مولانا محمد عاقل لائبريري
مولوي محمد عاقل ولد آخوند الله نواز سومرو، تعلقي
لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”عاقل خالد“ ۾، سال 1851ع ڌاري
ڄائو. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ وڏو ماهر هو. اردو،
سرائڪي ۽ هندي ٻوليون به ڄاڻندو هو. جوانيءَ ۾ پير
ڳوٺ ۾ رهيو ۽ پير حزب الله شاهه جي ڳچ وقت خدمت
ڪيائين. شعر چوڻ جو شوق هوس. پهريائين فارسيءَ ۾ ۽
پوءِ سنڌيءَ ۾ طبع آزمائي ڪيائين.
سال 1882ع ۾، پير ڳوٺ ڇڏي، لاڙڪاڻي واپس پهتو، ۽
ڍڪ بازار ۾ ڪتابن جو دوڪان کوليائين. نهايت نيڪ ۽
سڌوسنئون مسلمان هو، ۽ تيري ميريءَ مان نه ڄاڻندو
هو(1) .
اڪثر مطالعي ۾ منهن هوندو هوس ۽ ڪافي ڪتاب
لائبريريءَ ۾ جمع ڪيا هئائين. معلوم ٿئي ٿو، ته
وٽس ستن - اٺن سون تائين ڪتاب موجود هئا، جن ۾
فارسي ۽ عربي ڪتابن جو ڳاڻيٽو زياده هو. پڇاڙي ۾
مالي پريشانين سببان ڪتاب وڪرو ڪري حياتيءَ جو سفر
اڳتي ڪندو رهيو. آخر نوي ورهين جي عمر ۾ تاريخ 6
سيپٽمبر 1941ع تي راهه رباني ورتائين.
مولانا صاحب آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به سرگرم حصو
ورتو. ”الوحيد“ (ڪراچي) ۾ اڪثر سندس شعر ڇپجندو
رهندو هو. کيس عبدالفتاح ”عبد“، عبدالحق ”زيب“ ۽
غلام سرور ”سرور“ نالي فرزند ٿيا، جيڪي ٽئي بلند
پايه شاعر ٿيا. ”عبد“ ۽ ”سرور“ فوت ٿي ويا آهن،
”زيب“ زنده آهي ۽ حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ صحافت سان
وابسته آهي.
مولانا ثناءُالله ”ثنائي“ جي لائبريري
مولوي ثناءُالله ”ثنائي“ ولد الله بخش عباسي،
تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”کوهارا“ ۾، تاريخ 5 ذوالقعد
1312هه مطابق 3 اپريل 1895ع تي ڄائو. عربي، فارسي،
اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ مهارت حاصل هيس. نعتيه
شاعريءَ کان علاوه غزلن تي مشتمل ”ديوان“ به تيار
هوس. مزاحيه شاعريءَ ۾ به مـُلڪو رکندو هو. سندس
خطبا سنڌ ۾ مشهور آهن. ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾،
تاريخ 12 صفر المطفر 1398هه مطابق 21 ڊسمبر 1977ع
تي وفات ڪيائين. سندس تصنيفات جو تعداد 14 آهي.
مولانا تاج محمود امروٽي رح (1844 - 1929ع) جو
عقيدتمند هو
(2).
مولانا ”ثنائي“ وڏو ڪتبخانو جمع ڪيو هو، جنهن ۾
ناياب ڪتابن کان علاوه ڪيترائي قلمي نسخا به محفوظ
هئا. هڪ اندازي مطابق وٽس اڍائي هزارن جي لڳ ڀڳ
ڪتاب گڏ ٿيل هئا پاڻ وڏي پايي جو عالم ۽ حاضر جواب
هو. افسوس جو پوين ۾ علم جو سوجهرو نه رهيو، جنهن
ڪري هي علمي سرمايو فقط اونداهي ڪوٺيءَ ۽ اُڏوهيءَ
جو کاڄ بڻيل آهي.
مولوي غلام حسين جو ڪتبخانو
لاڙڪاڻي جي مکيه عالمن ۾، مولوي غلام حسين ولد
مولانا محمد يوسف ڪلهوڙي جو نالو وڏي اهميت رکي
ٿو. ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظرن، پنهنجي والد بزرگوار
وٽ پڙهيو. اُن کان پوءِ 1305هه (1887ع) ۾ چار درجا
سنڌي پاس ڪري، ديني تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪيائين.
سال 1332هه (1913ع) ۾ فارغ التحصيل ٿي. ڳوٺ وليد
(تعلقو لاڙڪاڻو) ۾ پاڙهڻ لڳو.
مولوي صاحب مڪسين طبيعت، سنجيده ۽ نهايت ئي سادگي
پسند هو. اڪثر سندس تــَنَ تي سفيد پهرياڻ ۽ نير
ٻـُڏل گوڏ ڏٺم. ڪنن کان گهٻرو هو. صوم صلوات جو
پابند ۽ عبادت گذار هو. ڪيترائي شاگرد هيس، جن مان
ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو جو نالو نمايان آهي. مطالعي
جو وڏو شغف هوس، هميشــہ کيس ڪڇ ۾ ڪتاب ڏسڻ ۾ آيو.
اِهو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته پاڻ ”درس نظامي“ جا
سمورا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئائين، جيڪي سڀ
قلمي صورت ۾ آهين. وڏيءَ محنت سان چئن زبانن،
(عربي، فارسي، سنڌي ۽ اُردو) ۾ لغت به تيار ڪئي
هئائين.
وٽس وڏو ڪتبخانو هو، جيڪو سندس وفات (جمعي جي رات،
15 رمضان المبارڪ 1388هه، مطابق 1968ع) بعد پوين
جي حوالي ٿيو. هينئر هن ڪتبخاني جو وارث سندس پوٽو
محمد صالح عرف بشير احمد آهي. سندس اهل خانه باخبر
آهن. جيڪي هن علمي سرمايي کي سنڀالينديون اچن
ٿيون. مصر مان به ڪافي ڪتاب گهرايا هئائين. ڪافي
ناياب قلمي ڪتاب وٽس محفوظ هئا.
محمد عظيم ”شيدا“ جي لائبريري
تعلقي وارهه جي ڳوٺ ”گــُل ٻــُرڙو“ ۾ مولوي محمد
عظيم ”شيدا“ ولد لعل بخش سولنگي، 16 رجب المرجب
1306هه مطابق 8 سيپٽمبر 1886هه تي تولد لٿيو.
مخلتف مدرسن مان فارع التحصيل ٿي، 1325هه ( 1905ع)
۾ دستار فضيلت ٻڌائين. هن وقت نصيرآباد ۾ سڪونت
پذير آهي.
”شيدا“ صاحب درس تدريس سان گڏ تصنيف و تاليف به
ڪندو رهيو آهي. ”سيرت مصطفيٰ“ سندس مثالي ڪتاب
آهي. حڪمت سان شوق اٿس. نواب غيبي خان چانڊيو ۽
نواب يوسف علي خان جو خانداني معالج آهي. ادبي
دنيا ۾ ”شيدا“ تخلص سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت
نهايت پيرسنيءَ ۾ آهي.
وٽس وڏو ڪتبخانو پڻ آهي، جنهن ۾ ٽي هزار کن ڪتاب
جمع ٿيل آهن. عربي، فارسي، سنڌي ۽ اُردو زبانن ۾
گڏ ٿيل هيءُ علمي ذخيرو پوري پسگردائيءَ ۾ اهميت
رکي ٿو. طب تي به فارسيءَ ۾ ناياب ڪتاب هڪ
لائبريريءَ ۾ موجود آهن. ڪتاب، سنڀال هيٺ مناسب
ورڇ سا رکيل آهن. چاليهارو کن قلمي ڪتاب به وٽس
محفوظ آهن.
مولانا محمد قاسم مشوريءَ جو ڪتبخانو
لاڙڪاڻي جي قديم ديني درسگاهه، ”مدرسه اهل سنت
والجماعت“ جو باني، مولانا محمد قاسم ولد حاجي
محمد عثمان مشوري، هڪ بلند پايه جو عالم ۽ بزرگ
شخص آهي. تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”مشوري“ ۾، ربيع
الاول 1316هه (1898ع) ۾ سندس ولادت ٿي. عمده
العلماءُ ابولفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع -
1935ع) وٽان دستار فضيلت ٻــَڌائين. تاريخ 17 شوال
1340هه مطابق 22 فبروري 1922ع کان ڳوٺ ۾ ”مدرسه
قاسميه“ قائم ڪيائين
(1) سنڌ
۽ بلوچستان جا ڪيترائي عالم وٽانئس فارغ التحصيل
ٿيا آهن. علم تفسير، حديث، فقــہ، فتويٰ ۽ ميراث
تي خاص دسترس رکي ٿو.
وٽس وڏو ڪتبخانو آهي، جنهن ۾ سـَـوَن جي تعداد ۾
قلمي نسخا موجود آهن. حديث، فقـہ، منطق ۽ ميراث
متعلق وڏو علمي مواد وٽس موجود آهي. ازانسواءِ
اسلامي تاريخ ۽ سيرت طيبه تي پڻ مستند ڪتاب سندس
لائبريريءَ جي زينت بڻيل آهن. سنڌ خواهه هند،
ايران، افغانستان، عربستان، مصر ۽ عراق کان به
ڪتاب گهرائيندو رهي ٿو. سندس پويان ســُڄاڻ آهن،
جنهن ڪري لاڙڪاڻي جو هيءُ ڪتبخانو مثالي بڻجي
پوندو. هڪ اندازي مطابق يارهن هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب
هن ڪتبخاني ۾ محفوظ آهن.
مدرسي کي پنهنجي پريس به آهي، جنهن ۾ سندس تصنيفات
ڇپجنديون رهن ٿيون. سندس ڪتابن جو ڳاڻيٽو ٻاويهه
آهي، جيڪي خالص ديني نوعيت جا آهن. خاص ڪري ”وعظ“
۽ ”ميراث“ بابت سندس ڪتاب مدرسن کان علاوه ڪاليجن
۾ به پاڙهيا وڃن ٿا.
الله بخش تونيو لائبريري
پروفيسر الله بخش ”عاجز“ ولد نواز علي تونيو
(1915ع - 1978ع) جو شمار لاڙڪاڻي جي علمي ۽ ادبي
حلقن ۾ ٿئي ٿو. سندس تعلق ميرو خان سان هو.
حياتيءَ جو وڏو حصو درس تدريس ۾ گذريائين.
پهريائين اسڪولن ۾ اُستاد ۽ پوءِ ڪاليج ۾ سنڌيءَ
جو ليڪچرار ٿي رهيو. خوش طبع ۽ زنده دل انسان هو.
لاڙڪاڻي جي تعليمي سرگرمينّ ۾ سندس ڪردار مثالي
رهيو آهي. سال 1932ع کان سخن جي ميدان ۾ طبع
آزمائي ڪيائين. لکڻ پڙهڻ ۾ به گهري دلچسپي هيس.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي صحبت ۾، 1954ع کان ذاتي
لائبريري قائم ڪيائين. سندس ڇڏيل سرمايي ۾ هن وقت
اڍائي هزار ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اُنهن ۾ سنڌي
ڪتابن جو تعداد زياده آهي. سندس پٽ مهتاب احمد هن
لائبريريءَ کي سنڀاليندو اچي ٿو.
سيد خادم حسين شاهه لائبريري
سيد خادم حسين شاهه (وفات 13 - سيپٽمبر 1982ع)،
لاڙڪاڻي شهر جي اهم شخصيت هو، ۽ چڱو ادبي ذوق
رکندو هو. اسڪول جي زماني کان وٺي ادبي ڪتابن پڙهڻ
۾ منهن وڌائين ۽ ڪافي ڪتاب گڏ ڪري، پنهنجو هڪ
ڪتبخانو ترتيب ڏنائين. سندس لائبريريءَ ۾ پندرهن
سؤ کن ڪتاب موجود آهن. جن ۾ قلمي ڪتابن جو تعداد
پنجاهه جي لڳ ڀڳ ٿيندو.
جوڻاڻي لائبريري
تعلقي واره جي ”جوڻاڻي“ ۾، هڪ علمي گهراڻي ۾ هڪ
سٺو ڪتبخانو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ناياب قلمي توڙي
ڇاپي ڪتاب موجود آهن. هڪ اندازي موجب هن قديم
ڪتبخاني ۾ ٻارهن سؤ کن بي بها ڪتاب گڏ ٿيل
آهن،جيڪي گهڻي ڀاڱي عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. لاڙڪاڻي
جي هيءَ جهوني لائبريري پري پري تائين مشهور آهي.
ڪيترائي علم جا شائق هي ڪتبخانو ڏسڻ ايندا آهن.
ڪجهه وقت اڳ حڪومت هن لائبريريءَ جي سڌاري ۽
واڌاري لاءِ مالي امداد به ڏني هئي، جنهنڪري ڪنهن
حد تائين هن ڪتبخاني کي سنواريو ۽ سنيگاريو ويو
آهي(1).
قادرين جو ڪتبخانو
لاڙڪاڻي ضلعي اندر ”قادرين جو ڪــُـتبخانو“ شمار
ٿئي ٿو. سنڌ جي مشهور ڪتبخانن ۾ هن خاندان جو وڏو
ڏاڏو، ميان محمد صالح مڱڻيجو(2)
عالم هو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾
مهارت رکندو هو. سندس اولاد مان، ميان غلام محمد
”گدا“ قادري (1828ع - 1892ع)، سنڌي زبان ۾ بلند
پايه جو شاعر ٿي گذريو آهي. فارسيءَ ۾ ”ديوان گدا“
يادگار ڇڏيائين.
هن خاندان جو ٻيو فرد، لاڙڪاڻي جي ادبي محفلين جو
مور، ميان علي محمد قادري (1860ع - 1941ع) پڻ
اعليٰ پايه جو شاعر ۽ اديب هو. ڪجهه وقت لاڙڪاڻي
ميونسپالٽيءَ جو چيئرمن به ٿي رهيو. سال 1940ع ۾
”ديوان قادري“ ڇڀائي پڌرو ڪيائين(1).
کيس ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق هو، ۽ ڪافي ناياب
ڪتاب محفوظ ڪيائين. سندس ئي دلچسپيءَ سان سال
1915ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ ”بزم مشاعره“ جو رواج پيو.
هن خاندان جي ٻي شخصيت، فقير غلام سرور قادري
(1886ع - 1932ع) به سنڌي عروضي شاعريءَ کي ترقي
وٺرائي ۽ ”جمعيت الشعراءُ سنڌ“، جو بنياد وجهڻ ۾
اهم ڪردار ادا ڪيو. هو سنڌي زبان جو بلند پايه
شاعر هو. سندس مڪمل ديوان قلمي صورت ۾ موجود آهي.
ميان غلام عباس ”جوش“ قادري (1904ع - 1962ع) جون
خدمتون به وساري نه ٿيون سگهجن. پاڻ هفتيوار
”الحقيقت“، جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس دلچسپيءَ سان
ماهوار ”اديب سنڌ“ (اپريل 1941ع کان ڊسمبر 1952ع)
باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندو رهيو(2).
ڊاڪٽر اياز حسين ”اياز“ قادري صاحب به هن ئي
خاندان جو فرد آهي نامور شاعر ۽ اديب آهي ۽ کيس
تصنيف تاليف جو شوق ورثي ۾ مليو آهي. قادري خاندان
جي سموري لائبريري سندس حوالي آهي. اٽڪل ڇهن کان
ستن هزارن تائين قديم ۽ جديد ڪتاب هن ڪتبخاني ۾
موجود آهن.
لاڙڪاڻي شهر ۾ هي هڪ بهترين ڪتبخانو آهي. سنڌي،
اردو، عربي، فارسي ۽ سرائڪي زبانن ۾ ڪتابن جو وڏو
تعداد منجهس موجود آهي. خاندان وارن جا ڪافي قلمي
نسخا به محفوظ آهن. سنڌي ادب ۽ تاريخ جي مضمونن تي
چونڊ ڪتاب هن لائبريريءَ ۾ ملندا. پراڻن رسالن ۽
اخبارن جا ناياب فائيل به هن ڪتبخاني جو عمدو
سرمايو آهن(3).
اَمرتراءِ ”سام“ جئسنگهاڻيءَ جي لائبريري
ديوان آمر تراءِ ”سام“ پٽ حشمتراءِ جئسنگهاڻي،
تعلقي رتيديري جي ڳوٺ ”طيب“ ۾، تاريخ 1903ع تي جنم
ورتو. شروعات ۾ شري ليلا رام ڦيرواڻيءَ جي صحبت ۾
رهي ”هلچل“ ۾ حصو ورتائين . وڏو مطالعو رکي ٿو.
انگريزيءَ ۾ چوڏهن ۽ سنڌي ۾ پنج ڪتاب لکيا اٿس.
ڪراچيءَ مان
New Age
نالي رسالو به ڪڍيائين. عام ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ
”اڪبر آشرم“ قائم ڪيائين. ورهاڱي بعد سندس مٽ مائٽ
هندستان لڏي ويا، مگر پاڻ هڪ سچي محب وطن جي حيثيت
۾ هتي ئي رهيل آهي. ”سام“ تخلص سان سنڌي، سرائڪي،
اردو، انگريزي، فارسي ۽ هندي زبانن ۾ شاعري ڪئي
اٿس. سنڌيءَ ۾ سندس ”ديوانّ“ 1934ع ۾ ڇپيل آهي.
هينئر پاڻ علي گوهر آباد ۾ رهي ٿو. راقم الحروف جو
ساڻس ملڻ ٿيندو آهي. کانئس معلوم ٿيو، ته وٽس طيب
۾ وڏي لائبري، ڪٻٽن ۾ اُڏوهيءَ جو نذر ٿي ويئي.
ڪجهه ڪتاب لاڙڪاڻي ۾ به اٿس، جن جو تعداد چئن -
پنجن سوَن جي لڳ ڀڳ ٿيندو. اُنهن ۾ سنڌي، اُردو،
انگريزي، هنديءَ ۽ لغتون، شاعريءَ ۽ طب بابت ڪتاب
آهن. طب سان به خاص دلچسپي رکي ٿو(1).
ڊاڪٽر سنديلو لائبريري
لاڙڪاڻي شهر ۾، ڊاڪٽر عبدالڪريم ولد محراب خان
سنديلو (ولادت 1923ع) جي ذاتي لائبريري، سال 1942ع
کان قائم ڪيل آهي. پرائيمري اُستاد ٿيڻ شرط لکڻ جي
لـــُـونجهه لڳس ڪتاب گڏ ڪرڻ سندس مشغلو بڻجي پيو.
سپروائيزريءَ وقت ۾، ڪافي آڳاٽا ڇپيل ڪتاب هٿ
ڪيائين.
سندس پسنديده موضوع ”لوڪ اَدب“ ۽ لغت آهن، جن ۾
ملازمت واري مدت (رٽاير 4-4-1979ع) تائين کوجنا
جاري رکيائين. اِنهيءَ سلسلي ۾ تحقيق ڪري، هن ڊزن
کن ڪتاب لکي ڇپائين.
وٽس لائبريريءَ ۾ رسالن ۽ اَخبارن کان علاون ڪتابن
جو تعداد چار هزار کن ٿيندو(2).
هندو اَديبن جا لکيل سنڌي، هندي، گرمکي ۽
سنسڪرت ٻولين ۾ ڪتاب، هن لائبريريءَ ۾ ڪثرت سان
ملندا. لغتن جو به وڏو ۽ قيمتي ذخيرو گڏ ڪيل آهي.
بولس لائبرري
سال 1923ع ۾، بولس
Bolus،
ضلعي لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. نهايت اَورچ ۽ محنتي
مڙس هو. هــُـن، لاڙڪاڻي ضلعي جي ترقي ۽ عوام جي
سهنج لاءِ پنهنجو ننڊ آرام ڦـِـٽائي ڇڏيو هو.
لاڙڪاڻي شهر کان علاوه تعلقن جي ترقي ڏانهن به
جوڳو ڌيان ڏنائين.
سندس اَيامڪاريءَ ۾، قمبر شهر ۾ هڪ لائبرري قائم
ٿي، جنهن ۾ ڪتابن جو خاصو تعداد گڏ ڪيو ويو. قمبر
جي ماڻهن لاءِ هڪ قسم جو علمي ۽ تفريحي مرڪز بڻجي
پيو. سال 1924ع ۾ سندس نالو ”بولس لائبرري“ رکيو
ويو
(1).
.
موجوده وقت ۾ هيءَ لائبرري، ميونسپل جي سهاري هيٺ
هلي رهي آهي، ۽ سندس نالو ”ميونسپل لائبرري“ رکيل
آهي.
حي فري ريڊنگ روم ۽ لائبرري
ماڻهن جي علمي ضرورت جي مدنظر نصيرآباد ۾، سال
1926ع ۾ هڪ ننڍي لائبرري قائم ٿي، جنهن کي اُن وقت
جي ڊپٽي ڪلڪيٽر قمبر، مسٽر حي
Hey
جي نالي پٺيان سڏڻ لڳا
(2).
منجهس اَنگريزي، سنڌي، هندي ۽ اُردو زبانن ۾ ڪتابن
جو چڱو تعداد گڏ ٿيل هيو. ضلعي جي هندو ڪامورن به
هن لائبرريءَ لاءِ مــَـفت ڪتاب ڏنا. روزنامه
اَخبارن ۽ رسالن کي به باقائدگيءَ سان هن
لائبرريءَ ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو، جنهن ڪري ماڻهن ۾
پڙهڻ جو چاه وڌيو.
لائبرريءَ سان گڏ هڪ ”ريڊنگ روم“ به قائم ڪيل هئي،
جنهن ۾ عام ۽ خاص ماڻهو ويهي مطالعو ڪندا هئا
(3).
ورهاڱي کان پوءِ هيءَ لائبرري درهم برهم ٿي وئي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو
اُستادي جناب علامه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
صاحب (ولادت 1931ع) جن وٽ ذاتي ڪتبخاني ۾ پندرهن
هزار کن ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قديم ڇاپي ڪتاب،
قلمي نسخا، ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ، ناياب
ڪتابچا، رسالا ۽ پمفليٽ پڻ شامل آهن.
سال 1947ع کان ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيا اٿن، ۽ اَڄ
تائين اُن زرخيزيءَ ۾ اِضافو ٿيندو رهي ٿو. اَدب،
ثفاقت، مذهب ۽ فلسفه وغيره تي چونڊ لائبرريءَ ۾
جمع ٿيل آهن. لاڙڪاڻي جي هيءَ واحد لائبرري آهي،
جنهن ۾ ٻارهين صديءَ جا ڪتاب به محفوظ آهن.
اَزانسواءِ اَرڙهين ۽ اَڻويهين صديءَ جا اَڻلڀ
ڪتاب به وٽس موجود آهن.
علامه صاحب جن جو هي ڪتبخانو حالانڪ گهر ۾ آهي،
مگر باذوق عالمن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ رهبر جي حيثيت
رکي ٿو. پري پري کان آيل ڪيترائي علم جا اُڃايل هن
ڪتبخاني مان استفادو ڪندا رهن ٿا. راقم الحروف کي
به علمي ميدان ۾، سندن ڪتبخاني وڏي مدد ڏني آهي.
سنڌي، اُردو، انگريزي، عربي، فارسي، پنجابي ۽ پشتو
زبانن ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد گڏ ڪيل آهي. هي
ڪـُـتبخانو ”ميمڻ محله لاهوري“ ۾ آهي.
ميمڻ عبدالغفور سنڌي لائبرري
”ميمڻ محله لاڙڪاڻي ۾ بنده وٽ به پنهنجو مختصر
ڪــُـتبخانو آهي، جنهن ۾ سال 1952 کان ڪتاب گڏ ڪرڻ
شروع ڪيا اٿم. هن وقت خدا جي فضل سان ڇهن کان ستن
هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب جمع ٿيل آهن. منجهس پنهنجي
پسند مطابق اَدب، تاريخ، ثقافت، سائنس، طب ۽ مذهب
بابت ڪتاب شامل آهي.
ويهين صديءَ ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن جو بهترين اِنتخاب
موجود آهي. عربي، فارسي، اُردو ۽ انگريزي ڪتابن جو
خاصو تعداد آهي. رسالا، اخبارون ۽ پمفليٽ به ججهي
تعداد ۾ محفوظ آهن. هڪ سؤ کان وڌيڪ ناياب ڪتابن جا
فوٽو اسٽيٽ پڻ آهن.
پير نجي الله شاهه راشدي لائبريري
اسان جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪيترائي اهڙا حڪيم به آهن،
جن وٽ طب جي ڪتابن کان علاوه علمي، اسلامي ۽
تاريخي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. سيد نجي
الله شاهه راشدي، تعلقي واره ڳوٺ ”وڳڻ“ سان لڳ
”پير جو ڪوٽ“ ۾ رهي ٿو. هڪ بهترين طبيب ۽ علم جو
گهڻگهرو آهي. کيس ڪتابن جمع ڪرڻ جو جنون جي حد
تائين شوق رهيو آهي.
سندس لائبريريءَ ۾ پنجن هزارن جي لڳ ڀڳ عمدا ڪتاب
موجود آهن، جن ۾ ڪيترا ناياب قلمي نسخا ۽ هزارين
ڇاپي ڪتاب آهن. خاص ڪري عربي زبان ۾ طب سان تعلق
رکندڙ چيدا ڪتاب گڏ ٿيل اٿس. ازانسواءِ مذهب،
تاريخ ۽ ادب جي موضوعن تي پڻ معياري ڪتاب موجود
آهن(1)
، علامه شبير احمد عثمانيءَ کي لائبريريءَ لاءِ 15
هزار ڪتاب مفت ڏنا اٿس.
راشدي صاحب نهايت ملنسار، مهمان نواز ۽ باذوق عالم
آهي ۽ ججهو مطالعو رکي ٿو. طب جي سلسلي ۾ وٽس مجرب
نسخا آهن. هــُـو ڪتاب کي بهترين دوست سمجهي ٿو.
علم دوست اڪثر سندس ڪچهريءَ ۾ موجود هوندا آهن. 55
سالن کان مسلسل روزانو هڪ وقت (اٺين پهر) ماني
کائيندو آهي. هن وقت 92 ورهين جي ڄمار کي پهتل
آهي.
ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق جي لائبرري
لاڙڪاڻي جي لائبررين ۾، نوجوان ليکڪ، غلام مصطفيٰ
”مشتاق“ ولد عبدالرحيم ميمڻ (ولادت 15 - آڪٽوبر
1943ع) جي لائبرريءَ کي به وساري نه ٿو سگهجي. کيس
ننڍپڻ کان ئي ادبي ذوق رهيو آهي. تعليم کاتي ۾
رهندي، ڪجهه درسي ڪتاب لکيا اٿس. ان کان علاوه هڪ
ڊزن کان وڌيڪ علمي ۽ ادبي ڪتابن جو ليکڪ به آهي.
نثر ۽ نظم ۾ دلچسپي رکي ٿو. ادبي گڏجاڻين ۾ وڏي
شوق ۽ ذوق سان شريڪ ٿيندو آهي. ”بزم سچل“ جو نائب
صدر ۽ ”الرحيم پبليڪيشن“
(1)
جو بنيادي رڪن آهي.
”مشتاق“ صاحب کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق آهي. سندس
مختصر لائبرريءَ ۾ لڳ ڀڳ ٻه هزار ڪتاب، رسالا ۽
پمفليٽ ٿيندا. تاريخ، اسلاميات ۽ ادب سندس پسنديده
موضوع آهن.
گل حيات لائبرري
تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ آريجا ”گل حيات لائبرري“،
1964ع ۾ قائم ڪيل آهي. جنهن جو مالڪ ڊاڪٽر در محمد
ولد حاجي گل محمد پٺاڻ (ولادت 1945) آهي. شروعات ۾
ماستر هو ۽ نومبر 1973ع کان ڪراچيءَ ۾ سنڌي جو
ليڪچرار آهي. کيس ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق آهي.
ڪيترائي ڪتاب جهونن اديبن وٽان مفت مليا اٿس،
ازانسواءِ هندستاني اديبن سان خط و ڪتابت ڪري،
خاصو ذخيرو جمع ڪيو اٿس.
ڳوٺاڻي ماحول ۾ سندس لائبرري اهميت رکي ٿي. منجهس
پنجن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهي، جن ۾ نون
ڪتابن جو ڳاڻيٽو زياده آهي. ويجهڙائيءَ ۾ نڪتل
رسالن ۽ اخبارن جا ڳچ فائيل به هتي ڏسڻ لاءِ ملي
سگهن ٿا.
پاڪستان نيشنل سينٽر لائبرري
وفاقي حڪومت جي سهڪار سان لاڙڪاڻي شهر ۾ سال 1974ع
کان ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ قائم ڪيو ويو آهي. هي
مرڪز اطلاعات کاتي جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ سال
دوران سرڪار توڙي مذهبي ڏينهن ملهائڻ جو جوڳو
بندوبست ٿئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ مذاڪرا، تقريرون ۽
تفريحي پروگرام پڻ ترتيب ڏنا وڃن ٿا.
هي سينٽر شهر جي مرڪزي تفريح گاه ”جناح باغ“ ۾
قائم ڪيل آهي. باغ ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون
عمارتون آهن، جن ۾ ”جائيلس لائبرري“ جي عمارت سان
گڏ، سال 1958ع ۾ جوڙيل ”ٽائون هال“ پڻ آهي. هي
سينٽر به انهيءَ عمارت ۾ آهي. عمارت ميونسپل طرفان
جديد طرز تي ٺهيل آهي. هيٺ مٿي ڪشادا ڪمرا آهن ۽
هڪ شاندار سماعت گاهه آهي، جنهن ۾ جلسا ۽ مذاڪرا
ٿيندا رهندا آهن.
هڪ حـصي ۾ عاليشان لائبرري قائم ڪيل آهي، جنهن ۾
”جائيلس لائبرري“ جا قديم ڪتاب به شامل ڪيا ويا
آهن. هر سال ڪتابن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. هن وقت
لائبرريءَ ۾ ٽيهارو هزار ڪتاب جمع ٿي چڪا آهن،
جيڪي مختلف موضوعن تي تقريباَ اٺن زبانن ۾ آهن.
لائبرريءَ کي ڪيترائي ڪتاب شهرين طرفان مفت به
مليا آهن. ٻاهريان ادارا به هن مرڪزي ڪتبخاني کي
وڌائڻ ۾ مدد ڪندا رهن ٿا. ڪتابن جي ورڇ مضمونن
مطابق نهايت سهڻي نموني ۾ ٿيل آهي، جنهن کي ڏسڻ
سان دل باغ بهار ٿي وڃي ٿي.
سر شاهنواز ڀٽو لائبرري
تعلقي رتيديري جي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مشهور ڀٽه
خاندان جو فرد، زميندار ۽ برک سياسي اڳواڻ، سر
شاهنواز ولد مير غلام مرتضيٰ ڀٽو (1888 - 1957ع)،
اعليٰ سياسي بصيرت جي مالڪ ٿي گذريو آهي. سنڌ جي
بمبئي کان علحدگيءَ واري هلچل ۾ سر صاحب جو نمايان
ڪردار رهيو آهي. پاڻ ڪيترن اعليٰ سرڪاري عهدن تي
فائز رهيو.
سَر صاحب کي مطالعي سان وڏو شوق هو، انهيءَ سلسلي
۾ پنهنجي وڏي لائبرري ٺاهي هئائين. معلوم ٿيو آهي،
ته سندس لائبرريءَ ۾ چئن کان پنجن هزارن تائين
ڪتاب موجود هئا. گهڻا ڪتاب ته پاڻ ولايت مان آندا
هئائين، جنهنڪري ڪافي قيمتي ۽ ناياب ڪتاب هن
لائبرريءَ ۾ محفوظ ٿيا. سندس فرزندن سڪندر علي ۽
ذوالفقار علي ڀٽي پڻ منجهس واڌارو ڪيو.
لائبرريءَ ۾ اڪثر ڪري سياست تي ڪتاب جمع ٿيل آهن،
جيڪي گهڻي ڀاڱي انگريزيءَ ۾ آهن. اردو، سنڌي ۽ ٻين
ٻولين ۾ ڪتابن جو ٿورو تعداد ملي ٿو.
اڳوڻي حڪومت، سال 1977ع ۾، لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ آفيس
جي سامهون هڪ عاليشان لائبرريءَ جي عمارت جو ڪم
شروع ڪرايو. عمارت هينئر بلڪل تيار آهي ۽ ”ســَـر
شاهنواز ڀٽو لائبرري“ جي نالي سان سڏجي ٿي. هن
لائبرريءَ لاءِ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب به خريد ڪيا ويا
آهن. اُن وقت جي وزير اعظم، ذوالفقار علي ڀٽي
پنهنجو سمورو ڪتبخانو ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو. تازو
1984ع ۾ هن ڪتبخاني جو باقاعده افتتاح ٿيو آهي.
بخاري عبدالخالق شاهه لائبرري
سيد عبدالخالق شاهه بخاريءَ جو تعلق وڪالت جي پيشي
سان آهي، مگر پاڻ ”طب“ ۾ زياده دلچسپي رکي ٿو. وٽس
عاليشان ذاتي لائبرري آهي، جيڪا 1356هه (1937ع)
ڌاري قائم ڪيائين تاريخ، ادب، سير و سفر، سوانح
حيات ۽ طب متعلق مثالي ڪتاب وٽس جمع ٿيل آهن. هڪ
اندازي مطابق پنج هزار ڪتابن جو مالڪ آهي.
لائبرريءَ ۾ عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي
ڪتاب به آهن، جن مان فارسي ڪتابن جو ڳاڻيٽو زياده
آهي. ڪوبه معياري ڪتاب ملي ويندو اٿس، ته خريد ڪري
لائبرريءَ ۾ اضافو ڪندو آهي.
المنظر لائبرري رتوديرو
رتيديري شهر ۾، قاضي عبدالحي ”قائل“ ولد مولانا
عبدالحق، هڪ ڄاتل سڃاتل شخص آهي. سندس ڏاڏو، مولوي
خوش محمد بلند پايه عالم ۽ ”قاضي القضاة“ جي عهدي
تي فائز هو. ڳوٺ خيرو ديرو ۾ وٽس وڏو ڪتبخانو هو،
جنهن ۾ سوَن جي تعداد ۾ قلمي نسخا موجود هئا. سال
1313هه (1995ع) ۾ وفات ڪيائين سندس فرزند اهو
ڪتبخانو کڻائي رتيديري آندو.
مولانا عبدالحق ”عبد“ صاحب انگريزن جي آمد تائين
”قضا“ جو ڪم ڪندو آيو. کيس ”سب رجسٽرار“ جو عهدو
به سونپيل هو، انهيءَ ڪري ڪافي مطالعو ڪيو هئائين
(1) .
هن موروثي ڪتبخاني ۾ مستقل اضافو ڪيو. سندس
وفات (1349هه - 1930ع) بعد، هي علمي سرمايو،
”قائل“ صاحب سنڀاليو.
”قائل“ صاحب، تعليم ۾ ملازمت ڪئي، ۽ هن وقت پينشن
تي آهي. ادبي ذوق رکي ٿو. سندس فرزند به علم جي
زيور سان آراسته آهن، انهيءَ ڪري هن لائبرريءَ ۾
وڏو اضافو آيو آهي. هن وقت چئن کان پنج هزارن جي
لڳ ڀڳ عربي، فارسي، سنڌي اردو ۽ انگريزي ڪتاب جمع
ٿيل آهن. تقريباً پنج سؤ کن عربي ۽ فارسي ڪتاب به
وڏن جو ڇڏيل ورثو وٽن محفوظ آهي.
”قائل“ صاحب پنهنجي هن لائبرريءَ کي ننڍي فرزند
”منظر حيات“ جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. منجهس شعر
و شاعري، مذهب، تاريخ ۽ حڪمت بابت چونڊ ڪتاب
ملندا. سندس فرزند بلند پايه شاعر، مقصود حيات
”گل“، لائبرري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو.
راشديِ لائبرري ٺلاهه
”ٺــُـلاهه“، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ باقراڻي ريلوي
اسٽيشن جي ڏاڪڻي طرف ميل کن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ
آهي. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ منجهس وڏو ديني
درسگاهه قائم ڪيل هو، جنهن جو باني ابوالبقا
مظهرالدين ولد سيد هدايت الله بن پير محمد راشدي
روضي ڌڻي هو.
پير صاحب عالم، فاضل ۽ حاذق حڪيم پڻ هو. اڪثر وٽس
شاگردن جو وڏو تعداد هو ۽ بنا اجرت جي درس ڏيندو
رهيو. مدرسي سان لڳ هڪ ليٿو ڇاپخانو قائم ڪيو
هئائين، جنهن مان ٻين ڪتابن کان علاوه ”هدايت
الاخون“ نالي ماهوار رسالو به جاري ڪيائين
(1) .
ٻائيتاليهه سالن جي عمر ۾، تاريخ 22 - ربيع
الثاني 1318هه (1000ع) تي وفات ڪيائين.
وٽس ورثي ۾ مليل وڏو ڪتبخانو هو، جنهن ۾ عربي،
فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هزارين ڪتاب موجود هئا
(2) .
وفات بعد هي علمي سرمايو، سندس لائق فرزند،
پير حاجي محمد بقا شاهه عرف مٺل شاهه جي هٿ ۾ آيو.
حاجي محمد بقا، ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح
(1833ع - 1935ع) جو شاگرد رشيد هو. ”خلافت تحريڪ“
۾ سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. درس و تدريس سان گڏ حڪمت ۾
به نالو ڪڍيائين. ذاتي ڪتبخاني ۾ به اضافو ڪيائين.
افسوس! اڄ هي ڪتبخانو نالي ماتر به نه رهيو آهي.
عبدالڪريم ”تراب“ بروهي جو ڪتبخانو
الحاج عبدالڪريم ”تراب“ ولد مير شادي خان محمد زئي
بروهيءَ جو نالو، لاڙڪاڻي جي تعليمي ماهرن ۾ شمار
ٿئي ٿو. تاريخ 15 - جنوري 1913ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ
جي ڳوٺ ”قــُـلي“ ۾ ڄائو. تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن
تي رهي، تاريخ 14- جنوري 1970ع تي پينشن ورتائين،
۽ هن وقت دڙي محلي ۾ آرام جي زندگي بسر ڪري رهيو
آهي.
سال 1970ع کان ”آل پاڪستان بروهي تحريڪ“ ۾ شموليت
اختيار ڪيائين. بروهي قوم، زبان ۽ ادب لاءِ جستجو
جاري اٿس. سنڌي ۽ اردو ۾ به طبع آزمائي ڪندو رهي
ٿو، خاص ڪري نثر ۾ ته ڪيترن درسي ڪتابن جا رهبر پڻ
لکيائين. ازانسواءِ ادبي نوعيت جا بي شمار ڪتاب
قلمبند ٿيل آهن، جن جو تخمينو ڏيڍ سؤ کن ٿيندو.
انهن ۾ عورتن جي رهبريءِ لاءِ زياده مواد ملي ٿو.
سنڌي، اردو ۽ بروهي زبانن ۾ ”ديوان“ به وٽس مڪمل
آهن.
بنده جو ساڻس ميل جول قائم آهي. سندس بيان مطابق،
وٽس هڪ معياري ڪتبخانو آهي، جنهن ۾ ٻن هزارن کان
وڌيڪ ڪتاب، رسالا ۽ پفليٽ محفوظ آهن.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لائبرري
مشهور انقلابي ۽ شاعر، حيدر بخش ”حيدر“ ولد الهداد
خان جتوئي (1900ع - 1970ع)، هڪ سياسي اڳواڻ ۽
زمينداري پيشي سان تعلق رکندو هو. قومي ڪمن، خاص
طرح سان هارين جي حقن لاءِ حياتي وقف ڪيائين.
انهيءِ سلسلي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جو عهدو به ڇڏي
ڏنائين. هارين جي حقن خاطر، انگريزن خلاف خوب
جدوجهد ڪيائين. ڪجهه وقت ”هاري“ اخبار به جاري
ڪيائين.
ڪامريڊ حيدر، غريبن جو همدرد ۽ مددگار هو. وٽس وڏو
علمي سرمايو جمع ٿيل هو، جيڪو سندس ڳوٺ ”بکو ديرو“
(تعلقو ڏوڪري) ۾ پيل آهي. هڪ اندازي مطابق ٽن
هزارن جي لڳ ڀڳ وٽس انگريزي، سنڌي ۽ اردو زبانن ۾
ڪتاب، رسالا ۽ پمفليٽ موجود هئا.
سنڌ سرڪار، سندس قومي خدمتن کي خيال ۾ رکندي، ڳوٺ
جي سامهون، ”حيدر هالٽ ريلوي اسٽيشن“ قائم ڪئي
آهي. لاڙڪاڻي جي گجن پور محلي ۾ سندس گهڻگهرن
”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لائبرري“ قائم ڪئي آهي،
جنهن ۾ ست - اَٺ سؤ ڪتاب آهن.
مٿين ڪتبخانن کان علاوه ضلعي اندر ٻين به ڪيترن ئي
عالمن، استادن ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙن وٽ ذاتي
نوعيت جون مختصر لائبريون پڻ موجود آهن. جيڪڏهن
انهن جو تفصيل سان ذڪر ڪجي، ته هوند ضخيم ڪتاب
تيار ٿي وڃي.
طوالت جي خوف کان فقط نالن تي اڪتفا ڪجي ٿي:
1- مولانا الله بخش ولد فيض محمد قاضي، ڪار ڙائي،
شهدادڪوٽ
(1863ع -1915ع).
2- مولانا حاجي احمد ولد فضل محمد ابڙو ملوي،
مــُـلا ابڙا
(1864ع - 1932ع).
3- مولانا حافظ محمد ڪامل ولد محمد بخش دايو، دودو
سنهڙي، لاڙڪاڻو
(1894ع -1937ع).
4- مولانا حبيب الله ولد مولانا عبدالعزيز سومرو،
ڀانڊوي، رتوديرو
(1848ع -1957ع).
5 مولانا حبيب الله ولد شير محمد نوناري
(1906ع - 1961ع).
6- مولانا سلطان احمد ولد سالار خان جتوئي،
رتوديرو
(1912ع - 1975ع).
7- مولانا شير محمد ولد پير محمد کوسو، جيئڻ
اَبڙو، قمبر
(1876ع - 1956ع).
8- مولانا عبدالله ولد آخوند عبدالرحيم
بنگلديرائي، رتوديرو
(1860ع - 1932ع).
9- مولانا عبدالله ولد عبدالمجيد نــُـوناري،
رتائي
(1865ع - 1918ع).
10- مولانا عبدالله ولد مولانا محمد ڪامل قريشي،
ٻيرائي، قمبر
(1850ع - 1924ع.
11- مولانا عبدالستار ولد قادر بخش نــُـوناري،
رتائي
(1873ع - 1942ع).
12- مولانا عبدالعزيز ولد حاجي الهرکيو ڊکڻ، ڀانڊو
قبو، رتوديرو
(1905ع - 1975ع).
13- مولانا عبدالڪريم ڪورائي
(1879ع - 1945ع)
14- مولانا عبدالوحيد ولد دين محمد چانڊيو
(وفات، هندستان 1938ع).
15- مولانا عبدالله ولد قيصر خان لاشاري، واره
(1914ع - 1975ع).
16- مولانا عطا محمد ولد عبدالغفور ڪلهوڙو، پنهون
وسايو، رتوديرو
(1892ع - 1934ع).
17- مولانا فقير محمد ولد غلام نبي تونيو، پير
شريف قمبر
(1888ع - 1911ع).
18- مولانا قاضي فيض محمد ”وعظ“ ولد دين محمد
لاکير، ڏوڪري
(وفات ڪابل 1920ع).
19- مولانا قاضي خدا بخش ولد محمد ابراهيم ڪار
ڙائي، شهداد ڪوٽ
(1861ع - 1929ع.
20- مولانا محمد ابراهيم ولد مولانا دين محمد
بٺوري، ميروخان
(1909ع - 1978ع).
21- مولانا محمد اسماعيل ولد محمد ابراهيم ميمڻ،
گل محمد ابڙو، قمبر
(1872ع - 1951ع).
22- مولانا محمد عالم ولد مولانا عبدالله قريشي،
ٻيرائي، قمبر
(1918ع - 1966ع).
23- مولانا محمد عثمان ولد حاجي محمد سهتل چاڪي،
لاڙڪاڻو
(1875ع - 1918ع).
24- مولانا ميران شاه قاري ولد سيد نــُـور شاه،
شهدادڪوٽ
(وفات، حيدرآباد دکن، 1952ع).
25- مولوي شير محمد ولد نور محمد چنو، سونو جتوئي،
لاڙڪاڻو
(1894ع - 1951ع).
26- مولوي نظير نظير احمد جتوئي، لاڙڪاڻو
(1887ع - 1967ع).
27- مولوي عبدالله ”اَثر“ ولد مولوي الله ڏنو
چانڊيو، ٻيڙو چانڊيو، قمبر
(1920ع - 1976ع).
28- شفيع محمد سومرو، محمد پور لاڙڪاڻو
(1833ع - 1981ع).
29- مولوي الله ڏنو جماراڻي، ميمڻ محلو، لاڙڪاڻو
(حيات)
30- مولوي تاج محمد آريجائي، ڏوڪري.
31- مولوي جمال الدين ابڙو، مــُـلا اَبڙا، ڏوڪري.
32- مولوي حميدالله اُنڙ، قافله سراءِ لاڙڪاڻو
(حيات)
33- مولوي خدا بخش ابڙو، مــُـلا ابڙا، ڏوڪري.
34- مولوي داد محمد بروهي،لاڙڪاڻو (حيات).
35- مولوي دوست محمد ”بلبل سنڌ“، لاڙڪاڻو (حيات).
36- مولوي سلطان احمد جتوئي، رتوديرو (حيات).
37- مولوي عبدالله چانڊيو، رتوديرو (حال لاڙڪاڻو،
حيات).
38- مولوي عبدالله چوهڙ پور، لاڙڪاڻو (حيات).
39- مولوي عبدالله کوکر، رتوديرو (حيات).
40- مولوي عبدالحق آريجو، ڏوڪري.
41- مولوي عبدالصمد ميتلو، ڏوڪري (حيات).
42- مولوي عبدالڪريم ولد مولانا محمد عالم قريشي،
ٻيراڻي، قمبر (حيات).
43- مولوي مولا بخش ”فنائي“ ابڙو، مــُـلا ابڙا،
ڏوڪري.
44- مولوي خير محمد قاري، ميمڻ محلو، لاڙڪاڻو (حال
ڪراچي، حيات).
45- مولوي محمد ابراهيم آريجو، ڏوڪري.
46- مولوي محمد ابراهيم، ڪارڙا، شهداد ڪوٽ (حيات).
47- مولوي محمد کوکر، ميمڻ محلو، لاڙڪاڻو (حيات).
48- مولوي محمد رفيق خوشنويس خاراني بلوچ، لاڙڪاڻو
(حيات).
49- مولوي محمد سليمان ولد محمد عرس ٻگهيو،
ڪاراڻي، ڏوڪري (حيات).
50- مولوي صالح نعيمي ڀٽو، آگاڻي، لاڙڪاڻو،
(حيات).
51- مولوي محمد عيسيٰ آريجو، ڏوڪري.
52- مولوي نورالدين ”نور“، ميمڻ محلو، لاڙڪاڻي
(حيات).
53- مولوي هدايت الله آريجائي، ڏوڪري (حيات).
54- الله بخش ”اَنيس“ انصاري، لاهور محلو، لاڙڪاڻو
(حيات).
55- پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، نصيرآباد، واره
(حيات).
56- خير محمد ”آزاد“ جلباڻي بلوچ، رتوديرو (حيات).
57- ڊاڪٽر برڪت الله ”تائب“، رتوديرو (حيات).
58- ڊاڪٽر سيد محمود شاهه، ”تائب“، رتوديرو
(حيات).
59- ڊاڪٽر عبدالهادي ولد عبدالغفور سرهيو، لاڙڪاڻو
(حيات).
60- سيد ديدار حسين شاهه، رتوديرو (حيات).
61- سيد ڏتل شاهه، رتوديرو (حيات).
62- سيد ذوالفقار شاهه راشدي، پير ڳوٺ نئون - ديرو
(حيات).
63- محمد علي ”جوهر“، دڙي محله، لاڙڪاڻو (حيات).
ذاتي ڪتبخانن کان سواءِ مختصر پيماني تي سرڪاري
لائبرريون به علمي، ادبي ۽ فني اعتبار کان اهميت
رکن ٿيون. اهي اڪثر علمي درسگاهن (ڪاليجن، اسڪولن
۽ مدرسن)، ميونسپالٽين ۽ آفيسن وغيره ۾ قائم ڪيل
آهن.
موهن جي دڙي ميوزم جي سان گڏ هڪ بهترين لائبرري پڻ
قائم ڪيل آهي، جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن جا ڇپيل ڪتاب به
محفوظ آهن. شهر ۾ سماجي تنظيمن طرفان ”لطيف
لائبرري“ ۽ هندو پئنچائت طرفان ”ڌرمشالا لائبرري“
پڻ موجود آهي.
|