سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :9

حضرت خواجه معين الدين چشتي:

هي بزرگ سجستان ۾ تولد ٿيو، ۽ خراسان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. سندس والد بزرگوار خواجه غياث الدين حسن نيڪ طبيعت ۽ پرهيزگار شخص هو. ان جي وفات بعد اسباب وڪڻي، پيسا فقيرن ۾ ورهائي، سير و سفر تي نڪري پيو. ڪجهه وقت سمرقند ۽ بخارا ۾ رهي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ عراق عرب ڏانهن رخ ڪيائن ۽ نيشاپور جي پسگردائيءَ ۾ ”هرون“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي، ٻه اڍائي سال حضرت عثمان هردني (وفات 617 هه) جي خدمت ۾ رهيو. ان کان روحاني فيض پرائي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. اتان بغداد طرف روانو ٿيو. ”سنجار“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي شيخ نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 610 هه) جي صحبت ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهيو. اتان جيل ۾ آيو ۽ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني سان مليو. ان جي صحبت ۾ رهي، بغداد آيو؛ ۽ حضرت شيخ ضياءُ الدين جي صحبت ۾ ڪجهه وقت رهيو. بغداد ۾ شيخ اوحد الدين ڪرماني، حضرت خواجه صاحب کان روحاني فيض حاصل ڪيو. انهيءَ ئي زماني ۾ حضرت شيخ شهاب الدين عمر سهروردي به کانئس روحاني فيض پرايو.

سير و سفر ڪندو حضرت خواجه صاحب بغداد کان همدان آيو ۽ اتان تبريز پهتو. اتان ٿي خرقان آيو. ان کانپوءِ ”سبز وار“ آيو. اهڙيءَ طرح سير و سفر ڪندو، بزرگن سان ملاقاتون ڪندو، لاهور آيو، ۽ حضرت خواجه علي هجويري داته گنج بخش جي مزار جي زيارت ڪيائين. مورخن جو اندازو آهي، ته حضرت خواجه صاحب سنه 587 هه کان 588 هه ۾ لاهور ۾ آيو. لاهور کان دهلي آيو، ۽ اتي ٿورو وقت رهي، اجمير طرف روانو ٿيو. اجمير ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪيائين. سندس تبليغ سبب ڪيترائي غير مسلم، ايمان جي روشني سان منور ٿيا. اهڙي طرح برصغير پاڪ و هند جي سرزمين ۾ اسلامي تبليغ ۽ روحاني فيض جو سرچشمو قائم ڪري، سنه 632 هه يا 633 هه ۾ وفات ڪيائين. اجمير شريف ۾ روضو مشهور زيارتگاهه آهي.

حضرت خواجه صاحب جي خليفن ۾ ٻه بزرگ خاص طرح سان قابل ذڪر آهن: شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي دهيل ۾ چشتي سلسلي جو مرڪز قائم ڪيو، ۽ ڪيترن ماڻهن کي روحاني فيض سان مالا مال ڪري، 41 ربيع الاول سنه 633 هه (1235ع) تي وصال فرمايو. سندس خليفن مان حضرت بابا فريداندين گنج شڪر جو تعلق سنڌ سان آهي.

حضرت بابا فريد گنج شڪر:

حضرت بابا فريد چشتي طريقي سان منسلڪ هو، ۽ معرفت جي اعليٰ منزل تي فائز هو. سندن نالو فريدالدين ۽ لقب گنج شڪر هو. سندس ولادت جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. سيرالاولياءَ ۽ ٻين ڪن تاريخن 569 هه ڄاڻائي آهي. سندس روضي تي به اهائي تاريخ لکيل آهي. تذڪره نگارن لکيو آهي ته، بيعت وقت سندس عمر 18 سال هئي ۽ بيعت کان پوءِ 80 سال زنده رهيو. انهيءَ لحاظ سان به سندس ولادت جي تاريخ 560 هه صحيح معلوم ٿئي ٿي؛ ڇاڪاڻ جو سندس وفات جي تاريخ اتفاق راءِ سان 664 هه آهي. سندس والد بزرگ گوار جو نالو مولانا جمال الدين سليمان هو ۽ ديوان چاولي مشاخ، ضلعي ملتان جا ويٺل هئا. اڃان ننڍو ئي هو ته، سندس والد بزرگوار وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ کيس ڳوٺ جي عالم وٽ پڙهڻ ويهاريو ويو جتان ابتدائي تعليم حاصل ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ملتان آيو: جتي قرآن حڪيم حفظ ڪيائين ۽ مولانا منهاج الدين جي مسجد ۾ فقهه جو مشهور ڪتاب ”نافع“ شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن نافع ڪتاب پڙهي رهيو ته، خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي مسجد ۾ نماز پڙهڻ آيو. حضرت خواجه جي نظر فيص اثر، حضرت باب فريد کي گهائي وڌو. ٿوري ئي گفتگو کان پوءِ حضرت خواجه جي دوست حق پرست تي بيعت ڪيائين. بزم صوفيه جي صاحب لکيو آهي، ته حضرت خواجه بيعت وقت حضرت باب ڏانهن مخاطب ٿي هيءَ رباعي پڙهي:

مقبول ترجز مقبل جاويد نشد

وز لطف تو هيچ بنده نوميد نشد..

لطف بکدام بنده پيو ست ومي،

کان ذره به از هزار خورشيد نشد..

ڪن تاريخن لکيو آهي ته بيعت ملتان ۾ نه ٿي، پر ان ملاقات کان پوءِ حضرت بابا فريد جڏهن دهليءَ ويو ته اتي ٿي. حضرت خواجه حسن نظاميءَ به ائين لکيو آهي. مولانا جمالي ملتان ۾ بيعت جي تصديق ڪري ٿو: ”همدران حين حضرت شيخ فريدالدين مسعود شرف ارادت مشرف شد“. ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”بتحقيق پيوسته است که حضرت فريد الدين مسعود در ملتان بيعت حضرت زبدت الاسرار شيخ الاسلام قطب الدين ڪاڪي روشي مشرف شد“.

جڏهن حضرت خواجه صاحب دهليءَ روانو ٿيو، تڏهن حضرت بابا فريد به سان همراه ٿيو. اڃا ٽي منزلون طئه ڪيون هئائون ته حضرت خواجه صاحب کين سڏي چيو ته، ”اڃا اتي ترس ۽ ظاهري علمن جي تحصيل ۾ پوري ڪوشش وٺ؛ ڇاڪاڻ جو بي علم زاهد مسخره شيطان آهي.“

مرشد جي حڪم موجب موتي ملتان آيو ۽ ڪجهه وقت اتي رهي، تعليم حاصل ڪري، قنڌار هليو ويو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. اتان بغداد ويو ۽ شيخ الشيوخ شهاب الدين عمر سهرورديءَ سيف الدين باخرزي، سعدالدين حمدي، بهاءالدين حموي، شيخ او حدالدين ڪرماني، شيخ فريدالدين نيشاپوري جهڙين صوفين جي صحبت مان فيض پرايائين.

پنجن سالن جي سياحت کان پوءِ، پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ دهليءَ ويو؛ جنهن کيس غزني دروازي جي برج جي هيٺان هڪ حجرو کيس مرحمت فرمايو؛ جيئن اتي رياضتون ۽ مجاهدا ڪڍي، مرشد کان اجازت وٺي ”هانسيءَ“ هليو آيو. معتقدن جي هجوم کان بيزار ٿي ”اجودهن“ هليو آيو، جتي ڪجهه اڪيلائي ۽ سڪون ڏسي رهي پيو. حضرت بابا فريد تمام ڏاڍيون رياضتون ڪيون. سندن پنهنجو بيان آهي ته ويهه سال لاڳيتو علم تفڪر ۽ بيٺا رهيا، تان جو پير سُڄي پيس ۽ انهن مان رت وهڻ لڳي. انهيءَ وچ ۾ کيس ياد نه آهي ته ڪجهه کاڌائين پيتائين يا نه، هميشه روزا رکندو هو. جيڪڏهن ڪا تڪليف ٿيندي هين، تڏهن به روزا نه کوليندا هئا. رمضان ۾ هر رات، تراويحن ۾ قرآن حڪيم جو دور پورو ڪندا هئا، ڪڏهن ته ڏهه ڏهه سيپارا وڌيڪ به پڙهي ويندا هئا. مريدن جي حلقي ۾ ٿوريءَ ڳالهه تي روئڻ ۾ اچي ڇٽڪندا هئا، هيٺيون شعر کين ڏاڍو وڻندو هو. ٻڌڻ سان روئيندا هئا ۽ بيهوش ٿي ويندا هئا:

در ڪوئي عاشقان چنا جان بدهند

کانجا ملک الموت نگجند هرگز.

سندن مريدن مان ڪيترائي وڏا عارف ٿيا، جن مان حضرت نظام الدين اولياء دهلويءَ جو نالو قابل ذڪر آهي. ڪيتري ئي خلق خدا کي فيض ڏيڻ کان پوءِ 664 هه ۾ وفات ڪيائون.

سنڌ ۾ چشتي سلسلو

چشتي بزرگن جي ملفوظات مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪي بزرگ سنڌ ۾ به آيا. حضرت خواجه معين الدين چشتي جي ملفوظات دليل العارفين ۾ آيو آهي:

”هڪ ڀيري سيوستان ۾ خواجه عثمان هارونيءَ سان گڏ سفر ڪري رهيو هوس، ته هڪ درويش شيخ صدرالدين محمد احمد سان سندس جهوپڙيءَ ۾ ملاقات ٿي، جيڪو ياد الاهيءَ ۾ مشغول هو. ڪجهه ڏينهن صحبت ۾ رهيس. مون ڏٺو ته جيڪو به آيو ٿي، روحاني دولت سان مالامال ٿي ويو ٿي. اچڻ وڃڻ وارن ماڻهن کي چيائين ٿي، ته درويش کي دعائي ايمان سان ياد ڪريو. جيڪڏهن آءٌ ايمان جي سلامتي سان قبر ۾ ويس، ته ڄڻ زندگي سجائي ٿي. جڏهن ان بزرگ موت ۽ قبر جو نالو ٻڌو، ته بيد وانگر ڏڪي ويو، ۽ سندس اکين سان پاڻي ائين وهڻ لڳو؛ جيئن چشمي جو پاڻي وهندو آهي. ان کان پوءِ ستن ڏينهن تائين وهندو رهيو، سو به ائن جو بيٺي پير ۽ منهن آسمان طرف ڪري. ان کي ڏسي، اسان کي به روئڻ ٿي آيو. جڏهن روئڻ کان فارغ ٿي ٿيو. ته اسان ڏانهن منهن ڪري، مخاطب ٿي چيائين ٿي: ”اي عزيزو، جنهن کي موت اچڻو هجي، ملڪ الموت ان جي پويان هجي؛ ۽ تيز رفتاريءَ سان ايندڙ قيامت جو ڏينهن سندس پٺيان هجي؛ ته ان کي آرام راحت ۽ خوشيءَ سان ڪهڙو واسطو، ۽ ان کي دنيوي ڪمن ۾ مشغول رهڻ ڪيئن جڳائي؟“

حضرت صدرالدين لڪيءَ واري جو ذڪر هن ڪتاب ۾ آيو آهي. حضرت قلندر شهباز ۽ حضرت بابا فريد جي ملفوظات ”راحت القلوب“ ۾ آيو آهي:

فرمايائون، ته ”هڪ ڀيري سيوستان طرف مسافريءَ ۾ هوس. اتي جي روليائن ۾ بزرگن سان ملاقاتون ڪيم. هڪ ڏينهن شيخ محمد سيوستاني جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، جيڪو ولايت جو صاحب هو. سلوڪ جي باري ۾ ساڻس گفتگو ٿي.“

هتي شيخ محمد مان مراد اهو ئي بزرگ شيخ صدرالدين محمد احمد آهي، جنهن وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس مقبرو لڪيءَ ۾ آهي.

شيخ عارف:

چشتي بزرگن جي اچڻ ڪري، سنڌ ۾ چشتي طريقو ڪيتري قدر ڦهليو، ان جو احوال ڪونه ٿو ملي. البت سيرالاولياء (ص 84-185) مان فقط ايترو معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت بابا فريد گنج شڪر ”شيخ عارف“ نالي هڪ بزرگ کي خلافت ڏيئي سيوستان ڏانهن موڪليو. ان بزرگ جا تفصيلي حالات ڪنهن به تذڪري ۾ موجود نه آهي. سيرالاولياء ۾ آيو آهي:

”اچ ۾ ملتان جو هڪ بادشاهه هو، جنهن جو هيءُ بزرگ پيش امام هو، يا ڪو ان سان ٻيو تعلق هوس. ان بادشاهه هن بزرگ کي هڪ سئو ٽنڪا ڏئي، حضرت شيخ العالم بابا فريد گنج شڪر جي خدمت ۾ موڪليو. هن ڇا ڪيو جو پنجاهه ٽنڪا پاڻ وٽ رکيائين ۽ پنجاهه حضرت شيخ العالم جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. ان تي حضرت شيخ العالم مڪي فرمايو، ته اي عارف! تو ڏاڍا سٺا برادرانه حصا تقسيم ڪيا آهن. اهو ٻڌي عارف ڏاڍو شڪي ٿيو ۽ هڪدم ٻيا پنجاهه ٽڪا به سندن خدمت ۾ پيش ڪيائين. نه فقط ايترو، پر ڪجهه وڌيڪ به پنهنجي طرفان پيش ڪيائين، ۽ ڏاڍي نهٺائيءَ سان معافي گهريائين ۽ بيعت جي لاءِ التجا ڪيائين. شيخ شيوخ العالم سندس بيعت ورتي ۽ سندس مٿو ڪوڙارايو. ان کان پوءِ ڪجهه وقت حضرت شيخ العالم جي خدمت ۾ رهي ڪماليت جي درجي تي رسيو. ان کان پوءِ حضرت شيخ العالم کيس بيعت وٺڻ جي اجازت ڏئي، سيوستان موڪليو.“

”ائين به چيو وڃي ٿو، ته مولانا عارف پنهنجو خلافت نامو حضرت شيوخ العالم جي خدمت ۾ پيش ڪندي عرض ڪيو، ته هي ڪم ڏاڍو نازڪ آهي ۽ مون غريب جي طاقت کان ٻاهر آهي. خلافت نامو سندس خدمت ۾ پيش ڪري سندن اجازت سان حرمين شريفين هليو ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.[1]

ان کان سواءِ هن بزرگ جو احوال صوفي بزرگن جي هڪ ٻئي تذڪري مرات الاسرار ۾ ملي ٿي. هي تذڪرو حضرت شيخ عبدالرحمان چشتي (1005 هه 1094 هه)، 1045 هه ۽ 1065 هه جي درميان تاليف ڪيو. هي تذڪرو 23 طبقن (بابن) تي مشتمل آهي. طبقه 19 حضرت شيخ فريد الدين گنج شڪر بابت آهي. هن ۾ حضرت شيخ عارف سيوستانيءَ جو احوال به آيل آهي. ان ۾ به هن بزرگ بابت بلڪل ساڳيو احوال آيل آهي، جيڪو سيرالاولياء ۾ ملي ٿو. البت ان ۾ ٿوري وضاحت ملي ٿي، جيڪا هن طرح آهي، ته هن بزرگ کي حضرت گنج شڪر بيعت جي اجازت ڏئي، سيوستان روانو ڪيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن خلافت نامو حضرت شيخ جي اڳيان اچي رکيو ۽ عرض ڪيائين، ته هي نازڪ ڪم آهي، جيڪو منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. خلافت نامو واپس ڪرڻ کان پوءِ حضرت گنج شڪر جي حڪم موجب مڪي شريف هليو ويو، ۽ اتان موٽي نه آيو.“[2]

ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي بزرگ سيوستان ۾ ڪجهه وقت رهيو، ۽ پوءِ موٽي مرشد وٽ ويو ۽ اتان موڪلائي مڪي شريف هليو ويو ۽ وري موٽي سنڌ ۾ نه آيو.

خواجه احمد سيوستاني:

سيرالاولياء ۾ آيو آهي، ته هيءُ بزرگ بابا فريد گنج شڪر جو مريد هو، ۽ پنهنجي مرشد جي وضو ۾ غسل لاءِ پاڻي ڀري پڄائيندو هو. پاڻيءَ جون مشڪون ڀريندي هڪ ڀيري سندس چيلهه ۾ سور پيو، جيڪو حضرت بابا فريد جي هٿ گهمائڻ سان لهي ويو، ۽ آخري عمر تائين هن کي چيلهه ۾ سور نه پيو، توڙي جو هن جي عمر سئو سالن تائين پهچي ويئي. ان کان سواءِ هو پنهنجي مرشد جا ڪپڙا به ڌوئيندو هو. سيرالاولياءَ جي مصنف وڌيڪ لکيو آهي، ته هن جي خواجه احمد سيوستانيءَ سان ان وقت ملاقات ٿي، جڏهن هو، سلطان محمد تغلق جي زماني ۾ اجوڌن کان غياث پور آيو هو، ۽ وڏي عرصي تائين حضرت سلطان المشائخ جي خدمت ۾ رهيو هو. مصنف لکي ٿو، ته ان وقت خواجه احمد سيوستانيءَ جي عمر سئو سال هئي، پر هن جي چيلهه ۾ ونگ نه آيو هو. هو وڌيڪ لکي ٿو: ”مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس. ان وقت منهنجي ڀاءُ امير دائود ڇهن مهينن جو هو. ان کي ڪا بيماري ٿي پئي هئي، جو کير پيئڻ ڇڏي ڏنو هئائين. کيس خواجه احمد جي اڳيان آندوسين ۽ حالت بيان ڪئي سين. بزرگ پنهنجي اُڱر تي پنهنجي پِڪ لائي، ٻار جي چپن تي مهٽي. ان وقت ٻار جا چپ چرڻ لڳا. بزرگ دائيءَ کي چيو، ته ٻار کي کير پيار. جيئن ئي دائيءَ ٻار کي پنهنجن ٿڻن سان لاتو، ته هن ببو ڌائڻ شروع ڪيو، ۽ ڍوءُ ڪري ٿڃ ڌاتائين.“[3]

ان کان وڌيڪ هن بزرگ جو احوال ڪو نه ٿو ملي. هن احوال مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي بزرگ سيوستان (سيوهڻ) جو رهاڪو هو، اجو ڌن ۾ پنهنجي مرشد حضرت گنج شڪر جي خدمت ۾ وڃي رهيو هو. معلوم ٿئي ٿو، ته هو وري سنڌ ۾ موٽي نه آيو.

بابا احمد بکري:

عالم، فاضل ۽ صوفي بزرگ هو، سيد نظام الدين اولياءَ دهلوي جو خليفو هو. کانئس روحاني فيض حاصل ڪري، احمد آباد ۾ اچي رهيو. تاريخ 19- ذوالقعد نائين صدي هجري جي اوائل (15- صدي عيسوي) جي شروعات ۾ وفات ڪيائن.

مولانا ظهير الدين بکري:

وڏو عالم فاضل ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. اُن زماني ۾ نحو، فقهه ۾ اصل فقهه ۾ سندس مٽ ڪونه هو. بکر مان لڏي وڃي دهليءَ ويٺو، جتي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين. ڪيترن ئي ماڻهن کانئس علمي فيض حاصل ڪيو. مشهور عالم ۽ صوفي بزرگ علامه شمس الدين يحيٰ[4] اودي (وفات 747 هه) سندس شاگرد هو. طريقت ۾ علامه شمس الدين، حضرت خواجه نظام الدين اولياء جو مريد هو. حضرت خواجه نظام الدين اولياء جو خليفو ۽ جاءِ نشين حضرت خواجه محمود[5] چراغ دهلوي (وفات 757 هه) علامه شمس الدين جو شاگرد هو.

علامه ظهير الدين بکري، سلطان غياث الدين بلبن جو خاص درباري هو، ۽ هن جو مٿس وڏو اعتماد هو. طريقت ۾ علامه صاحب پهريائين پنهنجي بادشاهه جي مرشد حضرت رڪن الدين ملتاني (وفات 735 هه) جو مريد هو. ان کان پوءِ سلطان محمد تغلق جو زماني ۾ حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ دهلوي جو مريد ٿيو. اٺين صدي هجري ۾ ٿي گذريو.

ضياءَ برني، علاوالدين خلجيءَ جي زماني جي عالمن بابت لکيو آهي، ته اُهي علمن ۽ فنن ۾ ڪمال حاصل ڪري، غزاليءَ ۽ رازيءَ جي مرتبي کي وڃي پهتا. انهن عالمن جي فهرست ۾ برنيءَ مولانا ظهير الدين بکريءَ جو نالو به شامل ڪيو آهي.[6] نزهته الخواطر ۾ آيو آهي ، ته نحو ، لغت ، فقهه ۽ اصول فقهه ۾ هن کان وڌيڪ ان زماني ۾ ڪوبه عالم نه هو. کانئس ڪيترن ماڻهن فائدو پرايو، جن مان شمس الدين محمد بن يحيٰ اوڌي به هو، جنهن کانئس فقهه ۽ اصول فقهه پڙهيو.[7]

شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلوي :

هي بزرگ حضرت سلطان المشائخ نظام الدين اولياء جو وڏو خليفو هو. حضرت سلطان المشائخ جي وفات کان پوءِ دهليءَ جي ولايت هن بزرگ ڏانهن منتقل ٿي. پنهنجي روحاني سلسلي جو ڪم نهايت ڏکئي وقت ۾ جاري رکيو. ان وقت مطلق العنان بادشاهه محمد تغلق جي حڪومت هئي، جنهن بزرگن، عالمن ۽ صوفين کي پنهنجي حڪمن موجب هلائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. اهڙين حالتن ۾ حضرت چراغ دهلوي مضبوط پهاڙ وانگر پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهيو ۽ همت ۽ استقلال سان ڪم ڪندو رهيو. محمد تغلق کيس ڏاڍو پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن هر ڳالهه کي صبر ۽ تحمل سان منهن ڏنو. هو سفر ۾ به کيس پاڻ سان کنيو گھمندو هو. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري سلطان کيس پنهنجو جامه دار مقرر ڪيو. هن سموريون ڳالهيون پنهنجي مرشد جي وصيت موجب برداشت ڪيون.[8]

   سلطان محمد تغلق جڏهن ٺٽي تي اچي حملو ڪيو، ته حضرت چراغ دهلويءَ کي سنڌ ۾ پاڻ وٽ گھرايائين. اهڙيءَ طرح هي بزرگ پنهنجي مرشد ڀائي ۽ استاد مولانا شمس الدين جي استاد مولانا ظهيرالدين بکريءَ جي وطن سنڌ ۾ آيو آهي. سيرالاولياء جي صاحب لکيو آهي، ته جڏهن بزرگ ٺٽي جي ويجھو محمد تغلق وٽ آيو، ته سلطان بزرگ جو اهو احترام نه ڪيو،جيڪو کيس ڪرڻ گھربو هو. نتيجو اهو نڪتو جو سلطان کي بادشاهي تخت جي بدران تابوت جي تختي تي موٽائي پنهنجي شهر آندو ويو.[9] سندس مطلب هي آهي ته ان کان ٿورو پوءِ سلطان محمد تغلق کي ٺٽي کان چوڏهن ميلن جي فاصلي تي پلي کائڻ جي ڪري پيٽ ۾ سور پيو ۽ هن درياءَ جي ڪناري تي 21 محرم سن 751 (1350ع) يا 752هه (1351ع) تي وفات ڪئي.[10] حضرت محمود چراغ دهلوي جي ملفوظات ”خير المجالس“ جي نالي سان موجود آهي. 18- رمضان المبارڪ سن 757 هه (1356ع) تي وفات ڪيائين.[11]

شيخ عيسيٰ:

هيءُ بزرگ حضرت خواجه غلام فريد جو وڏو ڏاڏو هو، ذات جو ڪوريجو هو ۽ سندس والد بزرگوار جو نالو يوسف هو. محترم مولانا نور احمد خان فريدي لکيو آهي ته ”هي بزرگ پنهنجي زماني جو امير ڪبير هو. سن 756 هه ۾ امارت ترڪ ڪري درويشي اختيار ڪيائين، ۽ ٺٽي ۾ سنه 758 هه ۾ حضرت بنده نواز گيسو دراز دهلويءَ جو مريد ٿيو. بزرگ کيس خلافت جي خرقي سان به نوازيو“.[12]

سيد محمد گيسودراز ابن يوسف الحسن دهلوي حضرت شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلويءَ جو خليفو هو. مٿي اچي چڪو آهي، ته ٺٽي ۾ حضرت شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلوي، محمد تغلق جي سنڌ تي حملي دوران ٺٽي آيو هو. انهيءَ ڪري شيخ عيسيٰ، حضرت گيسودراز جو نه، پر حضرت چراغ دهلويءَ جو مريد خليفو ٿيو هوندو. ان کان سواءِ سن به صحيح نه آهن. محمد تغلق سنڌ ۾ سن 751 هه ۾ وفات ڪئي، ۽ حضرت چراغ دهلوي سن 751 هه ۾ سنڌ ۾ آيو، ۽ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهي، موٽي ويو. ان تاريخي حقيقت جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو، ته شيخ عيسيٰ سن 751 ۾ ٺٽي ۾ حضرت محمود چراغ دهلويءَ جو مريد ٿيو.

شيخ حسن:

حضرت شيخ عيسيٰ جي خاندان مان شيخ حسن وڏو روحاني بزرگ ٿي گذريو. هن بزرگ دولت ۽ امارت کي خيرباد چئي، درويشي اختيار ڪئي ۽ سهروردي سلسلي ۾ بيعت ٿي، روحاني مرتبو حاصل ڪيو. سندس فرزند محمد زڪريا سنڌ کي خيرباد چئي، منگلوٽ (تعلقو لوڌران) ۾ رهائش اختيار ڪئي، ۽ وڏو ديني مدرسو قائم ڪيو.

مخدوم محمد زڪريا کان پوءِ سندس فرزند مخدوم نور محمد جي ڏينهن ۾ ان مدرسي اڃا به گهڻي ترقي ڪئي، ۽ دارالعلوم جي درجي کي پهتو. مغل حڪومت جي طرفان مدرسي جي خرچ جي پورائيءَ لاءِ پنج هزار بيگهار زمين ڏني وئي

مخدوم محمد شريف:

مخدوم نورمحمد جو پوٽو مخدوم محمد شريف بن خواجه محمد يعقوب لڏي اچي سيتپور ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ مخدوم صاحب جي مريد نواب ”مٺڻ خان“ مٺڻ ڪوٽ نالي نئون شهر آباد ڪيو. نواب صاحب جي گذارش تي مخدوم محمد شريف لڏي اچي ”مٺڻ ڪوٽ“ ۾ رهائش اختيار ڪئي. مخدوم محمد شريف کي ٻه فرزند ٿيا: قاضي نور محمد ۽ قاضي محمد عاقل. ٻئي ڀائر عالم، فاضل ۽ اهل دل بزرگ هئا.


[1]   سيرالاولياءِ: سيد محمد مبارڪ علوي ڪرماني، المعروف به امير خورد (وفات 711 هه- 1311ع)، اردو ترجمون: مولانا اعجاز الحق قدوسي، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1980، ص 319.

[2]   مرات الاسرار: شيخ عبدالرحمان چشتي، اردو ترجمو ڪپتان واحد بخش سيال، صوفي فائونڊيشن لاهور، 1982ع، ص 248.

[3]   سيرالاولياء، اردو ترجمو، ص 184-185.

[4]   مولانا شمس الدين، حضرت سلطان المشائخّ نظام الدين اولياء جو خليفو هو. وڏو عالم ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريو آهي. ڪيترن ئي الله جي ٻانهن کانئس روحاني فيض پرايو. سماع ٻڌڻ جو شوق هوندو هوس. علم جي تحصيل لاءِ ”اوڌ“ مان دهليءَ آيو ۽ هتي رهي پيو. شهر جي اڪثر ماڻهن کي سندس شاگرديءَ جو شرف حاصل هو. روايت آهي ته ”مشارق“ جي شرح به لکيائين. ازدواجي تعلق کان به آزاد رهيو. مريد ڪرڻ کان گھڻو پري رهندو هو، انهيءَ ڪري تمام گھٽ مريد ڪيائين. سلطان محمد تغلق کيس تڪليف ڏيڻ کان ڪشمير موڪلڻ جو حڪم ڪيو؛ پر هن بزرگ جي دل نه هئي ته مرشد جو در ڇڏي، ڪشمير وڃي. ٻئي ڏينهن حضرت مولانا بيمار ٿي پيو. کيس سيني تي ڦرڙي نڪتي. ڪجھ ڏينهن بيمار رهي، سنه 747ع (47-1346ع) تي وفات ڪيائين.

[5]   سيرالاولياء ۾ آيو آهي ته مولانا شمس الدين ۽ مولانا صدرالدين ناولي ٻئي پاڻ ۾ پڦاٽ – ماروٽ هئا ۽ ٻئي گڏ مولانا ظهيرالدين وٽ پڙهندا هئا. هڪ ڀيري ٻئي سلطان المشائخ حضرت نظام الدين اولياء جي محفل ۾ آيا. حضرت سلطان المشائخ کائن پڇيو ته ”شهر ۾رهندا آهيو“ چيائون : ”هائو، اسان مولانا ظهيرالدين وٽ ”بزوري“ پڙهندا آهيون“. موڪلائڻ وقت حضرت سلطان المشائخ مولانا شمس الدين کي تهبند (پوتڙو) ۽ مولانا صدرالدين ناولي کي دستار عنايت ڪئي. مولانا شمس الدين کي جيڪو تهبند عنايت ٿيو هو، اهو هن پٽڪو ڪري مٿي سان ٻڌو هو. انهيءَ حالت ۾ هو پنهنجي استاد مولانا ظهيرالدين وٽ آيا، جنهن مولانا کان تهبند ٻڌڻ جي حقيقت معلوم ڪئي. هن کيس ملاقات جو ذڪر نهايت پراثر نوع ۾ ٻڌايو. هن مجلس جي ڪيفيت اهڙي ته دلڪش انداز ۾ بيان ڪئي، جو مولانا ظهير الدين به سلطان المشائخ جي ملاقات جو اشتياق پيدا ٿيو. ان بعد هُن به ملاقات ڪئي ۽ حضرت سلطان المشائخ جي خدمت ۾ حاضر ٿي فيض حاصل ڪيو.

(1- سير الاولياء ، اردو ترجمه، ص 371 کان 380 2- انوار صوفيه ، اردو ترجمه : اخبار الاخيار مشائخ چشت : خليق احمد نظامي ، مڪتبه عارفين ڪراچي ، ص 177).

[6]   تاريخ فيروز شاهي : برني ، اردو ترجمو، ص 514 .

[7]   نزهة الخواطر، جلد 2، ص 66.

[8]   اخبار الاخيار، اردو ترجمون، ص 180.

[9]   سيرالاولياءَ، اردو ترجمون، ص 393.

[10]   تاريخ فيروزشاهي (برني، اردو ترجمون، ص 746) ۾ 751 هه سن آيل آهي، پر تاريخ مبارڪ شاهي (اردو ترجمو، ص 203 ۾ سن 752 هه ڏيکاريل آهي.

[11]   اخبار الاخيار، اردو ترجمون، ص 180، تاريخ مشائخ چشت، ص 185.

[12]  ديوان فريد، جلد اول، ملتان ص 20.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com