سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع

مضمون

صفحو :6

 

هالا جا ڀٽي بزرگ

هالا ڪنڊي جو ڀٽي  بزرگ مخدوم اسحاق ڀٽي، حضرت غوث بهاؤ الحق ذڪريا ملتاني جي خاندان جو مريد هو، کيس ٻه فرزند ٿيا: مخدوم محمد ۽ مخدوم احمد.

مخدوم احمد: تارڪ الدنيا بزرگ هو ۽ اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هو. البت ڪڏهن ڪڏهن سماع ۽ ذڪر جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. سماع سان ڏاڍي دلچسپي هيس. آخري عمر ۾ هڪ ڀيري نيرون ڪوٽ(حيدرآباد) ويو ۽ اتي هڪ سماع جي مجلس ۾ شرڪت ڪيائين. ان سماع جي محفل ۾ هڪ سوناري ڇوڪري هي سنڌي بيت ڏاڍي وڻندڙ آواز ۾ آلاپيو:

سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.

اهو بيت ٻڌندي مٿس وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويئي ۽ ان حالت ۾ ئي وصال فرمايائين. ان کان پوءِ ڇوڪري هي بيت پڙهيو:

سر ڏيڻ سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،
مرڻا منهن نه موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي.

مخدوم صاحب سنه 1527 ع ۾ وفات ڪئي ۽ هالن ۾ مدفون ٿيو. کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم فتح الله سجاده نشين ٿيو.

مخدوم محمد: عالم ۽ بزرگ هو، شريعت جي سختيءَ سان پابندي ڪندو هو. خدا جي مخلوق جي روحاني اصلاح سان گڏ سندن دنيوي حاجت روائيءَ لاءِ حاڪمن وٽ سفارشي به ٿي ويندوهو. انهيءَ ئي سلسلي ۾ سنڌ جي حاڪم ڄام نندي سان به ملاقات ڪيائين. سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ مخدوم محمد يوسف سجاده نشين ٿيو.

هن خاندان مان وقت بوقت ڪيترائي بزرگ، عالم ۽ شاعر ٿيا. خاص طرح سان مخدوم عبدالرئوف ڀٽي(وفات 1752ع) جو نالو قابل ذڪر آهي، جيڪو مولود جو پهريون باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي.

مخدوم عبدالرؤف ڀٽي: ڪلهوڙن جي دور ۾ هن خاندان مان مخدوم عبدالرؤف ڀٽي هالا ۾ وڏو بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سنه 1682ع ڌاري هالا ۾ سندس ولادت ٿي، ۽ 1752ع ۾ مدينه منوره ۾ وفات ڪيائين. سنڌي زبان ۾ مولود جو پهريون ۽ باڪمال شاعر آهي. سندس مولود ۽ مداحون مشهور آهن، جن ۾ نبي ڪريم صلي الله علـيــہ و آلــہ، وسلم جي ثنا ۽ صفت بيان ڪيل آهي ۽ سندن روضي اقدس جي زيارت لاءِ سچي سڪ جو اظهار ڪيل آهي. هن قسم جو مضمون جيتوڻيڪ کانئس اڳ جي شاعرن جي شعر ۾ به ملي ٿو، پر باقاعده هڪ شاعريءَ جي صنف مولود جي صورت ۾ مخدوم عبدالرئوف ڀٽي جو ڪلام ئي ملي ٿو. مخدوم صاحب جا مولود فني لحاظ کان نهايت پختا آهن. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اها صنف اڳ ۾ وجود ۾ اچي چڪي هئي ۽ سنڌ ۾ مقبول عام هئي.

فني لحاظ کان مولود ڪافيءَ سان لاڳاپو رکندڙ هڪ صنف آهي. ڪافي سازن تي ڳائبي آهي، پر مولود الحان سان ٻڌايو ويندو آهي. ان کان سواءِ مولود اٺ ڏهه ڄڻا ٽولين ۾ ويهي ٻڌائيندا آهن. هينئر ٽوليءَ جي صورت ۾ مولود ٻڌائڻ جو رواج نڪرندو پيو وڃي. اڄڪلهه اڪيلو ماڻهو به مولود ٻڌائيندو آهي. مخدوم صاحب جون مداحون الف اشباع جي نظم ۾ آهن ۽ سندس مولودن مان ڪيترا علم عروض موجب موزون مولود به آهن: مثلاً:

محمد ڏسي من ٺاريان، جنهن لئي اڪنڊيو آهيان،
روضو ڏسي سڪ لاهيان، جنهن لئي اڪنڊيون آهيان.

هي مولود بحر رجز مثمن تي آهي. هيٺيون مولود بحر هزج مثمن سالم تي ٺهيل آهي:

ڪري سينگار اڄ آيو، عجب اسرار بسم الله.

هن مان ثابت ٿئي ٿو ته عروضي شاعريءَ جا نمونا به ڪلهوڙن جي دور ۾ ملن ٿا. مخدوم صاحب جيتوڻيڪ ڪن مولودن ۾ عروضن وارو وزن اختيار ڪيو آهي، پر ڪافيءَ وارو رنگ به ان ۾ رکيو اٿس. هيٺ هڪ مولود جو مطلع ڏجي ٿو، جيڪو بحر هزج مثمن سالم تي ٺهيل آهي ۽ نعتيه غزل وانگر آهي. البته ان ۾ معنوي رنگ ڪافيءَ وارو به نظر اچي ٿو:

منارا مير مرسل جا، ڏسان شل ڏيــہ سڀ ڏوري،
هلي هالا مٽيان ميسا، انٽرپور کي ڇڏيان اوري.

حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو اولاد سنڌ ۾

شيخ اسماعيل قريشي: حضرت غوث بهاؤ الدين زڪريا ملتاني جي وفات کان پوءِ سندس فرزند حضرت صدرالدين عارف سجاده نشين ٿيو، جنهن 709 هه(1309ع) ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ حضرت رڪن الدين(وفات 735هه/ 1334ع) سجاده نشين ٿيو، جيڪو لاولد فوت ٿيو. کانئس پوءِ سندس ڀائٽيو صدرالدين محمد سجاده نشين ٿيو، جنهن 766هه (1364ع) ۾ وفات ڪئي. کيس هڪڙو پٽ رڪن الدين اسماعيل نالي ٿيو، جيڪو کانئس پوءِ سجاده نشين ٿيو. هن 9 - جمادي الاخر 801 هه(1398ع) تي وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس فرزند شيخ الاسلام عماالدين سجاده نشين ٿيو. ان کانپوءِ ان جو فرزند شيخ الاسلام صدر الدين حليم سجاده تي ويٺو، جيڪو لاولد فوت ٿيو. کانئس پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ شيخ محمد يوسف سجاده نشين ٿيو. ان کان پوءِ سندس فرزند شيخ يحيٰ سجاده نشين ٿيو. کانئس پوءِ ان جو فرزند شيخ  شهر الله عرف شيخ صدرالدين رابع سجاده نشين ٿيو، جنهن 920هه (1514ع) ۾ وفات ڪئي. کيس ٽي فرزند ٿيا: مخدوم بهاؤ الدين، شيخ محمد اسماعيل ۽ شيخ صدر الدين. انهن مان وڏو فرزند مخدوم بهاؤ الدين سجاده نشين ٿيو.

شيخ محمد اسماعيل عالم، زاهد ۽ بي پناهه اثر و رسوخ جو مالڪ هو. 933 هه جي آخر ۾ جڏهن سنڌ جي حاڪم شاهه حسن ارغون ملتان تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن ملتان جي رهواسين شيخ اسماعيل کي شاهه حسن ارغون ڏانهن موڪليو، ته جيئن کيس ملتان تي حملو ڪرڻ کان روڪي. هن بکر ۾ اچي شاهه حسن ارغون سان ملاقات ڪئي، پر گفتگو ڪامياب نه وئي. شيخ اسماعيل جڏهن اهو احوال ڏٺو، تڏهن موٽي ملتان نه ويو، پر ملتان وارن کي شاهه حسن ارغون جي ارادي کان واقف ڪيائين.

هو لاڙ طرف هليو آيو ۽ بدين جي پسگردائيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض ڏنائين. روايت آهي، ته هي بزرگ سسئي  پنهون جي مزار تي ويو ۽ دل ۾ اهو عهد ڪري مزار تي معتڪف ٿي ويهي رهيو، ته جيستائين سسئي پنهونءَ کي نه ڏسندس، تيستائين ڪجهه نه کائيندس. آخر سسئيءَ، پنهونءَ سميت قبر مان چيلهه تائين نڪري، کيس زيارت ڪرائي. شيخ اسماعيل هتي ئي وفات ڪئي. بدين جي پسگردائيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ سندس مقبرو زيارت گاهه خاص ۽ عام آهي.

شيخ اسماعيل جي اولاد مان به ڪيترائي اهلِ دل بزرگ ٿيا، جهڙوڪ:

اڀن شاهه: سندس  مزار ڪڪرالي پرڳڻي ۾ اورنگا بندر کان اٺن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي، جيڪا ”اڀن شاهه جي ٽڪري“ جي نالي سان سڏي وڃي ٿي. سندس اولاد ”بهاؤالدين پور“ نالي ڳوٺ ٻڌي ويٺي ۽ انهن مان ڪيترا ناليوارا بزرگ پيدا ٿيا، جهڙوڪ: شيخ عليم الدين، اڀن شاهه ثاني ۽ شيخ امام الدين ثاني. شيخ عليم الدين مائٽن جي تعلق سبب ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر سندس ڀاءُ شيخ صدرالدين ۽ شيخ بدرالدين موٽي وڃي ”بهاؤالدين پور“  ۾ رهيا.

پير عثمان علي شاهه: مخدوم شهاب الدين بن شيخ اسماعيل جي اولاد مان هو. سندس وڏو ڏاڏو پير الله ورايو بدين مان لڏي اچي ”مؤ“ ۾ رهيو. هتي سندس اولاد ۾ عثمان علي پيدا ٿيو. سندس سخاوت جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن. 5- جمادي الاول 1303هه (1885ع) تي وفات ڪيائين ۽ ”مؤ“ ۾ مدفون ٿيو، جتي سندس عاليشان مقبرو موجود آهي. ان جي ويجهو سندس ڳوٺ آهي، جيڪو ”ڳوٺ سخي عثمان“ جي نالي سان مشهور آهي.

پير علي شير: بدين جي شيخ محمد اسماعيل جي اولاد مان شيخ شهاب الدين المعروف به راڄن شاهه جو فرزند هو. ٻارهين صدي هجري ۾ مريدن جي چوڻ تي بدين مان لڏي ڪڇ ويو ۽ ڳوٺ ناڙاپي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس اولاد اُتي وڌي ويجهي ّ“ عوام توڙي حڪمران طبقي ۾ اثر رسوخ حاصل ڪيو.

پير محمد باقر: مخدوم شهاب الدين شاهه سليمان بن شيخ علي شير جي اولاد مان هو. اهلِ دل ۽ صاحبِ ڪرامت بزرگ ٿي گذريو آهي.سنه 1313هه (1895ع) ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار ڪڇ جي ڳوٺ ناڙاپي ۾ آهي.

پير علي محمد: بدين جي بزرگ شيخ محمد اسماعيل جي اولاد مان ٻه قبيلا ٿيا:هڪ راڄن شاهه جي اولاد سڏي وئي ۽ ٻي جمن شاهه جي اولاد سڏجڻ ۾ آئي. شيخ شهاب الدين عرف راڄن شاهه جو فرزند پير علي شير( جنهن جو مٿي ذڪر آيو آهي) بدين مان لڏي وڃي ڪڇ جي ڳوٺ ناڙاپي ۾ ويٺو. سندس اولاد اُتي وڌي ويجهي. پير اڀن شاهه(جنهن جو مٿي ذڪر آيو) جمن شاهه جي اولاد مان هو. پير اڀن شاهه جي اولاد مان پير غازي شاهه لڏي وڃي ڪڇ جي گاديءَ جي هنڌ لکپت ۾ ويٺو. سندس مقبرو اُتي آهي. پير علي محمد به جمن شاهه جي اولاد مان هو.

پير علي محمد، حضرت پير احمد شاهه جي هٿ تي بيعت ڪئي، جيڪو قلندري مسلڪ جو هو. پير علي محمد 5- ذوالقعد 1281 هه (1864ع) تي وفات ڪئي. سندس مقبرو ٽنڊي غلام حيدر ۾ آهي.

شيخ اسماعيل قريشي: حضرت غوث بهاؤ الدين زڪريا جي اولاد مان ڪيترائي بزرگ وقت بوقت سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. هي بزرگ به حضرت زڪريا جي اولاد مان هو. تحفةالڪرام جي صاحب ڄاڻايو آهي:

”شيخ بهاؤالدين ملتاني جي اولاد ۽ ڪامل ولي آهي. شال جي سامهون ٽڪر جي پاسي ڏانهن مينهن جي نئن جي ڪناري تي آرامي آهي.“

حاجي شيخ بهاؤالدين: حضرت زڪريا جي اولاد مان هو. سمن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ حج تان موٽندي ٺٽي پهچي گذاري ويو. هتي ئي مدفون ٿيو.

شيخ عالي: حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان هو.ترخاني دور (962 - 1000هه) ۾ سير سفر ڪندي ٺٽي آيو ۽ سيد علي ثاني شيرازي (وفات 981 هه) جي باغ ۾ وڻ هيٺان اچي ويهي رهيو. شام جو مالهي کوهه مان ڏاند ڇوڙي گهر هليو ويو. پر ان هوندي به پير عاليءَ جي ڪرامت سبب رات جو نار هلندو رهيو. صبح جو مالهيءَ اچي ڏٺو ته باغ سڄو پاڻيءَ سان ڀريو پيو هو. اهو حال ڏسي، ماڻهن وڃي سيد علي ثانيءَ کي خبر ڪئي. هو پاڻ به اهلِ دل بزرگ هو ۽ وڏي خوشيءَ سان الله وارن ۽ فقيرن جي خدمت ڪندو هو. هڪدم اچي پير صاحب سان ملاقات ڪيائين. باغ سان سندس دلچسپي ڏسي، اها زمين کيس نذراني طور ڏئي ڇڏيائين.

پير صاحب هتي رهي پيو ۽ هتي شادي ڪيائين. کيس چار پٽ ٿيا: ابو محمد، صالح محمد معروف به فاضل محمد، ولي محمد ۽ محمد واصل. پهريان ٽي پٽ، پيءُ جي جيئري وفات ڪري ويا. سندس چوٿون پٽ محمد واصل پيءُ جي وفات بعد مسندنشين ٿيو. پيءُ جي وفات واري ڏينهن ميلو لڳارائيندو هو، جيڪو ٽي ڏينهن هلندو هو. ان موقعي تي سماع جي محفل به منعقد ٿيندي هئي. جيئن پڻس جي سيد علي ثاني سان دوستي هئي، تيئن محمد واصل جي وري سيد علي ثاني جي فرزند سيد جلال سان دوستي ۽ محبت هئي.

محترم پير حسام الدين راشدي حواشي مڪلي نامه( ص 671) ۾ هڪ خطي بياض جي حوالي سان پير عالي جي وفات جو سن 998 هه(1589ع) ڄاڻايو آهي.

شيخ محمد واصل لاولد فوت ٿيو، انهيءَ ڪري پير عالي جي درگاهه جو سجاده نشين سندس ڀاءُ شيخ محمد رضا ٿيو، جيڪو ٺٽي اچي رهيو هو. ان کان پوءِ شيخ محمد رضا جي اولاد سجاده نشين ٿيندي رهي.

پير عاليءَ جي مزار انهيءَ جاءِ تي آهي، جتي عبادت ۽ رياضت جي جاءِ هيس. هي قبرستان مڪليءَ جي ڏاکڻي حـصي ۾ آهي. سندس قبر ڪچي آهي ۽ پڪين سرن جي ٽڪرن ۽ پٿرن جي ٽڪرن سان ڍڪيل آهي. جنهن مرڪزي ٿلهي تي پير جي قبر آهي، ان تي پير جي قبر سان گڏ اولهه طرف اٺ قبرون ۽ اوڀر کان ٻه قبرون آهن. معلوم ٿئي ٿو ته اهي قبرون سندس خاندان جون آهن. انهيءَ ٿلهي سان لڳ اولهه ۾ ٻيو ننڍو ٿلهو آهي، جنهن تي ٽي قبرون آهن. انهن کان سواءِ ٻيون به قبرون آهن. سڀني قبرن جي حالت ساڳي آهي، يعني ڪچيون قبرون آهن. مٿان به ڪٽهڙو يا ڇت ڪانهي. انهيءَ ڪري قبرستان هڪ انوکو منظر پيش ڪري ٿو.

هن درگاهه تي هينئر به سماع جون محفلون منعقد ٿينديون رهن ٿيون. ميلي جي موقعي کان سواءِ هر جمعي رات تي به سماع جي محفل منعقد ٿيندي رهي ٿي.انهن جاين تي مجاور ۽ ٻيا ماڻهو رهن ٿا.

شيخ ڪالو قريشي: هي بزرگ به حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا جي اولاد مان هو. ترخان دور ۾ اچي ٺٽي ۾ متوطن ٿيو. خسرو خان چرڪس کيس نياڻي ڏيئي گهر ڄاٽو بنايو. سندس اولاد هتي وڌي ويجهي، ۽ سندس مسند سنڀاليندي رهي.

شيخ جيو: ولد شيخ نعمت الله حضرت زڪريا جي اولاد مان هو، ۽ سمن جي پوين ڏينهن ۾ ملتان مان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ حضرت زڪريا جي درگاهه جو سجاده نشين شيخ بهاؤ الدين ثاني هو، جيڪو پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ سن 920 هه(1514ع) ۾ سجاده نشين ٿيو.

حضرت زڪريا جي درگاهه جي هن سجاده نشين سنڌ ڏانهن تمام گهڻو توجهه ڏنو ۽ خدا جي مخلوق کي روحاني فيض ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ آيو. شيخ جيو سندس مريد ۽ خليفو هو.  بزرگ ٺٽي ايندو هو، ته شيخ جيو سندس صحبت ۾ رهندو هو. روايت آهي ته ”شيخ جيو“ کي ڪن ماڻهن ڀل وچان شهيد ڪيو.

شيخ جيو وڏي روحاني مرتبي جو صاحب هو. ولايت  ۽ عرفان جي ڪمال سبب ”شيخ جيو“ مڪليءَ جو ڏيو“ سڏيو ويندو هو. سالياني ميلي کانسواءِ سندس مزار تي هر مهيني جي پهرين آچر تي ميلو لڳندو آهي. سندس مزار مٿان بلند ڀتين جو مقبرو آهي. ڇت مٿان گنبذ آهن. مقبري ۾ ڪيتريون ئي قبرون آهن. شيخ جي قبر ڏاکڻي طرف ٻين قبرن کان ٿورو جدا آهي. مقبري جون ڀتيون ايڏيون ته بلند آهن، جو مقبرو پري کان چٽو نظر اچي ٿو. مقبري جي چوڌاري وڏو قبرستان آهي.

شيخ ڀرڪيو ولد شاهو ڪاتيار: ڪاتيار جو رهاڪو هو، ۽ وڏو عابد ۽ زاهد بزرگ هو. حضرت زڪريا ملتاني جي مذڪور سجاده نشين بهاؤالدين ثاني جو مريد ۽ خليفو هو.

چرڪس ولد ڏنو سرڪي: چاچڪان سرڪار جي ڳوٺ ونگو جو رهاڪو هو. مخدوم بلال ٽلٽيءَ واري جو همعصر ۽ صحبتي هو. وڏو معرفت جو صاحب هو، ۽ مذڪور بزرگ  بهاؤ الدين ثاني جو مريد ۽ خليفو هو.

ابراهيم ناگوري: پراڻ درياءَ جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو، ۽ ذات جو ٿيٻو هو. هي بزرگ به شيخ بهاؤالدين ثاني جو مريد ۽ خليفو هو.

پراڻ درياءَ تي انهن ڏينهن ۾ حضرت غوث بهاؤالحق زڪريا ملتانيءَ جو وهاريل هڪ آمريءَ جو وڻ هوندو هو، جنهن جي ماڻهو اچي زيارت ڪندا هئا. حضرت زڪريا جي سلسلي جا فقير هتي ايندا هئا، ۽ سماع جون محفلون منعقد ڪندا هئا، وڻ جي ٿڙ ۾ دريءَ جهڙي جاءِ هوندي هئي،ڏوهيءَ کان اتي اچي قسم کڻايو ويندو هو. ماڻهن جو ويساهه هو، ته جيڪو سچ پچ ڏوهي هوندو، اهو ان دريءَ مان لنگهي نه سگهندو. حضرت مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي اهو ٿڙ پاڙئون پٽائي، ان توهم پرستيءَ کي ختم ڪيو.

شيخ فاضل قريشي: حضرت بهاؤالدين زڪريا جي اولاد مان هو. يارهين صدي هجري جي شروع ۾ ملتان مان لڏي اچي نصرپور کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي ”بڪيرا“ ڳوٺ ۾ رهيو.

پير محمد اشرف قريشي: حضرت بهاؤ الدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان ڪيترائي بزرگ سنڌ ۾ ايندا رهيا آهن. پير محمد اشرف جي والد محمد غوث رح جي سنڌ ۾ پنهنجي خاندان جي بزرگن: قائم الدين قريشي بڪيرائي ۽ محسن شاهه ونجهيري واري سان عقيدتمندانه نسبت هئي، انهيءَ ڪري هو سنڌ ۾ ايندو رهندوهو. آخر سنڌ ۾ رهي پيو، ۽ وفات به سنڌ ۾ ئي ڪيائين. هن 1230هه (1814ع) ۾ وفات ڪئي، ۽ بڪيرن(تعلقو ٽنڊوالهيار) ۾ مدفون ٿيو. بعد ۾ سندس امانت کي کڻائي ڪاماري ۾ دفن ڪرايو ويو. پير محمد اشرف جي والده جو مقبرو ديهه ميڻا تعلقو ٽنڊوباگو ۾ آهي.

والد جي وفات کان پوءِ پير محمد اشرف سنڌ ۾ ئي رهي پيو، ۽ ڳوٺ ڪامارو (ضلعو حيدرآباد) ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ وقت بوقت ملتان ويندو هو، ۽ واٽ تي ڪنگري، روهڙي، گهوٽڪي، ڀرچونڊي ۽ بهاولپور ۾ ڪجهه وقت ترسندو هو. انهيءَ رستي وارن ماڳن ۽ مڪانن تي ڪيترائي سندس مريد ۽ معتقد ٿيا، ۽ کانئس روحاني فيض پرايائون. رياست بهاولپور جو نواب صادق علي محمد خان اول سندس معتقد هو، ۽ سندس نالي ۾ جاگير به مقرر ڪيائين. انهيءَ سفر دوران حضرت پير صاحب پاڳاري ۽ ڀرچونڊي واري بزرگ حافظ محمد صديق سان دوستانه تعلقات قائم ٿيس. سن 1677 هه (1860ع) ۾ وفات ڪيائين.

پير صاحب سٺو شاعر هو، ۽ سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ بيت، ڪافيون، مولود ۽ مداحون چيون اٿس. سندس ڪلام سندس عرس جي موقعي تي بنا سرود جي سريلي  آواز ۾ ڳايو ويندو آهي. ڪلام ۾ رواني، پختگي ۽ اثرانگيزي آهي، ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اعليٰ نمونو پيش ڪري ٿو. ڪلام ۾ تصوف جي اسرار و رموز جي اپٽار ٿيل آهي. سندس رسالو شايع ٿيل آهي. سندس شعر جو نمونو ڏجي ٿو:

بيت

جمعي جي ڏينهن جوڙ، ڪي مانڊاڻا مينهن جا،
قادر ڪاماري جا، اچي ٻنا ٻوڙ،
صاحب سنڌ وسائيين، ڇڏ گسر ڪر گوڙ،
اوهيرا آب جا، مٿي ڇنن ڇوڙ،
پکا پراڻا ڪنڌيين، آڻي کٿيرن جا کوڙ،
پکا تن جا ٽوڙ، جن سانڍيو ان اشرف چوي.

 

ڪبت مان نمونو

هڏ نه هئو فراق جي، ته وصل کان ورچن،
ساءُ اچي مون سڪ جو، مــِـٺن مشتاقن،
ڏکن ڌاران سکن جو، پــُـرو ڪيئن پرجهن؟
اڃ ڌاران آب جو، ڪيهو قدر ڪيڻن،
قدر تڏهن طعام جو، جڏهن بيحد ٿا بکجن،
ڌاران مرض ماڻهيين، ڪيهو قدر طبيبن،
ڌاران ڦٽ فراق جي، هيج نه حبيبن،
مون کي سڪڻ سيکاريو، پاسي لڳي پرين،
هڏ نه هو هيڪاند ۾، ههڙو ساءُ سيڻن،
جيئن وڇوڙي جي وصال کان، پرو پيڙم تن،
هڪ اندر آٽي عشق ۾، ٻي ننڊ نه آهي نيڻن،
ساءُ چکاءِ سڪ جو، وِجهل واٽڙين،
پلپل پوي ٿو پور ۾، منهنجو هنيون لاءِ هوتن، ساريو ڏينهن سکن جا، ٿا ڦوڙايا ڦاٽن،
تون جو وڃين پهيڙا، وٽان واڍوڙن،
ساريو ڏيج سنيهڙو، منهنجن مٺن محبوبن.

 

پير موسيٰ نواب

قديم زماني ۾ موجوده رحيم يار خان ضلعي ۽ بهاولپور جو ڪافي حصو سنڌ جي راڄڌاني ۾ شامل هو. سنڌ جي راجا راءِ سهاسي پنهنجي راڄڌاني ۾ جيڪي قلعا تعمير ڪرايا هئا، اهي موجوده سنڌ جي شهرن کان سواءِ ”موءُ“، اوچ ۽ سيوراهي ۾ به تعمير ڪرايا هئائين، اهي شهر هينئر بهاولپور واري ايراضيءَ جي حدن ۾ اچي وڃن ٿا. سرواهي، سيوراهي يا سوراهي جو قلعو، رحيم يار خان ضلعي جي شهر سنجرپور جي ويجهو دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن علائقي تي سما ۽ سومرا به حڪمران رهيا آهن. شاهه حسن ارغون جڏهن بکر کان ملتان تي ڪاهه ڪئي هئي، ته واٽ تي ڪيترا قلعا ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيا هئائين، انهن مان سيوراهي يا سرواهي جو قلعو به هو.

قلعي جي دڙي جي اتر اولهه ۾ حضرت موسيٰ نواب جو مقبرو آهي. حضرت پير موسيٰ نواب حضرت غوث بهاؤالحق زڪريا ملتاني جو سؤٽ هو. سندس والد بزرگوار جو نالو مخدوم سلطان احمد غوث هو. سن 584 هه(1188ع) ۾ ڪوٽ ڪروڙ ۾ سندس ولادت ٿي. ديني تعليم مولانا نصير الدين بلخي کان حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت ڪوٽ ڪروڙ ۾ درس ڏنائين. ان کان پوءِ ملتان وڃي حضرت غوث بهاؤ الحق زڪريا ملتاني جو  مريد ٿيو، جيڪو سندس سؤٽ ۽  ڀيڻيويو به هو. حضرت غوث کيس خلافت جو خرقو عطا ڪيو، ۽ بيعت ڪرڻ جي اجازت ڏني، ۽ سنڌ ۾ رشد و هدايت ۽ تبليغ جي ڪم تي مامور ڪيو. اڃا ملتان ۾ئي هو ته سندس ڀاءُ راول درياءَ ملتان ۾ اچي سندس مريد ٿيو.

ڪجهه وقت ملتان ۾ رهڻ کان پوءِ حضرت غوث کين ارشاد فرمايو، ته ”سيوراهي“ ۾ وڃي مستقل طرح قيام ڪيو، ۽ اتي اسلام جي روشني ڦهلايو. ان حڪم ملڻ کان پوءِ حضرت موسيٰ نواب پنهنجي ڀاءُ مخدوم راول درياء المعروف به حاجي محمد شاهه ۽ مريدن سان گڏجي ”سيوراهي“ ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي مختلف جاين تي ڪيترين ئي قومن کانئس روحاني فيض پرايو، ۽ ڪيترا ماڻهو سندس هٿ تي مسلمان ٿيا. جي قومون سندس روحاني فيض مان مستفيض ٿيون، انهن جا نالا هي آهن:

راهواڙي، تريچڙي، گورماڻي، لنجواڻي، چوهاڻ، گوپانگ، کور، ڪنڀر، موچي، لاڙ، چانڊيا، جتوئي، هليلي، چاڪي، چاچڙ، سپلي، سانگي، ماڙيچا، کوسا، آڍوچا، ڀارا، ترهلي، ڏهر، دلاڻا، شر، ڪوش ۽ ڪــُـپڙا وغيره.

سيوراهي ۾ رهي ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض ڏنائون، ۽ ڪيترائي قبيلا سندس هٿ تي مسلمان ٿيا. هڪ ڀيري ”ڊير اور“ جي چولستاني علائقي جي ”ڀاره“ قبيلي جا ماڻهو مال جي چاري لاءِ اچي سيوراهي ۾ رهيا. هو جڏهن پير موسيٰ نواب جي زيارت لاءِ آيا، ته ايترو ته متاثر ٿيا، جو سندس هٿ تي اسلام قبول ڪيائون. ڀاره قبيلو، ڀاٽيه راجپوتن جي هڪ شاخ آهي. ان کان سواءِ ”جهلڻ“ قبيلو به سندس هٿ تي مسلمان ٿيو.

حضرت نواب الاولياء جو دستور هو، ته مانگهه، ڦڳڻ ۽ چيٽ جي مهينن ۾ سنڌ جو دورو ڪندا هئا ۽ ساوڻ جي مهيني ۾ راجسٿان ويندا هئا. هڪ ڀيري راجسٿان جي ان علائقي ۾ پهتا، جتي ”انڍڙ“ قبيلو آباد هو، جنهن جو سردار ”ميان جيو“ اهل الله سان وڏي عقيدت رکندو هو. هن کي جڏهن هن بزرگ جي آمد جي خبر پيئي، ته وڏي عقيدت سان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو. هو بزرگ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪري، سهروردي سلسلي ۾ داخل ٿيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن حضرت نواب الاولياء سيوراهي ڏانهن روانو ٿيو، ته ميان جيو به پنهنجي خاندان سميت بزرگ سان گڏجي سيوراهي آيو. هتي پهچي هن پنهنجي مرشد جي فقيرن جي خدمت پنهنجي ذمي کنئي. سندس خاندان درياء جي ڪناري ننڍيون ننڍيون جهوپڙيون ٺاهي، رهائش اختيار ڪئي. ان آباديءَ بعد ۾ هڪ ڳوٺ جي صورت اختيار ڪئي ۽ ڀونگڙيءَ مان بدلجي ان جو نالو”ڀــُـنگ“ پئجي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ جي حڪومت، ”ميان جيو“ کي سيوراهي جي پسگردائيءَ ۾ جاگير ڏني، جنهن ۾ ”ڀــُـنگ“ ۽ ”راڄڻپور، جا شهر اچي وڃن ٿا. هي شهر سابق رياست بهاولپور ۾ واقع آهن ”ڀــُـنگ“ ڳوٺ ۾ خوبصورت مسجد  آهي، جنهن تي شيشي ۽ گلڪاريءَ جو نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي. هن جڳ مشهور مسجد کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا آهن ۽ آرٽ جا شاهڪار ڏسي حيران ٿي ويندا آهن. هي مسجد رئيس غازي محمد خان انڍڙ جي تعمير ڪرايل آهي، جنهن ڪجهه سال اڳ وفات ڪئي. هو”ميان جيو“ جي اولاد مان هو.

”ميان جيو“ جو ننڍو ڀاءُ ”شيخ احمد“ به حضرت نواب الاولياء جو خليفو هو. ان جي اولاد مان ڪيترائي عالم ۽ بزرگ پيدا ٿيا، جن سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جهڙوڪ: خضر سلطان، هونده سلطان ۽ دائم سلطان. انهن جون مزارون چيچڙا شريف عرف بگا شير(تعلقو پنو عاقل، ضلع سکر) ۾ واقع آهن.

حضرت موسيٰ نواب جي سيوراهي ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان ڪجهه وقت پوءِ حضرت غوث زڪريا ملتاني پنهنجن دوستن حضرت قلندر شهباز،حضرت فريد گنج شڪر ۽ حضرت سيد جلال سرخ بخاريءَ سان گڏجي”سيوراهي“ ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت رهي حضرت موسيٰ نواب سان روحاني محفلون ڪيائون. ان کان پوءِ چارئي يار سنڌ جي سفر تي روانا ٿي ويا. پير موسيٰ نواب سندن يادگار طور مسجد تعمير ڪرائي، جيڪا ”مسجد چار يار“ جي نالي سان مشهور ٿي.

حضرت پير موسيٰ نواب شادي نه ڪئي. 83 سالن جي عمر ۾ 25 - ذي الحج سن 667 هه(1269ع) تي وفات ڪيائين. سندس ڀاءُ ۽ مريد مخدوم راول درياء سندس زندگيءَ ۾ ئي 3- شوال سنه 657 هه(1259ع) تي وفات ڪئي هئي. انهيءَ ڪري سندس ڀائٽيو ۽ مخدوم راول درياء جو فرزند حضرت پير محمد اسماعيل سجاده نشين ٿيو، جنهن 74 سالن جي عمر ۾ 24- رمضان 711 هه تي وفات ڪئي. پير موسيٰ نواب جي مقبري ۾ سندس مزار جي هڪ طرف سندس ڀاءُ مخدوم حاجي راول جي مزار ۽ ٻئي طرف سندس ڀائٽي پير محمد اسماعيل جي مزار آهي. انهن کان سواءِ سندن خاندان جي ڪن ٻين بزرگن جون مزارون به هتي آهن.

حضرت پير موسيٰ نواب جا خليفا

سنڌ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کانئس فيض پرايو. انهن مان ڪيترن جون درگاهون اڄ به زيارت گاهه خاص ۽ عام آهن. ڪن بزرگن جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:

ميان محمد مستقيم عرف بگو شير: هن بزرگ جي مزار تعلقي پني عاقل ضلع سکر ۾ آهي. درگاهه ۽ ڳوٺ سندس نالي پٺيان مشهور آهن. سندس درگاهه لڳ وڏو قبرستان آهي، جيڪو ان قديم سڙڪ جي ڪناري تي آهي، جيڪا ملتان کي بکر سان ملائيندي هئي. انهيءَ ئي سڙڪ ذريعي دهليءَ جا بادشاهه ۽ سندن لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو. اها سڙڪ اڄ به ڪچي سڙڪ جي حالت ۾ موجود آهي، ۽ عوام ۾ ”بادشاهڻ سڙڪ“ جي نالي سان مشهور آهي. هن سڙڪ سان ڪيترن ئي بزرگن جا مقبرا، مزارون ۽ ڦٽل شهر آهن. ”سيوراهي“  جا دڙا ۽ ”ماٿيلو“ جو دڙو (لڳ گهوٽڪي) هن ئي سڙڪ سان آهن. راقم الحروف سيوراهي کان بگو شير تائين هيءَ سڙڪ گهمي ڏٺي آهي.

حضرت بگو شير حضرت محمد حسين شهيد جي اولاد مان هو، جيڪو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي ۽ ”حضوري“ لقب سان مشهور هو. حضرت محمد حسين، ”ميان جيوانڍڙ“ جي ننڍي ڀاءُ شيخ احمد جي اولاد مان هو. درگاهه بگو شير واري قبرستان ۾ بگو شير کان سواءِ سندس خاندان جي ٻين بزرگن جون مزارون به آهن.

مولانا محمد جامي: ماضي قريب ۾ انڍڙ خاندان مان وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس درگاهه شڪارپور ضلعي ۾ آهي. درگاهه ۽ ڳوٺ ”جامي جا قبا“  جي نالي سان مشهور آهن. سندس پيري مريديءَ جو سلسلو حضرت نواب الاولياء سان ملي ٿو. سنڌ جي نامور ڪاريگرن ۽ معمارن کي وٺي وڃي، حضرت نواب الاولياء جي مقبري جي نئين سر تعمير ڪرايائين، جيڪا هن وقت موجود آهي. روحانيت جي صاحب هجڻ سان گڏ وڏو عالم ۽ فاضل به هو. ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کانئس علمي ۽ روحاني فيض پرايو. سندس خليفن مان هيٺين جا نالا قابلِ ذڪر آهن:

”مولانا محمد ابراهيم سرحدي، ميان محڪم الدين، ميان محمد جمال الدين، مولانا شمس الدين، مولانا محمد ابوبڪر.“ مولانا محمد ابوبڪر ۽ مولانا شمس الدين وڏا عالم، فاضل ۽ اهل دل بزرگ هئا. سندن مزارون ”جامي جا قبا“ ۾ آهن. مولانا محمد ابراهيم سرحدي جي شاگردن مان مولانا نذر محمد انڍڙ وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. قريباً اڄ کان 30 سال اڳ وفات ڪيائين. مولانا عبدالرزاق ڏهر (خطيب مسجد ڀونگ) ۽ رئيس غازي محمد خان ڀونگ جي جڳ مشهور مسجد تعمير ڪرائيندڙ) سندس شاگرد هئا.

پير عمر سهروردي: هي بزرگ سنڌ جو رهاڪو هو. ملتان وڃي حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا جو مريد ٿيو ۽ اتي ئي سندس صحبت ۾ رهي پيو. حضرت زڪريا جي وفات کان پوءِ سندس سجاده نشين جي خدمت ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. حضرت شيخ صدرالدين عارف جي محل جي اولهائين طرف هڪ ڪشادي ميدان ۾ مدفون ٿيو. هوريان هوريان اتي قبرستان ٿي ويو، جيڪو سندس نالي پٺيان مشهور آهي.

پير پٿورو: هن بزرگ جو آستان، جنهن کي ماڙي سڏيو ويندو آهي، ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ساماري ۾ اڪڙي اسٽيشن کان هڪ ميل پنڌ تي آهي. بڊي جي چنڊ تي هتي هن بزرگ جو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ گهڻي قدر مينگهواڙ وڏي تعداد ۾ پري پري کان ڪهي اچي شريڪ ٿيندا آهن. قديم زماني ۾ سنڌ کان سواءِ مارواڙ کان به ماڻهو وڏي تعداد ۾ پيرين پنڌ ڪهي اچي شريڪ ٿيندا هئا. هنن جو پير پٿوري ۾ وڏو ويساهه آهي ۽ کيس گرو ڪري مڃيندا آهن.

پٿوري جي والد جو نالو مانڊڻ هو، جو ذات جو پاڻ راجپوت هو ۽ پرمار سوڍن جي نسل مان هو. سندس والده جو نالو سونل ٻائي هو، جيڪا ذات جي ڀٽياڻي جادو ونس مان هئي. پير پٿوري پاڻ شادي ڪانه ڪئي، پر سندس ڀاءُ پوئنيري جو اولاد اڃا تائين ڇاڇري تعلقي ۾ ڪانٽي ڳوٺ جي ڀرسان رهندڙ آهي، جيڪي پاڻ کي ”پٿوري پوٽا“ سڏائيندا آهن. پير صاحب جو والد مينهون چاريندو هو ۽ انهيءَ هنڌ تي رهندو هو، جتي هينئر پير پٿوري جو آستان (ماڙي) آهي. انهيءَ هنڌ کان ڏهن ٻارهن ڪوهن تي ”لاکيا“ نالي ڪن آهي، جيڪو هينئر کپري تعلقي ۾ آهي (1) .

پير پٿوري بابت مٿيون احوال ان ڏند ڪٿا ۾ آيل آهي، جيڪا ٿرپارڪر جي ماستر ڪوڏومل کي راڄگر برهمڻ نالي گانگي پٽ سيتارام ويٺل ڀيا تعلقو ڇاڇرو لکارائي. ماستر ڪوڏومل ان کي قلمبند ڪري ماهوار اخبار تعليم حيدرآباد، جولاءِ 1911 ع ۽ نومبر 1911ع ۾ ٻن قسطن ۾ ڇپائي. هن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي، ته پير پٿورو مينگهواڙن ۽ سوڍن جو گرو هو. اهڙيءَ طرح اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته هو هندو ڌرم تي هو. حقيقت اها آهي ته پير پٿورو مسلمان هو ۽ حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو خليفو هو. مولانا نور احمد خان فريدي پنهنجي ڪتاب خليفا ”تذڪره حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني“ ۾ حضرت زڪريا جا جيڪي خليفا ڄاڻايا آهن، انهن ۾ ”پير پٿورو“ کي وڏن خليفن ۾ ڄاڻايو اٿس ۽ ان کي ”شيخ پٿورو“ ڪري لکيو اٿس.(2)

ماستر ڪوڏومل جي مذڪور مضمون مان به اها حقيقت واضح ٿئي ٿي. ڏيکاريو اٿس ته ”لاکيا“ ڪن تي غوث بهاؤالدين پنهنجي مريدن سان ايندو هو. پير پٿوري جو والد مانڊڻ به سندس صحبت ۾ ويهندو هو. سندس پنهنجا لفظ هي آهن: ”سڀ ڪنهن چنڊ رات جاڳي وري روانا ٿي ويندا هئا. مانڊڻ سوڍو، جو مينهون چاريندو هو، سو به چنڊ رات ڪهي فقيرن جي ڪچهريءَ ۾ وڃي حاضر ٿيندو هو. نيڪ فقيرن جي صحبت ڪري هو به ايشوري محبت ۾ محو ٿي ويو ۽ سندس دل دنيا تان اٽاڻجي ويئي (3) .

”غوث بهاؤالدين جو هر چنڊ رات آسمان رستي اچڻ“ وڌاءُ آهي، جيڪو عام طرح ڏند ڪٿائن جو طريقو هوندو آهي. معلوم ائين ٿئي، ته حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا پنهنجي سنڌ جي سفر دوران ان ڪن تي اچي رهيو هوندو ۽ مانڊڻ  به انهيءِ ڪچهري ۾ اچي فيض پرايو هوندو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته حضرت غوث جي هٿ تي هزارن جي تعداد ۾ هندو، مسلمان ٿيا. ”مانڊڻ“ به ضرور مسلمان ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ جو غير مسلم، اسلام قبول ڪري حضرت غوث جي مريدن جي حلقي ۾ شامل ٿيندا هئا.

ائين ٿو معلوم ٿئي ته حضرت غوث جي نظر فيض اثر سبب مسلمان ٿيو. ان کان پوءِ لاکيا ڪن تي سڀ ڪنهن چنڊ رات حضرت غوث جي مريدن جي روحاني محفل منعقد ٿيڻ لڳي، جنهن ۾ مانڊڻ به شريڪ ٿيندو رهيو.

ماستر ڪوڏومل جي مضمون ۾ ڄاڻايل آهي، ته پير پٿورو حضرت غوث جي دعا سان ڄائو. اهو به ڏيکاريو اٿس، ته دعا لاءِ مانڊڻ جي ماءُ پنهنجي ننهن کي وٺي حضرت غوث ڏانهن ”لاکيا“ ڪن واري ڪچهري ۾ ويئي هئي(1) . معلوم ٿئي ٿو،ته ٻي ڀيري جڏهن لاکيا ڪن تي منزل ڪئي هوندي، ته ٻئي مايون دعا لاءِ ويون هونديون.

مذڪوره روايت موجب پير پٿورو جڏهن جوان ٿيو، ته حضرت غوث جي مريدن سان گڏجي، حضرت غوث جي زيارت لاءِ ملتان ويو. جن فقيرن سان گڏجي ملتان ويو، روايت ۾ انهن جا نالا به ڄاڻايل آهن. اهي هي آهن: جيڪس ڌناڻي، ابراهيم ناگوراڻي، ڇٽو بيکاري وغيره  (2) . نالن مان ئي ظاهر آهي ته اهي فقير مسلمان هئا. پير پٿوري جي شيوڪن جا نالا به مذڪور مضمون ۾ ڏنل آهن. اهي هي آهن. 1- ڏيسر نائي 2- هرو سوٽهڙ 3- هيمچند گرڙو 4- تجمال (تجمل) درزي 5- سومون سونارو 6- جيبو جوشي 7- راهي بانو راجپوتاڻي 8- سانيت بجيراڻي 9- ڪوريو سوٽهڙ 10 - چٽر ناري ڀيل 11 - گريوگو سائين 12 - گريوگو هلي 13 - ڏاهلي ڏوهٽ 14 - سکيو سنگراسي (3) (2).

انهن نالن مان به تجمال (تجمل ۽ راضي بانو ظاهر ظهور مسلمانڪا نالا آهن. ٻيا به مسلمان هوندا، پر جيئن ته نوان مسلمان هوندا، انهيءَ ڪري پراڻن نالن سان به سڏيا ويندا هوندا.

مضمون جي آخر ۾ ماستر ڪوڏومل لکيو آهي:

”پير پٿوري جا مريد ٿر ۾ گهڻو ڪري سڀني ذاتين مان آهن. پير پٿوري پوٽا چوٽي رکائيندا آهن. ۽ مرڻ تي هندو گسائين وانگر سماڌي وٺندا آهن.“(4).

مضمون مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته پٿوري کي اولاد ڪانه هئي. پٿوري پوٽا سندس ڀاءُ جي اولاد مان آهن، جيڪو ”مانڊڻ“ کي ٻي زال مان هو. ان مان ثابت ٿئي ٿو، ته پٿوري پوٽا مسلمان نه هئا ۽ گروگو سائين بيرناٿ جا مريد هئا. هنن پاڻ کي پير پٿوري جو وارث ظاهر ڪري، درگاهه تي قبضو ڪيو، ۽ عرس جي موقعي تي پنهنجون رسمون جاري ڪيون. پير پٿوري جي ڪٿا ۾ غلط ڳالهيون ملائي، ٿر ۽ راجستان جي اٻوجهه مريدن کي گمراهه ڪن تاثر ڏنائون، ته پير پٿورو به انهيءَ ئي ريت ۽ ڌرم تي هو، جن تي هو پاڻ هئا.

قديم زماني جا مسلمان ۽ بزرگ انهيءَ حقيقت کان باخبر هئا، ته پير پٿورو مسلمان هو. انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ حضرت مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، پير پٿوري جي درگاهه تي مسجد ٺهرائي. پٿوري جي ڏيوري ڊهرائي، مٿس قبو ٺهرايائين، ۽ بانگ ڏياريائين. ان کان پوءِ جڏهن پير پٿوري جو ميلو لڳندو هو، تڏهن حضرت گرهوڙي جو ماڻهو انهيءَ موقعي تي اچي، بانگ ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي ٻڌائيندو هو ته پٿورو مسلمان آهي، ۽ نه هندو، جيئن سندس مريد مينگهواڙ سمجهندا آهن  (1) .

ان مان صاف ظاهر ٿيو، ته پير پٿورو مسلمان هو، ۽ حضرت غوث بهاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جو فيض يافته خليفو هو.

لواريءَ وارن بزرگن جي نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. سندس شجرو هن طرح آهي:

حضرت سلطان الالياعه خواجه محمد زمان بن شيخ عبداللطيف بن شيخ طيب بن شيخ ابراهيم بن شيخ عبدالواحد بن شيخ عبداللطيف ڪلان بن شيخ احمد بن شيخ بقا بن شيخ محمد بن شيخ فقيرالله بن شيخ عابد بن شيخ عبدالله بن شيخ طائوس بن شيخ علي بن شيخ مصطفيٰ بن شيخ مالڪ بن محمد بن ابوالحسن بن محمد بن طيار بن عبدلباري بن عزيز بن فضل بن علي بن اسحاق بن ابراهيم ابي بڪر بن قائم بن عتيق بن محمد بن عبدالرحمان بن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه (2).

صديقي خاندان جي هي شاخ غالبا 170 هه (786 ع) ۾ خليقي مهدي يا هارون رشيد جي زماني ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿي. لطيف التحقيق جي صاحب تاريخ ”در ناسفته“ جي حوالي سان لکيو آهي، ته اٽڪل 170هه ۾ علي بڪري پنهنجي مائٽن کان ناراض ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ هتي سڪونت پذير ٿيو (3). تحفة الڪرام مان به ان جي تصديق ٿئي ٿي. ان ۾ آيو آهي ته سن 563 هه کان اڳ سنڌ ۾ صديقي بزرگ موجود هئا، ۽ 417 هه ۾ ثقفين، تحيمين ۽ عباسين جا 18 قبيلا موجود هئا (4) . حضرت علي بڪري سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ رهڻ لڳو، ۽ خدا جي مخلوق کي روحاني فيض سان مستفيض ڪندو رهيو. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جي زوال کان پوءَ هي خاندان لڏي ڪڇ ڏانهن ويو، ۽ لکپت، وينجهان، ڇڪور ۽ گونڍاري جي پسگردائي ۾ رهڻ لڳو(5) . شيخ علي بڪريءَ جي اولاد شيخ مالڪ بن محمد حج تي ويو. مڪي شريف ۾ سهروردي سلسلي جي بزرگ حضرت محمد يماني تعريف ٻڌي، ساڻس مليو ۽ سندس مريد ٿيو. ڏيڍ سال صحبت ۾ رهي، خلافت جو خرقو حاصل ڪري، موٽي سنڌ  ۾ آيو(1) . حضرت محمد يماني، حضرت شيخ شهاب الدين عمر سهرورديءَ جي وڏن خليفن مان هو، جن اسلامي دنيا جي مختلف حصن ۾ وڃي روحاني فيض ڏنو ۽ سهروردي سلسلو ڦهلايو. انهن وڏن خليفن جا نالا هي آهن:

مصلح الدين سعدي، شيخ الدين علي برغش، شيخ نورالدين غزنوي، شيخ ضياعه الدين رومي، شيخ محمد يماني. سيد جلال تبريزي، غوث بهاؤالدين زڪريا  (2) .

سنڌ ۾ سندس ڪيترائي مريد ٿيا، پر پاڻ کي پير سڏائڻ پسند نه ڪيائون. پاڻ کي هميشه فقير سڏايائون. مريدن وٽ به ڪڏهن ڪونه ويا. سندس پوين به انهيءَ طريقي تي رهي، خدا جي مخلوق کي روحاني فيض ڏنو (3) .  ڪڇ توڙي سنڌ ۾ سندن ڪيترائي مريد هئا. سنڌ جا مريد وڏي تعداد ۾ ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي، سندن زيارت لاءِ ڪڇ ڏانهن ويندا هئا.

شيخ عبداللطيف ڪلان: سنڌ ۾ هنن بزرگن جا جيڪي مريد هئا،انهن جي مرضي هئي ته بزرگ لڏي وري سنڌ ۾ اچي رهن. آخر مريدن جي ميڙ منت تي شيخ عبداللطيف ڪلان سنه 910 هه (1504ع) ڌاري ڪڇ مان لڏي سنڌ ۾ آيو. هي بزرگ وڏو عالم، فاضل ۽ عارف هو. شريعت جو پابند هو ۽ هميشه خلوت ۾ گذاريندو هو. هڪ گهڙي به الله تعاليٰ جي ياد کان غافل نه رهيو. سؤ سالن کان به مٿي زنده رهيو. آخري عمر تائين سندس عبادت ۽ ذڪر ۾ ڪو فرق نه آيو. مريد عرض ڪندا هئا ته پيري“ ضعيفي ۾ ايتري تڪليف نه ڪريو، پر ساڳي ئي ذوق ۽ شوق سان آخري عمر تائين عبادت ڪندا آيا، ايتري قدر جو پڇاڙيءَ تائين بيهي نماز پڙهندا هئا. مريدن جي هدايت لاءِ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيائون.

مريد ته ڪيترن ئي شهرن ۾ هين، پر راٺور قوم جي شهر ”راٺوڙ“ تي ڏاڍا مهربان هئا. سندن مقبرو به ”راٺوڙ“ ۾ آهي، انهيءَ ڪري کين راٺوڙي به سڏيا ويندا آهن. راٺوڙ جيئن ته ديهه ”راهوٽ“ ۾ آهن. انهيءَ ڪري کين ”راهوٽي“ به چيو ويندو آهي. صوفيانه سلسلي جي لحاظ کان پنهنجن وڏن جي طريقي موجب سهروردي سلسلي سان منسلڪ رهيا. سندن ڀاءُ شيخ شمس الدين به وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مزار لواريءَ ۾ آهي.

شيخ عبداللطيف کي ٽي فرزند ٿيا، جن مان ٻه ننڍ پڻ ۾ ئي گذاري ويا. کانئس پوءِ سندس فرزند شيخ عبدالواحد سجاده نشين ٿيو، جنهن کي هڪ فرزند ابراهيم نالي ٿيو. ان جو مقبرو ڪڇ ملڪ جي شهر ”نريه“ ۾ آهي. شيخ ابراهيم کي چار فرزند ٿيا، جن مان ”شيخ طيب“ سجاده نشين ٿيو. وڏو عابد ۽ زاهد هو. شيخ طيب کان پوءِ سندس فرزند شيخ حاجي عبداللطيف سجاده نشين ٿيو. هو لواريءَ ۾ رهندو هو. شيخ فيض الله بن مخدوم آدم نقشبندي جو مريد ٿيو، انهيءَ ڪري هن خاندان ۾ شيخ طيب تي سهروردي اثر پيو.

درازي درويش

درازي درويش به پهريائين سهروردي سلسلي سان وابسته هئا. هنن درويشن جي نسب جو سلسلو ستٽيهين پيڙهيءَ ۾ حضرت عمر فاروق رضه سان وڃي ملي ٿو. شجره نسب هن طرح آهي:

عبدالوهاب عرف سچل سرمست بن ميان محمد حافط عرف ميان صاحبڏنو بن مخدوم عبدالوهاب بن مخدوم شرف الدين بن مخدوم موسيٰ بن حافظ علم الدين بن شهاب الدين بن سليمان بن ابو سعيد بن نورالدين بن رضي الدين بن عبدالعزيز بن مخدوم محمود بن ابوالفتح بن اسماعيل بن يوسف بن سليمان بن محمد بن احمد بن برهان الدين بن عبدالعزيز بن عبدالوهاب بن عبدالمطلب بن برهان الدين بن احمد بن عبدالله بن يونس بن محمد بن شيخ اسحاق بن شيخ عبداللطيف بن محمد بن باقر بن شهاب الدين بن عبدالعزيز بن عبدالله بن عمر بن الخطاب، فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنہ.

هن خاندان جو وڏو ڏاڏو شهاب الدين اول بن عبدالعزيز سنه 93 هه (711ع) ۾ فاتح سنڌ محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. کيس اعليٰ مشير هجڻ سان گڏ پيش امامي جو ڪم به مليل هو. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم کيس سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو. اهڙيءَ طرح هو سنڌ جو پهريون مسلمان حاڪم ٿيو. هن 9- محرم سنه 95هه (713ع) تي وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس فرزند عبداللطيف سيوهڻ جو حاڪم ٿيو، 14- ذوالقعد 124هه (781ع) تي وفات ڪئي. ان بعد سندس فرزند اسحاق گادي نشين ٿيو، جنهن 30- جمادي الثاني 193هه (809ع) تي وفات ڪئي. ان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محمد گادي نشين ٿيو. انهن ڏينهن ۾ 217هه ۾ سلطان محمود غزنوي سنڌ فتح ڪئي. هن محمد فاروقي کي برطرف ڪيو ۽ کيس سالياني پينشن مقرر ڪري ڏني 2- رمضان سنه 221هه (835ع) تي شيخ محمد فاروقي وفات ڪئي.

ڪجهه وقت کان پوءِ هن خاندان جي ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو موجوده دادو ضلعي جي ڳوٺ خداآباد جي ڀرسان ”نورجن“  جو ڳوٺ ٻڌي اتي رهڻ لڳا. فاروقي خاندان جا ڪجهه ماڻهو به لڏي اچي ان ڳوٺ ۾ ويٺا. محمد فاروقيءَ جي پيڙهيءِ مان مخدوم نورالدين بن وحيدالدين جا چار فرزند ٿيا:

مخدوم ابوسعيد، مخدوم بدر الدين، رڪن الدين ۽ ضياء الدين.

انهن مان مخدوم ابوسعيد ۽ مخدوم بدر الدين حضرت غوث بهاءُ الحق زڪريا ملتاني جي خليفي شاهه جمار(1) جا مريد ٿيا. پنهنجي مرشد جو قرب حاصل ڪرڻ لاءِ سيوهڻ ۽ نورجن جو ڳوٺ ڇڏي گاگڙي گاگن جي پرڳڻي ۾ اچي رهيا، جيڪو موجوده تعلقي گمبٽ ۾ هو.

مرشد کان فيض حاصل ڪرڻ  کان پوءِ ڏاڍيون رياضتون ۽ مجاهدا ڪيائون. پنهنجو من مارڻ لاءِ دنيا جي لذتن کان پري رهي جهنگ جي ڏٿ تي گذر ڪيائون. حضرت غوث بهاءُ الحق زڪريا ملتاني جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن هنن ڀائرن جي اها حالت ڏسي کين ”ڏوٿيئڙا“  جو لقب ڏنائين. درازا درگاهه جو باني ميان صاحب ڏنو، مخدوم ابو سعيد جي نائين پيڙهيءَ مان هو.

ڪجهه وقت کان پوءِ حضرت مخدوم ابوسعيد جي اولاد ”موسيجي“  مان لڏي اچي راڻيپور ۾ آباد ٿي. انهن مان قاضي مخدوم محمد شريف هڪ زبردست عالم، محدث، شاعر ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. ان جي اڏيل مسجد، جيڪا ڪنهن زماني ۾ جامع مسجد هئي، هينئر به اسپتال جي اتر ۾ موجود آهي. ان مسجد جي لڳ مخدوم شريف ۽ سندس خاندان جي ماڻهن جون مزارون آهن.

هن فاروقي خاندان کي حڪومت وقت ۾ به عزت حاصل هئي. هن خاندان جي هڪ فرد ميان احمد کي چڱي عزت واري ملازمت هئي. سندس محنت ۽ ايمانداري جي نتيجي ۾ گمبٽ ۽ راڻيپور جي وچ واري زمين هن خاندان کي حڪومت جي طرفان جاگير طور ملي. هنن  پنهنجي اها زمين ٻن ايماندار نوڪرن: دراز ونڊير ۽ ڪانجن ونڊير کي سنڀالڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ ڏني. هو ان جاگير ۾ جدا جدا ڳوٺ ٻڌي ويٺا، جيڪي سندن نالي پٺيان ”درازا“ ۽ ”ڪانجن“ جي نالي سان مشهور ٿيا. ڪجهه وقت کان پوءِ ڳوٺ ”ڪانجن“ ڦٽي ويو، پر درازا کي فاروقي خاندان جي طفيل عزت ۽ شرف حاصل ٿيو.

سنڌ جي عظيم شاعر حضرت سچل سرمست جو ڏاڍو خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو (وفات 1778ع) هن خاندان مان هو، ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. ميان صاحب کي ديهه موره ۾ اعليٰ عهدو مليل هو. روايت آهي ته هڪ  ڏينهن گهوڙي تي چڙهي، جهنگ مان وڃي رهيو هو، ته هڪ مجذوبه عورت اوچتو نڪري، سندس رستو روڪي بيٺي. هوءَ ڪجهه بيت پڙهي حضرت خواجه صاحب کي چوڻ لڳي: ”خدا ٿو توکي ڳولهي، ۽ تون وري ڪنهن جي ڳولها ۾ آهين؟“

حضرت خواجه صاحب تي ان گفتگو وڏو اثر ڪيو، ۽ دنياوي ڌنڌا ڇڏي، وڃي جهنگ وسايائين. چاليهن چلن ڪڍڻ کان پوءِ خواجه عبيدالله جيلاني رحه اچي کيس مريد ڪيو، جيڪو حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد مان هو. خواجه عبيدالله پنهنجي ٻن ڀائرن: شاهه ڪليم الله ۽ شاهه عبدالمالڪ سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو. سنڌ ۾ ڪجهه وقت رهي، اجمير شريف روانو ٿي ويو. وفات به اتي ڪيائين، ۽ اتي ئي حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري جي درگاهه ۾ مد فون ٿيو.

ميان صاحبڏني تي هن خاندان ۾ سهروردي سلسلو ختم ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن بزرگ قادري طريقو اختيار ڪيو. ان کان پوءِ درازا درگاهه جا بزرگ قادري طريقي سان وابسته ٿيا.


(1) ماهوار اخبار تعليم، جولاءِ 1911 ع، ص 11 .

(2) مولانا نور احمد خان فريدي: تذڪره حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني، ملتان، ص 331.

(3) ماهوار اخبار تعليم حيدرآباد، جولاءِ 1911 ع، ص 11 ۽ 12 .

(1) اخبار تعليم، جولاءِ 1911ع، ص 12 کان 14.

(2) اخبار تعليم، نومبر 1911ع، ص 16.

(3) اخبار تعليم، نومبر 1911ع، ص 21.

(4) اخبار تعليم، نومبر 1911ع، ص 22.

(1) ڊاڪٽر عمر بن  محمد دائود پوٽو: ڪلام گرهوڙي، سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي، 1956ع، ص 36.

(2) سيد رفيق علي شاهه پشنگي ڪڇي: لطيف التحقيق، سنڌي ترجمو: غلام حسين مڪاني، ص 13.

(3) ايضــاً ص 30.

(4) مير علي شير قانع: تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو: سنڌي ادبي بورد، 1976ع، ص 72- 73.

(5) لطيف التحقيق، سنڌي ترجمو،ص 30 کان 37.

(1) ايضاً، ص 28 کان 32.

(2) مولانا نور احمد خان فريدي: حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، ملتان، 1954ع، ص 45.

(3) لطيف التحقيق، ص 17 کان 28.

(1) مخدوم جمار جو مقبرو راڻيپور شهر کان ڏکڻ طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي شاهراهه تي واقع آهي. جنهن ڳوٺ جي لڳ اهو مقبرو آهي، ان کي ”گڏيجي چيو وڃي ٿو. مخدوم ابوسعيد جو مقبرو  ديهه راڻيپور مڪان موسيجي ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com