سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :4

نظام ”زائر“

چاهه جي چوٽ جنهن کي تڙپائي،

گيت غم جا نه ڇو اُهو ڳائي.

منهنجي دل کي الائي ڇا ٿيو آ، وٿي تنهنجي اچڻ سان گهٻرائي.

سچ جي ساٿ سان ئي سُوريءَ تي، زندگي موت کي ٿي هارائي.

شام ٿيندي ئي چنڊ ٿيو روشن، من ۾ اوندهه ٿي ڇوليئا پائي.

ڪوئي ڪونهي جو دل کي ڏئي آٿت، جو اچي ٿو، وڃي ٿو تڙپائي.

منهنجي دل جو اُداس ويرانو، ڪوئي ”زائر“ اچي ته ورسائي.

ولي محمد وفا

 

ڇا غضب، موسمِ شباب آهي،

خار پڻ مانندِ گلاب آهي.

سائي تصوير من نظر ۾ رهي، جاڳ ۾ مون ڏٺو جو خواب آهي.

سڀ تصور جو ڪرشمو آهي، ورنه عالم تمام حباب آهي.

سو فريب نظر جناب آهي، جيڪو صحرا ۾ تيز تاب آهي.

شرم کان اّب ماهتاب آهي، جلوو جانانه بلا نقاب آهي.

شوخيءِ قلم لاجواب آهي، خود وفا جو وفا جواب آهي.

مريم مجيدي

حياتي ۾ هاڃا مچن ڀل سهون،

وَنير زندگي ٿي کِلي ٿا وهون.

ڏني خوب جذبن اسان کي سزا، پيا بي خطا پڙهجون ۽ ڳهون.

ڪيا نينهن سان نت نٻيرا نوان، ڏبو ڪنڌ ڪوري نه ڪنهن پر ٺهون.

بنا پيار سنسار ڄڻ ڇار آ، مٺا پاڻ بنجي مٺن سان رهون.

ڌتاري ڇڏي دل اسان آس تي، اسين رُڃ راهي نه منزل لهون.

غذابن ۾ آڙجن اکر ٿا جڏهن، غزل گيت سينگارجن ٿا ٻهون.

ڀڄي ڀور بنجي وياسون ڊهي، ڊّٺل ڪاڪ آهيون، پيا ٿا ڊهون.

هدايت بلوچ

تون چوين ٿي دوري آهي،

منهنجي ڪا مجبوري آهي.

مون کي خود احساس آ پياري، تنهنجو ساٿ ضروري آهي.

تو بن منهنجو ڏينهن اجايو، ٿو بن رات اڌوري آهي.

تنهنجا چپڙا چقمق آهن، تنهنجي اک انبوري آهي.

تنهنجي تڙپڻ ۽ جاڳڻ جي، مون کي سُڌ سموري آهي.

منهنجي غربت جي او وينگس، توکي ڄاڻ ته پوري آهي.

مان مفلس ڪيئن ڄام سڏايان، تنهنجو نانءُ ته نوري آهي.

بشير سيتائي

ترائيل

ها! اهو ماٺ جو شيشو به کڻي ٽوڙ سڄڻ!

ڪوئي ورلاپ، نه واڪو، نه وراڻي آهي،

منهن تان مايوسي سڄي روڙ سڄڻ!

ها! اهو ماٺ جو شيشو به کڻي ٽوڙ سڄڻ!

زندگي آهي ٽٽل، جوڙ سڄڻ!

تنهنجي نيڻن ۾ اها ڪهڙي ڪهاڻي آهي،

ها! اهو ماٺ جو شيشو به کڻي ٽوڙ سڄڻ!

ڪوئي ورلاپ، نه واڪو، نه وراڻي آهي!

ميرل جويو

رحم جنهن ۾ نا رتي، تنهن بي رحم روئي ڏنو،

بي مروت کي ويو، پئجي مرم، روئي ڏنو.

سخت دل مان ڪيئن ٿي ويئي، موم دل محبوب جي،

شوخ رُو پٿر صفا ٿي، دل نرم روئي ڏنو.

خون وهندو اِبن آدم جو ڏسي آف الامان!

مسجد رُني، مندر رُنو، ديرو حرم روئي ڏنو.

هيئن ڪيم ايرادو سهڻل ڏي شڪايت ڪا لکان،

جيئن کنيم هٿ ۾ ته ڪاغذ ۽ قلم روئي ڏنو.

انتها ٿي زندگيءَ جي، موت جي سامهون اچي،

منهنجي ننڍپڻ، نوجوان ۽ جنم روئي ڏنو.

جنهن نه ڪئي ڪا دلبري آ زندگي ۾ تنهن صنم،

لڙڪ هاري لاش تي، گرما گرم روئي ڏنو.

لاش منهنجي کي لتاڙي، دلربا گهرندي دعا،

قبر منهنجي جي مٿان رکندي قدم روئي ڏنو.

ٿيا ڪّٺا دفتر گناهن جا جڏهن قادر اڳيان،

بخش ٿيون بديون ته قادر جي قلم روئي ڏنو.

باغِ اِرم بدڪارر کي، جايون ڏنيون جيئن جيءَ ۾،

اُت عّدُو ابليس شيطان، بي شرم روئي ڏنو.

روح منهنجي تي ڏسي رحمت، مسرت مان ”ميرل“،

اَرضِ وسما روئي ڏنو، لوح و قلم روئي ڏنو.

منير سولنگي

سچ

جوئي آهي سوئي آهي،

سچ هميشه سچ ئي آهي.

سچ حلاج ۽ شاهه بلاول سچ جي آخر سوري منزل

سچ چڙهيو آ هر هر ڦاهي،

سچ هميشه سچ ئي آهي.

سچ آ سرمد، نانڪ، سامي سچ لطيف، حسين ۽ جامي

سچ پليت جو پٽڪو لاهي،

سچ هميشه سچ ئي آهي.

سچ خليل ۽ سچ ڪليم آ سچ جي منزل عرش عظيم آ

سچ خدا جو مهمان آهي،

سچ هميشه سچ ئي آهي.

سچ جون آهي نينهن نرالو سچ پئي ٿو زهر جو پيالو

سچ ئي ڪوڙ سان سينو ساهي

سچ هميشه سچ ئي آهي.

”اسحاق راهي“

محسنن کي هر قدم تي محسنن ڌوڪو ڏنو،

راهه ۾ محبوب کي آ عاشقن ڌوڪو ڏنو.

رند جي نظرن کي ساقي جي اکين ڌوڪو ڏنو،

ميڪشن کي بزم ۾ آ ميڪشن ڌوڪو ڏنو.

اختلافن جي به ڪا حد هوندي آهي دوستو،

لب تلاش لب رهيا، ليڪن لبن ڌوڪو ڏنو.

سادگي چئجي، يا چئجي سمجهه جو ڪوئي خلل،

رهبرن جو ويس پائي رهزنن ڌوڪو ڏنو.

مون سان پنهنجن ڪئي دغا اي دوستو اهڙيءَ طرح،

جيئن سسئي ويچارڙي کي هو جتن ڌوڪو ڏنو.

ڪاروان منهنجي جي قسمت تي اهي حملا ڏسو،

راهه بخشيا حوصلا، پر رهزنن ڌوڪو ڏنو.

باغ ۾ گلڙن کان اڳ خارن ڪيو خوش آمديد،

دشمنن ڪئي آجيان ۽ دوستن ڌوڪو ڏنو.

جن کي گل سمجهيم اُهي خارن کان وڌ ٿي خار پيا،

ڪيترو دستِ طلب کي آ گلن ڌوڪو ڏنو.

باغ ۾ آيس ته گلزاري کي مون نالان ڏٺو،

ڪيترو شاخ و شجر کي آ چمن ڌوڪو ڏنو.

جيئن پيا دستِ طلب دامن ۾، دامن پيو ڏنگي،

هي غضب آهي، جو آخر پير هن ڌوڪو ڏنو.

ٿي پيو آهي نظام بزم سان ڪو اختلاف،

سادگي منهنجي کي آخر انجمن ڌوڪو ڏنو.

ٿي نظام ڪاروان ويو منتشر منزل کان اڳ،

راهه ۾ ”راهي“ کي آهي قافلن ڌوڪو ڏنو.

مقصود گل

گيت

پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو، وڻ وڻ مان واکاڻ،

ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.

هر هڪ اڪُ ٿو عنبر اوتي، سَر سَر ۾ سرهاڻ،

ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.

ڪينجهر ۾ ٿو ڪنڌ نوائي، جهومي پائي جهاتيون،

پاڻ ڏسڻ لئه چنڊ جون آهن اکيون ڄڻ ٿيون آتيون،

وستيءَ وستيءَ ورهائي ٿو، چمڪي سو چانڊاڻ.

ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.

بادل برسائي ٿو سارنگ ڌرتيءَ جي دل ٺاري،

مينهن پوڻ سان ڀونءِ ڀلاري، خوشبو کوڙ اٿاري،

هر هڪ من کي بهلائي ٿي، امبرت جي آلاڻ.

ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.

منڇر تي ٿو مينهن ڪري اڄ موتين جون ورکائون،

بوند پٻڻ جي پن تي هيرا، برسن ٿيون برکائون،

ڳاڙهن ڳلڙن تي آهي ڄڻ، موهيڙن جي داڻ.

ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.

ڪاڇي تان اڄ پلٽي آيو، آهه پلر جو پاڻي،

گاج، سندي ڏس ٺوٺ جواني سرجي ۽ ساماڻي،

جوڀن ان جو جرڪي پيو ۽ ٿي پئي جوان جماڻ.

ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.

موسم پنهنجي چپڙن تي آ سڪ مان سرخي لاتي،

سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ لئه، انڊ لٺ اڀ تي اّتي،

موسم جي ڳٽڙن تي آئي، لاک مّکي لالاڻ.

ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.

ساهه سرءُ جو مٺ ۾ آهي، مرڪي مست بهاري،

ڌرتيءَ جي آڳر تي ڏي ٿي، ٻهڪي واءُ ٻهاري،

گيت گلابي  ’گل‘ ٿا ڳائن، پار ڪڍيا پيلاڻ.

ساري سنڌ کٿوريءَ کاڻ.

  

سرڪش سنڌي

چنڊ سان گفتگو

زخم دل جا ڏسي چنڊ پيو ٿو کلين،

جي پيارن ڏنا سي پيارا گهڻا.

زندگي جو ٽڪر ڪيئن تنها ٽڪيان،

سور ڏيندا رهن ٿا سهارا گهڻا.

هر صبح شام جو اڀ نيري مٿان.

هڪ وڇڙيل ڪڪر مون جيان دربدر،

خوب رئندو رهيو لوڪ ڏسندو رهيو،

ٿا رهن ديس ۾ درد وارا گهڻا.

تو ته ڪيئي نديون پيٽ سڪندي ڏٺيون،

منهنجي سنڌوءَ ڪڏهن لاٿ آندي نه آ،

پئي ڇلي ۽ ڇلي ڪير ٿو ڇوليون جهلي،

توڻي سعيا ته ڪن ٿا ڪنارا گهڻا.

رات جيئن جيئن ٺري پرهه جي آسري،

تون وڏا ٽهڪ ڏين ۽ نوان چهڪ ڏين،

ڏي ڀلي ڏي مگر، هي هجيئي خبر،

ساٿ تنهنجو نه ڏيندا ستارا گهڻا.

چنڊ! تنهنجو ۽ سرڪش جو هڪ حال آ،

تنهنجي سيني جو ڦٽ ڀي ٽي دنيا ڏسي،

او چريا! پاڻ جهڙن تي کلبو نه آ.

مون ته توکي ڏنا هن اشارا گهڻا.

بخشڻ مهر

وقت جي ٽرين آڏو،

حياتيءَ جا سمورا سگنلز،

پنهنجا ڪنڌ،

نستي موالي جان،

لاڙيو بيٺا آهن.

اها ٽرين،

ڌاڍو تيز سان گذري ويندي آهي،

دلين جي پليٽ فارمس تي،

يادن جا پنا آدائيندي.

 

گل ٻرڙو

غزل

ڏٺا مون آهن طبيب ڪوڙا، ڏين ٿا جيڪي دوا به ڪوڙي،

ڏٺا تو هوندا فقير نقلي، ملي ٿي جن کان دعا به ڪوڙي.

حَسين دنيا حَسين ڌوڪا، هتي ملن ٿا قدم قدم تي،

ڏٺا مون آهن حسين ڪوڙا، ٿئي ٿي جن جي ادا به ڪوڙي.

اسان کي ماڻهو ملن گهڻا ٿا، نظر کي جيڪي لڳن چڱا ٿا،

رکن ٿا ليڪن مزاج اهڙو، وفا به ڪوڙي جفا به ڪوڙي.

گناهه ڄڻ ڪو گناهه ناهي، ثواب ڄڻ ڪو ثواب ناهي،

وٺي لڳي آ هوا به اهڙي، سزا به ڪوڙي جزا به ڪوڙي.

معاشري ۾ سخي ٿا سڏجن، مگر انهن ۾ خلوص ڪونهي،

سخا ڪري هو بدل گهرن ٿا، سخا به ڪوڙي عطا به ڪوڙي.

چمن ۾ ڪوئي به ”گل“ نه ڳولي، خزان جي رُت آ بهار ناهي،

بهار کان اڳ بهار ڇاجي، چمن ۾ آهي فضا به ڪوڙي.

مختيار گهمرو

غربت گهاڻي ۾ جيون،

هر هڪ چهرو پيلو پن.

سيءَ ستايو ڪيڏو آهي، هارياڻيءَ جو برف بدن.

مسڪينن کان رئيس بڇي ڏس، ڇاهي بک ۽ ڇاهي ان.

آهه امير جي آڏو هاري، ڪاسائي هٿ ٻڪري ڪن.

ظالم خون پرائو چوسي، دو ڌر ميڙ نه ايڏو ڌن.

سانگيئڙن جي ڪاڻ ڪڙهي جو، سوئي ماڻهو آهي من.

نينهن نوايو ڌرتي آڏو، پير اڳيان ڄڻ ڏيندڙ ڏن.

ٽاري ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي، وکري ويو آهي هر هڪ پن.

ڪو نه ڪبوتر واپس آيو، اڻ لڀ ٿيو ”مختيار“ امن.

”حليم“ سنڌي

زندگانيءَ ۾ سوين سور سهي ويا آهيون،

دوستو! هاڻ ڏکن ساڻ ٺهي ويا آهيون.

اي فلڪ! تنهنجو ستم تنهنجي جفا اکين تي،

تون متان ڀانئين ته ٽاهڙ ٿي ٽهي ويا آهيون.

وقت ڪنهن جي به چڱائي نه مڃيندو آهي،

هن سان حالانڪ چڱي ويل وهي ويا آيون.

هاڻ ڪوئي نه رهائي ته انهيءَ جي مرضي،

زلف جي ڇانو ۾ ڪجھ رهي ويا آهيون.

ڪنهن جي قسمت ٺهي ٿي ته ٺهڻ گھرجي،

ڪو به غم ناھ، اگر پاڻ ڊهي ويا آهيون.

دل جي داغن سان رهون ٿا اسين هردم روشن،

چنڊ ۽ سج ته نه آهيون جو لهي ويا آهيون.

چند قدمن تي رهي منزلِ مقصود ”حليم“،

ميل پٺتي ڇڏي ڪوهن ۾ ڪهي ويا آهيون.

 

جوهر بروهي

وائي

مارو مڙس مهان، ميان!

ٻوڏ ٻوڙيندي ڪا نه ڪا.

رولو، ڀٽڪيل، لاک لٿا ڪي تاتاري ترخان، ميان!

ٻوڏ ٻوڙيندي ڪا نه ڪا.

پنهنجا سينا پٿر جهڙا، ٿڙڪن ٿا طوفان، ميان!

ٻوڏ ٻوڙيندي ڪا نه ڪا.

اوکا سوکا ڏينهن گذاري، ماڻينداسون مان، ميان!

ٻوڏ ٻوڙيندي ڪا نه ڪا.

پيشانين تي چلڪن چمڪن، گوتم وارا گيان، ميان!

ٻوڏ ٻوڙيندي ڪا نه ڪا.

مرڪون اوتي جڳ جڳ جيئندا، ”جوهر“ تنهنجا جوان ميان!

ٻوڏ ٻوڙيندي ڪا نه ڪا.

رکيل مورائي

وائي

هيڪل هيڪل من،

مون تاسارو تن، آءُ ته اڱڻ اُجرو ٿئي.

او پاريهر پيار جا،

کوهي پر ڪو کن، آءُ ته اڱڻ اُجرو ٿئي.

اوسيئڙي جي آڳ ۾،

جلي پيو جوڀن، آءُ ته اڱڻ اُجرو ٿئي.

هئه هئه رت بسنت جي،

هئه هئه منهنجو من، آءُ ته اڱڻ اجرو ٿئي.

تنهنجو نانءُ زبان تي،

جيئڻ لاءِ جَتَن، آءُ ته اڱڻ اجرو ٿئي.

اشرف زمان پيرچنڊاس

بيوفا سان وفا ٻيو ڪير ڪندو،

سوچ اهڙي خطا ٻيو ڪير ڪندو.

ڇڙٻون دڙڪا ملن ٿا جنهن جي ڪري،

روز اهڙي صدا ٻيو ڪير ڪندو.

صبح جو وعدو ۽ شام جو ڦيري، دوست!

اهڙي دغا ٻيو ڪير ڪندو.

لڙڪ ويٺو ڏيان مان نانءَ تنهنجي تي،

ڏس ته اهڙي سخا ٻيو ڪير ڪندو.

موت جي وقت ڀي ”اشرف“ ٿي ڪئي،

يار توئي دعا، ٻيو ڪير ڪندو.

اُميد خيرپوري

هر قول سان آ فعل ڇڏي انتها ڪري،

مجبور ڪو هجي اُهو ڇا ڀلا ڪري؟

رهزن جو ڪم ٿو ويٺو هتي رهنما ڪري،

ڪنهن کان به ڪوئي ڪين ٿو ڪائي پڇا ڪري.

خالق جو خير ڪير ٿو اڄڪل ادا ڪري،

ماڻهن جي ڏيک لاءِ ٿو هر ڪو خفا ڪري.

حقدار کي نه جيڪو سڏي حق عطا ڪري،

اُن تي خدا جي مار پوي شل خدا ڪري.

ڇا ٿي پيو جي يار ڇڏيو آ جدا ڪري،

دم پاڻ سان جڏهن جو نٿو ڪا وفا ڪري.

جنهن کي وڻي سو منهنجي بلاشڪ گِلا ڪري،

هن کان مٿي هو ڪهڙي اڃان ٻي خطا ڪري.

غم ڇو ڪيان ڀلي ڪو جفا تي جفا ڪري،

مشڪل سدائين دور ٿو مشڪلڪشا ڪري.

”اميد“ روز روز اها ٿو صدا ڪري،

اوکو اچي نه وقت وطن تي خدا ڪري.

تبسم زهره

اٻاڻڪيل من ــــــ

هيءَ سانتيڪي،

جيڪا منهنجي آ، پنهنجي آ،

هن جو پنهنجو حُسن آ،

هن جو پنهنجو آواز آ،

منهنجو من ٽياس تي ٽنگيل،

منهنجو من نويڪلاين جي صليب تي ٽنگيل،

هن سانتيڪي کان پڇي ٿو،

تون انسان جي من مندر ۾ ڇو ٿي وسين،

هن وراڻيو؛

مان نويڪلي من جو ساٿي آهيان،

مان من جي صحرا جي ڇانو آهيان،

مان ويران وڻ جو اڪيلو پن آهيان.

خليل عارف سومرو

جهڙو تُنهنجو چهرو آ،

منهنجا اهڙا گِيت ڪٿي؟

پنهنجو پيار اَمر بڻجي، تنهنجي اهڙي پريت ڪٿي؟

هر ڪو پنهنجا حق پسي، جڳ جي اهڙي ريت ڪٿي.

پنهنجي پنهنجي قسمت آ، هار ڪٿي ۽ جيت ڪٿي.

ڪٿ جيون ماکيون مصريون، ۽ وهه جي آ ڳيت ڪٿي!

اي هوائو ڪجهه ته ٻڌايو، من جو آهي ميت ڪٿي؟

 

مرتضيٰ مٺياڻوي

اڄ محب مرڪي ڪر سخا، اچ ڏي ڇڏي ناراضگي،

ڪر پوري سائل جي سدا، اچ ڏي ڇڏي ناراضگي.

تون دور دلبر ٿو رهين، پو ڀي مَيارُون ٿو مڃين،

مان محب آهيان باوفا، اچ ڏي ڇڏي ناراضگي.

مُنهنڙي مثل مهتاب تان، پردو هٽائج پيار سان،

زيارت ڪرڻ جي آس آ، اچ ڏي ڇڏي ناراضگي.

سَوَ سج ڀل اڀرن پيا، ڪئين چنڊ ڀل چمڪن پيا،

تن کان گهڻي تنهنجي ضِيا، اچ ڏي ڇڏي ناراضگي.

پيڪان پنبڻين جا هڻي، زوريءَ وئين تون دل کڻي،

وَهه وَاهه نيڻن جي ڏيان، اچ ڏي ڇڏي ناراضگي.

آسائتن جو سوال آ، ڪجهه آس ڪجهه احوال آ،

ڀورن جا بنجو ڀر جهلا، اچ ڏي ڇڏي ناراضگي.

تنهنجي کپي ٿي دلبري، ڪر مرتضيٰ جي رهبري،

او! منهن جي دل جا دلربا، اچ ڏي ڇڏي ناراضگي.

سيد علي احمد شاهه ساقي

تنهنجي طفيل صاحب ڪردار ٿي ويس،

اڄ پنهنجو پاڻَ صورتِ انوار ٿي ويس.

اڄ قسمتن جو مالڪ و مختيار ٿي ويس،

بنده نواز تنهنجو طلبگار ٿي ويس.

آيس الائجي ڇا جي ڪري سا خبر نه پئي،

بازار، رنگ ويو جو خريدار ٿي ويس.

ڪهڙا عجيب وقت اچن ٿا نصيب تي،

افسوس پنهنجي يار تي اڄ بار ٿي ويس.

روئي ڏنم جي نيٺ ته انسان آهيان،

بيزار ٿي ويس ۽ لاچار ٿي ويس.

زاهد به تنهنجي حسن کي ڏسنديئي هيئن چيو،

والله بي گناهه گنهگار ٿي ويس.

پاراتو ڪنهن جو خوب لڳو توسان پيار ٿيو،

بدنام ٿي ويس ۽ بيزار ٿي ويس.

ساقي پياله پيار ته ڪجهه وقت لاءِ جيان،

معنوعيت جي مُلڪ مان بيزار ٿي ويس.

بدليل هزارين رنگ زماني جا مون ڏٺا،

آخر خدا خدا ڪري هُن پار ٿي ويس.

ساقي گُناهگار هو پر بخشجي ويو،

حامي اُتي جو حيدر ڪرار ٿي ويس.

محمد شريف طالب

تکا تي تنهنجا لڳا دل ۾ دلبر،

اکين آب آڻي رنو آهي هر هر.

ٿو پهرين نظر سان ڇڏيو محب موهي،

ڏٺم ڪين ڪڏهين ڪو اهڙو ستمگر.

ڏيئي درد مون کي تو چريو بنايو،

سٺم سور صدما سڄڻ تنهنجي خاطر،

تصور ۾ تون ئي رهين ٿو هميشه،

ڏٺم توکي خوابن خيالن ۾ اڪثر.

سدا تانگهه تنهنجي رهي آهي ”طالب“،

سڄڻ درد دل جا ڪريان ڪيئن ظاهر.

راشد مورائي

هيل به ٻوڏ نه ٿي، ابل هاڻ اُٿي،

لڏيون ڪنهن ٻي لوءِ ڏي!

جهنگ نه رهيو ننگ آ، جُوکي جُوءِ بُکي،

ابل هاڻ اٿي.

لڏيون ڪنهن ٻي لوءِ ڏي!

گابا، گايون گاهه لئه، رنڀن روز رُلي،

ابل هاڻ اٿي.

لڏيون ڪنهن ٻي لوءِ ڏي!

ڌرتي سُڪي ٺوٺ ٿي، ڀتر ڪانه ڦُٽي،

ابل هاڻ اٿي.

لڏيون ڪنهن ٻي لوءِ ڏي!

ڪُونج ۽ مومل مينهن جو، ويو آکير سُڪي،

ابل هاڻ اٿي.

لڏيون ڪنهن ٻي لوءِ ڏي!

ڳڀو گِسي ڪونه ٿو، ماني آهه رُکي،

ابل هاڻ اٿي.

لڏيون ڪنهن ٻي لوءِ ڏي!

ڪاٿان ايندا اّن ڪڻا، ٻني ڪانه ٻُڏي،

ابل هاڻ اٿي.

لڏيون ڪنهن ٻي لوءِ ڏي!

شال وسي ڪو مينهڙو، بڻجي ڀُونءِ سُکي،

ابل هاڻ اٿي.

لڏيون ڪنهن ٻي لوءِ ڏي!

ناظم منگي

يار ڀلجي ياد هيڪر جيڪڏهن دل سان ڪري،

سڀ ڇڏيندو خود خدا دشواريون آسان ڪري.

جوتشي هٿ جي لڪيرن کي ڏسي دلجا ڏني،

ڏينهن اڌ ۾ وصل شايد يار ٿو توسان ڪري.

خواب ۾ هن کي ڏهاڙي ٿو ڏسان ويٺل ڪّٿي،

ظاهري ليڪن اچڻ جو ڪين ٿو احسان ڪري.

نينهن جا ناسور ڏينهون ڏينهن ٿا وڌندا وڃن،

ڪو هجي جراح جيڪو درد جو درمان ڪري.

پيار جي ساگر ۾ مدت کان آ منزل جي تلاش،

ناخدا جو ڏوهه ناءِ، جيڪو ڪري يزدان ڪري.

راهرو کي ڪير ٿو پنهنجي ڪري اڄڪلهه مگر،

قرب هن جا ڇا چوان جو قيد ٿو مهمان ڪري.

ٿي ويون خالي دليون آهن پري هڪ ٻئي کان پر،

ڪو هجي اهلِ جو پاڻ کي يڪسان ڪري.

سچ ته روزانه ڪسڻ کان ڏينهن هڪ وڃجي ڪسي،

عشق ۾ مرجي ائين جو غيربي ارمان ڪري.

ڀل زمانو پيو ڪري مون تي ستم سهندس مگر،

يار ”ناظم“ کي فقط سوري کڻي ڀرسان ڪري.

پريتم داس پياسي

عجيبن آهه ورتو آت، نه آيو خط اڃان تائين،

سِڪي سُڏڪي سُڪي ويو ست، نه آيو خط اڃان تائين.

لکين خطڙا لکيا مون لڙڪ لاڙي روح کي روئاڙي،

ويو نڪري رڳن مان رت، نه آيو خط اڃا تائين.

لکڻ کان اڄ جواب آهي، اچڻ کان ٿيو حجاب آهي،

مگر من منهنجو آ موهت، نه آيو خط اڃان تائين.

ڪئي ڪاوڙ قريبن آ، مٽي محبت مُجيبن آ،

رُسي ويو هاءِ جاني جت، نه آيو خط اڃان تائين.

ڏسان مان روز ٿو راهون، ڪريان پيو قرب مان ڪاهون،

”پريتم“ ڪيئن کڄي پربت، نه آيو خط اڃان تائين.

حسن درس

وائي منزل ناهي ڏور، پل کن باقي پنڌ آ.

پريان هن ئي پار آ ٻوڪيو نمن ٻور، پل کن باقي پنڌ آ.

پنڌ ڪندي آ پهچڻ جو، ڪيڏو پيارو پور، پل کن باقي پنڌ آ.

سوڀ سنڌوءَ جي سوچي سائين سڀ وڃاءِ سور، پل کن باقي پنڌ آ.

ڦٽ پراڻا ويهي نه ڏس گهاو نه ويهي گهور، پل کن باقي پنڌ آ.

واٽن تي ويهي نه روئي نيڻ نچوءِ نور، پل کن باقي پنڌ آ.

محمد هڱورجو (مٺي)

ڪافي

اڄ به تنهنجي ياد تازي تڙ ترايان مارئي،

ماڳ هر ڪنهن مند ۾ منجهه مرد مايان مارئي.

 

اڄ به پائر ۾ پچاررن پرت ۽ پاٻوهه سان،

تانگهه توڙي تات تنهنجي توڙي تايان مارئي.

ڪن مقالون، محفلون هر مهل مارو منجهه ملير،

ريٽ ۽ ريلن تي رِهلا روح رايان مارئي.

ڀُڻن ڀائر اڄ ڀٽن تي اي ڀلاري ڀيڻ تو،

جهنگ ۾ جهو سگار تنهنجي جال جايان مارئي.

وّر ڏيئي وريا ولر ۽ وارڙين واڄا وڻن،

گونج هر گس ۾ لڳي منجهه گهنڊ گايان مارئي.

ٻُوهه ٻهڪيا، ٻير ٿيا يا ٻانئرين ۾ ٻُور ٿيو،

ڇيلڙن ڇانگون چرن منجهه ڇير ڇايان مارئي.

پيا پچي پيرون پپون يا تار پونا ڪيا پلر،

ٻاٻيهان وڌ ٻيلهڙن سان ٻول ٻايان مارئي.

ڏُٿ پڪو ڏونرا ٿيا جي ڏوٿين جي ڏيهه ۾،

کارڙيون سر تي کٿيرين لوڏ لويان مارئي.

گول گولاڙن پڪي يا گس ڇڏيا گهن ڍڪي،

گُگڻين ۾ گوند ڪارڻ گفتگويان مارئي.

بوند بادل ڀونءَ تي ۽ ڀاڳين ۾ ڀيڄ ڀيڄ،

وانگياڻين وات تنهنجون وِردّ وايان مارئي.

مينهن ساري ملڪ ۾ ۽ موريو مارئي پٿر،

سرس ٿي سرهاڻ ساريءَ سيم سايان مارئي.

مارئن جو ملڪ ۽ مارو به مرڪائي ڇڏيئي،

ڀرم وري ڀاڳياڻي ڀال ڀايان مارئي.

ڪين ٿو ڪردار تنهنجي جو ملي ڪوئي نظير،

اڳ رهي ۽ رهندي دنيا نت نمايان مارئي.

ڪُرّ لڄايئي ڪين ڪنهن پر ڪنڌ مارن ٿيا مٿي،

سونهن سيرت سيل واري شايان شان مارئي.

مرتبو تنهنجو مٿاهون ڇا ڪري ”محمد“ مقال،

ڳڻن ڀريل ڳالهڙيون بس ڳوٺ ڳايان مارئي.

قاضي منظر حيات

ماڻهو

اُجرا، اندر ڪارا ماڻهو،

وحشي صورت وارا ماڻهو.

دور هليا ويا، دور هليا ويا، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو.

هر هڪ دل ۾ ٿوهر اڀريا، وارياسي جيان سارا ماڻهو.

هر ڪنهن من مان ميٺ هلي ويئي، ڪوڙا، ڦڪا کارا ماڻهو.

ڪوڙ جي ڪوڙه ۾ هر ڪو ورتو، ڪونهن سونهن سچارا ماڻهو.

بنجي ڍونڍ پئي آ دنيا، تنهن تي ڏين لامارا ماڻهو.

پيار سان جي هر دل جيتن، ڪونهن سي سوڀارا ماڻهو.

وحشي بنجي ماڻهو آيو، کائن ڪي ويچارا ماڻهو.

زلفي

مان

سمورن دشمنن لاءِ

عام معافي جو اعلان ڪيان ٿو

۽ سمورن دوستن لاءِ لکان پيو

هڪ الوداعي گيت

مان سمورن نفرتن پنهنجين تان

دستبردار ٿيان ٿو

۽

سڀئي بدناميون

OWN ڪيان ٿو

مان قبوليان ٿو

سڀئي الزام

بدلي ۾ مان پنهنجو پيار

پيار کان محروم ماڻهن ۾

ورهائي ٿو ڇڏيان

محبوب چهري کي چمي

بس آخري نظر ڏسڻ ٿو چاهيان مان

مان

گارين ۽ تهمتن جي بدلي

توهان ڏانهن

دوستي جو هٿ وڌايان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com