جامع ابن طولون -- مصر جي عظيم عبادتگاهه
سيف الله بلوچ
الله تبارڪ و تعاليٰ مسلمانن کي آقائي نامدار حضرت
محمد مصطفيٰ صلي الله عليــہ وسلم جي ذات اقدس ۽
قرآن پاڪ عطا ڪري مٿن وڏو احسان فرمايو آهي(1).
جيئن ته اسلام دين فطرت آهي، ۽ ان جو هر حڪم ۽ عمل
هڪ مسلمان لاءِ عبادت آهي، ان فرمانبرداري ۽ نيڪ
عملن ڪري هن امت جي نيڪ ۽ صالح بندن جو درجو بني
اسرائيل جي نبين جي برابر سمجهيو وڃي ٿو. الله
تبارڪ دين اسلام جو بنياد چئن رڪنن يا ٿنڀن تي
رکيو آهي. اهي دين جا چار رڪن يا عبادتون آهن
نماز، زڪوات، روزو ۽ حج بيت الله (2).
انهن چئن احڪامن ۾ پهريون حڪم، جو اسلام جو بنيادي
ستون آهي، اهو آهي نماز. مسلمانن لاءِ اهائي عظيم
عبادت آهي. اها نماز الله تعاليٰ پنهنجي محبوب
سرور ڪونين تي خاص عنايت فرمائي ۽ ان جي اهتمام
لاءِ آقائي نامدار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله
عليـہ وسلم جن کي عرش عظيم تي پنهنجي روبرو گهرائي
معراج جو شرف عطا ڪري کين تحفي ۾ نماز جهڙي عظيم
عبادت عطا ڪيائون ۽ سندن امت لاءِ ڏينهن ۾ پنج وقت
نماز فرض ڪيائون. سرور ڪونين صلي الله عليــہ وسلم
جن فرمايو:- الصلواة عمادالدين. الصلواة معراج
المؤمنين. (3). مقصد ته نماز دين جو عظيم رڪن آهي
۽ نماز مومنن لاءِ معراج آهي، ڇو ته ڏينهن ۾ پنج
دفعا ٻانهو رب سائينءَ جي درٻار ۾ باوضو نهايت
پاڪائيءَ ۽ عاجزيءَ سان حاضر ٿي، الله تعاليٰ جي
وحدانيت، صفت ۽ تعريف بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي
ڪمزورين ۽ گناهن جو اعتراف ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هر
گهڙي ۽ هر پهر ۾ ڪيل غلطين، ڀلن چڪن جو احتساب ڪري
ٿو، ۽ آئينده لاءِ انهن غلطين کان بچڻ جو پڪو عهد
ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح اها عبادت انفرادي طرح نه بلڪ
اجتماعي طرح آقائي نامدار صلي الله عليـہ وسلم جن
جو جماعت جي امامت ڪرائي، باجماعت نماز کي وڏو شرف
عطا ڪيو ۽ سندن سنت تاقيامت قائم رهندي، ان جو
واضح ثبوت اهو آهي ته مدينه منوره پهچڻ شرط سندن
پهريون عمل مسجد نبوي صلي الله عليــہ وسلم جي
تعمير هئي، جو اسلام جو پهريون مرڪز آهي(4)، جنهن
۾ مسلمانن جا روحاني، سياسي، سماجي، عدالتي ۽ فوجي
احڪام جاري ٿيندا رهيا آهن.
حقيقت ۾ مسجد اسلام جي عظمت جو نشان آهي. سندس
محراب ۽ منبر امامت، حڪمت ۽ دانائيءَ جي عظمت
ڏيکاري ٿو. سندس مينار وحدانيت جي صدا بلند ڪري
ٿو. ڏينهن ۾ پنج وقت الله اڪبر الله اڪبر ۽ محمد
رسول الله صلي الله عليــہ وسلم جي رسالت جي شاهدي
با آواز بلند،بروبحر، هوائن، شهرن ۽ صحرائن ۾
چؤطرف گونججي ٿي.
تاريخ عالم تي نظر ڪبي ته قومن جي عظمت جو نشان
سندن عبادتگاهون آهن. جيئن جيئن قومن دنيا ۾ فتحون
ڪيون آهن، تيئن تيئن پاڻ سان پنهنجا مذهبي يادگار
انهن ملڪن ۾ قائم ڪنديون رهيون آهن. ايشيا ۾ ٻڌ
ڌرم جي پيروئن ٻڌ مڙهيون قائم ڪيون، اهڙيءَ طرح
برهمڻن پنهنجا مندر ۽ مڙهيون بنايون، جن ۾ گهنڊ ۽
گهڙيال وڄندا هئا. يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ يهودين
۽ عيسائين، ديوليون ۽ گرجائون تعمير ڪرايون،
اهڙيءَ طرح مجوسين ايران ۾ پنهنجا معبد تيار
ڪرايا، جيئن سندن مذهب جي نشاني ظاهر ٿئي. ليڪن
اسلام جي مسجد کي الله تعاليٰ وٽان عظيم عبادتگاه
جو در جو ان ڪري عطا ٿيو ته هن ۾ دين و دنيا جي
فلاح ۽ بهبود جو راز سمايل آهي(5). ان ڪري مسلمان
حضور اڪرم صلي الله عليــہ وسلم جن جي پيروي ڪندي
دنيا جي جنهن جنهن حـصي ۾ فاتح ٿي داخل ٿيا، اتي
سندن پهريون عمل هو مسجد جو بنياد رکڻ.
اهڙيون عظيم الشان تاريخي مسجدون جي شمار ڪجن ته
پهرين مسجد النبوي صلي الله عليـہ وسلم مدينه
منوره ۾ نظر اچي ٿي(6). ان کانپوءِ حجاز مقدس جي
تمام ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هزارين مسجدون تعمير ٿي ويون،
ان کانپوءِ خلفاءِ راشدين جي دور ۾ اڃان به وڌيڪ
مسجدون تعمير ٿيڻ لڳيون.
حضرت عمر رضي الله عنـہ جي دور ۾ مسلمانن اتر
آفريڪا ۾ قدم ڄمايا ۽ مصر عمر بن العاص رضه فتح
ڪيو ۽ اتي پهرين پهرين مسجد جو بنياد رکيائين(7).
ان کان پوءِ جيئن مسلمانن جي آبادي وڌندي ويئي،
تيئن مصر ۾ مسجدن جو تعداد به وڌندو ويو. ان کان
سواءِ پوئين دور ۾ جدا جدا حڪمران ۽ خاندان جيئن
مصر فتح ڪندا ويا، تيئن پنهنجي طرفان ان ۾ مسجدون
تعمير ڪرائيندا ويا.
مصر جي اهڙي هڪ خاندان جي تعمير ڪرايل مسجد، جنهن
کي ”مسجد“ طولون چئجي ٿو. ان خاندان جي حڪومت جو
بنياد سنه 253 هه احمد بن طولون رکيو (8). خليفه
بغداد معتزباالله جي ڪمزور دور حڪومت ۾ ترڪ فوجي
وڏي طاقت حاصل ڪري چڪا هئا ۽ خليفو انهن جي هٿ ۾
هڪ بي وس حاڪم هو. سنه 253 هه ۾ خليفي هڪ ترڪ
سردار بابڪيال کي مصر جي گورنري عطا ڪئي(9).
بابڪيال خود بغداد ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، تنهن ڪري
هن پنهنجي هڪ زبردست سردار احمد بن طولون کي
پنهنجو نائب ڪري مصر روانو ڪيو(10). هن جو پيءُ
طولون هڪ ترڪ شهزادو (11)، جو ننڍپڻ ۾ فرغانه جي
جنگين ۾ قيد ٿي خليفي جي درٻار ۾ پهتو ۽ اتي ئي
شاهي غلامن ۾ داخل ٿيو. ساڻس گڏ سندس پٽ احمد پڻ
دارالخلافه ۾ تعليم ۽ تربيت وٺي حڪومت جي ڪاروبار
۾ مهارت حاصل ڪئي هئي. احمد بن طولون کي مصر ۾
نائب مقرر ڪيو ويو، جتي هن ايتري مهارت حاصل ڪئي
جو خليفه وقت کي به مٿس ڪو زور نه هو، اگرچ احمد
خطبي ۾ خليفه بغداد جو نالو قائم رکيو. خليفه معتز
کان پوءِ خليفي مهــدَي پڻ احمد بن طولون کي مصر
جو پروانو عطا ڪيو.
احمد بن طولون مصر جو انتظام نهايت سهڻي نموني
سان هلايو ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ خوب پيسو خرچ
ڪيائين ۽ عوام سندس حڪومت مان نهايت خوش هو. احمد
مصر ۾ جيڪي تعميرات ۽ رفاه عام جا ڪم ڪيا، انهن ۾
سندس ٺهرايل (مسجد ابن طولون) اڄ ڏينهن تائين قائم
آهي. هي مسجد ان زماني جي فن تعمير جو هڪ نادر
نمونو آهي. هن مسجد جو سنگ بنياد سنه 876ع ۾ رکيو
ويو، چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ يعني 879ع ۾ ٺهي
راس ٿي(12).
هن وقت قاهره ۾ 500 پنج سؤ مسجدون آهن(13). هن
مسجد جو شمار به قاهره جي عظيم مسجدن ۾ ٿئي ٿو. هي
مسجد دنيا جي ٻين مسجدن جي ڀيٽ ۾ سادي آهي، ليڪن
هن جي صنعت ۽ عمارت سازي نهايت دلڪش آهي(14). هن
مسجد جو نقشو بلڪل عمرو بن العاص جي مسجد جهڙو
آهي، جا مصر جي پهرين مسجد آهي. جيڪا عمروبن العاص
سن 21 هجري مطابق سنه 642ع ۾ تعمير ڪرائي هئي. ابن
طولون جي مسجد جي ايراضي هن مسجد جي اڌ جيتري
آهي. مسجد جي وچ ۾ هڪ چورس ڪشاده اڱڻ آهي ۽ انهيءَ
جي ٻنهي پاسن کان ٻه ڪشاده ورانڊا آهن، جيڪي ڪيترن
ئي وڏن ٿنڀن تي محرابن وانگر ٺهيل آهن. هنن محرابن
جون ڪمانون مٿي وڃي چهنبدار ٿين ٿيون ۽ انهن جو
هيٺيون پيلرن وارو حصو گهوڙي جي نال وانگر آهي
جيڪو هيٺ ويڪرو ٿيندو ويو آهي ۽ اها خاص عربي طرز
تعمير آهي، ڇو ته گهوڙو عرب جو خاص قومي نشان
آهي(15).
هنن محرابن جا ٿنڀا عام رواجي ٿنڀن جهڙا نه آهن،
پر انهن ٿنڀن جي ڪنڊن کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي
جو ڄڻ چئني ڪنڊن تي چار ننڍا ننڍا ٿنڀا نظر اچن
ٿا. انهن ٿنڀن جو هيٺيون حصو مشرقي فن تعمير جو
نمونو ڏيکاري ٿو. اهڙي نموني اهي چئن پيلرن وارا
ٿنڀا ۽ مٿان نوڪدار محرابون هڪ عجيب منظر پيدا ڪن
ٿيون ۽ اهڙي طرز تعمير گاٿ قومن جي ديولين ۽
عبادتگاهن ۾ عام نظر اچي ٿي(15). انهن محرابن جي
مٿان ڇت مسجد عمرو بن العاص جي ڇت وانگر تعمير ٿيل
آهي، ۽ مٿانئس ڪي به نقش نگار اڪريل ڪونهن. ليڪن
اهي نوڪدار محرابيون جڏهن ڪنهن گنبذ جي سامهون
تعمير ڪيون وڃن ٿيون ته سندن مٿي کنيل ڪماندار
گردنون ڄڻ ته گنبذ جي سامهون تمام نازڪ ۽ خوشنما
نظارو پيش ڪن ٿيون ۽ گنبذ جي بلندي ۽ عظمت کي
نهايت وضع دار ۽ خوبصورت بنايو ڇڏين، خاص ڪري
مشرقي اڏاوت جي ٿورو دٻيل گنبذ جي خوبصورتي کي
چمڪايو ڇڏين(17).
هن مسجد جي اندرين اڏاوت عام طرح جيئن مسجدن ۾
محراب ٿيندو آهي. اهڙي نموني سان هڪ شاندار ڪمان
تي محراب آهن جنهن جو رخ ڪعبة الله شريف ڏي آهي ۽
محراب جي سڄي هٿ تي هڪ عاليشان منبر آهي، جنهن تي
خطيب بيهي خطبو ڏيندو آهي. مسجد طولون جي اندرئين
۽ ٻاهرين ڀتين، ٿنڀن، ڪمانن ۽ جارن تي قرآن پاڪ
جون آيتون نهايت خوش خطي سان ڪاٺ جي تختن تي اڪريل
آهن، جنهن مان وقت جي ڪاريگرن جي عظيم عظمت ظاهر
ٿئي ٿي ۽ ڏسندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي.
مشهور مؤرخ فلپ - ڪي - هٽي، ”هسٽري آف عربس“ ۾ لکي
ٿو ته مسجد طولون ۾ قرآن پاڪ جو 17/1 حصو ڪاٺ تي
اڪريل آهي(18). هي فن خطاطي ۽ عمارت سازي جو خاص
عربي نمونو پيش ڪري ٿو. ان کان سواءِ درين جي
مٿان، پاسن کان ۽ محرابين جي مٿان ڪيترا گل ڦل ۽
ٻوٽا نهايت خوبصورتيءَ سان بنايا ويا آهن. جنهن
سان مسجد جي خوبصورتي وڌي ويئي آهي. مسجد طولون
جون ٻاهريون ديواريون ڪنگريدار آهن، هي سڄي مسجد
پڪ سري ٺهيل آهي ۽ مٿانئس گچ جو پلستر ٿيل آهي ۽
مسجد ۾ نقش نگار، گل ۽ ٻوٽا پڻ گچ سان اهڙي طرح
اڪر تي ٺهيل آهن جو ڄڻ اصل گل ۽ ٻوٽا پيا سمجهه ۾
اچن(19). هن مسجد تي ڪيترائي مينار ٺهيل هئا. هر
گنبذ ۽ هر ڪنڊ تي مينار هو، جيڪي سڀ هن وقت ڊهي
ويا آهن. هن وقت فقط هڪ مينار نظر اچي ٿو. هن
مينار جي خوبصورتي به ڏسڻ وٽان آهي. هي مينار
هيٺان بلڪل هم چورس آهي، وچ ۾ ڇهه ڪنڊو ۽ مٿي اٺ
ڪنڊو آهي، جنهن ۾ اڪيچار دريون نظر اچن ٿيون.(20).
مسجد جي وسيع اڱڻ ۾ هڪ وڏو پاڻيءَ جو حوض آهي،
جنهن جي وچ ۾ هڪ ڦوهارو آهي، جنهن مان حوض کي پاڻي
ملي ٿو. ان جي چوڌاري وضو ڪرڻ جون سندليون آهن، جي
پڻ پختي گچ سان خوبصورت ٺهيل آهن. ڦوهاري واري
عمارت جي دروازي تي وڏيون دريون آهن، جن جي مٿان
ڪمان عيوض ٽڪنڊيون محرابيون ٺاهيون ويون آهن. سڄي
عمارت جو فرش ٽائلس وانگر ڪاشيءَ جي رنگين سرن سان
فرشبندي ڪيل آهي. مطلب وچين دور جي مسلمانن دين جي
سربلنديءَ سان گڏ دنيا جي علمن ۽ هنرن ۾ به زبردست
ترقي ڪئي ۽ ايندڙ دنيا جا معلم بنيا.
حوالا
(1) نقدمن الله عليٰ! المؤمنين اذ بعث فيهم
رسولاء. الاخر.
(2) ڊاڪٽر امير حسن صديقي: ”مسلم تنصيبات“ صفحه
19.
(3) صحيح مسلم و بخاري ”باب الصلواة“ (نوٽ) قرآن
پاڪ ۾ 700 سؤ دفعا نماز جي تاڪيد آيل آهي.
(4) Montgamary Watt: Muhammad at
Medina (London) 1960
(5) ڊاڪٽر امير حسن صديقي: ”مسلم تنصيبات“ جمعيت
الفلاح ڪراچي 1962 صفحه 30.
(6) ايضاً، ص 30 - 32
(7) شاه معين الدين ندوي: ”تاريخ اسلام“(جلد اول)
اعظم ڳڙهه 1960ع.
(8) Lane Poole: “Mohammadan،
Dynasties” 1960 London
(9) اڪبر شاه خان نجيب آبادي: ”تاريخ اسلام“ (جلد
ٻيو) 1965ع.
(10) Philip-k- Hitti: “History of Arabs” (1965
London
(11) طولون جي لغوي معنيٰ آهي چنڊ جهڙو سهڻو. هي
قديم ترڪيءَ جو لفظ آهي.
(12) ڊاڪٽر گستاؤ لي بان: ”تمدن عرب“، باب ”مسجد
ابن طولون“.
(13) ايضاً.
(14) ايضاً.
(15) David Tallot Rice: “Islamiv Art” (London 1965)
(16) Ibid
(17) Ibid
(18) Philip-K-Hitti “History of Arabs” (London
1965)
(19) A.J. Arberry: “Aspects of Islamic Civilization” (London
1958.
(20) Ibid.
لاڙڪاڻي ضلعي
جا ڪتبخانا
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
لاڙڪاڻو، سنڌ جو مکيه شهر آهي. سياسي توڙي ادبي
اعتبار کان لاڙڪاڻي کي فوقيت حاصل رهي آهي. ”تحريڪ
خلافت“ جو آغاز لاڙڪاڻي مان ٿيو، جنهن انگريز فيل
مست جي حڪومت جو بنياد لوڏي وڌو. ”هجرت“ جو سالار
ڪاروان مجاهد مرد، رئيس المهاجرين جان محمد خان
جوڻيجو (1886ع - 1921ع) ۽ ٻيو سرگرم ڪارڪن، پير
تراب علي شاهه راشدي (1857ع - 1938ع) به لاڙڪاڻي
جائي هئا. سال 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئيءَ کان
علحدگيءَ واري جدوجهد ۾ پڻ لاڙڪاڻي جي ليڊرن جو
وڏو هٿ هو. ”پاڪستان جي آزاديءَ“ خاطر لاڙڪاڻي جي
سياستدانن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
لاڙڪاڻي جي سرزمين قديم زماني کان آباد آهي. منجهس
تهذيب و تمدن جا آثار اِنهيءَ ڳالهه جي پوريءَ ريت
دلالت ڪن ٿا. پنج هزار سال پراڻي ثقافت جا اُهڃاڻ
”موهن جي دڙي“ مان واضح ٿين ٿا. ازان سواءِ قديم
تهذيب جو هڪ ٻيو آثار ”جهڪر جو دڙو“ پڻ هن خطي ۾
موجود آهي، جنهن مان پڻ هن شهر جي قدامت جو ڪاٿو
لڳائي سگهجي ٿو.
ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ منجهس آبپاشيءَ جو باقاعده
نظام رائج ٿيو، جنهن ڪري هن خطي تيزيءَ سان ترقي
ڪئي ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ جو سبب بڻيو. اهو ئي سبب
آهي جو هن شهر بابت ڪيتريون ئي چوڻيون رائج ٿيون:
”لاڙڪاڻو، ساهه سيباڻو“ ۽ ”هــُـجيئي ناڻو، ته
گهــُـم لاڙڪاڻو“، وغيره(1)
.
هي شهر پنهنجي مخصوص خوبين، روايتن ۽ رسمن سببان،
سنڌ ۾ نرالي حيثيت رکي ٿو. کيرٿر ۽ هالار جبلن جي
قطارن ۽ سنڌوءَ جي وهڪري، هن شهر کي ديده زيب
بنائن ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. اهوئي سبب آهي، جو
اِنساني نسل جي اوائل کان هيءَ سرزمين، سندس فڪر،
فن ۽ سرگرمين جو محور رهي آهي.
لاڙڪاڻي نه فقط سنڌ جي آڳاٽي تهذيب کي جنم ڏنو
آهي، پر اُن جي آثارن کي به پنهنجي سيني ۾ سانڍيو
آهي. اهوئي سبب آهي، جو هتان جون نامور شخصيتون،
سنڌ ۽ بلوچستان جو ناز بنيل آهن.
ادب جي ميدان ۾به هيءُ شهر پوئتي پيل نه آهي. سنڌي
ادب ۾ علم عــَـروض جي نمايان ترقي، لاڙڪاڻي جي
طفيل ئي ٿي آهي، جنهن جو سهرو مخدوم الشعراءُ حاجي
محمود ”خادم“ (1895 -ع 1960) جي ســِـر تي سونهين
ٿو.
مطلب ته هن علائقي جي ماڻهن زندگيءَ جي هر شعبي ۾
نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هتي جي عالمن ۽ فاضلن
به وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. علم جي ميدان
کان سياست جي ميدان تائين سندن اهم ڪردار رهيو
آهي. هــُـو علمي، معاشرتي ۽ سياسي خدمتن ۽ درس و
تدريس سان ۽ مطالعي سان به گــَـهري دلچسپي رکندا
هئا. وٽن وڏا ڪتبخانا موجود هئا، جن کي هــُـو
ساهه سان سانڍيندا آيا. اُنهن ڪتبخانن مان هر وقت
فيض عام جاري ۽ ساري رهيو. اڄ به هيءُ فيض کــُـٽو
نه آهي، ۽ نه ئي وري ڪي درسگاهون بند ٿي ويون آهن.
انشاء الله جيستائين هيءَ دنيا باقي آهي، تيستائين
هي خــِـطو به نقشي تي باقي رهندو.
ڪتبخانا، زنده قومن جو سرمايو هوندا آهن، ۽ ساڳئي
وقت قومن جو قدر ۽ قسمت، قدامت ۽ اهميت، تهذيب ۽
ترقيءَ جو اندازو پڻ سندن گڏ ڪيل علمي سرمايي مان
لڳائبو آهي. انساني نسل کي ڪتبخانا ئي علم ۽ دانش
سان مالا مال ڪن ٿا.
قومن جي ڪمال ۽ زوال،تاريخ، ادب، حڪمت، ثقافت، علم
هــُـنر ۽ حرفت جو دارومدار ڪتبخانن تي رهي ٿو.
تاريخ شاهد آهي، ته دنيا ۾ ظالم ۽ جابر حاڪمن،
پنهنجي مفتوح قومن کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائڻ
لاءِ پهريائين سندن ڪتبخانا برباد ۽ تباهه ڪرائي
ڇڏيا(1).
دنيا ۾ ترقي يافته ملڪن جيان سنڌ به ڪتبخانا قائم
ڪرڻ ۾ پوئتي پيل نه آهي. هر دؤر ۾ سنڌين جي مطالعي
سان محبت رهي آهي. اُهوئي سبب آهي، جو سنڌ ۾
چــَـپي چــَـپي تي علم جو ڏيئو ٻرندو رهيو آهي.
ضلعو لاڙڪاڻو به هن ڀاڳ ڀــَـري سرزمين جو حصو
آهي، جنهن تي پڻ ڪسابن کان عالمن پنهنجا ڪتبخانا
قائم ڪيا آهن. اُنهن مان ڪجهه انقلابي تبديلين
سببان ضايع به ٿي ويا، ته ڪي وري نوان به جوڙيا
ويا آهن.
اڳ جڏهن لکائي ۽ ڇپائيءَ جو اڃا بندوبست نه هيو،
ته عالم سڳورا هٿ سان فارسي ۽ عربي ڪتاب لکي،
ڪتبخانا تيار ڪندا هئا. اُڻويهين صدي عيسويءَ جي
ابتدا ۾ ليٿو پريسن پوڻ سان، ڇپائيءَ جو ڪم شروع
ٿيو، ته ڪافي تعداد ۾ ڪتاب ڪتبخانن جي زينت بڻيا.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به ڪتبخانن وجود ورتو (2).
ماڻهن ۾ پڙهڻ سان گڏ خريد ڪرڻ جو شوق به وڌيو.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي
ڪتاب به ڪثرت سان ڇپيا، ۽ ڪتبخانن ۾ وڏو واڌارو
ٿيو. نتيجي طور سرڪاري ڪتبخانن سان گڏوگڏ ذاتي
لائبرريون به قائم ٿيون. اڄ خدا تعاليٰ جي فضل سان
لاڙڪاڻي ضلعي جي وسين، واهڻن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪيئي
ڪتبخانا موجود آهن.
هيٺ ضلعي جي قديم خواه جديد ڪتبخانن جو تفصيلي
تعارف ڏجي ٿو:
جائلس لائبرري
اُڻويهين صديءَ جي آخر ۾، ”جائلس“ لاڙڪاڻي جو
ڪليڪٽر ٿي گذريو آهي(1)
. سال 1884ع ۾، سندس نالي پٺيان ”تجر باغ“
(2) ۾
هڪ وڏي لائبرري قائم ٿي، جيڪا لاڙڪاڻي شهر ۾ عمدي
لائبرري سڏبي هئي. لائبرري، تجر باغ (موجوده نالو
”جناح باغ“) جي تاريخي عمارت ”تجر“ ۾ قائم ڪيل
هئي. هيءَ عمارت ٽالپرن جي وزير، نواب ولي محمد
خان لغاريءَ جي امانت طور رکيل لاش مٿان اڏائي وئي
هئي. لائبرريءَ سان گڏ ريڊنگ روم به هئي، جنهن ۾
ڪيتريون ئي اخبارون اينديون هيون. لاڙڪاڻي واسين ۾
قومي شعور ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ هن لائبرريءَ
جو اهم ڪردار رهيو آهي. ســُـلجهيل ماڻهو اخبارون
۽ رسالا پڙهي، باغ اندر بينچن تي ويهي، ملڪي
صورتحال تي بحث مباحثا ڪندا هئا. لاڙڪاڻي جي
ڀائيبندن به منجهانئس خوب لاڀ حاصل ڪيو(3).
ورهاڱي کان اڳ لائبريريءَ ۾ نهايت معياري رسالا به
ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾
Modern Review”“
ڪلڪتو)، ”New
Times“
(ڪراچي) ۽ ”ٽربيون“ (لاهور) - برصغير جون مشهور
تحريڪون اُڀاريندڙ رسالا ۽ اخبارون ليکيون وينديون
هيون، ۽ باقاعده ٽپال رستي هن لائبرريءَ ۾
پهچنديون هيون. شوقين ماڻهو اخبارن جي پهچڻ سان
لائبرريءَ ۾ انبوهه جي صورت ۾ گڏ ٿي ويندا هئا.
اُنهن ڏينهن ۾ هن لائبرريءَ ۾ انگريزي، اُردو،
هندي ۽ سنڌي ڪتابن جو وڏو تعداد موجود هو. خاص ڪري
انگريزيءَ جا چونڊ ڪتاب هن لائبرريءَ ۾ جمع ٿيل
هئا(4). سال
1974ع ۾ ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ قائم ٿيڻ سان، هيءُ
قديم لائبرري اُن ۾ ضم ٿي وئي.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جي لائبرري
شهدادڪوٽ، تيرهين ۽ چوڏهين صدي هجريءَ جي اوائل
۾ وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز رهيو آهي. سندس حد
بلوچستان سان ملي ٿي، انهيءَ ڪري هتي سنڌ ۽
بلوچستان جي گڏيل تهذيب نظر اچي ٿي. ڪيترائي عالم،
فاضل ۽ مــُـدرس هن زرخيز خطي پيدا ڪيا، ۽ ڪيترائي
عالم ٻاهران اچي هتي آباد ٿيا. اُنهن مان عمدة
العلماءُ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو نالو
ســَـرِ فهرست آهي.
مولانا نور محمد، اصل شهر ڪنڊي، علائقي ڀاڳناڙي
(بلوچستان) جو رهاڪو هو. سال 1206 هه- 1791ع ۾
تولد ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي عزيز علامه
عبدالحليم ڪنڊوي رحه
(1) وٽان
حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿي، پهريائين ڳوٺ ۾
پاڙهڻ لڳو. فقــہ ۾ مــَـلڪو رکندو هو، انهيءَ ڪري
قلات جي خان، خداداد خان طرفان رياست جو ”قاضي
القضاة“ به مقرر ٿيو.سال 1858ع ۾ڪنهن شرعي مسئلي
تي خان سان اختلاف ٿيس، جنهنڪري سنڌ طرف رخ
رکيائين ۽ ميرو خان پهچي، ميان حامد الله عرف حامد
حضوري رح (1798ع - 1873) جو مهمان ٿيو. آخر سندس
صلاح ۽ کهاوڙ قوم جي سردار، خانبهادر پير بخش خان
جي دلي طلب تي، شهدادڪوٽ لڏي ويو ۽ اُتي ئي پنهنجو
مدرسو قائم ڪري، حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪيائين.
نوي ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 12 - ذوالحج 1296هه -
1887ع تي وفات ڪيائين. سندس ٽن فرزندن مان مولانا
گل محمد 1789ع - 1888ع ۽ ميان غلام صديق رح (1844ع
– 1905ع) وڏي پايي جا عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن.
علامه صاحب جون هڪ ڊزن کان وڌيڪ تصنيفون ڇڏيل آهن،
جيڪي اڪثر مدرسي ”محموديه“ ۾ پاڙهيون وينديون
هيون. وٽس عاليشان ڪتنخانو به هو، جنهن ۾ هڪ هزار
جي لڳ ڀڳ عربي ۽ فارسي ڪتاب موجود هئا. اُنهن ۾
قلمي ڪتابن جو تعداد سرس هو(2)
لاڙڪاڻي جي هن قديم علمي ڪتبخاني ۾ مولانا گل
محمد ۽ ميان غلام صديق رح جن به خاصو اضافو ڪيو،
جنهنڪري پري پري کان شاگرد هن مدرسي ۾ اچڻ لڳا
(1)
. زماني جي اُٿل پٿل سببان، اڄ ”مدرسه محموديه“
به نالي ماتر وڃي رهيو آهي، ۽ ڪتبخانو به
خيرڪــِـي آهي. مدرسي جو نالو مٽائي ”مدرسه
حليميه“ رکيو ويو آهي
(2).
مولانا قمر الدين جو ڪتبخانو
تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”سڄڻ سانگي“ ۾، مولانا قمر
الدين ولد احمد بخش مهيسر جو هڪ ديني درسگاهه قائم
ڪيل هو. وٽانئس سنڌ خواهه بلوچستان جا ماڻهو
مستفيض ٿيندا رهندا هئا. سندس شاگردن جو تعداد
گهڻو هو. اڄ به سنڌ اندر هن مدرسي جا طالب موجود
آهن(3)
.
مولانا صاحب، باشريعت عالم ۽ فاصل شخص هو. سندس
نيڪ صلاحون، جذباتي ۽ جوشيلي قوم ”سانگي“ لاءِ
رهبريءَ جو ڪم ڏينديون هيون. سندس مدرسي ۾ وڏو
ڪتبخانو هو، جنهن ۾ ٻارهن سؤ کن عربي، فارسي ۽
سنڌي اڻلڀ ڪتاب محفوظ هئا. خاص ڪري فقــہ ۽ منطق
تي ته چڱو تعداد چيو وڃي ٿو. هن مدرسي طرفان ديني
ڪتاب پڻ ڇپرايا ويا، جيڪي هن وقت ناياب آهن.
”هدايت القمر، نالي هڪ ماهوار رسالو به ”سڄڻ
سانگي“ مان پڌرو ٿيو، جنهن جو سرپرست پاڻ ئي هو.
سال 1311 هه - 1891ع ۾ مولانا صاحب وفات ڪئي. ان
کان پوءِ هي علمي سرمايو درهم برهم ٿي ويو، ۽
مدرسي جي عمارت، مسجد شريف ۾ تبديل ٿي ويئي.
شيوا منڊلي لائبرري
لاڙڪاڻي شهر ۾ 1893ع کان ”شيوا مــَـنڊلي“ نالي
هندن جو وڏو ادارو قائم ڪيل هو. هن اداري ۾ سماجي
سرگرمين بابت اهم فيصلا طئي ٿيندا هئا. خاص ڪري
پئنچاتي مسئلا ۽ شهر جي بهبوديءَ لاءِ ورتل اُپاءَ
هن ”خدمت گهر“ ۾ ويهي نبيريا ويندا هئا. شهر خواهه
آسپاس جا ڀائيبند هن مــَـنڊليءَ لاءِ دل کولي
امداد ڏيندا هئا. عام ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ
لاءِ ســُـک جا ڪيترائي ڪم ٿيا.
شيوا مــَـنڊليءَ جي عمارت ۾ مفت دواخانو کوليو
ويو. ازان سواءِ رستن تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ
حوض ٺهرايا ويا، گهٽين توڙي چونڪن ۾ روشنيءَ لاءِ
فانوس هڻايا ويا، شاهي بازار ۾ حفاظت لاءِ جوڳو
بندوبست ڪيو ويو. غريب ۽ بي سهارن لاءِ مسافرخانا
ٺهرايا ويا ۽ هندو شاگردن کي مفت ڪتاب ۽
اِسڪالرشپون مليون. مطلب ته هن سماجي خدمت واري
اداري عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪيئي ڪم سرانجام ڏنا.
شيوا مـــنـَـڊليءَ جي طرفان لاڙڪاڻي شهر ۾ مختلف
هنڌن تي ننڍيون ننڍيون لائبرريون قائم ٿيون، جيڪي
ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب، اَخبارون ۽ رسالا مفت
مهيا ڪنديون رهيون.(1).
منجهن هندي، انگريزي، اُردو ۽ سنڌي ڪتابن جو
چڱو تعداد موجود هو. لائبرريون شهر جي ڪيترن ئي
مکيه چؤنڪن ۾ پڻ قائم ڪيون ويون. لائبررين کي
پنهنجا ننڍا ننڍا باغيچا به هئا، جتي شهر واسي ۽
ڪامورا شام جو تفريح لاءِ ايندا هئا.
هن وقت شيوا مــَـنڊليءَ واري عمارت ۾ ميونسپل
ڪاميٽيءَ طرفان ”شفاخانو“ قائم آهي.
مولانا عبدالرحمان ڌامراهو جي لائبرري
لاڙڪاڻي ضلعي جي جيد عالمن ۾ مولانا عبدالرحمان
ولد عنايت الله پنوهر جو نالو نمايان حيثيت رکي
ٿو. سندس وڏا ميراڻي صاحبيءَ ۾ وڏن عهدن تي فائز
هئا
(2). سندس والد چڱو زميندار هو. تاريخ 27 -
رجب المرجب (1268 هه- 1851ع) تي لاڙڪاڻي تعلقي جي
ڳوٺ ”ڌامراهه“ ۾ مولانا عبدالرحمان جي ولادت ٿي.
ننڍپڻ ۾ کيتي ڪيائين. ٻارهن ورهين جي عمر ۾ مولانا
عبدالله بنگلديرائي (1860ع - 1932ع) وٽ فارسي پڙهڻ
ويٺو.آخر مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح
(1844ع - 1918ع) جن وٽان فارغ التحصيل ٿي، دستارِ
فضيلت ٻڌائين. پوءِ ڳوٺ ۾ درس و تدريس کي پنهنجو
مشغلو بنايائين. وٽانئس سوين شاگرد فيضياب ٿيا.
سندس فقهي خدمتن عِوض، بلوچستان ۾ جرڳي جي سردارن
فتوائن لاءِ آڇ ڏنس. مگر پاڻ پابندي سمجهي،
ٺــُـڪرائي ڇڏيائين. پنجويهه ورهيه پير ڳوٺ ۾ ديني
فيصلن ۽ فتوائن جو ڪم ڪيائين. پير پاڳاري، صبغت
الله شاهه ثاني، شهادت 1943ع، جو مٿس راز هو. سندس
وفات بعد واپس ڳوٺ پهتو ۽ مدرسي جي نئين سر تعمير
ڪرائي، درس و تدريس قائم ڪيائين. مدرسي سان گڏ هڪ
جامع مسجد به تعمير ڪرايائين. اُنهن ڏينهن ۾ ڪجهه
ڪتاب به لکيائين، جن ۾ ”فتويٰ رحماني“ نالي فارسي
زبان ۾ هڪ ضخيم جــُـلد به تيار ڪيائين، جيڪو هن
وقت سندس ڀائٽي، مولانا عنايت الله پنوهر وٽ محفوظ
آهي.
پاڻ نقشبندي طريقي ۾ مــُـنسلڪ هو. ”موسيقيءَ“ کان
سخت نفرت هيس ۽ انهيءَ لاءِ چوندوهو، ته ”جنهن قوم
جو چاهه سازسرود سان آهي، اُها قوم روحاني طور
تباهه ٿي ويندي.“
وٽس هڪ مثالي ڪــُـتبخانو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي
۽ سنڌيءَ ۾ چونڊ ڪتاب هئا. خاص ڪري ”فقــہ“ ۽
”منطق“ تي ناياب قلمي نسخا شامل هئا. سال (1307 هه
- 1889ع) ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت تان موٽندي،
عربي ڪتابن جو اَنبار آندائين. هڪ اَندازي مطابق
سندس لائبرريءَ ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود
هئا. سندس پونيرن جي ڪوتاهيءَ سببان سمورو ڪتبخانو
ضايع ٿي ويو. گهڻا ڪتاب سندس شاگردن جي وَرِ چڙهيا(1)
.
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران، سنڌ اَندر ڪالرا جي
بيماري ڦهلجي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو به لپيٽ ۾ آيو.
مولانا صاحب به تاريخ 11 صفر المظفر (1348 هه -
1919ع) تي انهيءَ بيماريءَ ۾ اَجل جو بــَـکُ
بڻيو. تربت، سندس جوڙايل جامع مسجد جي ڏاکڻي طرف
ميدان تي موجود آهي. پاڻ طبعاً رلڻو ملڻو، بردبار
۽ ڌيرج وارو انسان هو. ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ غصي کي
جـِـيءَ ۾ جاءِ نه ڏنائين. صوم صلواة سان گڏ تهجد
جو به پابند رهيو. سندس گفتگو قرآن ۽ حديث کان
ٻاهر نه هئي، نه ئي وري ڪڏهن دل آزاريءَ جي تقرير
ڪيائين. سندس ”علمي ڪرامتون“ به ڪيتريون ئي مشهور
آهن.
مفتي غلام عمر جتوئي جو ڪتبخانو
لاڙڪاڻي جو لعل، لقمان ثاني، صاحبِ تقويٰ، اُستادِ
تحريرات، عمدة العلماءُ اَبوالفيض مــُفتي غلام
عمر ولد محمد صادق جتوئي، تاريخ 4 شوال 1249هه
مطابق 2 ڊسمبر 1833ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ
”سونو جتوئيءَ“ ۾ تولد ٿيو. اٺن ورهين جي عمر ۾
آخوند نــَور محمد چني وٽان قرآن پاڪ ناظران
پــُڄايائين. پوءِ مدرسه رهڙو شريف (تعلقو ميهڙ،
دادو) مان، مولانا محمد صالح مهيسر وٽان فارسي
ڪتاب پڙهيو. عربي ڪتابن جي تعليم فخر العلماءُ
مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح (1850ع - 1920ع)
وٽان حاصل ڪيائين. آخر فارع التحصيل ٿي، ڪجهه وقت
رهڙي جي مدرسي ۾ درس ڏنائين. پوءِ سڌو سونو جتوئي
پهتو، اُتي ”دارالفيض“ نالي پنهنجو علحيده مدرسو
قائم ڪري، درس و تدريس جاري رکيائين.
سندس شاگردن جو تعداد هڪ هزار کان به وڌيڪ هيو.
سنڌ کان علاوه افغانستان، بلوچستان، ڪاٺياواڙ ۽
گجرات جا عالم سڳورا به وٽانئس مستفيض ٿيا
(1).
پاڻ حديث جو ماهر ۽ فقـہ حنفيءَ جي وڏي ڄاڻ
رکندو هو. عربي،فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪتابن جو
چڱو تعداد لکيائين. طب ۾ به دلچسپي هيس. وڏا وڏا
آفيسر به وٽس پَٽَ تي ويهي ڳالهائيندا هئا. شعر به
چوندو هو. سندس نعتيه شاعريءَ جو نمونو به ملي ٿو.
هڪ سؤ ويهن سالن جي عمر ۾ 29 شوال 1353هه مطابق 2
فيبروري 1935ع تي هي حڪمت جو ستارو غروب ٿي ويو ۽
ڳوٺ جي مدرسي ۾ هميشـہ لاءِ آرامي ٿيو. مولانا
عبدالله جان سرهندي ۽ مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح
سان روح رهاڻيون ڪيائين. فضل الله (وفات 1957ع) ۽
وهب الله نالي ٻه پٽ هئس.
مفـُتي صاحب جي ذاتي ڪتبخاني ۾ هزارين ڪتاب موجود
هئا، جن ۾ عام ڪتابن کان علاوه ناياب قلمي نسخا پڻ
ججها هئا. سال 1942ع واريءَ وڏي ليٽ ۾ سندس علمي
سرمايي کي سخت ڇيهو رسيو ۽ ڪافي ڪتاب ضايع ٿي ويا.
هينئر سندس پٽ لاڙڪاڻي لڏي آيو آهي. رهيل ڪتبخانو
به زبــُون حالت ۾ وٽس پيل آهي. هن قيمتي سرمائي
جي پرگهور لهڻ ضروري آهي.
پير تراب علي شاهه راشدي لائبريري
خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن، پير تراب علي شاهه
ولد پير عبدالله شاهه راشدي، قنبر علي خان ۾ 5
ذوالقعد 1274هه مطابق 2 نومبر 1857ع تي ڄائو. پيري
مريديءَ وارو مڙس هو، ۽ محمدي شريعت جو پابند ۽
اسلام جو سچو خادم هيو. ديسي تهذيب کي فوقيت ڏيڻ ۾
فخر سمجهيائين. ملڪ جي آزاديءَ ۽ اسلام جي
سربلنديءَ لاءِ آزادي جي اڳواڻن ۾ شامل ٿيو.
انگريزن جي کـُلم کــُلا مخالفت ڪيائين، خاص ڪري
”خلافت تحريڪ“ ۾ سندس ڪردار لڪل نه آهي. تاريخ 2
شوال 1357هه 17 مارچ 1938ع تي قنبر ۾ وفات ڪيائين
(2). هڪ
اندازي موجب وٽس ڪتابن جو وڏو تعداد ايڪويهه سوَن
کان مٿي هيو. وفات وقت گهڻي ڀاڱي ضايع ٿي ويا.
سادو رهڻ، سادو کائڻ ۽ سادو پهرڻ سندن مشغلي ۾
شامل هو. امير جي ڀيٽ ۾ غريب جي ضمير کي صاف ۽
اُجرو سمجهي، سندس وفاداريءَ کي بي غرض ۽ پائدار
سمجهندو هو، انهيءِ ڪري پڇاڙي تائين غريبن جو هڏ
ڏوکي ۽ مسڪينن جو مددگار ٿي رهيو .
چوڻ ۾ اچي ٿو ته اڪثر ڪري پاڻ سان قرآن شريف گڏ
رکندو هو. ان کان علاوه گهر هجي يا سفر ۾، پاڻ سان
ڪونه ڪو ڪتاب ضرور کڻندو هو(1)
. ڪجهه وقت ”الرشيد“ رسالو به ڪڍيائين. سندس
اَستاد ۽ سهري، عمدة العلماءُ مولانا غلام صديق
ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح (1842ع - 1905ع) جو مٿس وڏو
اَثر رهيو.
فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ جي لائبريري
وطن عزيز جي نامياري شاعرن ۾، فقير هدايت علي نجفي
”تارڪ“ ولد تراب علي تونيو جو نالو شامل آهي. خميس
25 محرم الحرام 1277هه مطابق 23 اپريل 1860ع تي
تعلقي واره جي ڳوٺ ”لالو راونڪ“ ۾ سندس ولادت ٿي.
ابتدا کان ذهين ۽ ذڪي طبيعت جو مالڪ هو. عربي،
فارسي، سنڌي، سرائيڪي، اردو، پنجابي ۽ هندي زبانون
ڄاڻندو هو. نثر نويس به سٺو هو. شروعات ۾ ”نجفي“
تخلص هوس، پوءِ ”تارڪ“به اختيار ڪيائين. مڪمل
”ديوان“ کان سواءِ نثر ۽ نظم ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب
موجود آهن.
هـُو صوفيانه مسلڪ رکندڙ هو. جوانيءَ ۾ مجازي عشق
جي ڪڙي ۾ قيد ٿيو، جنهن جي ناڪاميءَ کيس هميشـہ
هميشـہ لاءِ مجرد بڻائي ڇڏيو. تاريخ 18 محرم
الحرام 1358هه مطابق 1939ع تي راهه رباني ورتائين.
ڳوٺ جي مسجد ۾ مدفون ٿيو. سندس شاگردن ۽ معتقدن جو
حلقو وسيع هو.
فقير صاحب پنجونجاه کان وڌيڪ تصنيفات ڇڏيون آهن.
خوشنويس هجڻ ڪري، چار قرآن پاڪ به ڪتابت ڪيائين.
نوشهروفيروز جي نقشبندي بزرگ، ميان صفي الله جو
مريد هو. وٽس وڏو ڪتبخانو جمع ٿيل هو، جنهن ۾ سوين
قلمي نسخا شامل هئا. افسوس جو سندس پوين ڪو ٻوٽو
نه ٻاريو ۽ سمورو ڪتبخانو ضايع ٿي ويو
(2) .
علامه مير محمد نورنگيءَ جي لائبريري
نورنگ واهه (تعلقو قنبر) جي درسگاهه جو باني،
مولانا مير محمد ولد محمد هاشم جاگيراڻي بلوچ، وڏو
عالم ۽ مــُدرس ٿي گذريو آهي. سندس ولادت تعلقي
قنبر جي ڳوٺ راضي ڳوڙو ۾، 18 شوال 1284هه (1866)
تي ٿي. ابتدائي استاد والد بزرگوار هيس، ۽ بعد ۾
پير ڳوٺ (تعلقو قنبر) ۾ رهندڙ مولوي عبدالله ۽
مولوي فيض محمد ٻير واري وٽان فارسي پڙهيو. علم
صرف و نحو ۽ منطق جي تعليم ڳوٺ اَبڙا مان مولانا
محمد اسماعيل وٽان حاصل ڪيائين. ڪجهه ڪتاب مولوي
عبدالله بنگلديرائي ۽ مولوي غلام محمد آگري وٽ به
پڙهيو. پني عاقل ۾ مولانا قمرالدين اِنڍڙ وٽان به
منطق جو درس ورتائين. ٻن سالن بعد مولانا نظر محمد
ڀُنگ (ملتان) واري کان مستفيض ٿيو. ان کان پوءِ
لاهور ۾ مولانا امام بخش محدث بهاولپوريءَ جي خدمت
۾ رهيو،جتان 1314هه (1895ع) ۾ حديث جو درس پورو
ڪري، واپس ڳوٺ پهتو.
پاڻ هڪ نيڪ سيرت ۽ شريف النفس انسان هو.
پنجيتاليهه ورهيه درس و تدريس ڏنائين. سال 1325هه
(1907ع) ۾ فريضه حج ادا ڪيائين. سنڌ، پنجاب ۽
بلوچستان جا نامور عالم سندس شاگرد ٿي رهيا. ڇاهتر
ورهين جي ڄمار ۾، جمع جي رات، تاريخ 10 محرم
الحرام 1361هه (1942ع) تي ڳوٺ نورنگ واهه ۾ وفات
ڪيائين ۽ اُتي ئي آرامي آهي.
علامه نورنگي صاحب کي پنهنجو وڏو ڪتبخانو هوندو
هو، جنهن ۾ سترهن - ارڙهن سؤ عربي، فارسي، اردو ۽
سنڌي ڪتاب هوندا هئا. انهن ۾ قلمي ڪتابن جو تعداد
اڌ تي هو. وفات وقت سمورو ڪتبخانو سندس فرزند،
مولوي غلام محمد سنڀاليو. هن وقت هي ڪتبخانو نالي
ماتر آهي.
خانبهادر نورالدين نانا لائبريري
لاڙڪاڻي شهر جي تعليمي آفيسرن ۾ خانبهادر نورالدين
احمد ولد غلام علي نانا جو نالو وساري نه ٿو
سگهجي. سندس ولادت 19 - جون 1880ع تي حيدرآباد ۾
ٿي. شروعات انگريزي ماستريءَ سان ڪيائين، جتان
ترقي وٺي ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ آخر ۾ سال
1922ع کان ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو
پرنسپال ٿيو، جتان 21 - مئي 1935ع تي رٽائر ڪيائين
اُن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڀاءَ، رئيس غلام
محمد شيدي سان گڏ وڪالت ڪرڻ لڳو.
نورالدين نانا صاحب کي مطالعي جو وڏو شوق هو، خاص
ڪري يورپ جي عظيم جرنل ”نيپولين بونا پارٽ“ (Napoleon
Bonaparte)
جي حياتي، فڪر ۽ ڪارنامن تي گهڻي کان گهڻا ڪتاب
جمع ڪيائين. انهيءَ ريت نيپولين ۽ سندس خاندان
متعلق ڪتابن جو هڪ مثالي ذخيرو گڏ ڪيائين
(1) . وٽس
انگريزي، سنڌي، اُردو ۽ فارسي زبانن ۾ ست سؤ کان
وڌيڪ ڪتاب موجود هئا، جن مان انگريزي ڪتابن جو
تعداد تمام گهڻو هو. ڪتبخانو، لاڙڪاڻي مان کڻائڻ
جو ارادو هوس، مگر پوين جي لاپرواهيءَ سببان
اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو.
نانا صاحب نهايت نرم طبيعت، خوش خــُـلق، رعبدار
چهري ۾ قداور شخص هو. پڇاڙيءَ تائين اُصولن تي
اُٽل ۽ مضبوط اِرادي جو مالڪ هو. سندس وڏو، رئيس
غلام علي اَپر سنڌ ۾ اعليٰ پايي جو وڪيل ٿي گذريو
آهي. پاڻ پڇاڙيءَ جا ڏينهن ڪراچيءَ ۾ گذاريائين ۽
تاريخ 18 - نومبر 1970ع تي، اُتي ئي راهه رباني
ورتائين.
ملازمت دوران ديانتدار ۽ حڪومت جي پاليسين سان
وفادار ٿي رهيو، جنهن ڪري انگريزن، سندس خدمتن
عيوض کيس 1933ع ۾ ”خانبهادر“ جو لقب ڏنو. ٽريننگ
ڪاليج ۾ ملازمت دوران ”اخبار تعليم“ ۽ ”مــُـلا
مخزن“ جو ايڊيٽر به رهيو.
حاجي محمود ”خادم“ لائبريري
لاڙڪاڻي ۾ عروضي شاعريءَ جي اسڪول جو روح روان،
مخدوم الشعراءَ حاجي محمود ”خادم“ ولد محمد بچل
تونيو (1895ع - 1960ع)، هڪ اعليٰ پايي جو شاعر ۽
اديب ٿي گذريو آهي. بزم مشاعرن جي شروعات ۽ ادبي
ڪانفرنس جي انعقاد جو سهرو سندس ســِر تي سونهين
ٿو. سنڌ اندر جيڪي به نامڪٺيا شاعر آهن ۽ ماضي
قريب ۾ ٿي گذريا آهن، اُنهن مڙني جو سڌيءَ طرح پاڻ
ئي استاد هو. ادبي خدمتن عــِوض ”نائين آل سنڌ
ادبي ڪانفرنس“ (20 - 3 -1948ع، ميهڙ) ۾ کيس ”مخدوم
الشعراءُ“ جو لقب مليو. هڪ ڊزن ڪتاب به قلمبند
ڪيائين.
”خادم“ صاحب کي پنهنجو وڏو ڪتبخانو هو، جيڪو سندس
وفات بعد، وڏي پٽ محمد علي جي هٿ ۾، صرف ڪٻٽن جي
زينت بڻيل آهي. هڪ اندازي مطابق سندس لائبريريءَ ۾
رسالن ۾ پراڻين اخبارن جي فائيلن سميت ٽن هزارن جي
لڳ ڀڳ ڪتاب چيا وڃن ٿا.
(1)
(1)، ڪافي قلمي ڪتاب به ڪتبخاني ۾ جمع ڪيا هئائين،
جن جو هينئر الله واهي آهي.
مولي الله بخش عباسيءَ جي لائبريري
تعلقي ڏوڪريءَ ۾، ڳوٺ ”اسحاق کوهارو“، ڪسابن کان
مشهور آهي. منجهس ڪلهوڙن پاران چانڊڪي پرڳڻي جي
نائب، ميان شاه بهاري جهنجهڻ (1665ع - 1736ع)
ڪيترن ئي ڪلهوڙن عالمن کي اچي رهايو، ۽ کين گذر
سفر لاءِ زمينون به مفت ڏنائين
(2)
.
وقت جي عالمن، هن ڳوٺ ۾ ديني درسگاه قائم ڪيو،
جنهن مان ڪيترائي طالب فارغ التحصيل ٿي نڪتا. سال
1284 هه (1867ع) ۾ مولوي الله بخش عباسي، هن مدرسي
جي سرپرستي سنڀالي. کيس عربي ۽ فارسيءَ تي دسترس
حاصل هئي. تــَرَ جي ماڻهن ۾ باعزت ليکيو ويندو
هو. وٽس هڪ مختصر لائبريري هئي، جنهن ۾ ٽي - چار
سؤ قلمي ۽ ڇاپي ڪتاب موجود هئا، جيڪي سندس وفات
1327هه (1909ع) بعد پٽهس مولانا ثناءُ الله ”ثنائي
(1895ع - 1977ع) جي ملڪيت بڻيا. مولانا ثنائي،
پيءُ جي ڪتبخاني ۾ وڏو واڌارو ڪيو.
|