مهراڻ جي 3 نمبر شماري کي ”رني ڪوٽ نمبر“ ڪري ڪڍيو
ويو آهي، جنهن ۾ رني ڪوٽ جي قلعي وٽ مارچ 1981ع تي
ڪوٺايل سيمينار لاءِ لکيل مقالن کي گڏ ڪري پيش ڪيو
ويو آهي. مهراڻ جو هي لاڳيتو نمبرن وارو سلسلو ان
جي باقاعدي مواد کي متاثر ڪري ٿو، جنهن جو ذڪر به
پرچي ۾ ڪيو ويو آهي. پر هي پرچو ان ڪري اهم آهي ۽
سنجيده پڙهندڙن کي ان ڪري باقاعدي مواد جي کوٽ
محسوس نه ٿيندي، جو پنهنجي تاريخ جي حوالي سان رني
ڪوٽ تي هن ۾ ڪافي اهم مواد آهي.
هن پرچي ۾ آيل مقالن سان گڏ هڪ اهڙو مقالو به شايع
ڪيو ويو آهي، جنهن کي رني ڪوٽ تي پهرين سنجيده
ڪوشش سڏي سگهجي ٿو، ۽ اهو آهي ڪرنل رشيد جو لکيل
مضمون. ان کان پوءِ رني ڪوٽ تي لکندڙن ان ئي مضمون
جي ڪيل ڳالهين سان اتفاق يا نااتفاقي ڪندي دليل
ڏنا آهن. ٻين مضمونن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
ايم - ايڇ - پنهور، مير حاجي محمد بخش ٽالپر،
ڊاڪٽر عبداجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي، رشيد ڀٽي، عبدالله خان مگسي، مشتاق باگاڻي،
حميد احمد، بشير انصاري، خان محمد رانا، تاج
صحرائي، احمد حسين چنا، مظهر يوسف، علي احمد بروهي
۽ غلام رباني جا مقالا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته
هنن مضمونن سان سنڌ جي تاريخ جي مختلف زمانن تي
روشني پوي ٿي، پر گهڻي ڀاڱي رڳو دليلن تي ئي ڀاڙيو
ويو آهي. نه ته قديم آثارن جي معاملي ۾ شين جي
قدامت ڳولڻ جا سائنسي طريقا به آهن. هنن سڀني
مضمونن پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ بهرحال ان لائق بڻجي
سگهجي ٿو، ته هڪڙي وڌيڪ مضمون جو واڌارو ڪري ۽ هن
سموري بحث جا ڪي رهجي ويل نڪتا به کڻي سامهون آڻي،
پر پوءِ به بنيادي طرح هنن مضمونن جي دائري کان
ٻاهر نڪري نه سگهندو. سڀني مضمونن پڙهڻ کان پوءِ
به رني ڪوٽ جي قدامت بابت ڪنهن قطعي راءِ تي پهچڻ
ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. تڏهن به هي سمورا مضمون نه رڳو
ايترو ته قدامت واري سوال ۾ دلچسپي وڌائين ٿا، پر
ان ضرورت کي به اُجاگر ڪن ٿا، ته کوجنا جي سؤ
سيڪڙو سائنسي آڌار تي رني ڪوٽ جي سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي.
هنن سڀني تاريخي اهميت جي مضمونن کي ڪتابي شڪل ۾
”مهراڻ“ ذريعي آڻڻ سان بهرحال هڪڙي ڳالهه ذهن ۾
پيدا ٿئي ٿي، ته سنڌي ادبي بورڊ ”مهراڻ“ کي متاثر
ڪرڻ کان سواءِ ئي ائين ڪري ها، ته وڌيڪ چڱو هو.
روزانه ”هلال پاڪستان“، ڪراچي
مهراڻ جو رني ڪوٽ نمبر هڪ ضخيم دستاويز جي حيثيت
رکي ٿو، جنهن ۾ هن تاريخي قلعي بابت اهم معلومات
ڏنل آهي. رني ڪوٽ جي قديم تاريخ، مختلف قديم ڪتابن
جي حوالي سان ۽ نقشن جي ذريعي تمام گهڻي معلومات
مهيا ڪيل آهي. سنڌ جي عالمن، اديبن، محقق ۽ تاريخ
نويسن جي رني ڪوٽ بابت تحقيقي مواد هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ
سبب هي نمبر هڪ جامع تواريخي دستاويز جي حيثيت جو
حامل آهي ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ طالب علمن لاءِ
گرانقدر آهي.
سنڌي ادبي بورڊ رني ڪوٽ بابت هي مهراڻ جو نمبر
شايع ڪري هڪ وڏي ادبي خدمت انجام ڏني آهي. هن نمبر
۾ موجود سمورا مضمون بلند پايه جا آهن، ۽ هر هڪ
مضمون پنهنجي اهميت سبب هن نمبر جي سونهن کي وڌايو
آهي.
روزانه ”عبرت“ حيدرآباد
ويا سي وينجهار
* قاضي فيض محمد
هن دنيا ۾ ڪئين ماڻهو آيا ۽ پنهنجي حياتيءَ جو سفر
پورو ڪري پنهنجي اصلوڪي ماڳ موٽي ويا. هي ماڳ
هميشـہ رهڻ وارن جو نه آهي، جيڪو ڀانڊو جـُـڙيو
آهي سو نيٺ ڀــُري. پر هن دنيا ۾ اهي تمام ڪي ٿورا
انسان هوندا آهن، جي پنهنجي ڪن خاص گـُـڻن ۽ خصلتن
جي ڪري پنهنجو نالو ڇڏي ويندا آهن ۽ اهي ئي هميشـہ
قائم ۽ دائم رهندا آهن. سنڌ جي سڀاڳي ۽ سدوري
سرزمين اهڙن املهه ماڻڪن ۽ هيرن جي کاڻ رهي آهي ۽
هر دور ۽ هر زماني ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون تاريخ ساز
شخصيتون پيدا ڪيون آهن. قاضي فيض محمد مرحوم اهڙن
املهه ماڻڪ هيرن ۽ تاريخ ساز شخصيتن مان هڪ هو،
جنهن پنهنجي زندگيءَ جا اڻمٽ نشان ۽ نقش ڇڏيا آهن،
جي سنڌ جي تاريخ ۾ هميشـہ لاءِ زندهه رهندا. قاضي
صاحب زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو مالڪ هو. سندس حساس
ڀريل دل ۾ انسانذات لاءِ محبت، پيار ۽ انسانيت جو
قدر هو ۽ سندس دل ۾ هميشـہ غريبن، دردمندن ۽
مصيبتن جي ماريل ڏکويلن انسانن جي لاءِ بي انت
پيار هو. ٻين جو ڏک ۽ درد ڏسي سندس دل تڙپندي هئي.
قاضي صاحب پنهنجي سموري زندگيءَ سواءِ ڪنهن رنگ و
نسل، ذات پات جي ڀيد کان سواءِ انسانيت جو قدر
ڪندي خدمت ۾ گذاري. انسانذات جي خدمت ڪرڻ جو جذبو
سندس زندگيءَ جو انمول اصول هو. سندس ڪيل قومي
خدمتن جي ڪري سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشـہ
اَمر رهندو اهڙائي انسان هن دنيا ۾ موت کان پوءِ
به زنده آهن.
قاضي فيض محمد هڪ غريب خاندان ۾ جنم ورتو هو. سندس
اباڻو وطن ساهتيءَ پرڳڻي جو قديم ڳوٺ هالاڻي تعلقو
ڪنڊيارو هو. ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي سندس والد وفات ڪري
ويو. سندس والده هڪ باهمت ۽ بردبار عورت هئي. هن
پنهنجي فرزند کي همت استقلال سان، تعليم جي زيور
سان آراسته ڪيو. قاضي صاحب بمبئي يونيورسٽي مان
سائنس ۾ بي. ايس. سي جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي.
ابتدائي زماني ۾ قاضي صاحب تعليم کاتي ۾ ملازمت
ڪئي. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر قاضي غلام نبي
جو پي. اي ٿي رهيو. ان کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ
لوڪلبورڊ اي. وي . اسڪول ۾ سائنس ٽيچر ٿي ڪم
ڪيائين. ان کان پوءِ ايل . ايل . بي جو امتحان پاس
ڪيائين ۽ وڪالت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. مرحوم
انهيءَ عرصي ۾ زندگيءَ جي نهايت ئي اهم ۽ ڪٺن
منزلن کي پنهنجي محنت ۽ خوداعتماديءَ جي جذبي سان
طئي ڪيو.
مرحوم قاضي فيض محمد سان منهنجي پهرين ملاقات سن
32-1931ع ڌاري ٿي. هو ان دؤر ۾ ڊي.جي سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ بي.ايس.سي ۾ پڙهندو هو ۽ آءٌ به ان
ساڳئي ڪاليج ۾ بي . اي ۾ شاگرد هوس. اسان ٻئي
ميٺارام هاسٽل ۾ رهندا هئاسون. آءٌ ۽ مرحوم جي.
بي. لغاري پهرئين طبقي تي رهندا هئاسون ۽ هيٺئين
پهرئين حـصي ۾ مرحوم قاضي فيض محمد، مرحوم
عبدالرحيم ميمڻ ۽ سليمان ميمڻ گڏ رهندا هئا. ٽنهي
کي راڳ جو ڏاڍو شوق هو ۽ سندن روم ۾ هميشه رونق
لڳي پئي هوندي هئي. راڳ سان کيس ڏاڍي لگن هئي.
قاضي فيض محمد پاڻ به نهايت ئي سريلي آواز ۾
ڳائيندو هو. قاضي صاحب کي راڳ جي فن جي تمام گهڻي
ڄاڻ هئي، خاص طرح سان ڪلاسيڪي راڳ جو وڏو ڄاڻو هو
۽ پاڻ به ان ۾ راڳ جي مشق ڪندو هو. پنهنجي وقت جي
نامور گـَـوين ۽ راڳيندڙن جي وڏي عزت ۽ احترام
ڪندو هو. پاڻ هميشـہ چوندو هو ته راڳ روح جي غذا
آهي ۽ راڳ مان دل ۽ دماغ کي تقويت ۽ فرحت ملي ٿي.
راڳ انسان جي دل ۾ محبت، رحم ۽ انسانيت جو جذبو
پيدا ڪري ٿو. جتي به راڳ جي محفل ٿيندي هئي ته
قاضي صاحب ان محفل ۾ ضرور به ضرور شريڪ ٿيندو هو.
سن 54-1955ع ۾ مشهور ڪلاسيڪي گويي استاد بڙي غلام
علي خان کي خاص دعوت ڏيئي نوابشاهه ۾ گهرايائين ۽
منهنجي رهائش واري بنگلي تي رات جو نوين وڳي راڳ
جي محفل ڪئي ويئي. مرحوم مير محمد وڪيل، مرحوم
امير علي فقير وڪيل ۽ ٻيا دوست ان ۾ شريڪ ٿيا.
خانصاحب بڙي غلام علي جـَـي جـَـي ونتي، ڀيروي،
درباري ۽ مينگهه ملهار ڳائي سڀني ٻڌندڙن کي مست
ڪري ڇڏيو، اسين سڀ رات جو هڪ بجي تائين ويٺا
رهياسين.
قاضي صاحب جي زندگيءَ تي ٻن متبرڪ هستين جو نهايت
ئي گـهـَـرو اثر هو. اهي هئا علامه آءِ. آءِ. قاضي
صاحب ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. علامه صاحب جي علم
۽ اعليٰ اخلاق جي خوبين ۽ نظرين جو قاضي صاحب
مرحوم جي زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر ٿيو هو. ساڳئي
وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پڻ هڪ مخلص، بي غرض،
غريبن جو يار، هارين جو همراهه ۽ همدرد هو. ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جي سياسي نظرين ۽ فڪرن جو به مٿس
گهــَـرو ۽ گهاٽو اثر هو. اهوئي سبب هو جو هن
سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو. قاضي صاحب سڀ کان
پهرين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، پر جڏهن مسلم ليگ ۾
شاهوڪار شاهي ۽ زمينداري طبقي جو تسلط ۽ اثر قائم
ٿي ويو، تڏهن ان کي ڇڏي، 1937ع ۾ چونڊن ۾ حصو
ورتائين، مگر کيس ڪاميابي حاصل ڪانه ٿي.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو.
خود غرض سياستدانن فرقي پرست ۽ علاقائي تعصب
رکندڙن جي غلط رويي ڪري بينگال (مشرقي پاڪستان)
جدا ٿي پيو. قاضي صاحب جي دل تي انهيءَ حادثي سخت
صدمو پهچايو ۽ ان کان پوءِ هو هميشـہ پريشان رهندو
هو. اِنهيءَ کان اڳ ون يونٽ ٺهڻ سبب هو بلڪل ناراض
۽ پريشان رهندو هو. انهيءَ جي هن سخت مخالفت ڪئي ۽
ان سلسلي ۾ جيل به ويو ۽ جيل دوران کيس ڪيتريون ئي
تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون ويئون، مگر هو انهيءَ
هوندي به پنهنجي اُصول ۽ نظرين تي اڏول رهيو.
انهيءَ دؤر جي سياستدانن جي چالبازين ۽ ملڪ دشمن
ڪارواين ۽ لالچ ۽ طمع وارين چالن سبب پريشاني جي
حالت ۾ ملڪ ڇڏي گم ٿي ويو. ملڪ جي سرحد پار ڪرڻ
وقت هن کي قيد ڪيو ويو ۽ پوءِ هـُـتان رهائي بعد
ڊاڪا وڃي پهتو، جتان پوءِ لنڊن روانو ٿي ويو. ڪجهه
وقت جلاوطن ٿي رهڻ کان پوءِ وري پاڪستان موٽي آيو.
پاڪستان پهچڻ وقت هن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ گهر ۾
نظربند رکيو ويو. چند مهينن کان پوءِ هن کي آزاد
ڪيو ويو. هو نهايت دل شڪسته ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾
هوندو هو. انهن واقعن هن جي صحت تي بــُـرو اثر
ڪيو، خاص ڪري دل ۽ دماغ تي وڏو اثر پيس.
قاضي فيض محمد نه صرف سياست جي ميدان جو شهسوار
هو، بلڪ قلم جو به ڌڻي هو. پاڻ اعليٰ درجي جو نثر
نويس ۽ شاعر هو. هن ڪيترائي معياري ڪتاب سنڌيءَ ۽
انگريزيءَ ۾ تصنيف ڪيا آهن، جن مان سندس ادبي
مذاق جو پتو پوي ٿو. سندس هيٺيان ڪتاب ادب ۾ بلند
پايه جو مقام رکن ٿا:
(1)”جنسار“: سنڌيءَ ۾ بهترين اصلوڪو ناول آهي.
قاضي صاحب هي ناول جيل ۾ لکيو هو ۽ سن 1954ع ۾
شايع ٿيو هو.(انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڻ تازو
شايع ٿي چڪو آهي).
(2) ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه عيسوي“: ناول آهي. قاضي
صاحب هيءُ ناول سنڌيءَ ۾ لنڊن ۾ 1978ع ۾ لکيو ۽
1980ع ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت شايع ڪيو. (3)
”دردن سندو داستان، ڀاڱو پهريون“: 1980ع ۾ شايع
ٿيل آهي. (شاعري) (4) ”دردن سن دو داستان، ڀاڱو
ٻيو“: 1982ع ۾ شايع ٿيل آهي آهي.(شاعري) (5)
"in Search of Truth".
سندس لکڻي سليس، سهڻي ۽ سٻاجهڙي آهي. جيڪي خرابيون
اسان جي سماج ۾ گهر ڪري ويون آهن، تن جي عڪاسي ڪن
ٿيون. زميندار جو غريب هاريءَ تي ظلم ۽ تشدد،
شاهوڪارن جون ڏاڍايون، مزدور ۽ هاريءَ جي مظلوميت
۽ بيڪسي. ڪامورن جو غريب عوام کي ڦــُـرڻ ۽
لــُـٽڻ، هن جي تحمل ۽ مجبورين جو بي جال فائدو
وٺڻ. سماج ۾ جيڪو تعصب ۽ نفرت آهي، تنهن کي نندڻ،
ڀائپي ۽ برادري جو پرچار ڪرڻ، ٻين سماجي براين ۽
خرابين تان پردو کڻڻ، غلط ۽ فرسوده رسمن ۽ رواجن
تي تنقيد ڪرڻ وغيره. اهي سڀ ڳالهيون اسان جي
هاڻوڪي سماج جي هڪ جيئري جاڳندي تصوير آهن ۽ عوام
کي خبردار ڪري ٿو ته ”اٿو، هوشيار ٿيو. غفلت جي
ننڊ مان بيدار ٿيو، پنهنجن حقن لاءِ لڙو ۽ انهن کي
حاصل ڪريو. اجايو وقت نه وڃايو، وقت ڪنهن جي لاءِ
نٿو ترسي. هن جو مٿو گنجو آهي. نرڙ تي وارن جو هڪ
ننڍڙو جهڳٽو آهي. انهيءَ ۾ توهان جو هٿ پئجي ويو
ته هن کي سوگهو ڪري پنهنجو غلام بنائي سگهندو، پر
جيڪڏهن هٿ کسڪي ويو ته پوءِ هميشــہ لاءِ پڇتائڻو
۽ ارمان ڪرڻو پوندو. جئن هڪ مقولو آهي ته:
"Awake،
Arise or be fallen for ever."
(اُٿو، بيدار ٿيو، نه ته هميشــہ لاءِ ذليل زندگي
بسر ڪندؤ، يا صفحهِّ هستيءَ تان ميٽجي ويندؤ).
مرحوم جي طبيعت ۾ نئڙت ۽ نياز، صبر ۽ تحمل،
بردباري سمجهڻ جي قوت، مشڪل جي وقت همت نه هارڻ،
خنده پيشانيءَ سان برداشت ڪرڻ، سندس خاص خوبيون
هيون.
ڪاليج جي زماني کان وٺي منهنجي ساڻس دوستي هئي، پر
نواب شاهه ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ ته اسانجي
محبت ۾ هيڪاري واڌارو آيو. اسان ٻنهي جي خيالن ۾
يڪجهتي هوندي هئي. جيڪڏهن وقت گذري ويندو هو ۽
ملاقات نه ٿيندي هئي ته بي چيني ٿيندي هئي ۽ اها
تشنگي ۽ اُڪير هميشــہ وڌندي رهندي هئي.
آءٌ جڏهن به نواب شاهه ايندو هوس ته هميشــہ ساڻس
ملندو هوس. پاڻ ۾ ڏاڍي ڪچهري ٿيندي هئي ۽ هڪ ٻئي
سان ڏک سور ونڊيندا هئاسين ته ساڳئي وقت ٽهڪ به
ڏيندا هئاسين. پاڻ پڇاڙيءَ ۾ بيمار ٿي پيو، دل جي
بيماريءَ جو مريض هو. مون کي دير سان خبر پئي ته
قاضي صاحب بيمار آهي، حيدرآباد ويل آهي. آءٌ ساڻس
ملڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سندس نياڻي ڊاڪٽر ڏنل شاهه جي
جاءِ تي ويس ته اتي معلوم ٿيو ته پاڻ واپس نواب
شاهه ويو آهي. آءُ وري ساڻس ملڻ لاءِ نواب شاهه
آيس، شام جو سيد امداد محمد شاهه جي بنگلي تي
ميٽنگ هئي. ميٽنگ بعد آءٌ سندس گهر وڃڻ وارو ئي
هوس ته کيس خبر پئي ته آءٌ نواب شاهه آيل آهيان ته
پاڻ پنهنجي سر تڪليف وٺي ميٽنگ ۾ آيو. کيس اها
تڪليف وٺڻ نه گهر بي هئي، ليڪن سندس اها دلي محبت
هئي جنهن کيس ان لاءِ مجبور ڪيو، شايد اها اسان جي
آخرين ملاقات هئي. ڏاڍيءَ اُڪير ۽ محبت سان مليو.
ضعيف هو، حال احوال نه ڪيائين. مون کيس چيو ته
توهان بلڪل تندرست ٿيو، آءٌ وري جلد نواب شاهه
ايندس، پوءِ وڏيون ڪچهريون ڪنداسون.
اڄ قاضي فيض محمد اسان کان هميشــہ لاءِ جــُـدا
ٿي ويو آهي. پاڻ اُن ڏورانهين ڏيهه اُسهيو آهي،
جتان ڪوبه وانگي نه وريو آهي. مادر گيتيءَ جي آغوش
۾ هميشـہ لاءِ ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي، ليڪن سندس
پيار، محبت ۽ خلوص سندس دوستن ۽ يارن لاءِ باقي
ڇڏي ويو آهي. اکيون سندس ياد ۾ اشڪ بار آهن ۽ دل
غمگين ۽ اُداس آهي، واقعي هيءَ دنيا هڪ اسٽيج آهي،
جتي ڪيترائي ساٿي ملندا آهن ته ڪئين وري وڇڙندا
آهن. حافظ ڪهڙو نه سچ چيو آهي ته:
هر گز نه ميرد آنک دلش زنده شد به عشق،
ثنت است بر جريدهء عالم دوام ما.
ايڇ. ايم. خواجا
* سيد جمال الدين بخاري
ننڍپڻ ۾ سگهڙن کان هڪ ڏاڍي سريلي ڳجهارت سڻي هيم
ته ”اَن تي چڙهي مرون ڇڏيائون، ائين نه چيائون ته
پکيئڙي.“ پروليءَ جو پاهو ٽن اکرن ۾ سمايل هو، جن
جي ڳولا ڪري ڳجهارت ڀڃڻي هئي: هڪ اَن، ٻيو مرون ۽
ٽيون پکي. اَن هو ”مهري“، جنهن کي اڄ ڪلهه ڳاڙهي
دال چئون ۽ مهري، سواري وارو ڀلو اٺ به سڏجي. مرون
هو واڳون ۽ ”واڳون“ وهٽ جي واڳ جو جمع پڻ آهي.
واڳون ڇڏي ڏيڻ محاوره کان مراد آهي وهٽ کي ڀاڄ
لاءِ ڇيڪ ڇڏي ڏيڻ. پکي هو آڙي. جڏهن ڀائرن پنهونءَ
کي اٺ تي پلاڻي ڪيچ ڀڄڻ جي ڪئي ته سسئي ٿي ڏيرن کي
ڏوراپو ڏئي ۽ ارمان ڪري ته:
”مهري چڙهي واڳون ڇڏيائون، ائين نه چيائون، ته آءَ
ڙي.“
اسان سان به ڪامريڊ بخاريءَ هوبهو ساڳي جٺ ڪئي، جا
تعدي ڏيرن سسئيءَ سان ڪئي هئي. ڪامريڊ اسان جو
مربي ۽ بزرگ دوست هو. ڪي گهڙيون پاڻ ۾ گڏ گهاريون
هيون سين. اهو حق ته اسان ضرور لهڻو جو ويندي ”وات
ٽڪاڻي“ ته ڪري ها، ته ٻيلي آءُ ”هلڻ هارڪو“ آهيان.
هي برابر آهي ته اسين مانجهاندي جي ماڳ وارا
ساڻيهه جي سفر ۾ ساڻس ساٿ نه ڏيئي سگهون ها. ڪو
ٻئي جي قبر ۾ ٻيلهه ٿوروئي پوندو. پر گهٽ ۾ گهٽ
ايترو ضرور ڪريون ها جو ساڻس ڳراٽڙي پائي موڪلاڻي
ڪريون ها. من نه من ڪلهي ڪانڌي ٿيون ها. يار جو
آخري ديدار ڪريون ها. آخر ڪا ته آٿت اسان کي به
ٿئي ها ته يارڙي سان توڙ نباهي سون.
پر ڪامريڊ بخاري اصل کان ئي پنهنجي مرضيءَ وارو
هو. هن ڀيري ته خير، مٿس ڪا ميار نه هئي. موت ڪنهن
کي ايتري مهلت ڪٿي ٿو ڏئي، جو سفر جي سنبت ڪري!
سنگت کي سنيهو ڏيڻ لاءِ ته فرصت کپي. جي، اجل کيس
اهڙي رعايت جي آڇ به ڪري ها ته بيشڪ سڀني سان
موڪلائي تو ڪلائي وٺ ته پوءِ ٿا پنڌ پئون. تڏهن به
آءُ نٿو سمجهان ته ڪامريڊ ڪو رتيءَ جي رهاڻ ڪارڻ
ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍي ها. هونءَ به هن يار جو دڳ ئي جڳ
کان الڳ هوندو هو. لوڪ لهوارو وڃي يا اوڀار وهي
پنهنجي تات ۾ پورو رهندو هو. پنهنجي اصول ۽ ارادي
تي اٽل ۽ اڏول رهڻ ته ثابت قدمي هئي، پر هروڀرو
ڪنهن ڳالهه تي ڳت ڏيئي بحث ڪري بيهي رهڻ ڪا حڪمت
عملي ته نه هئي. نه فقط ڪامريڊ بخاري، پر زماني جي
هر انقلابيءَ ۾ هيءَ علامت اڪثر ڏٺي ويئي ته هو
پنهنجي هوڏ کان هيٺ نه لهي توڻي جو زمين اٿلي پوي.
سيد جمال الدين بخاريءَ سال اڻويهه سؤ جي مارچ
مهيني ڌاري ڀارتي گجرات جي مشهور شهر احمد آباد ۾
جنم ورتو. سندس گهراڻي جو تعلق اُچ شريف جي بخاري
ساداتن سان هو، پر پوءِ زماني جي گردش ۾ اچي سندس
وڏڙن گجرات جو رخ رکيو، جتي احمد آباد جي ”سنڌي
واڙي“ پاڙي ۾ گهرڙا اڏي، پنهنجي گذر سفر ۾ جنبي
ويا. ابتدائي تعليم اباڻي شهر جي مدرسي ۾ حاصل
ڪيائين.وڏي پڙهائيءَ لاءِ سندس والدين کي ته وسعت
ڪانه هئي، پر پاڙي جي هڪ وڏ گهراڻي مائيءَ جي
خيرخواهي ۽ خرچ جي ذمون کڻڻ تي کيس اعليٰ تعليم
لاءِ علي ڳڙه موڪليو ويو. 1920ع جي لڳ ڀڳ اَڌو
گابرو گريجوئيٽ ٿي ڪامريڊ واپس وطن وريو.
هي اهو زمانو هو، جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائيءَ واري
تباهي ۽ بربادي ڌرتيءَ جي وڏي حـصي تي ڦهليل هئي.
هڪ طرف ويڙه کيڏندڙ کيڏاري مال غنيمت جي بٽئيءَ تي
پاڻ ۾ ڏند ڪرٽي رهيا هئا ۽ ٻئي طرف اڀاڳي انسانيت
زخمن ۾ چڪناچور ٿي چيچلائي رهي هئي. مندفڪري ۽
مايوسيءَ جي اهڙي ملڪ گير ماحول ۾ دنيا وارن جون
نظرون هڪ ئي رخ ۾ کتل هيون، جو هو سرخ انقلاب. جو
پنهنجي سازو سامان ڏاٽي ۽ هٿوڙي سميت آڪٽوبر 1917ع
ڌاري روس ۾ اچي سهڙيو هو.
انقلاب جو زلزلو ته روس ۾ آيو، پر ٿرٿلو ديس پرديس
۾ ٿي ويو. ويهين صديءَ جو هي واحد واقعو هو، جنهن
ڪارڻ نه فقط ملڪان ملڪ مانڌاڻ مچي ويو پر عام
ماڻهوءَ جي سياسي ۽ سماجي سوچ پڻ خاصي اٿل پٿل هيٺ
آئي. اشتراڪي نظريو هڪ نئين فئشن ۽ انوکي سوداءُ
جيان هر ذهن ۾ اُڀرندو ۽ اُسرندو رهيو. گهڻا ته
اهڙا به جذباتي ۽ جوشيلا جوان هئا، جن انقلابي
نعري کي اکيون ٻـُـوٽي پنهنجو ايمان بنايو. ڪامريڊ
بخاري به انهن عاشقن ۾ هڪ هو. هونءَ به عشق ۽ محبت
۾ عقل يا دليل جو واسطو ڪهڙو؟ ڪامريڊ ٿيڻ بعد
تصديق ڪرڻ لاءِ ان پار جي زيارت جو قصد ڪيائين، جي
سرخ سيلاب ۾ اڳئي سيراب ٿي چڪا هئا ان ارادي خاطر
احمد آباد جا وڻ ڇڏي اچي صوبه سرحد ۾ وارد ٿيو،
جتي هڪ تجارتي قافلي سان همراه ٿي بلخ بخارا جي
سفر تي اسهيو. اٺ ڏهه مهينا سمرقند ۽ تاشقند جا
تيرٿ تڪيا بعد واپس وطن ورڻ جي ڪيائين. سرحد پار
ڪندي پڪڙجي پيو. نتيجي ۾ سوا ٻه سال سانده سرڪار
جو مهمان ٿي رهيو. هيءَ سندس پهرين جيل ياترا هئي.
سنڌ ۾ مزدور ۽ هاري تحريڪ جو آغاز 1930ع ڌاري
”هاري ائسوسيئيشن“ جي قيام سان ٿيو. هن جماعت جو
باني ته سنڌ جو سخي صوفي منش جمشيد مهتا ۽ تحريڪ
جا اڪثر روح روان ڪامريڊ عبدالقادر ۽ قادر بخش
نظاماڻيءَ جهڙا انقلابي نوجوان هئا. هن لاڏڻ ۾
ڀانت ڀانت جا ٻيا مسافر به سوار هئا. نتيجي ۾ هيءَ
جماعت ترت ئي ڇڙوڇڙ ٿي وري ”مزدور ڪسان“ جي نئين
جامي ۾ ٻيهر نروار ٿي. هن ٻيڙي جا ناکوا ۽ سکاني
ته سڀ سيبتا هئا پر دڳ جو سونهون هوئي ڪونه. 1939ع
۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي ڀيانڪ اهڃاڻن ۽ خاص طور
جرمنيءَ جي روس تي چڙهائيءَ دنيا جي سياسي حلقن کي
وڏي مونجهارن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. سنڌ جا نوجوان سرخ
اڳواڻ هڪ اٻهرا ٻيا اتامرا. واقعن جي تيز وهڪري ۽
صحيح صورتحال کان بيخبريءَ ۾ ڌڙا ڌڙ غلط فيصلا
ڪندا رهيا. هند جي مرڪزي ڪميونسٽ هيڊ ڪوارٽر طرفان
سنڌ جي پارٽيءَ جي نئين سر تنظيم لاءِ 1941ع ڌاري
هڪ برک اڳواڻ کي ڪراچيءَ روانو ڪيو ويو، جو ڪامريڊ
بخاري هو.
ڪامريڊ بخاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ
مزدورن ۽ پورهيتن ۾ خاصي مقبوليت حاصل ڪئي. ننڍي
پئماني تي ته هونئن به ڪراچيءَ ۾ ڪيئي ليبر ۽ ٽريڊ
يونين ڪم ڪندڙ هيون، جنهن ۾ نارائڻداس بيچر، قاضي
مجتبيٰ، ڪامريڊ گرديال، خطيب ۽ ڪامريڊ غفور جي
ڪافي جاکوڙ ڪيل هئي. ڪامريڊ بخاريءَ جي آمد بعد
ٽريڊ يونين جو دائرو سرڪاري نوڪرين واري عملي
تائين وسيع ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪ پي - ڊبليو - ڊي
يونين سرفهرست هئي. 1943ع ۾ ڪامريڊ بخاريءَ جو
مزدورن جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ احمد آباد
وڃڻ ٿيو، جتي مارچ مهيني ۾ سندس ڪامريڊ شانتيءَ
سان شادي ٿي. ڪامريڊ شانتيءَ جي ڪراچي ۾ اچڻ کان
پوءِ پورهيت عورتن جي تنظيم کي پڻ هٿي ملي. هن دور
جي برک پارٽي اڳواڻن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت
ٻاٻاڻي، پوهو مل وديارٿي ۽ ڪامريڊ شانتيءَ جا نالا
قابل ذڪر آهن. 1946ع فيبروريءَ ۾ رايل انڊين
نيويءَ واري بغاوت جي حمايت ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي
سڏ تي عيد گاهه ميدان ۾ پبلڪ جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾
منو لک کن ماڻهن شرڪت ڪئي.
ملڪي ورهاڱي جي موڙ تي مزدورن جي اسٽرائيڪ ۾
مطالبن لاءِ وڳوڙ کي انتظامي راهه ۾ رڪاوٽ ڄاڻي
سنڌ حڪومت ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف سخت قدم کڻڻ جو
فيصلو ڪيو. ڪامريڊ بخاريءَ کي سندس ڏهاڪو کن ساٿين
سميت جيل اُماڻيو ويو. پارٽي جي ڪارواين تي مڪمل
بندش وجهي مرڪزي آفيس ۽ دفتر سيل مهر ڪيا ويا.
ڪامريڊ شانتي، جا هن وقت ٻن ٻچڙن جي ماءُ ٿي چڪي
هئي. پنهنجا پونگڙا ساڻ کڻي دربدر ٿيندي رهي. سندس
وسوارن کي درخواست هيءَ هئي ته کيس به پنهنجي وَرَ
ساڻ گڏ جيل ۾ باندي رکيو وڃي. ڏسڻا وائسڻا ماڻهو
بخاريءَ جي نالي چندا چيرا ڪري موڙي ڦٻائيندا
رهيا. ٻن سالن جي لڳاتار سزا ڪاٽڻ کان پوءِ قاضي
فضل الله جي سفارش ۽ ذمون کڻڻ تي بخاريءَ کي ڪراچي
قيد کان آزاد ڪري لاڙڪاڻي اُماڻيو ويو.
سال اٺيتاليهه کان چوراسيءَ تائين لاڙڪاڻي واري
ڇٽيهه ساله مدت ڪامريڊ بخاريءَ لاءِ هڪ قسم جي
لاچار ۽ بيوسيءَ واري زندگي هئي. جيئن ڪنهن ڀلي ۽
شرطي وهٽ کي ڍَڪ ۾ واڙي کيس گهاڻي ۾ وهايو وڃي.
وڏيرڪي ملڪ ۽ ماحول ۾ هي انسان دوست دانشور اوپرو
۽ اُٻاڻڪو ائين ڏيک ڏيندو هو ڄڻ هڪ گهمندڙ ڦرندڙ
لاش هو. جياپي جون گهڙيون گهارڻ، پنهنجي اهل عيال
جي پرورش ۽ پاڻ کي مشغول رکڻ لاءِ هر پليٽفارم تي
بار ڍوئيندو رهيو، جنهن مسواڙي سياست سان سندس ذهن
۽ ضمير جو ڪو واسطو ڪونه هو.
ڪامريڊ بخاري عالمي شهرت رکندڙ انقلابي اڳواڻ هو،
جنهن پنهنجي سموري جوانيءَ جو سرمايو سماجي جدوجهد
۾ سيڙايو. سندس مول مقصد شاهوڪار شاهيءَ جو خاتمو
۽ ان طبقي جي ماڻهن خلاف بغاوت هئي، جن مزدور ۽
پورهيت عوام جي قسمت سان راند ٿي کيڏي. ان راهه ۾
پاڻ پتوڙيندي کيس ڪافي قربانيون ڏيڻيون پيون. هن
کان وڌيڪ سندس قربانين جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي
ٿو، جو 1920ع کان 1948ع واري درمياني 28 ساله عرصي
۾ ارڙهن سال جيل جون سزائون ڪاٽيندو رهيو. آخر
سندس ڏوو ڪهڙو هو؟
سنڌ سان سندس انتهائي الفت ۽ والهانه محبت هئي. هڪ
ڀيري پريس ڪلب ۾ تقرير ڪندي چيائين ته ”آءُ جڏهن
سنڌ کان ٻاهر ڪٿي به هوندو آهيان ته ائين سمجهندو
آهيان ته ڄڻ وطن کان جلاوطن ڪيو ويو آهيان.“ وڏيرن
لاءِ البت کيس هي شڪايت ضرور هئي ته هي عجيب قسم
جا ڌنار آهن، جي پنهنجي ڌڻ کي بکيو رکي پنهنجا ڀڀ
ڀريندا ٿا رهن. سنڌي هارين لاءِ سندس راءِ هئي هو
تڏهن کان ننڊ ۾ سـُـتل آهن، جڏهن کان زراعت ايجاد
ٿي هئي. ٻين لفظن ۾ ته ٻارنهن هزار لابارا گذري
چڪا آهن، پر هي سدورو اڃان کونگهرن ۾ آهي. شايد
مٿس ڀاري ٻوجهه سـُـٿيل آهي يا وري سندس وجود کي
ڄئورون چهٽيل آهن، جنهن ڪارڻ هو سجاڳ ٿيڻ کان
لاچار آهي.
جمال الدين بخاري ڏاڍو وڏو ماڻهو هو. ايڏو قداور
ماڻهو، جنهن جي ماپ گراٺين ۾ ڪرڻ ناممڪن. هو نه
پاور ۾ رهيو ۽ رتبي يا مرتبي کي سندس پروگرام ۾ ڪو
دخل هو. هو اڪيلو ماڻهو هو، جنهن کي ويراني ۾ ان
ڏاڍ خلاف ٻاڪاريندو ڏٺو ويو، جنهن ظلم ستم ڪيئي
ويس وڳا اوڙهي نوان نقاب ۽ برقعا مٽائي پنهنجو
جهنڊو ٿي ڦڙڪايو. سندس آواز ۾ سوز به هو ۽ گداز به
هو. شايد منجهس انسانذات جي صدين واري چيخ پڪار جي
گونج سمايل هئي.
17 ڊسمبر 1984ع سومر ڏينهن، اٽڪل ٻنپهرن ڌاري
ڳالهائيندي ٻولهائيندي دم ڏنائين. کيس ٻئي ڏينهن
18 ڊسمبر ڏهين بجي صبح جو قائم شاهه بخاري مقام
(لاڙڪاڻي) ۾ دفن ڪرڻ لاءِ نيـِـو ويو. جنازه نماز
به سندس قوم قبيلي جي قبله سيد غلام حسن شاهه
بخاريءَ پڙهائي. سندس پٺيان ڇڏيل اولاد اَٺ پٽ ۽
هڪ نياڻي آهي ۽ املاڪ هڪ ننڍڙي پرنٽنگ پريس ۽
پڪسري جڳهه آهي، جا وقف الاولاد آهي.
-علي
احمد بروهي
محمد يعقوب ”نياز“
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو صلاحيتمند ۽ پرخلوص خدمتگذار
محترم محمد يعقوب ”نياز“ 11 ڊسمبر 1984ع تي
ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم بنيادي طرح هڪ
سـُـڄاڻ ۽ محنتي استاد هو ۽ سڄي زندگي درس و تدريس
جي مقدس پيشي دوران تعليم جي خدمت ڪندي گذاريائين.
ادب سان کيس شروع کان ئي والهانه لڳاءَ هو ۽ ان ڏس
۾ ڪيل سندس علمي خدمتون قدر لائق آهن. مختلف
موضوعن تي لاتعداد معياري مضمون ۽ ڪهاڻيون، مختلف
رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪجهه مواد مهراڻ رسالي ۾ به
آيل آهي. سنڌي ٻولي، ادب، گرامر، لوڪ ادب، لغت ۽
فارسي ادبيات تي مرحوم کي عالمانه ڄاڻ حاصل هئي.
محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سنڌي لغت اسڪيم ۽ سنڌي
لوڪ ادب اسڪيم ۾ مرحوم جي مخلصانه محنتن جو خاصو
حصو سمايل آهي. سندس لکيل وڏي تعداد ۾ طبعزاد
مواد، اڻ ڇپيل صورت ۾، سندس اولاد وٽ موجود آهي.
مرحوم محمد يعقوب ”نياز“ روشن دماغ، هردلعزيز،
متواضع، مرنجان مرنج، نهٺو ۽ سٻاجهي سڀاءُ جو نيڪ
بزرگ هو. الله پاڪ کيس صالح ۽ صلاحيتمند اولاد سان
نوازيو آهي. سندس وڏو فرزند سراج الحق، اڳوڻو
ايڊيٽر روزنامه ”هلال پاڪستان“، ڪراچي، سنڌ جو
مڃيل عالم آهي، جنهن جون تحقيقي ۽ علمي خدمتون،
سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت رکن ٿيون، مرحوم جا ٻيا پٽ
پڻ علمي ۽ ادبي ذوق جا مالڪ آهن. سندس نياڻين مان
فهميده حسين، سنڌي ادب جي برک ليکڪا آهي.
1983ع ۾، آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد، محترم محمد
يعقوب ”نياز“ جو ڪتاب ”ديوان حافظ“ شايع ڪيو. ان ۾
حافظ شيرازيءَ جي چونڊ فارسي ڪلام جو سنڌي ترجمو
آيل آهي، جيڪو سندس ادبي ذوق ۽ عالمانه حيثيت جي
نشاندهي ڪري ٿو. ڪتاب جي مـُـهڙ ۾، مرحوم جو
سوانحي خاڪو ڏنل آهي، جيڪو هت پيش ڪرڻ مناسب آهي:
”محمد يعقوب ”نياز“ 7 آگسٽ 1904ع ۾ ٽنڊي ڄام جي هڪ
هيٺئين وچولي طبقي جي عاقلاڻي ميمڻ گهراڻي ۾ پيدا
ٿيو. ابتدائي تعليم ٽنڊي ڄام ۾ ورتائين. 1919ع ۾
سنڌي فائنل پاس ڪيائين. حالتن جي مجبوري ڪري،
انهيءَ ئي سال کان ماستريءَ جي نوڪريءَ ۾ جوٽجي
ويو. ايڪيتاليهه سال سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾
پرائمري استاد، هيڊ ماستر، تعلقي ماستر ۽
سپروائيزنگ استاد طور ڪم ڪيائين. ان وچ ۾ ٽريننگ
ڪاليج جا ٽي ئي سال 1923، 1924 ۽ 1946ع ۾ پاس
ڪيائين. هڪڙو سال (1931ع) زرعي ڪاليج (فارم)
لائلپور ۾ زرعي تعليم جو ڪورس پڻ پاس ڪيائين، ۽
ڪجهه عرصو (1935ع کان 1938ع تائين) ٻارڙن کي زرعي
تعليم پڻ ڏيندو رهيو. 1960ع ۾ رٽائر ڪيائين.
سندس والد، محمد اسماعيل، سندس جنم کان ڪجهه ڏينهن
اڳ گذاري ويو. ان يتيميءَ هن جي شخصيت کي ڪجهه
اهڙا موڙ ڏنا، جيڪي هن جي زندگيءَ تي حاوي رهيا
آهن، ۽ هن هر ممڪن ڪوشش ڪري پاڻ کي گهڻ - پاسي ۽
پاڻڀري شخصيت بنايو. محروميءَ جي احساس هن ۾ اهو
جذبو پيدا ڪيو، جنهن جي طفيل هن پنهنجي اولاد کي،
باوجود غريبيءَ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري، محرومين جو
شڪار ٿيڻ نه ڏنو. ان لاءِ ماستريءَ جي پورهئي کان
سواءِ پنهنجي باقي وقت ۾، خوشنويسي، جلدبندي،
واڍڪي ڪم، رازڪي ڪم ۽ سونارڪي ڪم جي پورهين ذريعي
پنهنجي اولاد جي ضرورتن کي پورو ڪندو رهيو. هن جي
لاءِ پورهيو انسان جو عظيم ترين ۽ خوبصورت ترين
عمل آهي، ۽ جيڪو پورهيو نه ڪري يا پورهئي جي عظمت
کان انڪار ڪري، اهو هن جي لفظن ۾ ”مردار“ آهي.
اهوئي سبب آهي جو اڄ به 78-79 ورهين جي ڄمار
۾،بيماريءَ جي شديد حملن جي باوجود، هو پاڻ کي
ڪنهن نه ڪنهن پورهئي ۾ مصروف رکندو اچي. ٻيو ڪجهه
نه پڄندس، ته پنهنجي پوٽن، ڏهٽن لاءِ خوبصورت دٻلا
ويٺو ٺاهيندو.
”سندس زندگيءَ جو ٻيو عشق ڪتاب ۽ علم سان آهي.
نوڪريءَ جي ابتدائي زماني ۾ ٽنڊي قيصر ۾ هو، تڏهن
مولوي عبدالرسول صاحب نظاماڻيءَ کان عربي ۽
فارسيءَ جي تعليم به حاصل ڪندو رهيو. پئسو پنجڙ
گهٽ هجڻ جي باوجود معياري ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪرڻ
سندس بچت جو واحد مصرف هوندو هو. مٿس نياز فتحپوري
۽ سندس رسالي نگار جو وڏو اثر رهيو آهي. جيئن ئي
اهو رسالو شروع ٿيو. ان وقت کان ورهاڱي تائين،
گهرائيندو رهيو. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي
نگرانيءَ ۾ لوڪ ادب، خليفي نبي بخش جي رسالي ۽
ميين شاه عنايت جي رسالي تي به ڪم ڪيائين. شاعريءَ
سان خاص شغف رهيو اٿس. ترجمن کان سواءِ ڪهاڻيون به
لکيون اٿس. هڪڙو ننڍو ناولٽ به لکيائين، ان کي صاف
ڪري ڇپائڻ جو خيال نه آئڙيس.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي وڏي پٽ سراج سان رهائش
پذير آهي، ۽ پنهنجي اولاد، ڏوهٽن، ڏوهٽين، پوٽن ۽
پوٽين لاءِ اٿاهه پيار جي سمنڊ جي صورت، هن شعر
جيان براجمان آهي:
جي اسين پيار کان اڳڀرا ناهيون
پيار اسان کان اڳڀرو ڇو ناهي؟
-- پروين شيخ
|