـبائي، پــَـهجا پاڻ
پــَـراهي،
لايعد فهم غــَـيري، پــَرَ کي ڪين پــَـسائي.
ٻنهي مصرعن ۾ آندل عربي جملا حديث جو حصو آهن، جن
جو مطلب آهي ”تحقيق، منهنجا اولياءَ (دوست) منهنجي
قبا (چوغي) هيٺ لڪل آهن. جن کي مون کان سواءِ ٻيو
ڪونه سڃاڻي“ - جو تڪن جي پوين پدن ۾ ملي ٿو. هڪ
هنڌ ڪکن جي صفت ۾ چيل
ڪـَـما حــَـقـہ ڪکن جي، آهي ڳال آڳانــَـہ
جيڪي ڏين ٻڏن کي ٻانــَـہ، نات ساڻن وڃن سير ۾.
وسيلي عربي پهاڪي الغريق يتشبث بالحثيش
(3)
ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ڪيترن هنڌن تي وري اهڙيون
مصرعون ملنديون، جي جيتوڻيڪ آهن سنڌيءَ ۾، پر
اِشارو قرآن شريف، حديث وغيره ڏانهن اٿن، جيئن سر
ڪوهياريءَ جي هيٺ ڏنل مصرع ۾:
ڏُنگر ڀـُـونين ڪـِـيرَ، سڄڻ ميخوُن ڏُنگرين.
حوالي لاءِ ڏسو قرآن شريف جي آيت اَلم نجعل الارض
مهدا، والجبال اوتادا
(4)
سر ڪيڏاري جي پهرئين داستان جو پهريون بيت
ڏٺو مــُـحرم ماه، سنڪو شهزادن ٿئو،
ڄاڻي هيڪ الله، پاڻ وڻنديون جو ڪري
غور سان پڙهبو ته پوئين مصرع قرآن مجيد جي هو
العليم
(5) ۽ يفعل الله مايريد
(1) جو ميل نظر ايندي. پر سڀ کان سهڻو مثال
مارئيءَ جون هي ٽي سٽون پيش ٿيون ڪن:
ڪونـہ قادر ڪو ٻئو، اُنين جو اَڀاڳ!
قل لن يصيبنا اِلاما کتب الله
(2)
اي معذرت ماڳ،
سڀوئي سڀاڳ، مارئيءَ مــُـساوي ٿئو.
مٿئين بيت ۾، زنده جاويد شاه ٻينءَ سٽ ۾ اصلي آيت
برقرار رکي، پهرينءَ ۾ اِن الله عليٰ کل شيءِ قدير(3)
جو حاصل مطلب ڏيئي، ٽينءَ ۾ عربي قول اَلخير
في ماوقغ
(4)
۽ قرآن مجيد ۾ آيل و في کل خير
(5) نهايت
ئي فنائتي نموني ۾ ۽ ڪماليت سان جڙيا آهن.
هي آهي يَک مشت نمونئه خروار. هتي پڙهندڙن جو توجه
اِنهيءَ حقيقت ڏانهن ڇڪائڻ ضروري ٿو سمجهان ته
آيتون، حديثون، بيت، پهاڪا، صوفياڻا قول وغيره حفظ
ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، پر اُنهن کي سمجهي، ترجمو
ڪري، صحيح نموني ۾ موقعي تي ٺهڪائڻ ۽ جڙڻ ٻي. سنڌي
شاعريءَ جو ٻهڳڻو شاه انهيءَ ڪسوٽيءَ تي سچو سون
ثابت ٿيو آهي.
هتي هڪڙيءَ ٻي ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ به نامناسب
نه ٿيندو. سڀني کي خبر آهي ته شاه ڀٽائيءَ پنهنجون
لوڪ ڪهاڻيون پيرائتيون نه کنيون آهن، فقط پنهنجي
مطلب ۽ مدعا وارا چونڊ حصا نتيجي جي صورت ۾ پيش
ڪيا اٿس. اِهو طريقو پڻ قرآن مجيد وارو آهي، جنهن
۾ حضرت نوح، عاد، خضر، موسيٰ، يوسف، يونس، عيسيٰ
وغيره جون جيون ڪهاڻيون نه، پر سندن حياتيءَ جي ڪن
خاص واقعن ڏانهن اشارا آهن.
هُو جي هُئا
هِت
(پير حسام الدين راشديءَ بابت)
محمد
ابراهيم جويو
پنهنجي بزرگ ۽ دوست، حسام الدين، سان ٿيل ڪچهريون
۽ اُنهن جون ڳالهيون ته ڪيئي مون کي ياد آهن، پر
ڪي اُنهن مان آءُ خاص ۽ وڏيءَ اهميت جون سمجهان
ٿو. آءُ ائين ٿو ڀايان ته جيسين ساڻن ٿيل اُهي
ڳالهيون ۽ ڪچهريون مون کي ياد آهن ۽ منهنجو حافظو
مون ساڻ آهي، تيسين، ذاتي طور، حسام الدين مون
لاءِ جيئرو آهي. ۽ ائين منهنجا ٻيا به ڪيئي دوست ۽
بزرگ جيڪي منهنجي سانڀر ۾ گذاري ويا آهن، ۽ پڻ
اُهي بيشمار اڻ ڏٺل، اڻ واقف انسان، جن سان آءُ
سندن ڪتابن ۽ ڪمن ذريعي واقف آهيان، اُهي به مون
لاءِ اُهڙا ئي جيئرا آهن. ائين، جيسين ڪن جي ياد
جيئري آهي تيسين اُهي جيئرن لاءِ جيئرا ئي رهن ٿا.
اِنهيءَ ڪري ئي انسان ذات کي ۽ اُن جي قومن کي
پنهنجي ماضيءَ کي ۽ اُن جي تجربي ۽ ڏات کي ياد
رکڻو پوندو آهي، ته جيئن هو بي حس، بي خبر ۽ بي
بنياد رهجي نه وڃن ۽ هيڻائي ۽ موت مٿن غالب پئجي
نه وڃي ۽ غلامي ۽ حيوانيت، جيڪا موت کان وڌ بدتر
آهي سندن مقدر نه بڻجي وڃي.
مون کي هڪڙي اَهڙي ڪچهري، ۽ اُن جي هڪ تمام اهم
ڳالهه به، جيڪا ياد آهي، جا منهنجي ۽ حسام الدين
جي وچ ۾ ٿي هئي، سا تاريخ جي اِن سوال بابت هئي ته
”تاريخ جانبدار هئي يا غير جانبدار!“ سن 1955ع ۾
حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم کان، حسام الدين جي
دل گهرئي دوست، حڪومت پاڪستان جي تڏهوڪي سيڪريٽري
ماليات ممتاز حسن، ذريعي، ۽ حسام الدين جي ئي تحرڪ
سان، سنڌي ادبي بورڊ کي چئن سالن لاءِ ”قومي تاريخ
۽ ادب جي فروغ“ جي هڪ اسڪيم لاءِ گرانٽ مليو هو.
حسام الدين کي تاريخ سان بيحد دلچسپي ۽ اُنس هو ۽
تاريخ جي سچ ۽ غير جانبداريءَ کي پاڻ پنهنجو
آئيڊيل، پنهنجو آدرش، مڃيندا هئا. سو مون، جو کين
چيو ته تاريخ جو ڪوبه هڪ سچ ڪونه هو، ۽ ڪابه
تاريخ غير جانبداريءَ سان لکي نه ويئي هئي، نه
لکي ويئي ٿي ۽ نه ئي اُن جو اِئين لکجي سگهڻ ممڪن
هو، ته حسام الدين هڪدم گنڀير بلڪه ششدر ٿي ويو
هو.
ٻي ڪچهري ۽ اُن جي ڳالهه جيڪا مون کي خاص طرح ياد
آهي -- ۽ اُها به اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي،
جيتوڻيڪ اڄ هتي جيڪا خاص ڳالهه مون کي اڳتي ڪرڻي
آهي اُن جو ڪو خاص واسطو ڪونهي -- سا ٺٽي ننگر کان
ڪراچيءَ گڏ ايندي، جيپ ۾، حسام الدين سان منهنجي
ٿــِـي هئي. ٺٽي ننگر اسين علمي ۽ ادبي مخطوطن ۽
تاريخي دستاويزن وغيره جي تلاش ۽ حاصلات لاءِ ويا
هئاسين، ۽ موٽندي پاڻ ڳالهين ڳالهين ۾ بورڊ جي
رسالي، سماهي ”مهراڻ“، جي اِدارت جي ڳالهه ڪڍي
هئائون. بورڊ جي ڪهڙي ميمبر صاحب کي رسالي لاءِ
منهنجي ايڊيٽر هجڻ تي وڏي اعتراض هو. ۽ اُن ميمبر
سان منهنجا ذاتي تعلقات به ڏاڍا ويساهه ڀريا ۽ چڱا
هئا. حسام الدين جي مــَـن تي اُن صورتحال جو
ايترو ڪو تاثر هو، جو ردعمل طور، وري وري، مجموعي
نموني، انسانن لاءِ پنهنجي نراسائيءَ ۽ ناراضگيءَ
جو اظهار پئي ڪيائيون. ۽ پوءِ، انساني سڀاءَ ۽
ورتاءَ بابت عمومي طور ۽ رسالي ”مهراڻ“ جي ادبي ۽
علمي مواد جي انتخاب ۽ ترتيب وغيره بابت سڄي واٽ
ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي، ۽ آخر ۾ سهمت اِن تي
ٿياسين ته انساني سماج ۾ انسانن جو هڪٻئي ۾ اعتماد
لازم هو ۽ هڪٻئي جي نيڪيءَ ۾ ماڻهن جو يقين ۽
ماڻهن جون ماڻهن ۾ اميدون به بجا هيون: يڪطرفي
برتريءَ جو احساس ۽ بالادست مفادي ارادا البت هئا،
جن شخصن ۽ طبقن کي پنهنجن زيردستن ۽ تابعدار پاڻ
جهڙن انسانن ۾ بي اعتماديءَ، شڪ ۽ نااُميديءَ جي
اظهار تي آماده ڪيو ٿي -- اِنهيءَ لاءِ ته اُهي
هيڻا ماڻهو سندن تابعداريءَ ۽ غلاميءَ ۾ ساڻن
ويساهه گهاتي نه ڪن ۽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ چپ چاپ سندن
نوڪري ڏيندا رهن، بلڪه ”بيوفائيءَ“ ۽ ”نمڪ
حراميءَ“ جي الزامن کان بچڻ ۽ آقائن وٽ سرخرو رهڻ
لاءِ سدائين اُهي پنهنجي ٻيلپي ۽ ٻانهپ ۾ پڪا ۽
سرگرم رهن! ”مهراڻ“ جي اِدارت بابت مون کين
پنهنجو رايو هيءُ ڏنو هو ته بورڊ جو اُهو اسان جو
جو مهربان ميمبر اصل ۾ جيتوڻيڪ مظلوم هٿ - پورهيت
مائٽن جو اولاد هو ۽ هاڻي هو اسان جي پڙهيل ڳڙهيل
وچين طبقي ۾ شمار ٿيو ٿي، پر اُتي پهچي، هـُـن
پنهنجي قسمت سڻڀي مالدار طبقي سان يعني آزاديءَ
کان پوءِ وڌي آيل نئين حاڪم سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪري
ڇڏيو هو، ۽ اُن سندس دلپسند ۽ پنهنجي حاڪم طبقي جي
هرگز مفاد ۾ نه هو ته سنڌي علم ۽ ادب سنڌ جي ڏتڙيل
باندي سماج ۽ ان جي مظلوم پورهيت عوام جي زندگيءَ
عوام جي زندگيءَ جو دليل ۽ نجات جو آواز ۽ اُن جي
آزاد جذبن ۽ اُمنگن جو ترجمان بڻجي. هـِـنن نـَـون
حاڪمن ته اسان جي سماج جي چوڌاري بند ٻڌي اُن کي
سـُـڪائڻ ۽ موڳو بنائڻ ٿي چاهيو ۽ اِن لاءِ
هــِـنن سنڌي علم ۽ ادب کي اُنهن سڀني تهذيبي،
نظرياتي، سماجي روايتن ۾ سوگهو ڪرڻ گهريو ٿي، جيڪي
مـُـدي خارج هيون، ۽ جن سان فقط سندن پنهنجي منصب
۽ خصوصي مفاد کي ئي ٽيڪو ۽ پناهه ٿي ملي. پر سنڌي
سماج ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ علمُ ۽ ادبُ پنهنجي تاريخ
مان، پنهنجي سڄي ماضيءَ مان، سڀ اُهي روايتون کڻي
جيڪي انسان دوست، سچيون ۽ اُتساهڪ هيون، ۽ اڄ جي
تقاضائن ۽ زندگي بخش قدرن سان اُنهن کي ڳنڍي،
پنهنجي پورهيت عوام جا سگهارا ۽ ڀرپور اُمنگ ظاهر
ڪندو ۽ اُنهن کي پنهنجن عظيم خوابن جي تعمير لاءِ
اُتساهيندو ۽ اڳتي نيندو ئي رهندو -- اِنهيءَ ڪري،
بورڊ جو رسالو ”مهراڻ“ آءٌ ايڊٽ ڪندو رهان، يا ٻيو
ڪير به اچي ايڊٽ ڪري، اِن جي پاڻ کي گهڻي ڪا اون
يا انديشو هئڻ نه گهرجي. عشق جا امتحان ۽ ڪم جا
موقعا هر وقت ماڻهوءَ جي آڏو ٻيا به ڪيئي موجود
رهن ٿا.
ٽي ڪچهري پنهنجي هن سدابهار ۽ سدا جيئري دوست بزرگ
سان ٿيل، جيڪا پنهنجي اهميت سارو اڄ به مون کي
ائين ياد آهي ڄڻ اُها ڪالهه جي ڳالهه آهي. سا مٿي
ذڪر ڪيل ”قومي تاريخ ۽ ادب جي فروغ“ جي اسڪيم هيٺ
فارسي ۽ عربي مخطوطات جي ايڊيٽنگ جي ٻوليءَ متعلق
هئي. ڪن دوستن جو خيال هو ته اُهي ڪتاب اردوءَ ۾
ايڊٽ ڪيا وڃن، ڇو ته اردو مرڪزي ٻوليءَ جو درجو
وٺي رهي هئي، ۽ اُن تحقيقي اشاعتي اسڪيم لاءِ
گرانٽ به مرڪزي حڪومت کان بورڊ کي مليل هو. منهنجي
صلاح هئي ته ”هي ڪتاب اصل جنهن ٻوليءَ ۾ هجن،
اصولي طور اُن ئي ٻولي ۾ ايڊٽ ٿين -- بشرطيڪ اُنهن
جو سڌو واسطو اُنهن ئي ٻولين جي قومن ۽ ملڪن سان
هجي. پر سڀ کان بهتر هو ته اُهي ڪتاب سنڌيءَ ۾
ايڊٽ ٿين، ڇو ته اُنهن جو سڌو، اڻ سڌو، هر طرح جو
لاڳاپو سنڌ جي ادب ۽ تاريخ سان هو، ۽ اِن طرح
اُنهن سان وري اِها بي انصافي به ڪانه ٿيندي، جو
جيئن ايترا سـَـوَ سال اُهي ڌارين ٻولين ۾ لکيل
هجڻ سبب هـِـتي اسان وٽ مٽيءَ جي مڻن هيٺ لـَٽيا
رهيا،ڪو سندن پــُـرسان حال ڪونه هو، ڪو سندن پڙهڻ
وارو ڪونه هو، تيئن هاڻي به جي اُهي فارسيءَ ۽
عربيءَ ۾ ئي ايڊٽ ٿيا ته اُهي وري به اِنهي
گمناميءَ ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ اسان وٽ دفنايا
پيا رهندا! تنهن کان سواءِ، خود سنڌي ادبي بورڊ به
سنڌي ٻوليءَ جي ئي فروغ لاءِ قائم ٿيل ادارو هو.
ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا
ڪرشما هيون. ڪنهن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن
سماج جو، ڪنهن قوم جو سرجڻ، ڪن تهذيبي، سياسي ۽
معاشي ادارن جو سرجڻ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن
سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻ، ۽ خود خدا به
ته پوءِ ماڻهن سان ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام
ٿي ڪيو! ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو به انهيءَ لاءِ ته
آخر آزاد نه ٿيا هئا ته پنهنجي ڳالهه تان دستبردار
ٿي، اردو سياهي اقتدار جا غلام بڻجي وڃن!“ هــِـن
منهنجي ايڏي وڏي لــُـڙ تي اسان جو سجاڳ ذهن ۽
روشن ضمير بزرگ ۽ دوست، حسام الدين، بنهه ڇرڪي ويو
هو ۽ پوءِ هن پنهنجا اُن اسڪيم هيٺ تقريباً سڀ
(فارسي) ڪتاب سنڌي ۾ يا فارسيءَ ۾ ايڊٽ ڪرڻ شروع
ڪيا-- ۽ ائين سندن پهريون ايڊٽ ٿيل فارسي ڪتاب
”مثنوي چنيسر نامه“ 67 صفحن جي سنڌي مقدمي سان
شايع ٿيو: پاڻ ئي ان جي اردو شڪل ڦيرائي، سنڌيءَ ۾
آڻي، اشاعت لاءِ مسودو پريس کي ڏياري موڪليو
هئائون. ائين سندن ئي رضامندي سان اسڪيم جي ٻئي
نمبر فارسي ڪتاب ”ديوان عطا“ جو 180 صفحن جو مقدمو
به سنڌيءَ ۾ آندو ويو، جيڪو ڪتاب جي ايڊيٽر، سندن
فاضل دوست، محمد مطيع الله ”راشد“ برهانپوريءَ،
اصل اردو ۾ لکيو هو.
حسام الدين جملي ايڪيتاليهه ڪتاب اسان وٽ ڇڏيا
آهن: ٻارهن سنڌيءَ ۾، پنجويهه فارسيءَ ۾ ۽ چار
اردوءَ ۾. سنڌي ادبي بورڊ سندن ڪل سورهن ڪتاب شايع
ڪيا --- تيرهن فارسيءَ ۾ ۽ ٽي سنڌيءَ ۾. تقريبا
انهن سڀني سورهن ڪتابن تي، ۽ پنهنجي آخري ڪتاب
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ تي جنهن جي پيش لفظ لکڻ جو
شرف به پاڻ مون کي ڏنائون ---- (۽ اُهو ڪيڏو شرف
هو، تنهن جو اندازو ان مان لڳي ٿو ته پاڻ ڪنهن به
ڪتاب جو پيش لفظ ڪنهن ٻئي کان نه لکايائون) ----
انهن سورهن ئي ڪتابن تي لکيل پنهنجن ديباچن ۾،
منهنجو نالو وٺي، (آءٌ جيڪو سندن نيازمند هوس،)
منهنجي قدر افزائي ڪئي اٿن. سندن ٻن شاهڪار سنڌي
ڪتابن جا خود نالا به --- ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ---- سندن چوڻ تي منهنجا
رکيل آهن، ۽ اها ڳالهه به انهن ڪتابن جي پنهنجن
ديباچن ۾ پاڻ ڪئي اٿن. اِن مان اوهين منهنجي ۽
حسام الدين جي وچ ۾ دل جي سٻنڌ ۽ خيالن جي هم
آهنگيءَ جو اندازو ڪري سگهو ٿا --- ۽ انهيءَ سد -
گڻيءَ ڳالهه جو ملهه ۽ احساس هن مضمون لکڻ وقت، جو
مون سندن اُهي ڪتاب اٿلايا پٿلايا، تڏهن ويتر وڌيڪ
مون کي ٿيو.
عزيزو، جيئن ماضي حال جي ڪم اچي ٿو پر حال جـــِـي
ماضيءَ کي ڪا گهرج ڪانهي، تيئن اسان جا عزيز ۽
بزرگ جيڪي پنهنجي عمر جو دؤر گذاري اسان کان جدا
ٿي وڃن ٿا، اُهي به اسان جي ڪم اچي سگهن ٿا پر
اسان جي ڪابه ضرورت اُنهن کي ڪانه ٿي رهي --- نه
اسان جي قبرن جـــِـي، نه سلامن جــِـي نه درودن
جــِـي، نه چادرن، نه گلن جــِـي، نه مانين ۽
دعوتن جــِـي: اِنهيءَ معنيٰ ۾ هو اسان لاءِ زنده
جاويد آهن، بشرطيڪ اسين اُنهن جي ڳالهين ۽ ڪمن مان
فائدو وٺون --- اسين هــُنن لاءِ ڪنهن به معنيٰ ۾
ڪجهه نه آهيون. پر ماضيءَ مان ۽ پنهنجي گذري ويل
عزيزن ۽ بزرگن مان ڪهڙو ڪم وٺون ۽ ڪيئن ڪم وٺون،
جو اسان کي فائدو پوي --- ۽ اسين پنهنجو فائدو
ڪنهن ۾ ٿا سمجهون ۽ ڪهڙو ٿا سمجهون --- حال جو
شعور ۽ ماضيءَ جو فهم، زندگيءَ جو شعور ۽ تاريخ جو
فهم اِنهيءَ کي چئبو آهي. اڪثر حالتن ۾، هونئن نه
ته حالُ به اسان لاءِ چــَـٽــِـي ۽ ماضي به اسان
لاءِ اُن چــَـٽـِـيءَ مٿان چٽيءَ بڻيل رهي ٿو، ۽
ظالم ته چاهيندا ئي آهن ته مظلومن لاءِ هر دم
اِئين هجي، ۽ پوءِ به اِئين سمجهيو وڃي ته بس گلشن
صدبهار ۾ ويٺا آهيون ۽ گلشن هزار بهار اڃا ئي اسان
لاءِ اڳتي هڪيو تيار آهي!
حسام الدين جا سنڌي ادبي بورڊ لاءِ لکيل سورنهن ئي
ڪتاب تاريخ جا ڪتاب آهن ---- ويندي، ماڻهن ۽ واقعن
جي سندن ذاتي تاثرات ۽ يادگيرين جو ادبي شاهڪار
”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ به. سندن سڄي محويت، سڄو ذوق ۽
پورو نبار جذبو تاريخ سان وابسته هو --- سنڌ جي
تاريخ سان ”مڪلي نامو“ سندن ڪتان، سنڌ جي تاريخ تي
هڪ بي مثال تصنيف آهي: اُن جي مقدمي ۾ سنڌ جي
تاريخ لاءِ پنهنجي سچي ۽ ڪامل جذبي جو بيان هيئن
ڪيو اٿن:
”سنڌ جي تاريخ کي ڪڏهن به ڪنهن سليقي سان هٿ نه
لاتو آهي، اُڙيا ٿڙيا مقالا ۽ چوپڙيون لکيون ويون
آهن، ليڪن تفصيل ۽ سلسلي سان اِنهيءَ ڏس ۾ ڪنهن
جاکوڙ ڪانه ڪئي آهي. اِنهيءَ جو وڏو ڪارڻ يقيناً
هڪ اِهو به آهي، جو مواد يڪجاءِ ڪونه ٿو ملي،
ڪتابن ۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان ٻاهر گهڻو آهي. خود ٻئي
ڪتابن جو مسئلو به ڪو آسان ڪم ڪونه آهي، سواءِ چند
متداول ڪتابن جي ٻئي ڪتابي مواد جو علم ۽ اُنهيءَ
تائين پهچ هر ڪنهن جي وس ۽ وت ۾ ڪانه آهي.
قبرستانن تائين پهچڻ، اُنهن جي ڪـَـتبن کي تاريخ
جي لکڻ ۾ ڪتب آڻڻ، سنڌ اندر ڪو دستوري ۽ مروج
طريقو ڪونه آهي.
”سنڌ جي تاريخ تڏهن ترتيب حاصل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن
زير زمين دفينا کـُـلن، تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي
تلاش ۽ تحقيق ٿئي، سنڌ منجهان سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف
ٿيل ڪتان گڏ ڪجن، سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾
سنڌ متعلق جيڪو مواد آهي، تنهن جي وڏي پيماني تي
تلاش ڪري، اُن کي يڪجا ڪجي. ڪنهن به قديم ملڪ،
ڪنهن به پراڻيءَ تهذيب ۽ ڪنهن به اصل ۽ نجيب قوم
جي تاريخ لکڻ ڪو آسان ڪم يا سولو مسئلو نه آهي.
مخصوصا سنڌي قوم، جنهن جا اصول، عادتون ۽ اطوار،
جنهن جو نقطي نظر، ۽ مسائلن متعلق جنهن جا نظريا
مخصوص ۽ غير معمولي هجن، تنهن جي فڪر ۽ روش کي
پروڙي، اُن جو تجزيو ڪري، ڪا صحيح تاريخ لکجي، اِن
لاءِ وڏيءَ جاکوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.
جڏهن ته اِنهيءَ ڏس ۾ اسان اڃا ڪابه خاص ڪوشش ڪانه
ڪئي آهي، سنڌ جي مفصل تاريخ جي طلب ڪرڻُ آءٌ
ڀانيان ٿو زيادتي آهي. پهريون ضرورت آهي مواد ڪٺي
ڪرڻ جي. هيءُ وقت آهي جڏهن اسان کي، انفرادي طرح
نه بلڪ اجتماعي قوت سان ۽ قومي تحريڪ ۽ جذبي سان،
مواد ڪٺو ڪرڻ گهرجي. عمارت ٺاهڻ لاءِ پهريون اسباب
گڏ ڪرڻو پوندو آهي، اوساريءِ کي اسارڻ پوءِ جو ڪم
آهي.
”تاريخ جي بنيادي ڪتابن کي سڀ کان پهريون شايع ڪرڻ
متعلق جيڪي مون ڪوششون ڪيون آهن، انهيءَ جو به خاص
سبب اهوئي آهي. ڪتابن تي مون جيڪي مقدما ۽ حاشيا
پئي لکيا آهن، اُنهن جو مقصد به ساڳيو ئي آهي.
چنانچه ”مڪلي نامه“ ۾ آندل مواد پڻ نئين اصول ۽
نقطي نگاهه کي مدنظر رکي ڪــَـٺو ڪيو ويو آهي، ۽
هــِـن ڪتابن کي به اِنهيءَ سلسلي جي هڪ ڪــَـڙي
سمجهڻ گهرجي.
”هيءُ وقت آهي جڏهن اسان مواد فراهم ڪريون. تاريخ
جيڪڏهن آءٌ نه لکي سگهيس ته اڳتي هلي ڪو ٻيو
لکندو. بهرحال، جيسين مواد ۽ مسالو نه هوندو تيسين
لکبو ڇا تي ۽ لکبو ڇا؟“
حسام الدين جو هيءُ ڪتاب 1966ع ۾ شايع ٿيل آهي.
اُن ۾ سنڌ جي ادبيات فارسيءَ جي سرمور، مير علي
شير قانع ٺٽويءَ، جو فارسيءَ ۾ لکيل ”مڪلي نامه“
96 صفحن تي آيل آهي، ۽ وڌيڪ 35 صفحن جو سنڌيءَ ۾
تعارف ۽ مقدمو، ۽ 743 صفحن تي پکڙيل سنڌيءَ ۾
تعليقات ۽ حاشيا، ۽ ڪيترن ئي ناياب ۽ نئين سر
ترتيب ڏنل شجرن ۽ نقشن سان گڏ جملي 136 تصويرون
شامل آهن. ڪتاب جي تعليقات مان 14 نمبر تي مرزا
عيسيٰ ترخان(ثانيءَ) تي لکيل مقالي جون، ”آف پرنٽ“
ور، 391 صفحن تي مشتمل ۽ لاڳاپيل شجرن، نقشن ۽
تصويرن سميت، جدا ڪتابي صورت ۾، 50 ڪاپيون پاڻ
پنهنجي ذاتي مصرف لاءِ تيار ڪرايون هئا جن تي پريس
مان نڪرڻ جو سال 1967ع لڳل آهي. اُنهن مان هڪ ڪاپي
پاڻ مون ڏانهن ڪوهاٽ موڪلي هئائون، جا مون وٽ سندن
هڪ بي بها سوکڙيءَ طور سانڍيل آهي: اُن تي پاڻ
جيڪو خاص انتساب ڇاپرايو اٿن - دريا خان دولهه جي
نالي - اُن ۾ به اسين وطن جي پيار سان ٽمٽار سندس
روح جي گهرائيءَ کي ڏسي محسوس ڪري سگهون ٿا - لکن
ٿا:
دريا خان دولهه
”پنهنجي قلم جو هيءُ پورهيو، ڪمال قرب ۽ نياز
منجهان، تنهنجي ”مبارڪ نالي“ سان منسوب ڪريان ٿو.
”هن ڪتاب ۾ اُنهن ڌارين جي عبرت انگيز پڄاڻيءَ جو
داستان آهي:
--- جيڪي ”خرابيءَ سنڌ“ جو باعث بنيا!
--- جيڪي اسان جي ڪمزورين جو فائدو وٺي،
اسان جي وطن جا والي بڻجي ويٺا!
--- جن جو مقابلو ڪندي، تون ســِـر ڏيئي
سرهو ٿئينّ!
”اڄ انهن جو پونير ڪوبه ڪونه آهي.
” اڄ تنهنجي پونير ساري سنڌ آهي.
” هو فنا ٿي ويا.
”تون زنده جاويد آهين.
” سورهيه! توتي سنڌ جو سلام آهي!
-- حسام الدين راشدي“
”مڪلي نامي“ جي تعليقات ۾، نمبر 9 تي، پاڻ سنڌ جي
سلطان معظم ڄام نظام الدين ســَــمي تي، جنهن
اُنهيءَ دريا خان دولهه کي پنهنجي فرزنديءَ ۾ وٺي،
”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جي خطابن سان نوازيو هو،
101 صفحن جو مقالو ڏنو اٿن -- لکن ٿا:
”سنڌ جا باشندا، قرب ۽ محبت منجهان کيس (ڄام نظام
الدين کي) ڄام نندو سڏيندا هئا..(هن) 866هه کان
914 هه تائين نه ڇڙو ملڪ مٿان فرمانروائي ڪئي، بلڪ
ماڻهن جي دلين تي به بادشاهت ڪئي..(هو) نهايت ئي
نيڪ ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جــَـريِ ۽ خوش
اطوار سلطان هو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني سنڌ
لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. ملڪ ۾ اَمن امان هو،
خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه هو، سنڌ جا ماڻهو سکيا
ستابا ٿيا، سڄو ملڪ ريان کيان هو. دينداري ۽
دنياداري ملڪ ۾ ٻيئي گڏوگڏ هيون. ديني ۽ دنيوي
علومن جي اشاعت سنڌ جي چئن ئي ڪــُـنڊين انتهائي
عروج تي هئي. مدرسا ۽ خانقاهون آباد هئا. هن جي
پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقوا جون ڪيئي ڪهاڻيون مشهور
آهن. تاريخ ۾ ان جا ڪيترا مثال محفوظ آهن. قاضي
عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي هــِـن ڪري
پڙهائي، جو پاڻ سموري زندگي باوضو رهيو هو ۽ ڪڏهن
پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺي هئائين... جڏهن هو گهوڙڻ جي
ڪــُـڙهه ۾ ويندو هو، ته جانورن جي پــُـٺيءَ تي
هٿ گهمائي چوندوهو ته ”خدا اُهو ڏينهن نه آڻي، جو
سواءِ غــِـزا (حق لاءِ لڙائيءَ) جي آءٌ اوهان تي
سواري ڪريان! دعا آهي ته ڪنهن به مسلمان جو خون
منهنجي هٿان اوهان تي سواري ڪندي نه وهي! آءٌ
اِنهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن شل
شرمندو نه ٿيان!“...
”سڀني مؤرخن سنڌ جي اُنهيءَ نيڪنام سلطان جي تعريف
ڪئي آهي، ۽ سندس دور کي آمن ۽ ســُـڪون، ايمان ۽
اخلاق، نيڪيءَ ۽ ديني بلنديءَ جو دور ليکيو ۽ لکيو
آهي. ”معصومي“ جو مصنف لکي ٿو: ”ڄام نظام الدين
علم جو عاشق هو. ننڍپڻ ۾ هــُـن مدرسن ۽ خانقاهن ۾
تعليم ۽ تربيت ورتي هئي. هو نهايت حليم، خليق ۽
پسنديده صفتن ۽ حسين عادتن جو مالڪ هو. اُن سان گڏ
هو ڪمال جي درجي جو زاهد ۽ عابد هو. هن جي فضيلت ۽
اصل حقيقت اِن کان مٿي آهي جيتري ڪجهه قلمبند ڪري
ٿي سگهجي.... هُن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ سنت نبويءَ
جي پيروي ايتري قدر عام ٿي چڪي هئي، جو اُن جو
تصور به نٿو ڪري سگهجي. مسجدن ۾ باجماعت نماز ادا
ڪرڻ جو رواج ايترو ته عام هو، جو ڪوبه، ننڍو يا
وڏو، اڪيلو وڃي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ پسند نه ڪندو
هو. جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن کان نماز باجماعت گسي
ويندي هئي، ته هو نهايت پشيمان ٿيندو هو ۽ ٻن ٽن
ڏينهن تائين استغفار پڙهندو رهندو هو.،(”مڪلي
نامه“ ص 75- 76)...
”ڄام نظام الدين جو اُهو (حسن) سلوڪ ڇڙو پنهنجي هم
مذهب رعيت سان نه هو، بلڪ سنڌ جي غير مسلم رعايا
به انتهائي اَمن ۽ آرام ۾ هئي. تاريخ ۾ ڪيترن هندو
اميرن جا نالا سان کي ملن ٿا، جيڪي سندس دؤر ۾
حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا. عام هندن
پڻ، مسلمان رعيت وانگر، خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ
سان پنهنجو وقت خير خوبيءَ سان گذاريو ٿي. نه
مذهبي دوئي هئي ۽ نه ديني دنگا هئا، بلڪ اِنهيءَ
قسم جو تصور به سندس زماني ۾ موجود ڪونه هو...“.
اڳتي وڌندي، ”ڄام نظام الدين“ جي هــِـن تعليقي
مقالي جي حاشيي نمبر 25 تحت صفحي 176 تي لکن ٿا:
”هــِـن هيٺ سلطان بايقرا، بادشاهه خراسان (هرات)
(862- 911هه) جو جاري ڪيل ”فتح نامه سنده“، سنڌي
اختصار سان، درج ڪري رهيا آهيون، جنهن [جي قطعه
تاريخ - ”مــَـلڪ فتح مــُـلڪ ڪرد --“] مان معلوم
ٿئي ٿو ته 892هه ۾ (اُن) هرات جي حڪومت سنڌ جي
ڪنهن حصي تي لشڪر ڪشي ڪئي هئي، جنهن ۾ ٿيل فتح جي
تشهير لاءِ اُهو ”فتح نامه“ ملڪ جي مختلف حصن ۾
(عام) اطلاع لاءِ پڌرو ڪيو ويو هو...
”اُهو زمانو [مٿي بيان ٿيل سلطان معظم] ڄام نظام
الدين جو هو. سبيءَ ۽ شال (ڪوئيٽا) تائين سندس
حڪومت جي حد هئي...
”انهيءَ دؤر ۾ هرات جي طرفان امير ذوالنون ارغون
قنڌار تي نائب هو، جنهن جي پٽ شاهه بيگ(”تاريخ
فرشته“ مطابق) 890هه (۽ ”طبقات اڪبريءَ“ مطابق 899
هه) ۾ ڄام نظام الدين جي حدن ۾ ٽپي، سيويءَ جو
قلعو سندس گماشتي کان پوءِ جلد ئي(وقفي جي مدت
تاريخن ۾ ڄاڻايل نه آهي)، مبارڪ خان(دريا خان
دولهه) (اُهو وڃايل) قلعو موٽائي ورتو ۽ دشمن(شاهه
بيگ جي ڀاءُ سلطان محمد) کي قتل ڪري ڇڏيو. مير
معصوم جي قول مطابق ”ڄام منگولن جي آزار کي دفع
ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو...خوفناڪ جنگ لڳي، ۽ ان جنگ
۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ قتل ٿي ويو، ۽ هو ڀاءُ قتل ٿي
ويو، ۽ هو هار کائي قنڌار ڏانهن موٽي ويا. ۽ جيسين
نظام الدين جيئرو هو(يعني 914 هه تائين) تيسين
هــُـنن (منگولن) سنڌ ڏانهن اکيون کڻي نه
نهاريو“.....(هاڻي) پهريون، (سلطان بايقرا جي ان)
”فتح نامه“ جو سنڌي اختصار (هيٺ) ڏيون ٿا، جنهن
کان پوءِ اُن جو فارسي متن ايندو:
”تازو هــِـن زماني ۾ واپارين جي هڪ ٽولي، جنهن جو
واپاري سلسلي ۾ سنڌ جي علائقي ۾، جيڪو اسان جي
قلمرو سان مليل آهي، اچڻ وڃڻ هو، درٻار ۾ اچي
فرياد ڪيو ته دين جي راهه جي مخالفن ۽ شرع مرسل جي
دشمنن جي هڪ جماعت (فوج) جيڪا ڪافر ۽ فاجر سردارن
جي حڪومت ۽ سلطنت جي پناهه هيٺ آهي، راهه ويندڙ
مسافرن ۽ ڪاٺين ڪندڙ غريبن تي ڏاڍ ڪندي رهي ٿي، ۽
ايندي ويندي کي لــُـٽيندي ٿي رهي. اِهو ٻڌي، اسان
کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان هڪ وڏو لشڪر اُنهيءَ ملڪ تي
حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. جڏهن لشڪر اسلام جي خبر
اُنهن ڪفارن کي پيئي، ته اُنهن پڻ هڪ وڏي فوج
مقابلي لاءِ موڪلي. غدارن ۽ مڪارن جي اُنهيءَ فرقي
اسان جي فوج جو خاتمو ڪرڻ گهريو ٿي. چنانچه راتاهي
(شبخون) هڻڻ جو منصوبو سٽيائون. بادشاهي اقبال،
تقدير کي سندن اُنهيءَ تدبير جي مخالف رکيو ۽
راتاهي جو جيڪو وقت مقرر هو اُهو (هنن لاءِ)
ناموافق ٿي پيو. چنانچه راتاهي هڻڻ لاءِ جيئن هو
نڪتا ۽ هڪ فرسخ تي مس پهتا ته اسان جي فوج کي خبر
پئجي ويئي، ۽ فوج تيار ٿي مقابلي لاءِ نڪري آئي.
صبح تائين ٻيئي فوجون مقابل اچي ٿيون. اسلامي فوج
دين محمد جي ستاري جي شوڪت ۽ سرمدي عنايت جي غلبي
۽ قوت سان انهن بدبخت هندن جي لاشن جا ڍير لڳائي
ڇڏيا. خدا تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان آيت ڪريمه -
اِني اِناالله - جي مطابق فتح عظيم حاصل ٿي.
”جنهن صورت ۾ هيءَ خبر سڀني اهل دانش لاءِ وڏي
خوشيءَ ۽ بهجت (ســُـروُر) جو سبب آهي، تنهنڪري خط
جي ذريعي هن خبر کي چئن ئي طرفن پهچائجي ٿو، ته
جيئن خدا تعاليٰ جي شڪر گذاري ادا ڪئي وڃي.“
”کانئس [يعني ڄام نظام الدين کان] پوءِ پٽس ڄام
فيروز ۽ خاندان جي ٻئي هڪ شهزادي ڄام صلاح الدين
جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ خانه جنگي شروع ٿي. سنه
914 هه کان وٺي 927 هه تائين سنڌ تي ڪڏهن صلاح
الدين گجرات کان ڪٽڪ ڪاهرائي ٿي پهتو، ۽ ڪڏهن
قنڌار کان ارغونن کي وڍي فيروز اچي ٿي ڪڙڪيو. نيٺ
اُنهيءَ ڪشمڪش ۾ ارغونن نه فقط پهريون صلاح الدين
کي فيروز جي مقابلي ۾ ختم ڪيو ( 927 هه)، بلڪ سال
اڌ اندر فيروز جي به پڄاڻي آڻي، اُنهيءَ گهراڻي جي
شاهيءَ جو ڏيئو هميشــہ لاءِ اجهائي ڇڏيو.
”انهن ٻن شهزادن جي ويڙهه جو نتيجو ڏاڍو اگرو ۽
اندوهناڪ نڪتو. برابر اڍائي سؤ [سوا ٻه سؤ] ورهين
(927 هه - 1152 هه) تائين ماڻهو ۽ ملڪ ڌارين جي
غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا.
سواءِ ڪنهن ڏوه ۽ گناهه جي، هتان جو هر متنفس
[ساهه کڻندڙ ماڻهو] صدين تائين اذيت ۽ عذاب ۾
مبتلا رهيو ۽ بنا ڪنهن ڪئي ۽ قصور جي مسلسل لوڙ
لوڙيندو رهيو.
”سنڌ جي اِنهيءَ سانحي جو، ۽ فيروز (جنهن کي سنڌ
جي مؤرخن ”فيروز ناپيروز“ لکيو آهي) جي اِنهيءَ
حرڪت جو ذڪر ڪندي، ”ظفرالواله“ جي مصنف عربيءَ جو
هڪ شعر مثال طور آندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته
”جيڪو ماڻهو مصيبت جي وقت عمروءَ جي پناهه ڳولي ٿو
سو اُنهيءَ انسان وانگر آهي، جيڪو نٽهڻ اُس کان
بچڻ خاطر باهه ۾ ٽپي پوي ٿو---“
”المستجير بعمرو عند ڪربتــہ،
ڪالمستجيرمن المضاءِ بالنار.“
”افسوس ڪندي، [”ظفر الوالــہ“ جو] مصنف وڌيڪ لکي
ٿو ته ”فيروز جو حشر به ساڳيو ئي ٿيو. جڏهن منگول
سنڌ ۾ پهتا، تڏهن هر کجي پيا(طعموافي الملڪ)، کين
طمع وٺي ويئي ۽ هنن چالبازيءَ سان وزير دريا خان
کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ بيوفائيءَ ڪندي، کين ذري
ماتر پرواهه ڪانه ٿي.“
”ساڳيو مؤرخ اڳتي هلي، سنڌ ۽ سنڌين جي بدبختيءَ ۽
بدقسمتيءَ تي واويلا ڪندي، چوي ٿو: ”سنڌ سنڌين
هٿان نڪري ويئي. هو مغلن جي رعيت بنجي، شاهه مير
[شاهه بيگ] جي دؤرن کان وٺي جاني بيگ جي عهد
تائين، زماني جي پيڙا ۾ مبتلا رهيا.“
”در حقيقت زماني جي (اُن) چڪيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي جاني
بيگ جي دؤر تائين (1000 هه) نه بلڪ ان کان پوءِ به
ڏيڍ صديءَ تائين برابر پيڙبا ۽ پيسبا رهيا.
”ظفر الواله“ جو مؤ رخ سنڌ جي الميه جو اُهو
عبرتناڪ داستان هن فقري تي ختم ٿي ڪري ٿو: ”وڪل
ماينيلــہ الدهر و ينقضيٰ والله سبحانــہ الدائم
علڪـہ،“ ”زمانو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو، اُن لاءِ ضروري
سبب ٿيندو آهي“. ۽ اُهو سبب اِهو ٿيو، جو گهراڻي
جا ٻه فرد ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تنگدل ٿي،
هڪٻئي سان وڙهي پيا، ڪشمڪش هلي، فساد ٿيا، سبب ٺهي
آيو، ڌارين کي موقعو ملي ويو، ۽ زماني دستور مطابق
نه فقط انهن ٻن کي بلڪ سڄي ملڪ کي سزا ڏيئي ڇڏي.
اهڙي ئي موقعي لاءِ شيخ سعديءَ فرمايو آهي ته:
”چو از قومي يڪي بيدانشي ڪرد“
نه ڪهه را منزلت ماند نه مهه را.“
مظلوم سنڌ ۽ اُن جي ماڻهن جي هن المناڪ قومي
داستان جي سربسته ذڪر جي اتمام لاءِ، يا تاريخ جي
بي ترس مزاج جي هڪ وڌيڪ مثال طور، مؤرخ سنڌ،
پنهنجي عزيز ۽ بزرگ، حسام الدين، جي هڪ ٻئي اهم
ڪتاب”مير محمد معصوم بکريءَ“ جي ديباچي جو اقتباس
هتي پيش ڪرڻ به ضروري آهي. سکر ۾ پنهنجي جوانيءَ
جي ڏينهن جي قيام جي ڳالهه ڪندي ۽ اتي جي مير
معصوم جي مناري ۽ هن جي ٻين موجود تاريخي آثارن جو
ذڪر ڪندي، پاڻ لکن ٿا:
”مير معصوم جي تاريخي آثارن ۾ درياهه جي ڪنار تي
ساڌ ٻيلي جي آمهون سامهون، ٻن عمارتن جو هڪ مجموعو
هو، جنهن کي مسلمان ”مسجد“ ۽ هندو ”منزل گاهه“
سڏيندا هئا. هندو ۽ مسلمانن جي رت کي گرم رکڻ لاءِ
سکر جا مقامي ليڊر ۽ عرصي کان اُنهن جاين تي،
ضرورت پوڻ تي، ٻنهي ڌرين کي ويڙهائيندا رهندا هئا.
هندن کي مسلمانن جي ناڙا ڇوڙ ڪرڻ ۽ سڙڪ ڏانهن منهن
ڪري، اڳٺ چڪ ۾ وجهي، پسار ڪندي، وٽ پچائڻ واري
”کشٽ“ نٿي آئڙي. ازانسواءِ دريا شاهه تي هــُـنن
جو پنج وقتو ”ســَـر بــُـزون“ سارڻ به هــِـنن کي
ڪونه ٿي وڻيو. شري ساڌ ٻيلي جو پتڻ سامهون هو،
جتان نر ۽ نارين جو سنجهه صباح عام لنگهه هو. ۽
مسلمانن هندن جو اِهو اعتراض سراسر ”مداخلت في
الدين“ سمجهيو ٿي. ميونسپل اليڪشن وقت ٻيئي ڌريون
اِنهيءَ مسئلي تي ايجيٽيشن ڪري ووٽرن کي جوش ۽
جذبي ۾ آڻينديون رهيون ٿي. انگريزن مسئلي جي
سنگينيءَ ۽ اُنهيءَ مان پيدا ٿيندڙ سڀني خطرن جي
مدنظر، عمارتن تي سرڪاري ڪڙا ڪلف چاڙهي ڇڏيا، جيڪي
اسان واري زماني ۾ اگرچه ڪٽجي ويا هئا، ليڪن موجود
هئا... ۽ آخر 1939ع ۾”مسجد منزل گاهه واري هندو
مسلمان فسادن“ جي هاڃيڪار خونريزين کان پوءِ وڃي
لٿا -- مير معصوم بکريءَ جي اها جوڙايل تاريخي
عمارت نه ڇڙو سنڌ جي سياست ۾ انقلاب جو سبب بڻي،
بلڪ پوري هندستان جي هندو - مسلم سياست جي مستقل
وڇوٽيءَ لاءِ بنيادي پٿر ثابت ٿي. سکر ۾ اُنهيءَ
عمارت تي ٿيل خوني اختلاف، گڏيل هندستان جي آئيندي
لاءِ هيٺيان نتيجا ڪڍيا:
1- سنڌ جا هندو مسلمان هميشــہ لاءِ هڪٻئي کان ٽٽي
۽ جدا ٿي ويا،
2- خانبهادر الهه بخش شهيد جي وزارت ٽوڙڻ ۽ هندن
جي ساٿ کي هيسائي کانئس جدا ڪرڻ خاطر ”منزل گاهه“
جي قضيي تي خوني فساد ٿيا،
3- خانبهادر الهه بخش جي وزارت عظميٰ ختم ٿي، ۽
اڳتي هلي پاڻ به شهيد ٿيو.
4- خانبهادر شهيد ۽ هندن جي گڏيل طاقت کي ٽوڙڻ
لاءِ سنڌ جي چند سياستڪارن ٻيو چارو نه ڏسي، ”مسلم
ليگ“ کي سنڌ اندر منظم ڪري، قائداعظم کي هندستان
مان گهرائي، ڪراچيءَ ۾ عيد گاهه وارو جلسو ڪيو،
جنهن ۾ ورهاڱي جي تصور وارو ٺهراءُ پهريون دفعو
پاس ڪيو ويو؛
5- اهو ٺهراءُ خلاف توقع هندستان جي سياست ۾ ڌماڪو
ثابت ٿيو ۽ ايڏو تهلڪو پيدا ٿي ويو، جو آخر ۾
هندستان گير تحريڪ شروع ٿي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي
ويو.“
حسام الدين جو هيءُ ڪتاب، ”مير محمد معصوم بکري“،
سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾ شايع ڪيو، ۽ 20 صفحن جي
ديباچي کان علاوه 547 صفحن جي متن ۽ 119 تصويرن تي
مشتمل آهي.
حسام الدين جو هيءُ ڪتاب، ”مير محمد معصوم بکري“،
سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾ شايع ڪيو، ۽ 20 صفحن جي
ديباچي کان علاوه 547 صفحن جي متن ۽ 119 تصويرن تي
مشتمل آهي.
ڪتاب جي تصنيف ۽ تاليف جي تاريخ بيان ڪندي، پاڻ
لکن ٿا: ”مير معصوم بکريءَ جي شخصيت کان آءٌ
اُنهيءَ وقت متاثر ٿيس، جڏهن 1928ع ۾ سکر پهچي،
منارو ۽ قبرستان ڏٺم ... سکر ۾ مسلسل رهڻ سبب
دلچسپي وڌندي رهي، مير ۽ مير جي تعلقات جو هر
اطلاع گڏ ڪرڻ شروع ڪيم... تاريخ ذوق جي تسڪين لاءِ
پاڻ ۾ چند دوستن گڏجي 1932ع ۾ ”مسلم هسٽاريڪل
ريسرچ اينڊ پبلسٽي سوسائٽي“ جي نالي سان هڪ جماعت
ٺاهي... منهنجي برادر بزرگوار پير علي محمد راشدي
صاحب سکر ۽ بکر جي ”اسلامي آثارن“ متعلق تحقيق
شروع ڪئي ۽ هڪ مفصل مقالو اُنهيءَ ڏس ۾ لکي،
پهريون ”ستاره سنڌ“ جي بهار نمبر، ۽ پوءِ ”الوحيد“
جي ”سنڌ آزاد نمبر“ ۾ شايع ڪيو. ٻيو هڪ ليڪچر مير
معصوم جي احوال تي تيار ڪيائين، جيڪو ڊسمبر 1931ع
تي سکر جي بزم مشاعري ۾ پڙهيو ويو ۽ پوءِ مٿئين
سوسائٽيءَ جي اهتمام سان جنوري 1932ع ۾ ”حيات
معصوم“ جي عنوان هيٺ ”سنڌ زميندار پريس“ مان شايع
ٿيو. مير معصوم جي هڪ حد تائين تفصيلي سوانح لکڻ
۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ جي اُها پهرين ڪوشش هئي...
”هن ڪتاب [”مير معصوم بکري“] جو ابتدائي خاڪو
پهرين آگسٽ 1954ع ۾ تيار ڪيو ويو هو. ليڪن تسڪين
نه ٿيڻ سبب ڇاپڻ جي بجاءِ وڌيڪ مواد جي تلاش جاري
رکڻي پيئي. سوانح جا مکيه ماخذ پوءِ هٿ آيا. ڪيترا
ڪتبا ان بعد ميسر ٿيا. ايران ۾ مير جا رَند ۽
راهون به بعد ۾ ڏسڻ نصيب ٿيون.
”اڌ صدي انهيءَ جاکوڙ ۾ گذري چڪي هئي. علمي اوساٽ
۽ تلاش نه کــُـٽڻ جي هئي، نه تڪميل ٿيندي نظر
آئي. ذوق برابر قائم رهيو، پر حياتيءَ جي
بيوفائيءَ کي نظر ۾ رکندي، ڪم کي نيٺ اڪلائڻ جي
رٿا ڪرڻي پيئي. اهڙيءَ طرح اوڻيهن ورهين جي ڄمار ۾
شروع ڪيل ڪم عمر جي اٺهٺ ورهين واريءَ منزل تي
پهچڻ بعد بالاَخر پورو ڪرڻ ضروري ٿيو.“
دستور مطابق حسام الدين، سنڌي ادبي بورڊ طرفان
شايع ٿيندڙ سندس هن آخري ڪتاب جي آخر به منهنجي
ذڪر سان هنن پيار ڀريل اکرن سان ڪئي آهي--
”ڀاءُ محمد ابراهيم جويي سموري ڪتاب جا پروف پڙهيا
۽ قيمتي صلاحون ڏنيون، جنهن جي ٿورن مڃڻ تي هن
ديباچي جي پڄاڻي ڪيان ٿو. رب ڪريم کين خوش رکي.
”الهه واهي!
”علي رضا هائوس،
”60 - الحمرا سوسائٽي
”ڪراچي
” 27 - جنوري 1979ع
” -- حسام الدين راشدي“
هن تاريخ، 27 جنوري 1979ع کان پوءِ، جڏهن حسام
الدين هي لفظ ”الهه واهي!“ لکيو، حسام الدين اسان
وٽ پنهنجي جسد خاڪيءَ ۾ باقي ٽي سال، ٻه مهينا ۽
چار ڏينهن رهيو. هن عرصي ۾ سندن باقي هڪ ئي
ڪتاب”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ڇپيو. بيماريءَ سان
ويڙهه کائيندي کائيندي، پاڻ صحت وڃائي ويٺا هئا.
هڪ ڏينهن اُهو به آيو، جو چوڻو پين:”ڀاءُ جويا،
همت نه رهي آهي، هن ڀيري بيماري بدلو وٺي ويندي.“
ڪتاب جي مضمونن جي ترتيب، پريس لاءِ ڪاپيءَ جي
تياري، پروف پڙهڻ وغيره منهنجي حوالي ڪري ڇڏيا
هئائون، پر ڪم جي اُڪلاءَ جي ڏاڍي اون هوندي هين.
ڪيئي ڀيرا اُن لاءِ پاڻ حيدرآباد آيا. ڪيئي ڀيرا
آءٌ وٽن ڪراچيءَ ويس. ڪتاب جي سڀني مرحلن جي
پورائيءَ لڳ ڀڳ هڪ سال ورتو. پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا، هر
طرح خوش ٿيا-- عبدالحميد آخوند، نفيس احمد شيخ،
منهنجي پٽ منور عليءَ ۽ مون سان پنهنجي خوشيءَ جو
بار بار ذڪر ڪيائون، ۽ اسان جي بنهه ڦڪي ٿي وڃڻ جي
حد تائين، اسان جا وري وري ٿورا مڃيائون.
وڌيڪ ڪم جون ڳالهيون منهنجون ساڻن ٿيون: کين
فارسيءَ جي رهيل سنڌ جي ماخذات جي ايڊيٽنگ ۽ اشاعت
جو خيال هو-- چي ”پنجاهه سال عمر جا ٻيا هجن ته به
هوند ڪم پورو نه ٿئي“ -- سنڌي ادب جي مفصل تاريخ
لکڻ جو خاص خيال هوِ ۽ ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي طرز
تي خاص طرح پنهنجي سانئڻ ماءُ جي ياد گيرين لکڻ جو
ڏاڍو ذوق هونِ ۽ مون کي پڪ آهي ته سندن ڇڏيل ڪاغذن
۾ ضرور اُنهن تجويزن تي سندن ڪي ابتدائي يا ڪجهه
قدر وڌيڪ نوٽ موجود هوندا-- اُنهن کي هٿ ڪري، ڪم
از ڪم فارسي ماخذات ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ تي، ۽ پڻ
اُن سان گڏ، يا اُن سڀ کان علاوه به، خود سندن
ادبي سوانح عمريءَ تي ڪم ٿي سگهي ٿو-- جيڪو خاص
اسان جي علمي ۽ ادبي ادارن جو اڄ اولين فرض آهي.
جڏهن آخري بار پاڻ پنهنجي علاج لاءِ عزيزم حسين
شاهه سان گڏ انگلينڊ وڃي رهيا هئا، اُن ڏينهن وٽن
صبح جو پوري يارهين بجي پهتس - - زندگيءَ جي اُن
مرحلي تي پنهنجي نياز مندن کان نهايت سختيءَ سان
پاڻ وقت جي پابنديءَ ۽ سچ ڳالهائڻ جي تقاضا ڪندا
هئا -- ۽ جيئن ئي ساڻن ملي، خوش خير جي کيڪار ڪري،
سندن سامهون ويٺس-- پاڻ پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾
ويٺا هئا -- سچل کي چانهه آڻڻ لاءِ چئي، هٿ وڌائي،
پني ٽڪر مون کي ڏنائون ۽ چيائون: ”اڙي جويا هيءُ
ته پڙهه! اڄ صبح جو ريڊئي تان هيءُ راڳ ٻڌو اٿم،
تولاءِ هڪ بند لکي رکيو اٿم! پڙهه ته، پر ڏاڍيان
پڙهه“: مون اهو بند پڙهيو-
تجهه سي مين کيالي جائون گي، کچهه تو هه دي
جائون گي
دهول مين تيري گــَـلـيــَـن کي، مين تلسي
تيري آنگن کي
مين تلسي تيري آنگن کي
پڙهي، مون ڏانهنِ اُڪير سان نهاريو، ۽ ڪجهه وقت
ائين هڪ ٻين ڏانهن ڏسندا رهياسون، مون کين چيو:
”پير صاحب (جيتوڻيڪ حسام الدين پاڻ کي ”پير“ بنهه
نه ۽ ”سيد“ به لاچار سڏائڻ يا لکڻ پسند ڪندا هئا،
پر اسين سڀ سندس نياز مند کيس محبت ۽ عزت وچان
هميشــہ ”پير صاحب“ چوندا هئاسون)، اِها فلم
توهان ڏٺي آهي؟ وي. سي. آر تي حيدرآباد ۾ مون ڏٺي
آهي- واهه جي فلم آهي!“ پاڻ ٿڌو ساهه کڻي چيائون:
”يار جويا، فلمن ڏٺي به سال ٿي ويا!“ ۽ واقعي سال
اڳ، جو آءٌ ۽ ٻيا خاص دوست، سراج، رباني ۽ ٻيا،
ساڻن گڏجي جوانيءَ جي مــَـوَ موج ۾ فلمون ڏسندا
هئاسين، اُهي ڏينهن منهنجي من تي تري آيا...
اُن رات اسر وقت پير صاحب جي انگلنڊ ڏانهن روانگي
هئي. ڪيئي دوست کين الوداع چوڻ لاءِ اُتي سندن
جاءِ تي، رضا هائوس، الحمرا، سوسائٽيءَ ۾ گڏ
ٿياسون - منهنجو شاگرد غلام مصطفيٰ خان جتوئي به
اُتي هو، ٻيو منهنجو شاگرد عبدالحفيظ لاکو به اُتي
هو، ڀاءُ سراج، ڀاءُ حميد آخوند ۽ ڀاءُ ممتاز
مرزا، پير سائين پير علي محمد شاهه راشدي صاحب جن،
۽ ٻيا به ڪيئي دوست احباب گڏ هئا. پير صاحب کي
ڪجهه آرام ڪرڻ جي وجهه ڏيڻ جو خيال ڪندي، سوير
ئي،ڏهين بجلي ڌاران، کانئن ڀاڪرين پئجي، موڪلائي
اٿياسين. مون کي حفيظ لاکو پنهنجي ڪار ۾ کڻي ڊفينس
سوسائٽيءَ ۾ ڀاءُ سرڪيءَ جي گهر ڇڏي ويو. پير صاحب
جي فلائيٽ ٽين بجلي اسر جو هئي.. تيستائين مان
جاڳندو رهيس، ۽ پوءِ اک لڳي ويم. ٻيهر پياري حسام
الدين جي فقط خالي جسد خاڪيءَ جو ديدار مڪليءَ ۾
مون کي نصيب ٿيو--
”هــُـو جي هئا هِـت، ته مٿن هــُـوند حق ٿيو،
مــَـڻيون، مــُـورت، مـَـت، مانَ وسريونِ، ڪــِـي
لهان!“
(شاهه)
[مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جي
ٻي
ورسيءَ --- 1. 4. 1984ع -- تي پڙهيل
مضمون.]
|