سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :3

 

سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، ان جو مستقبل ۽

اُن جي ترقيءَ لاءِ تجويزون

ڊاڪٽر غلام علي الانا

انسانذات جي رهڻي ڪهڻي، اُٿڻي ويهڻي ۽ روزمره جي زندگيءَ جو سڀ کان اعليٰ رڪارڊ ۽ خزانو هر دور ۾ ٻولي ئي رهي آهي، جيئن جيئن ڪنهن قوم جي رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي قدرن ۾ فرق ايندو رهيو آهي، جيئن جيئن انسانذات جي تهذيب ۽ تمدن ۾ ترقيءَ آئي آهي، تيئن  تيئن انهيءَ ترقي ۽ تبديلي جو ان قوم جي ٻوليءَ تي پڻ اثر ٿيو آهي، ان ۾ پڻ تبديلي ۽ ترقي آئي آهي، ان ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. دنيا جو اهو وهنوار هر دور ۾ جاري رهيو آهي ۽ تاقيامت جاري رهندو. محترم ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي بلڪل درست لکيو آهي ته:

”هر ڪا ٻولي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ گونا گون گنج ۽ عجب اسرار آهي. ٻولي عقل ۽ علم جو وڏو وسيلو آهي(1). ٻولي انساني عمل جو نمونو آهي. ٻوليءَ ماڻهن جي ثقافتي ڪارڪردگيءَ جو حصو آهي(2)“.

ٻوليءَ جو علم، علم الانسان سان واسطو رکي ٿو. ٻوليءَ جو مطالعو ڪنهن قوم، ڪنهن سماج، ڪنهن تهذيب ۽ تمدن جو  مطالعو آهي، ڇو ته ٻولي انساني عمل جي پيداوار آهي. ٻوليون مــُـئل ماڻهن جي هــَـڏن مان نه، پر زندهه ماڻهن جي روزمرهه جي زندگيءَ مان اُڀريون ۽ اُسريون آهن. انهيءَ ڪري هيئن چئبو ته ٻولي قومن جي زندگي، ثقافت، رهڻي ۽ ڪهڻيءَ جو آئينو آهي. ٻوليءَ جي تاريخ ۾ قومن جي زندگيءَ جي تاريخ لڪل ۽ سمايل هوندي آهي.

ڊاڪٽر ٻوهئي، پورٽر جي حوالي سان لکيو آهي ته:

”انساني ٻولي عوامي پيداوار آهي. اها نه عالمن جي جوڙيل آهي ۽ نه استادن جي عالم ۽ استاد ٻوليءَ کي شاهوڪار ضرور بنائين ٿا، ان کي سينگاري، سنواري، ٺاهي ۽ جوڙي، ادبي ٻوليءَ جي حسن جو گل ضرور بنائين ٿا، پر ٻوليءَ جون اهم ترين مکڙيون دراصل انهيءَ ٽاريءَ تي پيدا ٿين ٿيون، جيڪا پنهنجو پاڻ اُڀري ۽ اُسري آهي، وڌي ۽ ويجهي آهي، ۽ ان جون پاڙون زمين ۾ کتل آهن، يعني ٻوليءَ جو اُسرڻ ڪنهن هڪ ماڻهويءَ جي محنت جو نتيجو نه آهي. اها زمين ئي آهي، جنهن مان ٻوليءَ کي پنهنجي تازگي ۽ غذا ملي ٿي(1) .

حقيقت ۾ ٻوليءَ جو اڀياس انسان ذات ۽ علم الانسان جو اڀياس آهي. پورٽر جي راءِ موجب: ”بهترين زبان اُها آهي جنهن جو بنياد ڪنهن سماج ۽ سماجي قدرن ۽ روايتن تي رکيل هجي“ (2).

ٻولي پنهنجو پاڻ ئي زندگيءَ جي هڪ نئين معيار کي ممڪن بڻائي ٿي. ٻوليءَ جي مدد سان ئي اسان پنهنجي وسيع ترين دنيا جي جدا جدا علائقن ۾ داخل  ٿيون  ٿا.

ٻوليءَ جي مٿينءَ عام وصف جي اڀياس جي روشنيءَ ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو جائزو وٺجي ٿو تڏهن چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي به هڪ سماجي قوت، علم ۽ عقل جو اٿاهه ساگر، لغت، معنيٰ، علم ادب، خيال ۽ اظهار جو هڪ گنج آهي. هيءَ ٻولي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ، ڪنهن هڪ عالم يا ڪنهن هڪ استاد ويهي ڪانه ٺاهي آهي، پر هيءَ ٻولي سنڌ جي ڌرتيءَ سان گڏ وجود ۾ آئي آهي ۽ هن جون پاڙون سنڌ جي سماج ۽ ان جي ڌرتيءَ ۾ گهڻيون اونهيون کتل آهن، جن کي پٽڻ ناممڪن آهي. اهوئي سبب آهي جو هيءَ ٻولي هر زماني ۾ عوامي ٻولي رهي آهي ۽ روزمره جي ماحول ۾ سدائين مروج، سدائين استعمال واي ۽ سندس حيثيت ۽ مقام هر زماني ۾ مڃيل ۽ موثر رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو سدائين عوام رهيو آهي. هن ٻوليءَ جي عوامي ۽ سماجي حيثيت هميشه ۽ هر دور ۾ نمايان رهي آهي. انهيءَ ڪري هيءَ ابتدا کان اڄ تائين امر رهندي اچي ۽ انشاءِ الله امر رهندي. هن کي نه ڪو ڇيهو رسائي سگهيو آهي نه وري ڪو رسائي سگهندو.

سنڌي ٻولي اسان جي تهذيب ۽ تمدن جي حفاظت جو ڪم ڪيو آهي ۽ اسان جي قومي، وطني ۽ سماجي حيثيت کي هميشه برقرار رکيو آهي. ڊاڪٽر سورلي بلڪل درست لکيو آهي ته:

”سنڌي ٻوليءَ جي لغت تي اسان جي سماج، اسان جي معاشري، اسان جي معاش ۽ معاشي حالتن جو وڏو اثر آهي ۽ ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ جهڙي ٻولي انهيءَ سماج ۾ ڪم ڪري ٿي، جهڙو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج آهي“(1).

ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي بلڪل درست لکيو آهي ته:

”هن ٻوليءَ اسان جي سماج جي اندر ۾، درياهه شاه جيان وهندي، ماڻهو ماڻهوءَ کي ڍائيندي، آباد ۽ سکيو رکندي، اسان جي ٻولي هلندي ويندي، تان جو محبتن ۽ ميلاپن، ڏوراپن ۽ ويڻن، مهڻن ۽ مهميزن، رمزن - رازن، ڏاهپن ۽ عقلن، طعنن ۽ ٽوڪن، حرفن ۽ حيفن، حقيقتن ۽ حڪمتن جا گفتا ٺهي ٺهي، ٻوليءَ کي اٿاهه ساگر ۽ عميق سمنڊ جهڙو ڪري ڇڏيندا“(1)

سنڌي زبان، سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي، ذهني ۽ فڪري ترقيءَ جو ذريعو آهي. محترم محمد ابراهيم جويي، ”سنڌي ذات هنجن“ ڪتاب جي مهاڳ ۾ فرمايو آهي:

”ٻولي، آواز - دانهن ۽ دانهن جو جواب - ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آهن، بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن“(2) .

جويي صاحب، هڪ روسي اديب ترگنيف (83 - 1818ع)، جنهن پنهنجيءَ عمر جو اڌ عرصو ڪنهن طرح بيوطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي ڇپيل قول نقل ڪندي لکيو آهي:

”جڏهن مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار، آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿي، ۽ مون کي بچائين ٿي، جي تون نه هجين ته پڪ ئي پڪ جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي رهيو آهي، ان کي ڏسي، آئون، هوند ڊهي بنهه، پــَـٽ اچي پوان، پر ڪو آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻوليءَ، عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي !“ (3)

جويو صاحب هن مثال کان پوءِ، سنڌي ٻوليءَ بابت پنهنجيءَ راءِ ڏيندي لکي ٿو:

”اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اُها اسان جو ڏڍ آهي، آٿت آهي، ۽ اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي، ۽ جيڪا ٻولي اسان کي اڄ ”سندي ذات هنجن“ جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي ۽ ان جهڙي پرک ڏيئي سگهي ٿي، اها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي ! ۽ نيٺ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي، عظيم قوم کان گهٽ، ڪنهن قوم کي ملي هجي“! (4)

هن مثال کانپوءِ هيئن چئي سگهجي ٿو ته ٻولي قومن جو آب حيات آهي. انساني روح جو سدا تازو، ڀريو ڀاڳيو پاڪ چشمو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو ماضي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ پنهنجي تمنائن جو، ڄاڻ جو، تجربي جو ۽ اڳ - ويچار ۽ پروڙ جو عڪس ڏسن ٿا ۽ اهو سڄو ڪم سندن سگهڙ، اديب ۽ شاعر ڪن ٿا (1)

سنڌي زبان کي الله پاڪ جي فضل وڪرم سان هر دور ۾ اهڙا اديب ۽ شاعر مليا، جن جي آواز نئون خون ۽ نئون جذبو پيدا ڪيو، جيڪي نه فقط پنهنجي دور ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جا ترجمان  رهيا، پر انهن مان شاهه لطيف، سچل، شاهه عنايت، سامي، شاه ڪريم ۽ قليچ پنهنجي دور جا ترجمان رهيا.

سنڌي ٻولي هر دور ۾ ارتقا پذير رهي آهي، ان جو خاص سبب هي آهي جو سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي ماحول ۽ معاشري جو هميشه گهرو مطالعو پئي ڪيو آهي. هر دور جي ماحول ۽ معاشري جي تبديلي جو اثر، ٻوليءَ تي ضرور ٿيندو رهيو آهي. اديب ۽ شاعر لاشعوري طور ان جو رڪارڊ پنهنجن لکڻين  ۾ رکندا آيا آهن، جنهن جو پتو وقت جي نقادن ۽ ماهرن جي تجزئي مان ملي ٿو.

”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا - اُبتي ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مزاج - “  واري مقالي ۾ مون عرض ڪيو هو:

”سومرن جي دور کان وٺي موجودهه وقت تائين نظم توڙي نثري صنفن جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو، تڏهن محسوس ٿو ٿئي ته اسان جو ادب، هر دور ۾، عوامي ادب رهيو، ۽ معاشري کي متاثر ڪندڙ تبديليون هميشہ سنڌي ادب ۽ ان دور جي ٻوليءَ کي به متاثر ڪنديون رهن ٿيون، جنهن ڪري سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب ۾ هميشہ سنڌي ادب ۽ ان دور جي ٻوليءَ کي به متاثر ڪنديون رهن ٿيون، جنهنڪري سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب ۾ هميشــہ وقت جي رفتار سان گڏ نوان تجربا ڪيا ويا آهن، ان کي نئون موڙ ڏنو ويو آهي، ۽ ان ۾ هر قسم جي نواڻ آندي ويئي آهي“(2)

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو:

”ادب جو سماجي ڪارج وارو اڀياس افاديت جي خيال کان اسان لاءِ ٻولي، سماج، ڪلچر ۽ ادب جي باري ۾ ڪئين نقطا واضح ڪري ٿو، ڪئين مسئلا حل ڪري ٿو، ڪئين راهون کولي ٿو ۽ ڪئين سوال اُڀاري ٿو. هن طرح اسان هن قسم جي اڀياس مان سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج جي باري ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ وڏو مواد حاصل ڪري سگهون ٿا(3).

هنن مثالن مان ائين واضح ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو موجود هه حيثيت ۽ موجوده مقام، ماهرن، وٽ مڃيل آهي. ان جي هر دور ۾ لساني، علمي ۽ ادبي حيثيت تسليم شده آهي.

سنڌي زبان هڪ نهايت قديم ۽ تاريخي زبان آهي. برصغير پاڪ - هند جي تمام جهونين زبانن ۾ هن جو شمار ٿئي ٿو. سنڌي زبان هڪ علمي ۽ سرمايدار زبان آهي، جنهن کي پنهنجي لغت، پنهنجو علم ادب ۽ پنهنجو ثقافتي خزانو آهي. منجهس اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو آهي. هن ٻوليءَ کي پنهنجو هڪ معياري رسم الخط آهي، جنهن کي ”عربي - سنڌي رسم الخط“ چيو وڃي ٿو. اهو رسم الخط پوري اسلامي دنيا جي ٻولين ۽ انهن جي رسم الخطن کان تاريخي طور قديم رسم الخط آهي، جو خالص عربي رسم الخط تان ورتل آهي. ان جي مقابلي ۾ فارسي ۽ اردو ، پشتو ۽ بلوچي زبانن جي رسم الخطن ۾ وڏو فرق آهي. فارسي زبان جو خط، نستعليق آهي، اردو زبان وارو رسم الخط فارسيءَ جي  نستعليق تان ورتل آهي، گويا پوري اسلامي دنيا ۾، عربي رسم الخط وانگر ڪامل علمي رسم الخط فقط سنڌي زبان کي عطا ٿيل آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب لکجي ۽ ڇپجي چڪا آهن.

هــِـت اهو به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته برصغير پاڪ - هند جي تهذيبي ۽ تعليمي تاريخ ۾ اهو پهريون عربي - سنڌي رسم الخط آهي، جو ديوناگري رسم الخط جي جاءِ تي خالص ديني ۽ قومي اثرن کي قبول ڪندي بحال ڪيو ويو ۽ جو سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان وٺي هلندو اچي. سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو شاهوڪار گرامر آهي، جو هر حيثيت سان مستقل ۽ سائنٽيفڪ آهي، ۽ جو سنسڪرت ۽ عربي گرامر وانگر مڪمل به آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي ماضيءَ ۾ حيثيت

سنڌي ٻولي جيتري آهي قديم، اوتري آهي سندس علمي، ادبي ۽ دفتري حيثيت قديم، موهن جي دڙي جي مهرن پڙهڻ ۾ ڪن ماهرن کي ڪجهه قدر ڪاميابي حاصل ٿيڻ کانپوءِ اهو ته چئي سگهجي ٿو ته هر ڪا ٻولي پنهنجي گهر و ماحول ۽ پاڙي ۾ ڳالهائڻ سان ســـِـکجي ٿي، پر ٻوليءَ جي لکت سکڻ لاءِ ضرور ڪي اهتمام  ڪيا ويا هوندا، ڪي بندوبست ڪيا ويا هوندا. ان زماني ۾ ڪي پاٺشالائون هونديون، جتي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو ويو هوندو. مــُـهرن ٺاهڻ لاءِ ڪي ڪاريگر هوندا، جن ڪن استادن ۽ ڪاريگرن وٽ تربيت ورتي هوندي، بلڪل ائين جيئن اڄ ڇــُـر جا پور ٺاهبا آهن، اڄ به استاد ڪاريگرن وٽ ٻالڪا يا شاگرد ڪم سکندا آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ قديم زماني ۾ ڪهڙو بندوبست هو، تنهن جي اسلام جي آمد کان اڳ جي خبر فقط تڪش شلا واري ودياليه مان پوي ٿي، ۽ ائين چئي سگهجي ٿو ته ان دور ۾ به ودوان درس و تدريس جو ڪم ڪندا هئا، ۽ هو پنهنجن چيلن ۽ شاگردن کي باقاعدگيءَ سان پاڙهيندا هئا.

عرب سياحن جي سفرنامن مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ وارا علم جوتش، علم نجوم، علم رياضي، علم طب ۽ ٻين علمن ۾ مهارت رکندا هئا. سنڌ ۾ انهن علمن جا ڄاڻو وڏا وڏا ودوان ۽ پنڊت هوندا هئا. هن مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن علمن جي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ به ڪي پاٺشالائون هونديون، جتي ودوان ۽ پنڊت باقاعدي تربيت ڏيندا هئا.

سنڌ جا واپاري ۽ خاص ڪري هٽائي، پنهنجن ٻارن کي ان وقت جي پاٺشالائن ۾ موڪلڻ جي بدران، هٽ تي ويهاري پــَـٽيءَ تي پاڙهيندا هئا. اهي ٻار پيءُ کي دوڪان تي به مدد ڪندا هئا ۽ ساڳئي وقت پنهنجي پيءَ کان لکڻ ۽ پڙهڻ جي تعليم پڻ وٺندا هئا، جنهن ۾ انهن کي پنهنجي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ کان واقف هجڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ، شين جا نالا وغيره لکڻ سکڻ، انگ، کوڙا سکڻ، حساب رکڻ، جوڙ ڪٽ، ونڊ ضرب، ڏيهي حساب، نر و وياج، گڏيل وياج، نفعي نقصان وارا حساب رکڻ کانسواءِ، هــُـنڊيون لکڻ، ڪاٻارو لکڻ، سال جي اُپت ۽ کپت جو پوتاميل ٺاهڻ، سکندا هئا، مطلب ته اهي ٻار سماجي اڀياس وارن مضمونن کانسواءِ باقي سڄو نصاب پنهنجي ڏاڏي، پيءَ، چاچي يا وڏي ڀاءُ کان دوڪان تي پڙهندا هئا.

سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان پوءِ اسلامي تعليم لاءِ خاص جتن ٿيا. مدرسا کليا. هت ڪيترائي عالم ۽ فاضل هوندا هئا، جن مان ڪن وڃي عرب دنيا کي آباد ڪيو. اهڙي طرح عرب دنيا کان ڪيترائي عالم، فاضل ۽ درويش سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا(1) ، جن پنهنجي رواداري ۽ علمي ڄاڻ سان سنڌ کي نوازيو ۽ سيراب ڪيو. هنن عربيءَ سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ کي به زور وٺايو ۽ سنڌي زبان جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي عرب دنيا سان واقف ڪرايو.

عرب حاڪمن سنڌي عالمن، طبيبن ۽ ودوانن کي بغداد پهچايو، جتي انهن جي ڏاڍي قدرداني ٿي. سنڌي عالمن، مترجمن جي مدد سان، علم طب، علم نجوم،علم جوتش، علم رياضي ۽ ٻين علمن تي ڪتاب لکيا ۽ ڄاڻ کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايو(2).

سومرن جو دور سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ جاڳرتا ۽ تبليغ جو دور هو. هن دور ۾ سنڌي زبان کي اسلام جي تعليم ۽ تبليغ جو ذريعو بنايو ويو، منجهس ڪيترو ئي ديني پرچار ۽ تبليغ جو ادب لکيو ويو. اسلام جي ٻين فرقن جي مبلغن کانسواءِ اسماعيلي فڪر ۽ فرقي جا داعي سنڌ ۾ پکڙجي چڪا هئا. انهن مان سيد نور الدين به هڪ هو، جو 1079ع ۾ آيو ۽ سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ اُچ واري خطي ۾ ٻيا داعي پڻ آيا. اسماعيلي داعين، نون اسماعيلي مسلمانن کي اسلام جا اصول آسانيءَ سان سمجهائڻ لاءِ مقامي ٻولين جو سهارو ورتو، ۽ انهن ٻولين ۾ نظم يا مقفيٰ ۽ مسجع نثر ۾ اسلام جا اصول ۽ عقيدا، اسلامي تعليم جا سبق سمجهايا، هنن شريعت جا مسئلا، روحاني علمن جا راز، تصور ۽ ويدانت جا ورق، سنڌي، ڪڇي، گجراتي، سرائڪي ۽ هندي ٻولين ۾ سمجهايا.

هنن پنهنجن خيالن کي لکت ۾ آڻڻ لاءِ ديسي رسم الخط ڪم آندو، ان رسم الخط کي چاليهه اکري يا ”خواجڪي سنڌي“ سڏيو ويو. هن رسم الخط ۾ نه فقط  اسلامي تعليم ۽ تبليغ تي ڪتاب لکيا ويا، پر هن ۾ اسماعيلي داعين، مبلغن ۽ پيرن جو ڪلام(گنان) ۽ ٻيا درسي ڪتاب پڻ لکيا ويا، جنهن ۾ ٻاڙٻوڌ، کوڙن جون چوپڙيون، رياضي، تاريخ، جاگرافي، اسلامي تاريخ، ملڪي تاريخ، اخلاقيات، شعر و شاعري وغيرهه درجيوار يعني ٻاراڻي درجي جي سطح کان وٺي ڇهين درجي تائين هوندا هئا. انهن مان ڪي ڪتاب هن وقت به برٽش ميوزم جي لائبرريءَ ۾ موجود آهن.

هن راءِ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي زبان يارهين صدي عيسويءَ کان ذريعه تعليم ۽ تدريس رهي آهي، ان وقت به ان جي حيثيت علمي، ادبي ۽ روزمره جي استعمال ۽ تجارتي وهنوار واري هئي.

سمن جي دور ۾ سنڌ ۾ اسلامي علوم جي گهڻي ترقي ٿي. جيتوڻيڪ سومرن جي دور ۾ به اسلاميات جي تعليم مدرسن ۾ ڏني ويندي هئي، پر هن دور ۾ مدرسن لاءِ جدا عمارتون پڻ ٺهيون، جن ۾ وڏا وڏا محدث، عالم ۽ فاضل تعليم ڏيندا هئا. بکر، ٺٽي، سيوهڻ، درٻيلي، ٽلٽيءَ، ٻٻرلوءِ، هالا ڪنڊي، نصرپور، اگهاماڻي ۽ ٻين شهرن ۾ جيئن پوءِ تيئن مدرسن جو تعداد وڌندو ويو، جن ۾ قرآن، حديث، تفسير، ۽ فقــہ جي تعليم ڏني ويندي هئي(1)

اسلامي دنيا ۾ اسلاميات جي درس و تدريس ۾ ٺٽي دارالعلوم  جي حيثيت اختيار ڪئي هئي. ٺٽي جي عالمن ۽ فاضلن جي علم جي هاڪ ٻڌي، ايران، افغانستان، خراسان ۽ ٻين هنڌان ڪيترائي عالم ۽ فاضل لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا(2).

مذهبي تعليم ۽ تدريس وارن مدرسن ۽ دانشگاهن سنڌي علم ادب جي ترقي ۽ سنڌي زبان جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هن دور جا وڏا عالم سنڌي زبان جا نامور شاعر پڻ هئا(3). اُنهن مان قاضي قاضن، اسحاق آهنگر، مخدوم احمد ڀٽي ۽ ٻين جا نالا فخر سان وٺي سگهجن ٿا. ساڳئي وقت مذهبي پرچار ۽ مذهبي تعليم جو ذريعو سنڌي زبان هئي. شاهه ڪريم جا بيت ۽ سمجهاڻيون، بيان العارفين جي صورت ۾ هن دعويٰ جو دليل آهن.

ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ به سنڌي زبان جو پرچار عام هو. شاهه لطف الله قادري، شاهه ڪريم، مخدوم نوح ۽ ٻين بزرگن سنڌي زبان ۾ لافاني ڪلام چيو. بيان العارفين جهڙا ڪتاب هن دور ۾ لکيا ويا. هن دور ۾ سنڌي ٻولي، عربيءَ جي نسخ ۽ نستعليق رسم الخطن لکجڻ جا ثبوت مليا آهن.

مغلن جي راڄ جو آخري عرصو ۽ ڪلهوڙن جي ابتدائي دور سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيو. هڪ طرف مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ شاهه لطيف سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي تاحيات ۽ زندهه جاويد بنائي ڇڏيو. ڀٽائي صاحب جو سنڌ تي وڏو احسان آهي. هن سنڌي زبان کي لازوال بنائي ڇڏيو ۽ اهڙي عام فهم ٻوليءَ ۾ صوفياڻو پيغام ڏنو، جنهن نه صرف سڄي سنڌ پر سنڌي زبان کي اَمر بڻائي ڇڏيو آهي. هونئن ته بيان العارفين ڪتاب مان ظاهر آهي ته ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ به سنڌي زبان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نستعليق يا نسخ خط ۾ پيئي لکبي هئي، پر نسخ خط ۾ پهريون پهريون معياري ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ جي لکڻ سان ٻن نصابي حيثيت ورتي، جنهن کي سڄي سنڌ جي عالمن تسليم ڪيو ۽ ٻيو ته سنڌي زبان لاءِ سنڌ جي سڀني مدرسن ۾ اصولي طور هڪ صورتخطي منظور ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ اهي بزرگ جيڪي نستعليق رسم الخط تي هريل هئا، سي ان ئي رسم الخط ۾ پيا لکندا هئا، پر سنڌ جي اڪثر عالمن جهڙوڪ: مخدوم ضياء الدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله ۽ ٻين عالمن پنهنجن پنهنجن مدرسن ۾ نسخ رسم الخط اختيار ڪيو. اڄ به انهن جون”ســِـنڌيون“ انهيءَ دعويٰ جو دليل آهن ته ڪلهوڙن جي دور (1700 - 1782ع) جي شروعات واري زماني ۾ به سنڌي سرڪاري طور يا عوام جي پسند موجب مدرسن ۾ ذريعهء تعليم طور استعمال ٿيندي هئي. انهن مدرسن ۾ سنڌي زبان جي صورتخطيءَ وارو مسئلو هيڪر حل ٿي ويو هو. هن کانپوءِ مدرسن ۾ ڪم ايندڙ نصابي ڪتاب گهڻو ڪري هن رسم الخط ۾ لکجڻ لڳا. ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيل درسي ڪتاب ۽ ٻين موضوعن تي موجود قلمي نسخا گهڻو ڪري نسخ رسم الخط ۾ ملن ٿا، پر ان جي باوجود نستعليق خط لکڻ جو رواج به عام هو. هن دور ۾ جيڪي سنڌي ڪتاب مدرسن ۾ درس و تدريس ۾ ڪم ايندا هئا، انهن مان ڪن جا نالا هي آهن:

ڪتاب جو نالو

مصنف جو نالو

مقدمة الصلواة

مخدوم ابوالحسن

چوعلمي

ايضاً

مخدوم ضياء الدين جي سنڌي

مخدوم ضياء الدين ٺٽوي

فرائض الاسلام

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

وصيت نامه

ايضاً

ذبح شڪار عرف راحت المومنين

ايضاً

زادالفقير

ايضاً

مطلوب المومنين

مخدوم عبدالخالق ٺٽوي

ڪنز العبرت (2 جلد)

مخدوم عبدالله نريي وارو

بدر المنير

ايضاً

نورالابصار

ايضاً

هفت بهشت

ايضاً

قمر المنير

ايضاً

سنگت نامو

ايضاً

مخدوم ابراهيم جي سنڌي

مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي هالائي

ٽالپرن جي دور ۾ به مدرسن ۾ تعليم عربيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۾ پڻ ڏني ويندي هئي. اعليٰ تعليم لاءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم جو رواج هو. ان وقت سنڌي  ٻوليءَ جو نصاب هن ريت هوندو هو: مڪتب ۾ پهرين سال کانپوءِ جڏهن ٻار لکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪندو هو، تڏهن هن کي مادري زبان يعني سنڌيءَ جي اڀياس لاءِ هڪ ڏاڪو اڳتي ٽپايو ويندو هو. ان لاءِ هيٺيون نصاب پڙهايو ويندو هو.

(1) نور نامو: هي هڪ آسان ۽ مختصر منظوم ڪتاب آهي، جنهن ۾ انسان ذات جي پيدائش کان اڳ جي تاريخ بيان ٿيل آهي. هي ڪتاب عبدالرحمان جو جوڙيل آهي. هن ۾ ڌار ڌار پيغمبرن جون چوڻيون ۽ اسلام جي پيغمبر صه جن جي مختلف حديثن کي گڏ ڪيو ويو آهي.

(2) مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون تصنيفون ۽ تفسير: مخدوم صاحب جا ڪتاب جهڙوڪ فرائض الاسلام، وصيت نامو، ذبح شڪار عرف راحت المومنين، بياض هاشمي، تفسير تبارڪ ، تفسير عمر، زاد الفقير، تهذيب الاصلاح، فتح الڪلام ۽ حيات القلوب.

(3) نظم ۽ نثر ۾ آکاڻيون: جهڙوڪ سيفاالملوڪ ۽ ليليٰ مجنون وغيرهه. سڀ کان اهم ڪتاب حڪايات الصالحين آهي، جيڪو عبدالحڪيم نالي ڪنهن عالم عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون آيل آهن، اُهي هي آهن: سوانح عمريون، اسلامي دور جي مشهور درويشن جون چوڻيون وغيره.

(4) لاڏاڻو: هن ڪتاب ۾ پاڻ سڳورن جي وفات جو بيان آهي. هي ڪتاب ميان حبيب الله جي ڪتاب ”حبيب سيار“  جو ترجمو آهي.

(5) سئو مسئلا: هي هڪ ننڍو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪيئن عبدالحليم نالي هڪ فقير روم جي بادشاهه جي ڌيءَ سان، سئو سوالن جي جواب ڏيڻ واري شرط کٽڻ ڪري شادي ڪئي.

(6) معراج نامو: هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صه جن جي معراج تي وڃڻ واريءَ حقيقت جو ذڪر آهي.

حاصل مطلب ته انگريزي راڄ جي شروعات کان اڳ، سنڌي زبان نه صرف تعليمي ۽ تدريسي زبان طور ڪم ايندي هئي، نه فقط مدرسن ۾ ذريعه تعليم طور ڪم ايندي هئي، پر هن زبان ۾ تمام وڏا وڏا اديب، عالم ۽ شاعر موجود هئا، جن پنهنجي ڪلام ذريعي، جن پنهنجن عالمانه شهپارن ذريعي، سنڌي زبان کي علمي ۽ ادبي زبان جي مقام ۽ معيار تي پهچائي ڇڏيو هو. انهن ۾ سچل، ميان سرفراز خان، ثابت علي شاهه، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، سامي، دلپت ۽ روحل جا نالا فخر سان وٺي سگهجن ٿا. نه فقط ايترو پر سنڌي زبان روزمرهه جي وهنوار کانسواءِ واپاري ڏيتي - ليتيءَ واريءَ لکت جو ذريعو پڻ هئي. خواجه، ميمڻ ۽ هندو واپاري هن زبان کي پنهنجي پنهنجي رسم الخط جي مدد سان واپاري لکپڙهه ۽ ڏي وٺ ۾ روزانو ڪم آڻيندا هئا.

سنڌي زبان جي مٿي بيان ڪيل خوبين ۽ مقام کي انگريز حڪمرانن پڻ قبول ڪيو ۽ هن زبان کي سنڌ صوبي جي سرڪاري، علمي، ادبي ۽ ڪورٽ جي ڪاروبار لاءِ استعمال ڪرڻ جو درجو ڏنو. 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ، هڪ حڪم نامو ڪڍيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ۽ سرڪاري ٻولي بنايو وڃي. هن حڪم نامي ۾ ڄاڻايل هو:

”اسان کي ملڪي ٻوليءَ (سنڌي) کي دفتري ٻولي بنائڻ گهرجي. مون کي خبر نٿي پوي ته اسان جا روينيو ۽ عدالتي کاتن جا عملدار، پارسي ۽ انگريزيءَ جهڙين غير ملڪي ٻولين ذريعي ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري سگهندا هوندا. انهيءَ سلسلي ۾ سڀني سول ڪامورن کي ارڙهن مهينن جو مدو ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪن. اهڙن ڪامورن کي ليفٽيننٽ اسٽئڪ جي ڊڪشنري وڏي مدد ڏيئي سگهي ٿي، جنهن جي ڇپائڻ جي هن کي اجازت ڏني وڃي.“

انگريزي دور ۾ سنڌي زبان لاءِ سرڪاري طور تي هڪ صورتخطي مقرر ٿيڻ ڪري، ٻوليءَ کي وڏو فائدو رسيو. سنڌ ۾ ڇاپخانا نڪتا، جنهن ڪري سنڌي زبان ۾ رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب گهڻي تعداد ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا، جن ۾ نثر توڙي نظم جي گهڻو ڪري هر صنف اچي ٿي ويئي.

هن دور ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ عالمن، دنيا جي بهترين تصنيفن ۽ اعليٰ معيار وارن مصنفن کي سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هنن انگريزي، فرينچ، جرمن، روسي، عربي، فارسي، ترڪي، هندي، بنگالي، سنسڪرت، گجراتي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل اعليٰ پايه جا ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انهن ۾ قرآن شريف، توريت، انجيل،زبور، مهاڀارت، رامايڻ، گيتا جهڙن ديني، ڌرمي ۽ مقدس ڪتابن کي سنڌي زبان جو ويس وٺايو. دنيا جي مشهور مفڪرن، اديبن ۽ عالمن جهڙوڪ: رومي، حافظ شيرازي، سعدي، خيام، جبران، شيڪسپيئر، ڊانٽي، والٽر اسڪاٽ، ڪاننڊائيل، ڊڪنس، ڪارلائل، ٽالسٽاءِ، ابسن، بيڪن، ميڪاولي، ڪاليداس، ٽئگور ۽ ٻين عظيم مغربي ۽ مشرقي دانشورن، اديبن، عالمن ۽ فاضلن جا فلسفيانه خيال ۽ ويچار ۽ ناول نويسن ۽ ڊراما نگارن جا ناول ۽ ڊراما، افسانه نگارن جا افسانه ۽ اهڙيءَ طرح مضمون، شعر ۽ ٻيو مواد سنڌيءَ ۾ آندو ويو آهي. اهڙيءَ طرح پيغمبر صه اسلام کان وٺي حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت ابراهيم توڙي ٻين پيغمبرن کانسواءِ خلفاءِ راشدين، امامن، اصحابن، ولين ۽ درويشن جا احوال به سنڌي زبان ۾ ڇپجي چڪا آهن. مطلب ته سنڌي نثر ۾ ابن خلدون، بوعلي سينا، امام غزالي، شري ڪرشن، شري رامچندر، مهاتما گوتم ٻڌ، گرونانڪ، ڪبير، ميرا ٻائي توڙي ٻين فيلسوفن حڪيمن، عالمن ۽ سالڪن جي حياتين جا ڪارناما پڻ قلمبند ٿيل آهن. حاصل مطلب ته انگريزي دور ۾ دنيا جي مشهور ٻولين  ۽ نامور اديبن ۽ شاعرن جون نامور تصنيفون سنڌي زبان ۾ سنڌي ادب جو حصو بنجي ويون.

آزادي کانپوءِ سنڌي زبان ۾ هيڪاري وڌيڪ ترقي ٿي آهي ۽ موجوده وقت جي ادب کي ڏسندي ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ٻوليءَ سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهي ٿي. هن زبان ۾ هر قسم، هر مضمون ۽ موضوع تي مواد ميسر آهي. ٻوليءَ ۾ وسعت سبب اُن  جا شاعر، اديبن، عالم ۽ فاضل ان کي موجوده وقت هر علم ۽ فن ۾ پنهنجي اظهار جو وسيلو بنائي چڪا آهن. موجوده وقت جي بين الاقوامي مسئلن کي به سنڌي زبان ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. سنڌي شاعرن جو ڪلام، سنڌي ناول ۽ افسانه، ايشيا، يورپ، آفريڪا ۽ آمريڪا جي سڌريل ٻولين جهڙوڪ: انگريزي، جرمن، اطالوي، روسي، چيني، هندي، اردو  وغيره ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.

هلندڙ دور ۾ شاعرن ۽ اديبن مختلف موضوعن ۽ مضمونن آهر سنڌيءَ ۾ نوان نوان لفظ گهڙيا ۽ جوڙيا آهن. مختلف شعبن ۾ ماهرن فني اصطلاحن کي سنڌي ويس وٺايو آهي. زراعت، اقتصاديات، علم طبعي، علم ڪيميا، علم ارضيات، علم الانسان توڙي اهڙن ٻين مضمونن جا فني اصطلاح سنڌي ٻوليءَ جو روپ وٺي چڪا آهن. انهن سڀني خوبين ۽ خصوصيتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو ماضي شاندار، حال ترقي پذير ۽ مستقبل وڌيڪ روشن نظر اچي ٿو. هن سلسلي ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ جي راءِ تجربي واري ۽ معلوماتي آهي. پير صاحب لکي ٿو:

”سنڌيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم اهڙي زور شور سان اسان جي ڏسندي شروع ٿيو ۽ جيڪي ڪجهه اڄ تائين ٿي چڪو آهي، سو حيرت ۾ وجهندڙ آهي. جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته آزاد پاڪستان اندر جيترو علمي ۽ ادبي ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي، اوترو ڪنهن به مقامي زبان ۾ ڪونه ٿيو آهي. زيور هر ڪا پائي پر ڪا زيور ٺمڪائي به ته ڏيکاري! سنڌي اهل قلم حضرات بلڪل  ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. خدا کين نظر بد کان بچائي ۽ سندن همتون  بلند ڪري. هنن ملڪ جي وڏي علمي خدمت ڪئي آهي. جڏهن ميان محمد حنيف صديقي يا ڊاڪٽر دائود پوٽو يا آئون ڌڪا ٿاٻا کائيندا، ڪتاب ڳولهيندا، ڳهندا، ڇپائيندا، اوڌر تي وٺندا پئي وياسين، تڏهن اسان کي هي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته اسانجن پنهنجن مان ڪو اهڙو نسل پيدا ٿيندو جو سمورو اباڻو لساني ورثو ۽ خزانو ڳولهي ڦولهي، هٿ ڪري، هميشــہ لاءِ محفوظ ڪري وٺندو. اسان جي ابتدائي ڏينهن ۾ اڪثر ماڻهن کي ناٽڪن ۽ گانن جو شوق هوندو هو. ڪنهن کي اها اميد هئي ته اهي ساڳيا ماڻهو، چچنامو، معصومي، طاهري، تحفةالڪرام، بيگلار نامو، مڪلي نامو وغيره جهڙن خشڪ ڪتابن ڏانهن مڙي پوندا يا پنهنجن زنده جاويد املهه ماڻڪ شاعرن کي ڳولهي، انهن جي ٻولي ٻولڻ لڳندا! شاعرن جو ذڪر ڇڙيو آهي ته منهنجي هيءَ ڳالهه ٻــُـڌي ڇڏيو ته مان هن زماني ۾ اهڙا شاعر به ڏسان ٿو، جن جو ڪلام ڪنهن ڏينهن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام سان ڪلهو گسائيندو نظر ايندو(1) “.

سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ اهميت کي سمجهي جيئن انگريز عالمن پنهنجي حڪومت جي ابتدائي دور کان وٺي ان کان پڙهڻ، ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڪرائڻ شروع ڪئي، تيئن آزاديءَ کان اڳ يا ان کانپوءِ آمريڪا، يورپ ۽ رشيا جي عالمن، اديبن ۽ محققن، جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ ان جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. برطانيا جي لنڊن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز، فرانس جي پئرس يونيورسي، هيلسنڪي، آمريڪا جي مينسونيا ۽ ٽئڪساس ۽ هارورڊ يونيورسٽي ۾ سنڌي زبان تي لسانيات جي جديد علم جا ماهر تحقيق ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح جرمنيءَ جي بان يونيورسٽيءَ جي مشهور ماهر فاضل ڊاڪٽر انيمري شمل نه صرف سنڌي زبان تي مهارت رکي ٿي، پر لطيف ۽ سچل تي بيشمار مقالا ۽ ڪتاب لکي چڪي آهي. اهڙيءَ طرح اٽليءَ ۾ ڊاڪٽر تــُـربياني، ماسڪو ۾ راياييگو راوا ۽ پروفيسر گنڪووسڪي سنڌي زبان جا ماهر ليکجن ٿا. اهي حقيقتون ۽ نقطا ثابت ٿا ڪن ته سنڌي زبان جي علمي، ادبي ۽ لساني حيثيت دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري چڪي آهي، ۽ هن زبان جو مستقبل گهڻو روشن آهي. هن ڳالهه لاءِ هي به بيان ڪرڻ ضرروري آهي ته سنڌي زبان جي تخليقي ۽ تحقيقي ادب ۾ غير ملڪي اديبن ۽ ماهرن دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آهي. بان، لنڊن، واشنگٽن، هونولولو، هارورڊ، ماسڪو، ٽوڪيو، بيجينگ، فرئنڪفورٽ ۽ هيلسنڪي وغيره ۾ انهن ملڪن ۽ شهرن جي اديبن ۽ شاعرن سنڌي زبان ۾ لکيل افسانن ۽ شعر جو ترجمو ڪيو آهي.

موجوده دور جو سنڌي افسانو، ناول، ڊرموا، مضمون، گيت توڙي نظم، دوها، وايون، ڪافيون ۽ غزل سنڌ ۽ سنڌي زبان جي روشن مستقبل جي بشارت ڏين ٿا. موجوده دور ۾ لکيل ادبي صنفون انگريزي، فرينچ، جرمن ۽ يورپ جي ٻين ترقي يافته زبانن ۾ لکيل صنفن وانگر معياري آهن. انهيءَ ڪري ايندڙ زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي روشن مستقبل لاءِ وڏيون اميدون رکي سگهجن ٿيون.

سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جون، پنهنجن بزرگن جون، نيڪ مردن جون، سياڻن ۽ سرويچن جون، اديبن ۽ عالمن جون، انهن جي سوچ ۽ ساڃاهه جون، سندن آسن ۽ اميدن جون، سندن امنگن ۽ جذبن جون ۽ سندن ڪوششن ۽ ڪاوشن جون ڳالهيون بيان ٿيل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ شناسيءَ جي سلسلي ۾ سوين مضمون، مقالا، ڪتابڙا ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهن سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ نون موضوعن ۽ مضمونن، بلند تخيل، ٻوليءَ ۾ پختگي، لفظن جي فراواني ۽ وسعت سبب اڄ جو نثر توڙي نظم دلپسند آهي. اڄ جو پڙهندڙ انهن ۾ پنهنجي پسند، پنهنجي دور ۽ ماحول جون ڳالهيون ڏسي ٿو. هر پڙهندڙ اڄ جي ادب ۾ بيان ڪيل موضوع يا مضمون، ڇيڙيل ڳالهين ۽ نڪتن کي پنهنجون ڳالهيون ۽ نڪتا، پنهنجي دور جون ڳالهيون ۽ حقيقتون، پنهنجي ماحول ۽ سماج جون ڳالهيون، پنهنجن سهيوڳين ۽ همعصر ماڻهن جون ڳالهيون سمجهي، گهڻي چاهه سان انهن کي پڙهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هر طبقي ۾ هاڻ سنڌي زبان ۾ ڇپيل مواد جي مطالعي جو شوق وڌيل آهي.

هن زبان ۾ وقت جي گهرجن ۽ ضرورتن کي سامهون رکندي، سماجي علمن ۽ ٻين موضوعن طرف ڌيان ڏنو ويو آهي. هن سلسلي ۾ علم اقتصاديات، علم سياسيات، علم تاريخ، علم سماجيات ۽ ٻين علمن تي اصلوڪن ڪتابن لکڻ ۽ ٻين زبانن ۾ ڇپيل معياري ڪتابن جي ترجمي جو ڪم جاري آهي. سنڌ جي تاريخ تي بهترين ڪم ٿيو آهي ۽ اڃا به ٿي رهيو آهي، ڪيترائي اعليٰ معيار وارا تاريخي مقالا ۽ ڪتاب  ڇپجي چڪا آهن. ٻين سائنسي علمن کانسواءِ لسانيات جي علم تي به اطمينان بخش ڪم ٿيو آهي.

حاصل مطلب ته هن وقت تائين سنڌي زبان پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪري چڪي آهي. هن ٻوليءَ ۾ نظم توڙي  نثر ۾ گهڻو ڪري هر موضوع ۽ مضمون تي لکيو ويو آهي. منجهس هر قسم جو مواد ملي ٿو. غزل، ڪافيون، نظم، گيت، وايون، دوها ۽ بيتن کانسواءِ افسانا، ناول،قصا، ڪهاڻيون، سائنسي علوم، حڪمت ، فلسفي، تاريخ جا جلد، سلوڪ ۽ معرفت جا بيان، لغت ۽ لسانيات، انشاپردازيءَ جا شاهڪار، واپاري قبوليتون، قانوني دستاويز، سياسي ۽ سرڪاري معامله بنديون، ڪورٽن جا فيصلا ۽ روداديون، هنر ۽ حرفت، تعليم ۽ تربيت، تحقيق ۽ معلومات جا تفصيل، مطلب ته موجوده وقت سنڌي زبان ۾ هر صنف تي مواد موجود آهي، هر صنف تي لکي سگهجي ٿو ۽ هر صنف تي لکجي رهيو آهي.

هن زبان ۾ جديد ادب جي روشنيءَ ۾ ماحول ۽ معاشري جو گهرو مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. اديبن ۽ شاعرن حقيقت پسندانه انداز ۾ معاشري جو اونهو اڀياس ڪري، حالات جي ترجماني ڪئي آهي. سنڌ، سنڌي زبان، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت سان جيڪي زيادتيون ٿيون آهن، انهن جي رد عمل ۾ وطن دوستي ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جي تحفظ بچاءُ جو جيڪو جذبو پيدا ٿيو، تن اديبن ۽ شاعرن کي متاثر ڪيو. هنن ان سلسلي ۾ گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي، جيڪو سڀ ڪجهه سنڌي ٻوليءَ جي موجوده ادب ۾ ملي ٿو.

سنڌي اديبن ۽ شاعرن پرڏيهي صنفن کان سواءِ، سنڌ کان ٻاهر پاڪستان جي ٻين صوبن جي لوڪ ادب وارين صنفن تي پڻ، سنڌي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪلاسيڪي ادب ۾ وائي، ڪافي، دوهي ۽ سورٺي جو نه فقط موضوع ۽ مضمون بدلايو ويو آهي، پر انهن صنفن جي سٽاءُ تي به نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ عروضي بحرو وزن کي ملائي نئيون هيئتون پيدا ڪيون ويون آهن(1) . غزل جو فارسي وارو ڪلاسيڪي رنگ، لب و لهجو ۽ ماحول مٽائي ان کي ٺيٺ سنڌيءَ ماحول ۽ اسلوب ڏنو ويو آهي(2)

موجوده سنڌي ادب ۾، شاعريءَ جي مزاج ۾ فرق آندو ويوآهي. ٻوليءَ ۾ رس ڀريا لفظ ڪم آڻي، ان ۾ نفاست، نزاڪت، نرملتا، ڪوملتا، ڀاو، رس، لذت ۽ لي پيدا ڪئي ويئي آهي: مـہ جبين، مــہ لقا، مـہ وش جهڙن اوپرن ۽ اُڌارن لفظن جي بدران مٺڙا، بانورا، سائين جهڙا وڻندڙ لفظ ڪم آندا ويا آهن، جن ۾ پنهنجائپ وڌيڪ آهي. شاهه لطيف، شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح وانگر موجوده دور جي شاعرن به تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين لاءِ مقامي ٻولي ۽ مقامي ماحول ۽ رنگ وارا لفظ ڪم آندا آهن، جنهنڪري سندن ٻولي وڌيڪ رس ڀري لڳي ٿي. مثال طور لطيف جو هي بيت ڏسو:

سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪــُـسرَ نسريا
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا

يا مخدوم نوح جو هي بيت:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهوئا
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي

موجوده شاعرن پڻ مقامي ماحول ۽ منظر جي عڪاسي ديسي لفظن ذريعي هن ريت ڪئي آهي:

ڦــُـٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،

نمن جهليو آ ٻــُـور

ڪيسين رهندين دور!

يا:

او سانوري

او سانوري

سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي

ڪر خبر ڇو ٿي روئين

ڇو ٿي رئين ڇا جي ڪري؟

نه صرف موضوعن جي لحاظ کان سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب مالدار ۽ مايدار نظر اچن ٿا، پر ادبي صنفن ۽ انهن لاءِ مناسب فن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان به سنڌي زبان پنهنجو مقام حاصل ڪري چڪي آهي. اسلوب بيان، ماحول جو  مطالعو، حقيقت نگاري، منظرن جي عڪاسي، ٻوليءَ جو استعمال ۽ اهڙيون ٻيون خوبيون سنڌي زبان جي اعليٰ مقام ۽ معيار لاءِ پختا دليل آهن. هن سلسلي ۾ محترم سيد حسام الدين راشديءَ بلڪل درست لکيو آهي ته:

”سنڌ جو فڪر، سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ذهن جي جيڪڏهن تلاش ۽ تحقيق ڪرڻي هجي ته اُها غزل گو شاعرن جي ديوانن مان نٿي ڪري سگهجي، بلڪل ڪافين، ڏوهيڙن ۽ ٻين ٺيٺ سنڌي صنفن جي کاڻ مان مڻين هيرن کي ڪڍي، پروڙي ۽ پرکي سگهجي ٿي.

سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن، هر دور ۾ ان دور جي مسئلن، طبقاتي ظلمن ۽ سماجي بيرحمين کان متاثر ٿي، ان لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هن دور جو ادب زماني جي سنڌ جي چشم ديد ۽ حقيقت ڀري تاريخ آهي. هن دور جو ادب بامقصد ادب آهي. سنڌ جي جديد شاعرن نه فقط سنڌي شعر کي بامقصد بنايو آهي، ليڪن زبان کي جيڪي ڏاج ۽ ڏيوڻ ڏنا اٿن، سي پڻ اچرج ۾ وجهندر آهن“(1) .

حاصل  مطلب ته سنڌي زبان موجوده وقت تعليم و تدريس، علم و ادب، نشر و اشاعت، اخبار، ريديو، ٽي - وي، فلم ۽ ٻين ذريعن لاءِ به بهترين طور ڪم اچي رهي آهي ۽ ان لاءِ بهترين صلاحيتون رکي ٿي. هيءَ زبان هن وقت وسيع، مالدار، شاهوڪار ۽ لغوي خزاني سان ڀرپور ٻولي آهي، جنهن ۾ ترقي يافته ٻولين وانگر گهڻو خزانو موجود آهي. هن ۾ هڪ شهوڪار، سرمايدار ۽ مايدار ٻوليءَ وانگر لغت جو اٿاهه خزانو آهي. هن ۾ هڪ لفظ لاءِ ساڳي معنيٰ رکندڙ ڪيترائي لفظ ۽ هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون رکندڙ لفظ ميسر آهن. هيءَ زبان تحرير توڙي تقرير لاءِ، روزمره جي ڪاروبار ۽ واپاري ڏيتي ليتيءَ لاءِ انشاء پردازي، اشاعت ۽ ابلاغ جي ذريعن لاءِ، تعليم ۽ تدريس لاءِ ۽ علم ادب لاءِ هڪ معياري زبان طور ڪم اچي رهي آهي. مطلب ته سنڌي ٻولي هاڻ دنيا جي ترقي يافته زبانن جهڙي حيثيت ۽ مقام حاصل ڪري چڪي آهي. هن وقت هن ٻوليءَ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن، مقرر ۽ مترجمن وٽ نئون ذهن، نوان خيال، نوان جذبا، نوان امنگ، نوان لاڙا ۽ ٻوليءَ جو اکٽ خزانو موجود آهي، جيڪو هن زبان جي شاندار مستقبل جي ضمانت ڏئي ٿو.

سنڌي زبان جو مستقبل ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ تحويزون

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي زبان جو مستقبل روشن آهي، جيڪي ڪجهه ماضيءَ ۾ ٿيو آهي يا جيڪي ڪجهه حال ۾ ڪيو ويو آهي، ان جو جڏهن پير علي محمد شاهه راشدي، حسام الدين شاهه راشدي، ڀيرومل، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،مرزا قليچ بيگ ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي تنقيدن ۽ تجزين جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن محسوس ٿو ٿئي ته سنڌي زبان جو آئيندو گهڻو بهتر نظر اچي ٿو. ان سلسلي ۾ آءِ آءِ قاضي فرمايو هو ته:

"سنڌي زبان جي بقا جو هڪ موثر طريقو هي آهي ته سنڌين ۾ قوت فڪر پيدا ٿئي. جيئن جيئن نئين خيال ۽ نئين معنيٰ کي سنڌي زبان ۾ قلمبند ڪن، ائين ڪرڻ سان زبان جي زندگي ۽ بقا جو سوال پاڻهي حل ٿي سگهي ٿو."

سيد حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ٻوليءِ جي مستقبل ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ تجويزون ڏيندي لکيو آهي ته:

”شعر، افساني ۽ ڊرامي کان سواءِ ٻيا به اهم موضوع آهن، جن تي نئين نسل کي فوري توجهه ڏيڻ کپي، ڪابه قوم فقط شعر، افساني ۽ ڊرامي سهاري جيئري رهي نه سگهندي. سنڌ جي تاريخ به هڪ اهم موضوع آهي، جيڪو هن وقت تائين اکين کان ٽريل رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ طرف ڌيان ڏيڻ سان، سندن ادبي تعليمات ۾ نئون رنگ ۽ رس ڀرجي ويندو، نوان موضوع ملندا ۽ نرالا عنوان قائم ٿيندا ۽ پنهنجن خواهه پروان جون اکيون کلي پونديون.“

سيد صاحب اڳتي لکي ٿو:

"هن جدوجهد ۾ هيلتائين جي زماني ۾ اهائي قوم قائم رهي سگهندي، جيڪا ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي هلڻ جي ڪوشش ڪندي. هن خطرناڪ ۽ عجيب دور ۾ اها قوم جيئري رهندي ۽ اهوئي ماڻهو رفتار سان گڏوگڏ پنهنجي رفتار قائم رکندو ايندو"(1)

حقيقت ۾ ٻنهي بزرگن يعني علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي جي ڳالهين ۽ اهم نقطن اسان کي خبردار ڪيو آهي، تن تي فورن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ سنڌي زبان فقط افسانوي ادب جي گهڻي ۾ گهڻي مواد پيش ڪرڻ سان ترقي يافته زبانن جي دائري ۾ داخل ٿي نه سگهندا. 1982ع ۾ مسٽر مراد علي مرزا، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾، هڪ سيمينار ۾ پڙهيل مقالي ۾ اسان سڀني کي خبردار ڪيو هو. مرزا صاحب اهو چئلينج ڏنو هو ته سنڌي زبان ۾ سائنسي علمن تي ڪم ڪونه ٿيو آهي، جنهن کي اسين سائنسي علمن واري فئڪلٽيءَ ۾ شامل ڪري سگهون. مرزا صاحب اهو خدشو ظاهر ڪندي فرمايو هو ته جيڪڏهن اسان جي عالمن، استادن ۽ ليکڪن جديد فني علمن جهڙوڪ انجنيئرنگ، اليڪٽرانڪس ڪمپيوٽر، علم طبعي، علم ڪيميا، علم ارضيات، علم حياتيات، علم طب ۽ اهڙن ٻين علمن تي سنڌي زبان ۾ مواد پيش نه ڪيو ته سنڌي زبان اڳتي وڌي نه سگهندي ۽ اسان فقط شاعري ۽ افسانوي ادب تي لکيل چند ڪتابن کي زبان جي ترقي سمجهي خوش فهميءَ ۾ رهجي وينداسين. سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ سنڌيدان انهن موضوعن جي استادن جي حيثيت ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مقرر ٿيل آهن. اهو انهن سنڌيدان استادن جو فرض آهي ته پنهنجي روزمره جي مشغولين مان ڪجهه وقت هن طرف صرف ڪن ۽ مٿي بيان ڪيل علمن تي سنڌي زبان ۾ مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکن.

1973ع واري آئين ۾ ۽ ان کان پوءِ موجوده حڪومت طرفان جاري ڪيل تعليمي پاليسيءَ ۾، صوبائي زبانن جي ترقيءَ ۽ صوبن ۾ ذريعهء تعليم طور استعمال ڪرڻ لاءِ واضح طور پاليسي اختيار ڪئي ويئي آهي، پر ان جي باوجود سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور ۽ سکر جهڙن وڏن شهرن ۾ سنڌي ميڊيئم اسڪولن جو پورو اهتمام ڪيل نه آهي. مشنري اسڪولن ۾ انگريزيءَ جي جاءِ تي قومي زبان يا صوبائي زبان کي ذريعهء  تعليم طور اختيار ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان واضه ڪيل احڪامن جي ڪابه پوئواري ڪانه ڪئي آهي.

سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي لازمي زبانن طور ڪلاس ٽئين کان پڙهائڻيون آهن، پر جيڪڏهن جاچ ڪئي ويندي ته ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ انهيءَ حڪم تي عمل نٿو ٿئي. واسطيدار آفيسرن لاءِ لازمي آهي ته حڪومت جي پاليسيءَ تي عمل ڪرائين.

سنڌي زبان 1849ع کان سنڌ ۾ دفتري ۽ ڪورٽ جي زبان طور استعمال ٿيندي آئي آهي ۽ سنڌي زبان کي انگريزيءَ سان گڏ سنڌ ۾ صوبائي زبان طور رهڻو آهي. تازو ڪن سرڪاري دفترن، حڪومت جي پاليسيءَ جو خيال نه رکندي دفترن ۾ اردوءَ کي رائج ڪيو آهي، ۽ سنڌي زبان کي انهن دفترن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي. ڪراچي سنڌ جي صدر مقام هجڻ جي باوجود ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريسن، سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن انگريزيءَ جي جاءِ تي اردوءَ کي رائج ڪيو آهي، پر سنڌي زبان کي جائز مقام نه ڏنو آهي. مناسب هيئن ٿيندو ته انهن ادارن ۾ سنڌيءَ کي صوبائي زبان جو حق ڏنو وڃي.

1972ع ۾ سنڌي لئنگويج ائڪٽ ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته سنڌي زبان جي ترقي لاءِ Sindhi Language Authority نالي ادارو قائم ڪيو ويندو، جيڪو سنڌي زبان جي ترقيءَ لاءِ وقت بوقت راهنما اصول ٺاهيندو  ۽ سنڌ سرڪار کي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ سفارشون ڪندو رهندو، بيحد ضروري آهي ته اهو ادارو فوراً قائم ڪيو وڃي.

سنڌي زبان ۾ تحقيق ۽ تفتيش لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي ڪئمپس ۾ ”شاهه لطيف چيئر“ ۽ ”سچل چيئر“ قائم ڪئي وڃي. انهن ٻنهي ادارن کي تحقيقي پروگرام ٺاهڻ لاءِ چيو وڃي.

سنڌي زبان ۾ ٻارن جي ادب جي فروغ لاءِ ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي ۽ اڳ ڇپايل ناياب ڪتاب ٻيهر ڇپائي ظاهر ڪيا وڃن ۽ پڻ نوان ڪتاب لکرائي ڇپايا وڃن.

سنڌي زبان ۾ ٻارن جي ادب جي فروغ لاءِ خاص جتن ڪيا وڃن. ان کانسواءِ سنڌي زبان ۾ ديني ادب جي فروغ لاءِ ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي ۽ اڳ ڇپايل ناياب ڪتاب ٻيهر ڇپائي ظاهر ڪيا وڃن ۽ پڻ نوان ڪتاب لکرائي ڇپايا وڃن.

سنڌي زبان ۾ سائنسي علمن تي ڪتاب لکرائڻ ۽ ڇپائڻ لاءِ يونيورسٽين ۾ تحقيقي ادارا قائم ڪيا وڃن ۽ سائنس جي موضوع جي استادن کي پنهنجن پنهنجن موضوعن تي ڪتاب لکڻ لاءِ همٿايو وڃي.

سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، شاهه ولي الله اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن کي ڀرپور مالي امداد ڏني وڃي.

ڪراچيءَ  ۽ ٻين شهرن ۾ لئبررين لاءِ سنڌي ڪتابن جي خريد ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان حڪمناما جاري ڪيا وڃن.

سنڌي زبان ۾ چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن لاءِ اجازت ڏني وڃي.

انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ سان سنڌي زبان جي ترقي ۽ فروغ لاءِ نوان دروازا کــُـلي پوندا ۽ هيءَ زبان وڌيڪ ترقي ڪري سگهندي.


(1) الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 1978ع، ص 132

(2) الهداد ٻوهيو ڊاڪٽر سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1978ع، ص 133.

(1) الهداد ٻوهيو، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 43.

(2) ايضاً

(1) الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص 135.

(2) رسول بخش پليجو:  ”سنڌي ذات هنجن“ 1982ع، ص 8.

(3) ايضاً

(4) رسول بخش پليجو: ”سندي ذات هجن“، مهاڳ.

(1) ايضاً.

(2)غلام علي الانا، ڊاڪٽر، مقالو - سماهي مهراڻ، سال 1979ع، نمبر 2، ص 124.

(3) الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 105

(1) علامه عبدالڪريم بن محمد سمعاني: الانساب، ليڊن، 1912ع، ص 237

(2)هن دعوا لاءِ ڏسو عرب سياحن - اصطخري، مسعودي، بشاري مقدسي، ابن نديم، البيرولي، جا خط ۽ بزرگ بن شهريار جا سفر ناما.

(1) مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع، ص 413.

(2)مولائي شيدائي: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 359.

(3) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: شاهه لــُـطف الله قادريءَ جو ڪلام، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1970ع.

(1) علي محمد راشدي، پير: ”اهي ڏينهن  اهي شينهن“، سنڌي ادبي بورڊ.

(1) تنوير عباسي: مقالو.

(2) عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1983ع، ص 272.

(1) سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ڪراچي - حيدرآباد، انجمن تاريخ سنڌ، 1981ع، ص 676 ۽ 679.

(1) سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص 681

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com