ڪاغان ماٿريءَ جو
سير
پروفيسر محمد اسحاق ابڙو
الله تبارڪ و تعاليٰ هن ڌرتيءَ تي انسان جي وندر ۽
ورونهن لاءِ انيڪ نيارا نظارا پيدا ڪيا آهن. نديون
۽ نارا، ڍنڍون ۽ ڍورا، ٻنيون ۽ ٻارا، باغ ۽ راغ،
جبل ۽ ماٿريون، چشما ۽ آبشار ڏسڻ سان دل کي ڌيرج ۽
اندر کي آٿت ملي ٿو. هر شيءِ جي سونهن ۽ سوڀيا ۾
اُپائڻهار جي هستي پئي بکي. اسان جي ديس ۾ دِير ۽
چترال، گلگت ۽ سوات، هنزا ۽ ڪاغان اهڙيون ته
سوڀياوان ماٿريون آهن، جو ڏسڻ سان مــَــن کي
متوالو ڪريو ڇڏين. انهن ماٿرين ۾ قدرت جا نرمل
نظارا ڏسي جا اَمٽ سرهائي ڀاڱي اچي ٿي، ان کي لفظن
۾ بيان ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي.
قسمت سانگي مون کي به ڪاغان جي ماٿري ڏسڻ جو موقعو
مليو ۽ گذريل سال (1983ع) نائين مهيني جي نائين
تاريخ تي پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ سان گڏ
ڪراچيءَ مان شام جو چئين وڳي واري اڏام ۾ اسلام
آباد روانو ٿيس ۽ رات اچي هوٽل يونائيٽيڊ ۾ گذاري
سين. ٻئي ڏينهن صبح جو ساجهر سوير ٻيا دوست به آيا
۽ سڄي سنگت سان گڏ ڪاغان ڏانهن اُسهياسين. سڀ کان
پهريائين واه ڇانوڻيءَ ۾ آياسين، جتان سرحد ٽيڪسٽ
بوڪ بورڊ جي چيئرمين پروفيسر عبدالسلام کي کڻڻو
هو، جيڪو اتي پنهنجي ڀاءُ وٽ ٽڪيل هو. واه
ڇانوڻيءَ مان نڪرڻ کان پوءِ ڪلاڪ کن ۾ وڃي هريپور
پهتاسين ۽ اتان سفر جو سمر ساڻ ڪرڻ لاءِ ڪا گهڙي
ترسي پياسين. ڀاڄيون ۽ ميوا خريد ڪري اڳتي وڌياسين
۽ منجهند ڌاري اچي ائبٽ آباد ۾ پهتاسين. هيءُ شهر
سرحد پرڳڻي جو پشاور کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر
آهي، پر حقيقت ۾ پشاور کان به وڌيڪ صاف ۽ سٿرو
آهي. هيءُ شهر هزاره جي پهرئين ڊپٽي ڪمشنر جيمس
ائبٽ جي نالي پٺيان ڪوٺجي ٿو.
پيالي جي صورت ۾ اڏيل هيءُ شهر اسلام آباد کان 76
ميل پري آهي ۽ عام طور ٻن ڪلاڪن ۾ پهچي وڃبو آهي.
چوڏس چهچ ساوا جبل اٿس ۽ نظر ڊوڙائبي، ته جبلن تي
اڏيل اوچيون عمارتون ڪڪرن سان ڪن رس ڪندي ڏسڻ ۾
اينديون . هن شهر ۾ اڪيچار پبلڪ پارڪ آهن، جتي
وندر ۽ ورونهن لاءِ هر وقت ماڻهن جي پيهه پيهان
لڳي پئي هوندي آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن کان سواءِ هتي
ڊاڪٽري تعليم لاءِ ايوب ميڊيڪل ڪاليج آهي، جتي
سکيا لاءِ سرحد پرڳڻي جا شاگرد ڏورانهن پنڌ تان
ڪهي ايندا آهن. جيئن ته هيءُ شهر سڄي سنگت جو
اڳيئي چڱي طرح ڏٺل هو، ان ڪري منجهند جي ماني کائي
اڳي وڌياسين ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ وڃي مانسهره پهتاسين.
گاڏيءَ ۾ ويٺي مانسهره شهر جو چڪر لڳائي مختلف
علائقا ڏسي شهر کان ٻاهر نڪتاسين. هتان کاٻي طرف
وارو رستو گلگت ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو بشام وٽان
لنگهندو آهي. هن رستي کان شاهراه قراقرم ڪوٺيو وڃي
ٿو. هيءُ رستو 471 ميل ڊگهو آهي، جيڪو حويليان کان
شروع ٿي ائبٽ آباد ۽ مانسهره کان ٿيندو گلگت ۽
هــُـنزا وٽان لنگهي پاڪ - چين سرحد خنجراب تائين
پهچي ٿو. هن رستي جي تعمير جو ڪم سال 1959ع ۾ شروع
ٿيو هو ۽ ويهن ورهين جي اڻٿڪ محنت ۽ لاڳيتي جاکوڙ
کان پوءِ جڙي راس ٿيو. هن رستي جي اڏاوت دوران پنج
سؤ پاڪستاني ۽ چيني پورهيت جبلن تان هيٺ ڪرڻ ڪري
مري ويا، ۽ ان ريت اٽڪل هر هڪ ميل لاءِ هڪ قيمتي
جان ڏيڻي پئي. هن رستي جي جوڙن ۾ مشينون گهٽ ڪتب
آنديون ويون، پر پورهيت جهجها لڳائڻا پيا. جڏهن
رستي جو ڪم پنهنجي اوج کي پهتو، تڏهن هتي پنجويهه
هزار پورهيت ڪم ڪري رهيا هئا، جن ۾ پندرنهن هزار
پاڪستاني ۽ ڏهه هزار چيني هئا. هن رستي تي 99
پليون ۽ 1708 ڦــُـردي واريون موريون آهن. هيءُ
رستو هماليه، قراقرم، هندوڪش ۽ پاميرس جبلن جي
قطارن مان نانگ وارا وَر وڪڙ کائيندو پاڪ - چين
سرحد خنجراب وٽ پهچي ٿو. هن رستي جي آس پاس
بلتستان ۽ گلگت جي جبلن جون ستر چوٽيون آهن، جن
جي اوچائي ويهه هزار فوٽن تائين آهي. انهن ۾ ڪي -
ٽو، نانگا پربت ۽ راڪا پوشي خاص طور ذڪر جوڳيون
آهن. دنيا جي ٽيهن وڏن جبلن مان ٻارهن جبل هن
علائقي ۾ موجود آهن. نانگا پربت جبل جي چوٽي
ڇوَيهه هزار فوٽن کان به مٿي آهي.
مانسهره کان ساڄي طرف هڪ ٻيو رستو آهي، جيڪو ڪاغان
ڏانهن وڃي ٿو. هيءُ رستو مغلن جي راڄ ۾ ٺهيو هو،
ڇاڪاڻ ته مغل بادشاهه ڪشمير ۾ پهچڻ لاءِ هيءُ رستو
پڻ اختيار ڪندا هئا. اسين به مانسهره مان نڪري اڌ
ڪلاڪ ۾ بٽراسي پهتاسين. هتي پي - ڊبليو - ڊي وارن
جو هڪ شاندار ويسانهون يعني آرام گاه (Rest
House)
آهي، جتي رزرويشن ڪرائي سگهجي ٿو. بٽراسي جيئن ته
مٿاهين جبل تي آهي، ان ڪري هتي چڱي موچاري ٿڌ
هئي. اسان هتي اڳينءَ جي نماز ادا ڪري ڪا گهڙي
آرام گاهه جي چوڌاري جبلن ۽ وادين، صنوبر ۽ ديال
جي وڻن جا نرمل نظارا ڏسڻ لڳاسين. ان کان پوءِ
سڀڪو گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ پل کن ۾ گاڏي ور وڪڙ
کائيندي هيٺ هلڻ لڳي. اسان کي وڃڻ وقت ته ڪابه
ســُـڌ ڪانه پئي، پر واپس ورڻ کان پوءِ واٽ جي ورن
وڪڙن سان گڏ ان جي اوچائيءَ جو به احساس ٿيو. اسان
جي گاڏي اٽڪل ويهن ميلن تائين هيٺ لهندي وئي، پر
ڪٿي ڪٿي اتاهينءَ تي به چڙهندي رهي. ڳڙهي حبيب
الله وٽ پهچڻ کان پوءِ سنئون سنئواٽو رستو شروع
ٿيو. بٽراسي کان وٺي ڳڙهي حبيب الله تائين رستي جي
ٻنهي پاسن تي اڀڪپريون ٽڪريون هيون، جن ۾ ديال يا
صنوبر جي اوچن وڻن جا گهاٽا ٻيلا موجود هئا. هر
طرف سر سبز جبل ۽ ماٿريون، چشما ۽ نهرون نظر آيون.
ڳڙهي حبيب الله کان ساڄي هٿ تي هڪڙو رستو نڪري ٿو.
جيڪو ڪُـنهار نديءَ کي پار ڪري آزاد ڪشمير ۾ مظفر
آباد ڏانهن وڃي ٿو. ڳڙهي حبيب الله کان مظفر آباد
رڳو ڏهه ميل پري آهي، جتي پهچڻ لاءِ هن رستي کان
سواءِ هڪ ٻيو رستو ڪوه مريءَ کان پڻ ويندو آهي.
ڳڙهي حبيب الله وٽ ڪنهار نديءَ به منهن ڪڍيو،جيڪا
واديءَ ڪاغان جي رستي سان گڏ نچندي ڪڏندي پئي اچي.
هن نديءَ کي نين ســـُک يا نيڻ ٺار پڻ ڪوٺيو وڃي
ٿو. ڳالهه ٿا ڪن ته مغل بادشاهه جهانگير جي پَٽَ
راڻي نورجهان ڪشمير مان واپس ورندي، جڏهن هن نديءَ
وٽ پهتي تڏهن پنهنجي اٻريل اکين کي ڇنڊو هڻڻ لاءِ
ڪنهار جي ڪپ تي اچي ويٺي. جڏهن راڄ ڌياڻيءَ جي
اٿيل اکين کي ڇنڊي مان آسيس پهتي، تڏهن هوءَ نديءَ
کي نين سـُـک يا نيڻ ٺار ڪوٺڻ لڳي، جنهن ڪري اڄ
ڏينهن تائين هن نديءَ کي ڪنهار سان گڏ نين سـُــک
پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. هن نديءَ کي لـُــو لـُـوسر، سيف
الملوڪ ۽ دوُ دوُ پتسر ڍنڍن کان پاڻي ملندو آهي.
هن نديءَ ڪوهستان جي مٿانهين علائقن کان نڪري مظفر
آباد وٽ جهلم نديءَ سان وڃي ملي ٿي.
ڳڙهي حبيب الله کان ڪـُـنهار جو ڪپ ڏئي بالا ڪوٽ
پهتاسين، جيڪو هن ماڳ جو ناميارو تواريخي شهر آهي.
جبلن جي قدرتي پيالي ۾ اڏيل هيءُ شهر مانسهره کان
32 ميل پري آهي. هتي پاڪستان ٽوئرزم ڊويلپمنٽ
ڪارپوريشن وارن جو ريسٽ هائوس آهي، جتان ڪاغان
لاءِ جيپ ڀاڙي ڪري سگهجي ٿي. اوڻويهين عيسوي صديءَ
جي مـُـنڊ ۾ هيءُ شهر مسلمانن ۽ سکن جي ڇڪتاڻ جو
مرڪز هو. هتي روحاني پيشوا سيد احمد شهيد بريلوي
سنه 1831ع ۾ سکن سان جهاد ڪندي شهادت جو پيالو پي
وڃي حقيقي حبيب سان هيڪاندو ٿيو. ڪـُـنهار نديءَ
جي ڪپ تي سيد احمد شهيد جو سبز رنگ مقبرو مرجع خاص
و عام آهي. شهر کان ٿورو ٻاهر مٿاهين ٽڪريءَ تي
سيد اسماعيل شهيد جي به مزار آهي. اسين به فاتحه
لاءِ سيد احمد شهيد جي مزار تي حاضري ڏيڻ وياسين ۽
ان کان پوءِ شهر جو چڪر لڳائي، اڳتي وڌڻ جا
سانباها ڪياسين. شهر جي وچ ۾ ڪـُـنهار نديءَ جي
مٿان جوڙيل پـُـل پار ڪري واديءَ جو ساڄي هٿ وارو
اتاهون رستو ڏئي مٿي چڙهياسين ۽ پندرهن ميل سفر
ڪري ڪوائي ۾ پهتاسين. بالا ڪوٽ کان ڪوائي تائين
وڻراه خيرڪي هئي، پر ڪوائي کان مٿي چڙهڻ شرط صنوبر
۽ ديال جي گهاٽن ٻيلن جي وڻڪار نظر آئي.
ڪوائي کان ساڄي هٿ تي هڪ پٿريلو رستو نظر ايندو
جيڪو شوگران ڏانهن وڃي ٿو. شوگران هن جــُـوءِ جو
سڀ کان سرس سوڀياوان پوٺو آهي. اڀڪپرو، وڪڙ وراڪي
وارو هيءُ پٿرائتو رستو وٺي شوگران ڏانهن وڌياسين
۽ اڌ ڪلاڪ ۾ ڇهه ميل سفر ڪري شوگران پهتاسين. ديال
جي اُتانهن ۽ گهاٽن وڻن ۾ اسان کي ڀولڙا ڏسڻ ۾
آيا، جيڪي وڻن تي ٺينگ ٽپا ڏئي رهيا هئا. شوگران ۾
پهچڻ کان پوءِ ريسٽ هائوس ۾ وڃي سامان رکيوسين ۽
هريپور مان ورتل ڀاڄيون بورچيءَ جي حوالي ڪري،
قدرت جا سهسين نرمل نظارا ڏسڻ لڳاسين. شوگران سمنڊ
جي مٿاڇري کان 7800 فوٽ مٿي آهي. هتي اهڙو ته ٺار
هو، جو ڏهين سيپٽمبر تي به ٻه ڪمبل اوڍڻا پيا.
اونهاري جي مند ۾ هتي هنئين ٺار هير هوندي آهي ۽
ڪڪرن جي ڪارونڀار ۾ قادر جي قدرت جو مشاهدو ماڻڻ
سان ڄڻ لـَـنوَ لــَـنوَ پئي لــَنوي. هتي ٻه وڏا
سرڪاري ريسٽ هائوس آهن ۽ چوڏس چمن جي چانڊاڻ ۾ چهچ
ساوڪ ڏسي ائين پئي لڳو، ڄڻ ڌرتيءَ کي قدرت زمردي
ويس پهرايو آهي. چوڌاري واه جا گلزاري هئي. هن رت
۾ رنگ رنگي گلن جا جهڳٽا ڦوه ۾ ڦٽي هر ٽار ۾ عجيب
لقاءُ لايو بيٺا هئا. رابيل جي رونق ۽ مگري جي موج
چڱو چهچٽو لڳائي ڇڏيو هو. قدرت جون من موهيندڙ
مورتون، جن کي هتان ڏسڻ سان اندر ۾ اڪير پيدا ٿئي
ٿي، انهن ۾ موسيٰ جو مصلو ۽ ملڪه پربت جون برف سان
ڍڪيل چوٽيون خاص طور بيان ڪرڻ جوڳيون آهن. ملڪه
پربت جي چوٽي 17356 فوٽ اوچي آهي ۽ ڪاغان ماٿريءَ
جي سڀ کان اوچي چوٽي آهي. شوگران کان ڏکڻ طرف جبلن
جي قطار ۾ ديال جي گهاٽن ٻيلن مان هڪ پيچرو مٿي
چڙهي ٿو، جتي رنگين گلن جي ٽارين مان اندر کي آٿت
ڏيندڙ ٿڌڙي هير جي سڳنڌ دماغ کي واسيو ڇڏي. هتان
ساڍا ٽي ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ســِري تي پهچي
وڃبو، جتي گلن جي نزاڪت سان گڏ پکيئڙا به مٺيون
لاتيون پيا لنون. اڃا به ٻه ميل مٿي چڙهبو ته پايا
نالي هڪ چوٽيءَ تي پهچي وڃبو.سري ۽ پايا تائين
پهچڻ لاءِ پنڌ ڪرڻو پوندو آهي ۽ شوگران کان پايا
تائين ڪل ساڍا پنج ميل مفاصلو اڍائي ڪلاڪن ۾ پورو
ڪري سگهجي ٿو.
ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن ڪري ڏهين وڳي ڌاري ناران
ڏانهن روانا ٿياسين. شوگران کان هيٺ لهي ڪوائي
پهتاسين ۽ پوءِ پڪو رستو ڏئي، ٻارهين وڳي ڌاري
ڪاغان پهتاسين. سارو رستو سٺو آهي. پر ور وڪڙ ۽
لاهيون چاڙهيون تمام گهڻيون اٿس. ڪٿي ته رستو
ڪنهار نديءَ سان وڃيو لانئون لهي، پر ڪٿي وري
ايترو اتانهون چڙهيو وڃي جو ندي به چانديءَ جي
چمڪندڙ ڌاڳي جيان پئي پسجي، ڪوائي کان ڪاغان تائين
اسان رستي تي رڳو ٻه ڳوٺڙا پارس ۽ فريد آباد ڏٺا،
باقي جبلن جي جهوليءَ ۾ يا نديءَ جي پرينءَ ڀر
ننڍا وڏا واهڻ جهجها ڏسڻ ۾ آيا. جبلن ۾ ڪٿي ڪٿي ته
ايڏي اتاهينءَ تي جهوپڙا اڏيل هئا، جو ڏسڻ سان ئي
پئي ڏِيل ڏڪيو. ويچار ڪيوسين ته هي ويچارا ڪوهيارا
انهن اڀڪپرين واٽن تان ڪيئن پنهنجي واهڻن ۾ ويندا.
گهرن جي چوڌاري سندن ٻنيون ٻارا آهن، جتي زالون
توڙي مرد ونڊي ورڇي ڪرت ڪندا آهن. ڪاغان به هڪ
ننڍڙو ڳوٺ آهي ۽ ان جي نالي پٺيان سڄي ماٿريءَ کي
واديءَ ڪاغان ڪوٺيو وڃي ٿو. هتي صرف هڪ هوٽل آهي،
جتي چڱو چوکو کاڌو ملي سگهي ٿو، باقي ٻيا جيڪي ٻه
ٽي هوٽل آهن، اتي چانهه ۽ قهوي کان سواءِ ٻيو ڪي
ڪين ملندو. ساڳيءَ ريت هتي چئن پنجن هٽن کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو. اسين به منجهند جي
ماني کائي اڳتي وڌياسين. هتي پڪو رستو ختم ٿئي ٿو
۽ ناران تائين پٿرائون رستو آهي. اهو رستو اهڙو
آهي، جو موٽر ڪار به ناران تائين سنهجائيءَ سان
پهچي سگهي ٿي. ڪاغان کان ناران تائين صرف پندرهن
ميل مفاصلو آهي آرام سان وڃبو، ته به اڌ ڪلاڪ ۾
رَسي وڃبو. اسين ٽين وڳي ڪاغان مان نڪتا هئاسين،
پر جيئن ته رستي تي قدرت جي سوڀيا وان نظارن جون
ڪجهه تصويرون ڪڍڻيون هيون ان ڪري چئين وڳي اچي
ناران پهتائين. بالا ڪوٽ کان پنجاهه ميلن جي پنڌ
تي ناران اهڙي جاءِ تي آهي، جتي واديءِ ڪاغان سڀ
کان وڌيڪ ويڪري آهي. ناران شهر ۾ ڪافي هوٽل، دوڪان
۽ گهر آهن ۽ سڄي واديءَ ۾ رڳو هيءُ شهر آهي.، جنهن
۾ ماڻهن جو چهچهٽو ڏسڻ ۾ آيو. شهر صاف سٿرو ڪونهي
۽ چوڌاري مٽي ۽ وڏا وڏا پٿر پکڙيل نظر ايندا. هتي
ٻيلي کاتي ۽ پي - ٽي - ڊي - سي جي آرام گاهن کان
سواءِ ٻيا سرڪاري آرام گاهه پڻ آهن، جن جي رزرويشن
اڳواٽ ڪرائڻي پوندي آهي. ان کان سواءِ هتي رهڻ
لاءِ ٻه ٽي سٺا هوٽل آهن، جن ۾ پارڪ هوٽل سڀ کان
سٺو آهي. هتي سج لٿي کان پوءِ بجلي ٻاري ويندي آهي
۽ سج اڀرئي بند ڪئي ويندي آهي. هتي ڪنهار ندي وڌيڪ
ويڪري ڏسڻ ۾ آئي پر ساڳئي وقت ماٺي به هئي. البته
جنهن جاءِ تي سيف الملوڪ ڍنڍ جو پاڻي ڪري ٿو اتي
ڪڙڪو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. نديءَ جي پيٽ ۾ ٻيٽ وانگر ڪي
اهڙيون به جايون آهن، جتي وڻن جا جهجها جهڳٽا
تماشو لايو بيٺا آهن. چانهه جا ڪي اهڙا به هوٽل
آهن، جتي چانهه جو چسڪو وٺڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙا
هوندا آهن. ناران ۾ ماڻهو مڇي مارڻ جي مزي ماڻڻ
لاءِ خاص طور ايندا آهن، جيڪا ڪنهار نديءَ کان
سواءِ سيف الملوڪ ڍنڍ ۾ پڻ اڻ کـــُـٽُ آهي. سيف
الملوڪ ڍنڍ تي رسڻ لاءِ ناران مان وڃڻو پوندو آهي.
سيف الملوڪ ڍنڍ ۾ ٽرائوٽ مڇي جهجهي انداز ۾ موجود
آهي. هيءَ مڇي گرم آهي ۽ کائڻ سان سرير ۾ گرمي
پيدا ٿئي ٿي. ڳالهه ٿا ڪن ته سنه 1925ع ڌاري
انگينڊ جا انگريز اسڪاٽلنڊ مان هن مڇيءَ جا آنا
کڻي آيا هئا، ڀوري رنگ جي ٽرائوٽ مڇيءَ جا آنا
ٽنهي ڍنڍن يعني لـــُو لـــوُ سر، سيف الملوڪ ۽
دُو دُو پـــَسر ۾ رکيا ويا هئا. ڪنهار نديءَ کي
انهن ٽنهي ڍنڍن مان پاڻي ملندو آهي. پاڪستان سرڪار
پڻ ست رنگي ٽرائوٽ مڇيءَ جو نسل فلپائين مان آڻي
انهن ڍنڍن ۾ وڌو آهي. ٽرائوٽ مڇي ڪافي وڏي ٿئي ٿي
۽ سيف الملوڪ ڍنڍ مان جا وڏي ۾ وڏي ٽرائوٽ مڇيءَ
پڪڙي وئي آهي، ان جي تو 8 ڪلو گرام ٻڌائي وئي آهي.
هن مڇيءَ کي مارڻ لاءِ فشريز کاتي وارن کان اجازت
نامو وٺڻو پوندو آهي ۽ ڪنهن به شخص کي پنجن کان
وڌيڪ مڇين پڪڙڻ جي موڪل ڪانهي. مڇي مارڻ لاءِ رَڇَ
يا ڪــُنڊي مسواڙ تي ملندي آهي. مڇي مارڻ جي سڀ
کان سٺي مـــُند مئي،جون، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر آهي،
جڏهن ڍنڍ جو پاڻي هيٺ لهندو آهي ۽ اڇو اُجرو پڻ
هوندو آهي.
سيف الملوڪ ڍنڍ ناران کان اڀرندي ڏس واري مٿاهين
ماٿريءَ ۾ ڇهن ميلن جي پنڌ تي آهي. رستو اهڙو ته
اَولو ۽ اڻانگو آهي، جو اتي جي رهاڪو ڊرائيورن کان
سواءِ ٻيو ڪو سولائيءَ سان مٿي پهچي ڪونه سهگندو.
ماٿريءَ ۾ اهڙي ته سونهن ۽ سوڀيا آهي جو جيڏانهن
ڏس ته جانب جو جمال پيو پسجي. ماڻهو ناران مان جيپ
ڀاڙي ڪري اتي پهچندا آهن. جيپون هر مهل هڪيون
هونديون آهن ۽ ڊرائيور سواريءَ لاءِ پيا واجهه
وجهندا آهن. ڪي مانجهي مڙس وري قدرت جي من موهيندڙ
لقاءِ ۽ ماٿريءَ جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ مان واس وٺڻ لاءِ
پيرڙيا ويندا آهن. ناران کان جيڪڏهن پيادو وڃبو ته
ٽن ڪالاڪن ۾ ڍنڍ تائين پهچي وڃبو. اسين به صبح جو
پي - ٽي - ڊي - سي - جي آرام گاهه مان سهي سنڀري
ڍنڍ ڏانهن اُسهياسين. اسان مان ڪجهه دوست، جيڪي
ٻڍاپڻ کي پهچي چڪا هئا، اهي ته جيپ ۾ چڙهي ويٺا
باقي آءٌ ۽ ڪجهه ٻيا سنگتي پشاور مان آندل گاڏيءَ
۾ سوار ٿي سيف الملوڪ جي واٽ ورتي سين. اسان واري
گاڏي ٻن ميلن تائين ته سهنجائيءَ سان پهچي وئي ۽
برفاني ڇپ ( گلئشير) اُڪري، گاڏيءَ کي اتي ئي ڇڏي،
اڳتي پيادل وياسين. اُتانهين واٽ جي ڪري ٻه ميل
چڙهڻ کان پوءِ سمورا ساٿي ساڻا ٿي هانبارو هڻڻ
لڳاسين ۽ ساهي پٽڻ لاءِ صنوبر جي اوٽ ۾ ويهي
ماٿريءَ جي نرمل نظارن مان دل جو ڌير ماڻڻ لڳاسين.
هتان ڍنڍ باقي ٻه ميل پري هئي، پر اوستائين پهچڻ
لاءِ ڪنهن به پاڻ ۾ ســـَت ڪونه ساريو. اسان جا
ساٿي جيڪي اڳيئي جيپ ۾ مٿي پهچي چڪا هئا، انهن کي
اسان جو اُڊڪو ٿي پيو، جنهن ڪري اسان جي سڌ سماءُ
لهڻ لاءِ خالي جيپ موڪليائون. اسين به جيپ ۾ سوار
ٿي ٻارهين وڳي ڌاري وڃي ڍنڍ تي پهتاسين، پر واٽ
اهڙي ته اوکي هئي، جو موتمار موڙن وٽان لنگهڻ مهل
سڀني جو ساهه مــُٺ ۾ هو. رستو اهڙو سوڙهو هو، جو
هڪ ئي وقت رڳو هڪهڙي جيپ لنگهي سگهي ٿي. هڪ طرف
جبل، ٻئي طرف هزارين فوٽ اڀڪپريون لاهيون ۽
کاهيون، ته ٽيئن پاسي اڻانگي چاڙهي. خدانخواسته
جيڪڏهن جيپ جو ٽائر رڳو هڪ گرانٺ رستي کان ٻاهر
گسڪي وڃي ته جيپ هزارين فوٽ هيٺ وڃي کاهيءَ ۾ ڦهڪو
ڪري. اهڙو اڻانگو رستو مون ڪافرستان جي وادي ۽
هرنائي - لورالائي واري رستي کان سواءِ ٻيو ڪٿي به
ڪونه ڏٺو.
سيف الملوڪ ڍنڍ جو نظارو به ڏسڻ وٽان آهي. چوڏس
اُتانهان جبل اٿس ۽ وچ ۾ ڍنڍ آهي، جنهن جي ڊيگهه
اٽڪل منو ميل آهي. ڍنڍ جي گول دائري جي ڪَڇَ ٻه
ميل ٿيندي. هيءَ ڍنڍ سمنڊ جي مٿاڇڙي کان ساڍا ڏهه
هزار فوٽ مٿي آهي، ان ڪري هتي ٿڌ به جهجهي هئي.
ڍنڍ جي ٻاهران جبلن جي گود ۾ برفاني ڇپون پيل آهن.
گهري آسماني رنگ جي پاڻيءَ ۾ جڏهن برف جون ڇپون
ترندي ڏسبيون آهن، تڏهن ائين ڀانئبو آهي. ڄڻ کير
جهڙا اڇا برف جا ننڍڙا ٻيٽ ٺهيا پيا آهن. جبلن جي
برفاني چوٽين جو اولڙو ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ چٽو ڏسڻ ۾
اچي ٿو. ملڪه پربت يعني جبلن جي راڻي سڀ کان
مٿانهين برفاني چوٽي آهي، جيڪا 17300 فوٽ اوچي
آهي. هيءَ ڍنڍ ملڪه پربت جي پيرن ۾ پئي ڇوليون
هڻي. هتي جيئن ته رات گذارڻ جو بندوبست ڪونهي، ان
ڪري ماڻهو منجهند کان پوءِ واپس ورڻ جا سانباها
ڪندا آهن. هتي هڪ ننڍڙو آرام گاهه آهي، جتي رڳو
چانهه ملي سگهي ٿي. هن ڍنڍ بابت هڪ ڏند ڪٿا مشهور
آهي، جيڪا ٻين ٻولين کان سواءِ سنڌي لوڪ ادب ۾ به
آيل آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته آگاٽي سمي ۾ سيف الملوڪ
نالي هڪ سهڻو شهزادو هن ڍنڍ جي هڪ ڪومل پريءَ جي
عشق ۾ ڦاسي پيو، جنهن نالو بدري جمال هو. هڪ لڱا،
سيف الملوڪ جڏهن ان پريءَ کي هن ڍنڍ ۾ وهنجدي ڏٺو
ته امالڪ سندس ڪپڙا کڻي ورتائين. پنهنجو سيل ست
قائم رکڻ لاءِ پري ساڻس شادي ڪرڻ جو وچن ڪيو. ان
مهل هڪ راڪاس ظاهر ٿيو، جيڪو بدريءَ جو عاشق هو.
راڪاس اهو لقاءُ ڏسي اچي ڏمريو، ۽ انهي گمان کان
ته متان هيءُ جوڙو هتان کسڪي وڃي، هن سڄي ماٿريءَ
کي پاڻيءَ سان پوري ڇڏيو. سنه 1907ع واري گزيٽيئر
۾ ”ڍنڍ جي پرين بابت“ واري عنوان سان ڏنل مضمون ۾
ڄاڻايل آهي، ته ڪن ماڻهن جو ويچار آهي، ته پريون
هاڻي هن جـــُوءِ مان هليون ويون آهن، پر ڪي ماڻهو
چون ٿا ، ته ســُهائي رات ۾ اڃا به پريون اينديون
آهن ۽ ساوڪ واري پوٺي تي مزا ماڻڻ لاءِ نچنديون
ڪڏنديون آهن ۽ پوءِ ڍنڍ ۾ وڃي تڙڳنديون آهن،
جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندن ور چڙهي ويو، ته پوءِ ان جو
خير خيرڪو آهي. اسين به ڍنڍ جو چهچٽو ڏسي اچي
ويساهونءَ ۾ ويٺاسين ۽ چانهه جو چسڪو وٺڻ کان پوءِ
ڪجهه تصويرون ڪڍي واپس ورڻ لڳاسين. جنهن ڏينهن
اسان جو ڍنڍ تي وڃڻ ٿيو، ان ڏينهن اسان کي ٽي ميل
هيٺ وهندڙ پاڻيءَ وٽ ماڻهن جو انبوهه نظر آيو. پڇا
ڪرڻ تي ســُڌ پئي، ته اٽڪل پندرهن ڏينهن اڳي ائبٽ
آباد جي هڪ سکئي ستاني ڪٽنب جا ڪجهه ڀاتي هن ڍنڍ
تي گهمڻ گهتڻ لاءِ آيا هئا. انهن مان هڪ ڇوڪري
جيڪا 3-4 مهينا اڳي ملتان پرڻجي وئي هئي، اهڙي
جاءِ تان پنهنجي تصوير ڪڍائي رهي هئي، جتان ڍنڍ جو
پاڻي ٻاهر نڪري، هيٺ رڙهندو وڃي ڪنهار نديءَ ۾
ڪرندو آهي. اتي وڏا وڏا پٿر پيل آهن ۽ جيئن ئي
ڇوڪري پٿرن تي بيهي تصوير ڪڍائي رهي هئي، ته امالڪ
سندس پير ترڪي ويو ۽ پاڻيءَ جي تک کيس ڪنهن اونهي
۾ آڻي هنيو. سندس ٻي ڀيڻ هن کي بچائڻ لاءِ پاڻيءَ
۾ ٽپي پئي پر اها ويچاري به اک ڇنڀ ۾ لهرين ۾ لڙهي
وئي. تمام گهڻي ڳولا ڦولا هوندي به ٻنهي مان ڪنهن
جو جو پارپتو ڪونه پيو. پندرهن ڏينهن کان پوءِ
ڪنهن ڌراڙ کي هڪري ڇوڪريءَ جو لاش وڻن ۾ وچڙيل نظر
آيو، جنهن وڃي پوليس کي ڄاڻ ڪيو. اهڙيءَ ريت، هڪڙي
ڇوڪريءَ جو لاش ملي ويو، پر اڃا ٻئي لاش بابت ڪا
به ســُڌ پئجي ڪانه سگهي.
ڍنڍ کان اسين سڀ دوست هڪڙي جيپ ۾ ويهي هيٺ لهڻ
لڳاسين ۽ برفاني ڇپ جي ڀرپاسي ۾ جتي گاڏي بيهاري
ويا هئاسين، اتي اسين لهي پياسين ۽ ان گاڏيءَ ۾
چڙهي ناران ڏانهن روانا ٿياسين. اسان کي ٻيلي کاتي
جي ويساهونءَ ۾ هڪ دوست طرفان منجهند جي مانيءَ جي
نينڍ ڏنل هئي. ماني کائڻ کان پوءِ پي - ٽي - ڊي -
سي واري رهائش گاهه ۾ پهچي وياسين ۽ شام جو چئين
وڳي کان رات جو نائين وڳي تائين گڏجاڻيءَ ۾ اهم
معاملن تي ويچار ڪري فيصلا ڪندا رهياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو نائين وڳي ناران کان نڪري
بٽاڪنڊيءَ ڏانهن اُسهياسين. هيءَ رستو ڏاڍو اڻانگو
آهي ۽ جيپ کان سواءِ ايڏانهن وڃڻ نه گهربو هو.
رستي ۾ ڪن جاين تي آبشارن جو پاڻي رستو لتاڙي هيٺ
ڪنهار نديءَ ۾ ڪري ٿو، ان ڪري اسان جي گاڏيءَ کي
به پاڻي جهاڳڻو پئي پيو. رستو جيتوڻيڪ اڻانگو ۽
جوکائتو هو، پر هن جــُوءِ ۾ نرمل نظارا اهڙا ته
سهڻا ۽ سوڀياوان هئا، جو ڏسڻ سان قادر جي قدرت پئي
بکي. ناران کان بٽاڪنڊيءَ تائين ڏهه ميل پنڌ آهي،
پر اسان کي ٻه ڪلاڪ لڳي ويا. ان جو ڪارڻ رڳو رستي
جي اولائي ۽ اهنجائي ڪونه هو، پر نيارن نظارن ۽
آبشارن جو عڪسي تصويرون ڪڍڻ لاءِ اسان کي ڪٿي ڪٿي
ڊاٻو ڪرڻو پئي پيو. بٽاڪنڊي وٽ هيءَ ماٿري ناران
کان به وڌيڪ ويڪري ڏسڻ ۾ آئي ۽ هتي چڱو موچارو
چهچٽو لڳو پيو هو. هتي خاص ڳالهه اها آهي، ته
بٽاڪنڊي کان ٽي ميل مٿي چڙهڻ سان لاله زار جي پوٺي
تي پهچي وڃبو، جتي سمورا سياح پهچي نرمل نظارن سان
پنهنجا نيڻ ٺاريندا آهن. مٿي پهچڻ لاءِ يا ته ڪا
جيپ هئڻ گهرجي، يا پيرين پيادو وڃجي، مٿي ميل کن ۾
گول دائري وارو چهچ سائو پوٺو آهي، جتي چوڏس گلڪار
۽ هٻڪار آهي. رنگ برنگي گلن جي چادرن ۽ لالن جي
لبيس کي ڏسڻ سان نيڻن کي نور ۽ سيني کي سرور ملي
ٿو. هتي گــُجر قوم جون سندر سهڻيون ڪومل نينگريون
پنهنجو مال چارڻ اينديون آهن. ۽ وري شام جو وٿاڻن
ڏانهن واپس ورنديون آهن. پوٺي تي هڪ طرف ويساهون
ٺهيل آهي، جتان بٽا ڪنڊي جي واهڻ جو نظارو ڏسي
سگهجي ٿو.لاله زار جي اولهه واري ڏس کان هيٺ لهبو
ته سيف الملوڪ ڍنڍ ڏانهن ويندڙ واٽ تائين پهچي
وڃبو. بٽا ڪنڊي کان چاليهه ميل اڳتي وڃبو، ته بابو
سر لڪ جي چوٽيءَ تي پهچي وڃبو، جيڪا 13600 فوٽ
اوچي آهي. هتي ڪاغان جي ماٿري ختم ٿئي ٿي. چون ٿا
ته اهو رستو ڏاڍو اڻانگو آهي، ان ڪري بابو سر
چوٽيءَ تي پهچڻ سهنجو ڪونهي. بيسال تائين جيپ جو
رستو آهي. هتي لــُو لـــُو سر ڍنڍ آهي، جنهن جي
گهاٽي آسماني رنگ واري پاڻيءَ ۾ بدڪون ترندي نظر
اينديون. بيسال کان پوءِ رستو سوڙهو ۽ چڙهائي گهڻي
آهي. هن رستي تي برفاني چپون ڏسڻ ۾ اينديون، پر ان
سان گڏ جبلن جون ڇپون پڻ هر وقت سر ڪنديون هيٺ
ڪرنديون رهن ٿيون، ان ڪري هن رستي تي خبرداريءَ
سان سفر ڪجي. لڪ جي چوٽيءَ تي پهچڻ وقت اوڀر طرف
نانگا پربت جو نماءُ نظر ايندو، جنهن جي اوچائي
26660 فوٽ اوچي آهي. هن لڪ وٽ جبلن جي قطار مان
وڪڙ کائيندو هڪ رستو گلگت جي ماٿڙيءَ ۾ وڃي پوندي
۽ هن واديءَ جو سڀ کان پهريون شهر چلاس ايندو. مئي
1982ع ۾ گلگت ۽ هــُنزا کان واپس ورندي اسين هيءُ
شهر ڏسڻ ويا هئاسين، جتي اسان کي وڻج واپار جهجهو
ڏسڻ ۾ آيو.
منجهند جي ماني کائي اسين بٽاڪنڊي مان نڪتاسين ۽
هڪ ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ اچي ناران پهتاسين ۽ رات
جو اٺين وڳي تائين گڏجاڻي ڪري، باقي رهيل ڪم به
اڪلايوسين. اڄ رات ناران ۾ چڱو خاصو سيءُ هو ۽ هتي
اسان جي آخري رات هئي. رات جي ماني کائڻ کان اڳ هڪ
عجيب واقعو پيش آيو. رات جو نائين وڳي اسين پي.
ٽي. ڊي. سي جي ويسانهونءَ ۾ ويٺا هئاسين، ته اوچتو
اسان جا پلنگ ڌُڏڻ لڳا. جيئن ته آءٌ ۽ پروفيسر
محمد اڪرم انصاري ساڳئي ڪمري ۾ رهندا هئاسين، ان
ڪري هن عجيب واقعي تي هڪٻئي کي حيرت سان ڏسڻ
لڳاسين. پل کن ۾ وري زوردار لوڏو آيو ۽ ڇت مان،
جيڪا ڪاٺ جي جڙيل هئي، ٽڙڪاٽ جا آواز اچڻ لڳا.
اسان جي ڪمري ۾ سرحد ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمين
پروفيسر عبدالسلام، جيڪو گڏجاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ
ڪچهريءَ لاءِ ويٺو هو، اهو امالڪ اٿي بيٺو ۽ واڪو
ڪري چيائين ته يار ڌرتي پئي ڌٻي. ايتري ۾ پنجاب
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمن پروفيسر ڊاڪٽر غلام
ڪبريا، جيڪو اسان جي ڀر واري ڪمري ۾ آرامي هو، اهو
به اچي سهڙيو ۽ اهڙيءَ ريت اسين چارئي ڄڻا ڪمرن
مان نڪري دالان ۾ رکيل ڪوچ تي ويهي رهياسين. ڪمري
جي ڀيٽ ۾ هتي جوکم گهٽ هو، ڇاڪاڻ ته دالان کي ٽن
طرفن کان ڪائي سان بند ڪيو ويو هو ۽ رڳو ٻاهرئين
دروازي جو فريم ڪاٺ جو هو. ڪجهه وقت تائين هلڪا
هلڪا لوڏا محسوس ڪندا رهياسين، جيڪي پندرهن منٽن
کان پوءِ پوريءَ ريت ختم ٿي ويا. ساڍي نائين وڳي
ٻين آرام گاهن ۾ ٽڪيل اسان جا ٻيا ساٿي به پهچي
ويا ۽ زلزلي جي واقعي تي ٽيڪا ٽپڻي شروع ٿي وئي.
ان کان پوءِ وڃي پي. ٽي. ڊي. سي جي ريسٽارنٽ ۾
مانيءَ ڳڀو کاڌوسين ۽ رات جو يارهين وڳي موٽي اچي
آرامي ٿياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو ساجهر سڀڪو اٿي
تيار ٿيو ۽ پوري ڇهين وڳي ناران مان نڪتاسين. ٽن
ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ بالاڪوٽ ۾ پهتاسين، جتي هڪ
هوٽل ۾ نيرن ڪري اڳتي وڌياسين ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ اچي
مانسهره ۾ لٿاسين. هتي ڪجهه وقت ڊاٻو ڪري پوءِ
ائبٽ آباد آياسين، جتي اسان جو هڪ ساٿي ڊاڪٽر
ممتاز مئنگلوري اسان کان موڪلائي لهي ويو، ڇاڪاڻ
ته ائبٽ آباد ۾ سندس گهر آهي، ۽ اتي ئي کيس
عيدالضحيٰ جون موڪلون گذارڻيون هيون. ائبٽ ۾ چانهه
جو چسڪو وٺي، اسان پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ جڏهن
هريپور پهتاسين، ته ڏيل ڏڪائيندڙ ڪارن ڪڪرن جا
بـــُرج ڏسڻ ۾ آيا. چوڌاري اونده انڌوڪار ٿي وئي ۽
وڄون به لعل لبيس وسڻ جا ويس پهري اسان جو آڌر
ڀاءُ ڪري رهيون هيون. گاڏيءَ جي ڇت تي برسات جي
بوند سرسر جي آلاپ سان اسان جي من کي متوالو ڪري
ڇڏيو. جڏهن واه ڇانوڻيءَ کي ويجهو ٿياسين، ته هڪ
طرف ڪڪرن جي ڪارونڀار مان وِڄــُن جا چمڪا، ته ٻئي
طرف هوا جا ڌڌڪا نيارا کيل نروار ڪريو بيٺا هئا ۽
ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ فضا ۾ سازيندڙ ساز ملائي
محفل مچايو بيٺا آهن. پل کن ۾ اُڀ مان ايندڙ
چانديءَ جي چمڪندڙ ڌاڳن اڻ مئي آب جي اڇ لڳائي
ڇڏي. چوطرف تل ترايون سينو ساهڻ لڳيون ۽ ٻنيون
ٻارا ٻهڪڻ لڳا. اسان به برسات ۾ پنهنجو سفر جاري
رکيو ۽ اسلام آباد پهچڻ وقت اهڙي ته اونده انڌوڪار
ٿي وئي، جو رستي واريون بتيون به ٻرندي ڏٺيون
ويون. پوري چئين وڳي راولپنڊيءَ جي هوٽل يونائٽيڊ
۾ اچي لٿاسين ۽ ماني کائي آرامي ٿياسين. ٻئي ڏينهن
صبح واري اڏام ۾ سوار ٿي، ساڍي ڏهين وڳي ڪراچي
پهتاسين ۽ منجهند جي مانيءَ کان پوءِ حيدرآباد
ڏانهن هلياسين ۽ ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اچي گهر
ڀيڙا ٿياسين.
وادي ڪاغان، بالا ڪوٽ کان مٿي چڙهڻ کان پوءِ شروع
ٿئي ٿي ۽ بابو سر لڪ وٽ ختم ٿئي ٿي. هن ماٿريءَ جي
ڪل ڊيگهه هڪ سؤ ميل آهي ۽ هماليا جون برف پوش
چوٽيون، آبشار، ڍنڍون، برفاني چپون، صنوبر ۽ ديال
جي وڻن جون قطارو، ڪنهار نديءَ جا ڪڙڪا، من
موهيندڙ رنگ برنگي گلن جون چادرون ۽ چهچ ساوڪ جا
نرمل نظارا بهشت جي تصوير پيش ڪن ٿا. ڪاغان وڃڻ
لاءِ مئي کان آڪٽوبر تائين بهترين موسم آهي.
جولاءِ جي پندرهين تاريخ کان پوءِ مينهوڳي مــُند
شروع ٿي ويندي آهي، جيڪا آگسٽ جي پڇاڙيءَ تائين
هلندي آهي. هن مــُند ۾ جبلن جون ڇپون هيٺ سرڪڻ جي
ڪري رستي ۾ رنڊڪون پيدا ٿينديون آهن، ان ڪري
مينهوڳي مــُند ۾ نه وڃجي ته بهتر آهي. جيڪڏهن
مختلف جاين تي رهڻ جو ارادو هجي، ته واٽ تي گهڻي
ئي آرام گاهه، پي.ٽي. ڊي.سي جا ويساهون ۽ يوٿ
هاسٽلس آهن. جيڪڏهن بٽراسي واري آرام گاهه ۾ رهڻو
هجي ته رزرويشن لاءِ مانسهره جي پي. ڊبليو. ڊي
اختيارين وارن سان ٽيليفون نمبر 525 تي لهه وچڙ ۾
اچجي. بالا ڪوٽ ۾ رهڻ جو ارادو هجي، ته بالا ڪوٽ
۾ پارڪ هوٽل بهتر ٿيندو، پر پي. ٽي. ڊي. سي جي
ڪاٽيج هوٽل لاءِ راولپنڊيءَ مان پي. ٽي. ڊي. سي
وارن کان اڳيئي رزرويشن ڪرائجي، سندن فون نمبر
64811 آهي. شوگران جي آرام گاه لاءِ ڪنزرويٽر
فاريسٽس هزاره سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي، جيڪو ائبٽ
آباد ۾ فون نمبر 2728 تي ملي سگهي ٿو يا بالا ڪوٽ
۾ فون نمبر 17 تي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ڪاغان سان
لهه وچڙ ۾ اچجي. ناران ۾ پي. ٽي. ڊي. سي ڪاٽيج
هوٽل يا پائين ڪاٽيج جيڪا صنوبر جي وڻن ۾ ڪنهار
نديءَ جي ڪپ تي سڀ کان وڌيڪ سٺي جاءِ آهي، ان جي
رزرويشن لاءِ پي. ٽي. ڊي. سي راولپنڊي فون نمبر
64811، يا ائبٽ آباد جي پي. ٽي. ڊي سي وارن سان
فون نمبر 2446 تي رابطو قائم ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن اسلام آباد کان پنهنجي گاڏيءَ ۾ وڃجي، ته
پوءِ ائبٽ آباد وارو رستو وٺي وڃجي ۽ اهو خيال
ڪجي، ته ائبٽ آباد مان تيل جي ٽانڪي ڀرائي پوءِ
نڪرجي، ڇاڪاڻ ته اڳتي رڳو بالاڪوٽ ۾ ٻه پئٽرول پمپ
آهن، جتي گهڻو ڪري تيل جي کوٽ هوندي آهي- بالاڪوٽ
کان اڳتي ڪٿي به پئٽرول پمپ ڪونهي. جيڪڏهن لاريءَ
۾ راولپنڊي کان ائبٽ آباد اچبو، ته پوءِ هتان
بالاڪوٽ تائين لاريءَ ۾ پهچي سگهجي ٿو، جتان ڪاغان
لاءِ پي. ٽي. ڊي. سي يا سرڪاري ٽرانسپورٽ سروس
وارن کان جيپ ڀاڙي تي وٺي سگهجي ٿي. جيئن ته ڪاغان
تائين پڪو رستو آهي، ان ڪري هاڻي اهي لاريون ڪاغان
تائين به وينديون آهن، پر پوءِ اڳتي ناران تائين
پهچڻ ڏکيو ٿي پوندو، ان ڪري بالا ڪوٽ مان جيپ ڀاڙي
ڪبي، ته ڪابه اهنجائي ڪانه ٿيندي.
|