سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :17

هو اسان جي اڳيان ائين پاڻ وکيري ڇڏيندو هو، ڄڻ پنهنجي خول کان ٻاهر نڪري آيو هجي. ڄڻ کيس ڪٿي اميد جو ڪرڻو نظر آيو هجي. هن جي سنجيدگي انهيءَ حقيقت جي تصديق ڪندي هئي ته واقعي هو اڌورو يا اڻپور آهي. هو مڪمل ٿيڻ ٿو چاهي. هن کي پناهه گهرجي اهڙي وجود جي، جيڪو هن جهڙو وجود هجي. اهو وجود، جنهن جي تلاش ۾ ڄڻ هن صديون گذاريون هجن. اهو وجود جنهن لاءِ هن پنهنجون سموريون محبتون، حسرتون ۽ خواهشون سالن کان امانت طور سانڍي رکيو هجن.

ڪڏهن ڪڏهن ساجن جا اهڙا سر ٻڌي ڏاڍي مٺيان لڳندي هئي. هن سان، هن جي سمورين خوبين ۽ صلاحيتن جي باوجود نفرت ٿيڻ لڳندي هئي. نفرت ٿيڻ لڳندي هئي هر مرد سان ۽ مرد جي نالي سان. جڙي ايندو هو ته هن کي اهڙيون ٻه ٺپيون ٻڌائجن جو هو هميشه لاءِ پنهنجي زبان تي تالو لڳائي ڇڏي. مگر اڻڄاتو هن کي معاف ڪرڻو پوندو هو. بي سبب زهر جو ڍڪ ڀرڻو پوندو هو.

مگر پنهنجي اها خاموشي پنهنجي دامن ۾ هزار طوفان کڻي آئي. هو هر روز سنجيدو ٿيندو ويو. تڏهن مون محسوس ڪيو ته هو مون ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن تي ڪاوڙ به ايندي هئي، مگر آءُ ساڻس اڻڄاتي همدردي ڪرڻ کان سواءِ به رهي ڪانه سگهندي هيس. شايد ان ڪري جو هن جي سنجيدگيءَ تي يقين ٿيڻ لڳو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي انهيءَ نه ڪيل گناهه جو احساس ٿيڻ لڳو هو ته انهيءَ انسان جو وجود شايد منهنجي ئي هٿان ڀور ڀور ٿيڻ لڳو آهي، جنهن کي منهنجي سهيلي اڏول ۽ مضبوط سمجهندي هئي. جيڪو خود پنهنجي لاءِ پاڻ به چوندو هو ته جبل جيان سخت هوندي به آءِ واري وانگر وکرڻ لڳو آهيان.

ايڏن طوفانن آئي به هرڪو پنهنجيءَ جاءِ تي اڏول رهيو، ليڪن هڪ ڏينهن واقعي ٿرٿلو آيو. اهڙو زلزلو آيو جو اسان سمورن جي اصولن ۽ عقيدن جي ڌرتي ڌٻي وئي. هو ٻار جيان بي قابو ٿي ويو. هن جي دل زبان بڻجي وئي. هن ائين ڏک ڏني ڄڻ شڪست مڃي هن پنهنجي وکريل وجود کڻي سميٽڻ جو فيصلو ڪيو هجيس. ڄڻ نا اُميدي جي تيز هوا هن جي اندر واري آزاد ٿيل انسان کي وري پنهنجي ذات جي خول طرف ڌوڪڻ شروع ڪيو هجي. هن جي اندر وارو انسان ڄڻ ٻار جيان ضد ڪري نراسائي مان جان ڇڏائي ڪنهن پناهه طرف تاڻيندو هجي. ڪنهن وجود کي ائين ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي، ڪنهن انسان کي پنهنجي ذات جي خول سان نفرت ڪندي ۽ ڪنهن انسان کي مظبوط پناهه جي تلاش ۾ ائين سرگردان ٿيندي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو. کيس ههڙي حال ۾ ڏسي مون کي هن سان همدردي ٿيڻ لڳي ۽ منهنجي پٿر جهڙي دل به پاڻي ٿي پئي ۽ اهو پاڻي منهنجون اکيون به روڪي نه سگهيون.

مون لڙڪن جي اها راند ته همدردي ۾ ڪئي هئي، ليڪن منهجي هڪ هڪ لُڙڪ مان هن اڻ پڇيو ۽ اڻ ٻڌايو پنهنجي وکريل ۽ ڀريل وجود کي ڳولهڻ شروع ڪيو، تان جو اهو وقت به آيو جو هن انهيءَ مٽيءَ مان هڪ مورتي جوڙي راس ڪئي. اها مورتي جيڪا پوءِ بهب اڌوري هئي، جنهن کي هڪ مڪمل روح جي ضرورت هئي ۽ جنهن کي وري ڊهندو ۽ ڀور ڀور ٿيندو ڏسڻ لاءِ ڪنهن کي به همت ڪانه هئي.

پوءِ اها بي روح ۽ منتظر مورتي ڏينهن جا ڏينهن اکين آڏو رهي. چپ چاپ ۽ خاموش. تان جو مون پاڻ اڳتي وڌي هن روح ڦوڪيو. وري وري ڊهڻ کان کيس پچائي ورتو. هن بي جان مورتيءَ ۾ جان پيدا ڪيم ۽ هو جيئرو جاڳندو انسان بڻجي پوءِ مخلص، بي لوث ۽ شڪر گذار انسان.

اهو ساڳيو ئي انسان هر روز ۽ هر صبح گهر جي چائنٺ ڇڏڻ کان اڳ لُڙڪن جي راند سان پٿر جي مورتي ۽ مرڪن جي راند سان ٻهڪندڙ گلاب بنجي ويندو آهي. هن کي ڏسي سوچيندي آهيان ته جيڪڏهن دنيا جي هر هڪ انسان کي ساجن جيان پناهه جي جاءِ ملي وڃي. دنيا جو هر هڪ مرد ساجن جيان مڪمل ۽ ڪامل بڻجي وڃي ته انسانيت جي چهري تان اڻ ڳڻين گناهن جا داغ ائين مٽجڻ لڳن، جيئن جبل جي چوٽيءَ تي پيل برف سج جي گرمي ۾ ڳرندي رهندي آهي. پر لڙڪن واريون اکيون ۽ مرڪن وارا چهرا انسان ڪٿان آڻي.

اُڌوري تصوير

انيس انصاري

هو ڄڻ گرانٽ وڊ ڪي پينٽگ مان نڪري اتي اچي ويٺا هئا. اهائي گنڀيرتا، اهوئي تقدس. اهي ئي وقت جي گاڏيءَ جي ڦيٿن جن بنايل سندن چهرن تي اڻ مٽ ليڪون. مان سڙڪ جي ڪناري بيهي کين ڪجهه وقت ڏسندو رهيس.

آفتاب مون کي آرٽ ڪائونسل ۾ ڇڏي پاڻ اڌ ڪلاڪ ۾ موٽي اچڻ جو وعدو ڪري گاڏي ڪاهي هليو ويو. اڌ ڪلاڪ جي بدران مون نمائش ۾ سندس ڪلاڪ کن انتظار ڪيو، پر هو ڪونه آيو. ان ڪري مان اڪيلو پنڌ ئي پنڌ گوئٽي انسٽيٽيوٽ وارو رستو ڏئي روانو ٿيس. انسٽيٽيوٽ کان ٽي چار عمارتون ڇڏي مون هڪ پراڻي عمارت جي پورچ ۾ کين ويٺل ڏٺو. خاموش، پنهنجن خيالن ۾ گم، ٻه ستر سالن کن جي پيٽي ۾ انسان، عورت ۽ مرد.

گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ اڀرندڙ فنڪار قمرالزمان جي آرٽ جي نمائش هئي. هن دفعي نه ڪنهن دوست کي هلڻ لاءِ چيم ۽ نه وري آفتاب کي ئي گاڏيءَ لاءِ چيم. جيڪب لائينس مان نڪري صدر لتاڙي رکيم رخ گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڏانهن به دراصل آرٽ جي نمائش کان وڌيڪ مون کي ان قديم گوٿڪ طرز تعمير واري پٿر جي ٺهيل عمارت جي پورچ ۾ ان پوڙهي ۽ پوڙهيءَ کي ڏسڻ جي خواهش هئي، جن کي ڪجهه مهينا اڳ آرٽ ڪائونسل مان موٽندي اتي ويٺل ڏٺو هئم، اڄ به هو ساڳئي فريم ۾ فِٽ پئي نظر آيا، رڳو زوم لينس کي گهمائي کين فوڪس ۾ آڻي ڪِلِڪ ڪرڻي هئي. هو منهنجي ڪئميرا جي رنگين فلم ۾ هميشه لاءِ اتارجي ويا.

پوڙهن جا به آهن موڊ. ڪڏهن نظرانداز نه ڪرڻ جهڙين ڳالهين تي به کلي ڏيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪنهن معصوم حرڪت تي غضب ناڪ ٿي ويندا آهن. مون کين سندن قدرتي موڊ ۾ ڏسڻ پي گهريو، پر هو هميشه گنڀيرتا جو ماسڪ منهن تي چاڙهي سامهون تڪيندا نظر ايندا هئا.

ميوزم ۾ اسلامي خطاطيءَ جي نمائش هئي. موٽندي آفتاب کي گوئٽي انسٽيٽيوٽ واري رستي تان هلڻ لاءِ چيم. انسٽيٽيوٽ وٽ پهچندي، آفتاب کي گاڏي ڍري ڪرڻ لاءِ چيم. پورچ ۾ ٻه ڪرسيون پيل هيون. انهن مان هڪ تي پوڙهو ويٺل هو. پوڙهي ٻاهرين گيٽ وٽ ڪنهن اوسيئڙي ۾ بيٺل پئي نظر آئي. مون آفتاب کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو. لهي وٽس ويس ۽ انگريزيءَ ۾ کانئس پڇيم؛ ”مان ڪا اوهان جي خدمت ڪري سگهان ٿو.“

”ضرور“ هن وراڻيو.

”منهنجي لاءِ خوشيءَ جو باعث بنبي.“

”مار ٿا اڄ ڪانه آئي. آهي. ڊبل روٽي، بيضا ۽ مارجرين ختم ٿي ويا آهن. ڦيريءَ واري جي انتظار ۾ بيٺي هيس.“

”هن وقت ته هو مشڪل ايندا هوندا؟“

”ايندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن.“ هن وراڻيو.

مون سندن گهربل شيون آڻي کيس ڏنيو.

وڏي ڏينهن تي مون انهن کي سوکڙي موڪلي. ائڊريس مون سندن گيٽ واري براس پليٽ تان نقل ڪئي هئي. جواب ۾ انهن منهنجو شڪريو مڃيو ۽ ڪنهن موڪل واري ڏينهن تي اچڻ لاءِ چيائون.

مسٽر ۽ مسز ڊسوزا، گوئن هئا، پر هندستان ۽ بعد ۾ پاڪستان ۾ هو ايترو ته رهيا هئا جو هو پنهنجي اصلي وطن کي وساري چڪا هئا. گوئا ۾ هاڻي سندن هئو به ڪير؟ هو پاڪستاني هئا ۽ پاڪستان ۾ پورجڻ پسند پئي ڪيائون. کين رڳو هڪ ڌيءَ هئي جا مس ڊسوزا مان بدلجي مسز رچرڊسن ٿي آمريڪا جي ڪنهن رياست ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ رهندي هئي. پنهنجي ڌيءَ جا ننڍڻ پڻ، جوانيءَ، شادي ۽ بعد جا فوٽو هو مون کي چاهه مان ڏيکاريندا هئا. مسز رچرڊسن هاڻي ٻن ٻارن جي ماءُ هئي. هوءَ شاديءَ بعد رڳو هڪ دفعو پنهنجي والدين سان ملڻ لاءِ پاڪستان آئي هئي. هن وقت هوءَ چاليهن جي پيٽي ۾ ته واهه جي هوندي.

مسٽر ڊسوزا نوڪريءَ جي سانگي انگريزن جي زماني ۾ ڪراچي ۾ پهتو هو، جتي کيس انتظاميه ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. نوڪريءَ جي دوارن سندس واقفيت مس ماريا واٽس سان ٿي هئي، جا بعد ۾ سندس زندگيءَ جي ساٿي بني. پينشن تي اچڻ بعد ڊسوزا فئمليءَ، موجوده بنگلو هڪ انگريز ميجر کان خريد ڪري ورتو، جو واپس انگلنڊ وڃي رهيو هو.

ڊسوزا هائوس انهن پٿر جي بنيل عمارتن مان هڪ آهي، جي ڪراچيءَ ۾ ڪنهن وقت ته ڪافي هونديون هيون، پر اڄ خال خال نظر اچن ٿيون. مسٽر ۽ مسز ڊسوزا پنهنجي گهر ۾ اڪيلا پنهنجين پراڻين يادگيرين جي سهاري جيئندا هئا. سندن گهر جي صفائي هڪ جماندار ڪندو هو ۽ سندن روزمره جي ضرورتن جي پورت مارٿا ڪندي هئي. جا صدر جي علائقي ۾ رهندي هئي.

ڊسوزا فئمليءَ پنهنجي جيئري ئي هڪ انڊرٽيڪر سان طئي ڪري ڇڏيو هو ته سندن مرڻ بعد کين ڪرسچن طريقي سان تدفين لاءِ ذمو قبول ڪري.

وقت ڏاڍي وٿي ٿو وجهي، نفرتن ۾ به ۽ محبتن ۾ به، منهنجي بدلي سنڌ جي اندروني حصن ۾ ٿيندي رهي. ڪم جي گهڻائي ۽ گهرو جهنجهٽن ۾ ڊسوزا فئملي جي ياد مون کي تڏهن ايندي هئي، جڏهن پنهنجا پراڻا البم ڪڍي ڪراچيءَ جون يادگيريون تازيون ڪندو هئس. ڊسوزا هائوس ۾ ٻن ڪرسين تي ويٺل جوڙي لاءِ ڪڏهن ڪڌهن سوچيندو هئس ته ”جي ان جوڙي مان ڪوبه هڪ...،“ ان تڪليف ڏيندڙ خيال کي ذهن مان تڙي پنهنجن خيالن جو رخ ٻئي طرف تبديل ڪري ڇڏيندو هوس.

آفتاب جي ڀاءُ نعيم جي شاديءَ جو سڏ هو. باوجود سرڪاري ڪم جي گهڻائيءَ ۽ ضروري هئڻ جي، ٽن ڏينهن جي موڪل وٺي ڪراچيءَ پهتس. پهريان ٻه ڏينهن ته آفتاب جي بلي هئا، البت ٽئين ڏينهن تي آفتاب جي ئي ڪار تي ڊسوزا هائوس جو رخ ڪيم. هائوس اڄ گرانٽ وڊي جي اڌوري تصوير جي ڏيک ڏيئي رهيو هو، جنهن ۾ عورت ته موجود هئي. پر مرد غائب.

پورچ ۾ رڳي هڪ ڪرسي پيل هئي.

اندر جا اُڌما

افروز شورو

ماضي جا ٽٽل سلسلا ۽ يادون هاڻ ته هن لاءِ دل جي دوري مثل بنجي ويا هئا. جڏهن ماضيءَ جون يادون هن جي وجود کي طوفان وانگر گهيري وينديون هيون، تڏهن ڀائيندي هئي ڄڻ ڪنهن ٻانهن کان جهلي تمام اونهي ۽ نه کٽڻ واري کوهه ۾ ڌڪو ڏنو هجيس. هرشيءَ زهر ٿي لڳندي هيس. چاهيندي هئي ته ڪو به آس پاس نه هجي، هوءَ اڪيلي هجي ۽ هوائون هجن. الائي ڇو جڏهن به تيز هوائون لڳنديون هيون ته ائين محسوس ٿيندو هيس ته اهي هوائون ان جي طرف کان آيون آهن ڪو پيغام کڻي.

هن ويچاريو ۽ ويچاري ڪاوڙ آيس پاڻ تي ڇو ماڻهن جي خاطر پنهنجن احساسن ۽ جذبن جو خون ڪري ويٺس؟ ”هي ڇا ڪيو مون. پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ويٺي آهيان. پنهنجي لاءِ درد جي کاهي کوٽي اٿم. ڪرندي ٿي وڃان ان ۾، جنهن جو ڪو انت ناهي.“

ساهيڙين ۽ سڃاڻڻ وارن ۾ پنهنجو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ پنهنجي من کي ماري ڇڏيم، تڏهن ته پنهنجي لاءِ سزا چونڊي پئي ڀوڳيان. ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي. ”آئون ته سڀ ماضيءَ جون يادون وسارڻ ٿي چاهيان، پر يادون آهن، جيڪي ڄؤر وانگر چنبڙي ويون اٿم. ڪيڏي بي وس ٿي ويئي آهيان. گذريل وقت ڪو منهنجي لاءِ موٽي ايندو؟ ڄاڻان ٿي ته ’هٿ جي وڍي جو ويج نڪو طبيب.‘ پوءِ ڇا ٿيندو ٿو وڃيم. اندر ۾ سڙندي ڳرندي پئي وڃان. ان اجنبي شخص جي ياد، ولين جيان ويڙهي ويئي اٿم، نڪرڻ ٿي چاهيان ان ڄار مان پر هٿ پير ڄڻ وڍجي ويا اٿم، بي وس بنجي ويئي آهيان. ڪيڏي بي وس...!“

”يا خدا! هي ڇا ٿي ويو آهي، منهنجي دل کي؟ ڇو ايڏي لڇي لڇي ماندي ٿيو پوي ۽ نست بنجيو وڃي. منهنجو پورو وجود، ان ماڻهوءَ جي يا ۾، جنهن سان واسطو به ته نه هئو، نه ڪڏهن ان سان ڳالهايم، نه ان جي نالي جي خبر اٿم ته ڪير هو، ڪٿان آيو ۽ ڪيڏانهن هليو ويو؟.. پر هي نانگو آثار قديمه جهڙو ماضي ڇو پيڇو نٿو ڇڏيم. مان ڇا ڪريا؟ سڀ ڪجهه وسري ڇو نٿو وڃيم؟“

نسيمه کي پنهنجي حالت تي ڏاڍي حيرت لڳي، ته جنهن کي هوءَ سڃاڻي به ڪانه، تنهن لاءِ ايڏو لڇڻ، ڦٿڪڻ. هوءَ سمجهي نه سگهي! سندس من ۾ مانڌاڻ مچي ٿي ويو. هن جي اندر ۾ يادن جو دونهون ڀرجي ويو، جنهن ۾ ساهه گهٽجڻ ٿي لڳس. سندس جوڀن لوساٽجي ويو. جيون لهرن جي لوڏن ۾ اچي ويس، غلطين جو احساس ٿيندي پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳڙي ٿي پيس.

هوءَ هر وقت اهائي ڪوشش ڪندي رهي، ته سڀ ڪجهه وسري وڃيس ۽ وسري به ويندو هئس، ڪجهه وقت لاءِ. پر سندس ماضي اوچتو طوفان وانگر ڪاهي مٿهانئس ڊهي پوندو هو. هوءَ وري بي چين ٿي ويندي هئي، وري ساڳي لوڇ پوڇ ۽ آنڌ مانڌ... تيز هوا لڳڻ شروع ٿي تڏهن نسيمه ڪمري جون سڀ دريون کولي ڇڏيون. هوءَ دريءَ مان ٻاهر تيز هوا ۾ لڏندڙ لمندڙ وڻن کي ڏسڻ لڳ، وري يادن جي وهڪري ۾ لڙهندي ماضيءَ طرف هلي ويئي

نسيمه ڪاليج ڇڏي جڏهن يونيورسٽي ۾ داخل ٿي ته اتي جو نئون ماحول، هر طررف کان ڇوڪرن جون تاڙيل نظرون ۽ عجيب عجيب حرڪتون ڏسي نفرت ٿيڻ لڳس. هن کي يونيورسٽي جو ماحول بلڪل نه وڻيو. پڙهائي جو ارادو لاهي گهر ويهي رهي، پر ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيهر يونيورسٽي وڃڻ لڳي، جو ساهيڙين ۽ گهر وارن مجبور ڪيس. نسيمه کي ڇوڪرن جو هرڀرو فري ٿيڻ، فلمي ڊئلاگس ڳالهائڻ، بي ڍنگا شعر وڏي وات پڙهڻ وغيره کان شديد نفرت هئي. اهڙي ماحول ۾ قدم رکيو هئائين، انهيءَ ارادي سان ته دوستي واري ڳالهه ته پري ٿي، پر ڪنهن سان ڳالهائيندي به نه، خبر هيس ته اگر يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ اخلاقاً سامهون ايندي هڪ ٻئي کي سلام ڪيو ته ٻيا ماڻهو هنن جي ٻن لفظن کي رومانس جو نالو ڏيئي مشهور ڪندا آهن.! اهي ئي ڳالهيون هن کي نه وڻنديون هيون. ساهيڙين سان گڏ ويندي کلندي ڳالهائيندي اهڙي قسم جي موضوع تي بحث ڪندي جذباتي ٿي ويندي هئي. چوندي هئي: ”يونيورسٽي ۽ ڪاليج واري عشق بازي بلڪل بڪواس آهي. بناوٽ آهي. يونيورسٽي تعليم جو ادارو آهي يا عشق جي درسگاهه؟ مان سمجهان ٿي ته پڙهائيءَ جي بجاءِ عشق ۽ خواريءَ جو اڏو بنجي ويئي آهي!“ هن ساهيڙين کان سوال ڪندي پڇيو: ”چڱو مون کي ايترو ٻڌايو ، هتي جنهن کي ڏسو عشق ۾ مصروف آهي، پر ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري هتي ڇوڪريءَ کي پنهنجي گهر جي عزت بنايو آهي؟ اگر شادي ڪئي به هوندائون پر وٽن هميشه ساٿ نڀائڻ جي گارنٽي نه هوندي آهي. هر صبح جي ابتدا نئين شڪ، وسوسي ۽ جهيڙي سان ڪندا آهن. گهڻو ڪري شام تائين ته علحدگي ٿي ويندي هوندن هميشه لاءِ.“ هو ته ائين سمجهندا آهن ته ڇوڪريون شايد عزت ۽ شرافت گهر ۾ ڦٽي ڪري ٻاهر نڪرن ٿيون، تڏهن ته هو لاهي پاهي ڇوڪرين جي پٺيان اچيو پون.

ڇوڪرين کي متاثر ڪرڻ لاءِ پهرين ته معصوم چهرا ٺاهي پيا ڦرندا، پوءِ سلام ڪندا. اڳتي هلي هيرو بنجڻ جي ڪوشش ڪندا. فلمي ڊائلاگ ڳالهائيندا ۽ آخر ۾ هميشه نڀائڻ لاءِ وڏا وڏا قسم کائيندا. پوءِ ته بس هو هوندا ۽ عشق هوندو، پڙهائي ڇٽي.

”مان چوان ٿي ته انهن محبت جي مريضن جو مٿو ته رڳو توهان جهڙين ڦيريو آهي نه توهين سندن حرڪتن جو جواب ڏيئي ليلان، هير ۽ شيرين بنجي ويهي رهو نه ئي هيڏا هاڃا ٿين.“ نسيمه ساهيڙين کي ٽوڪ هڻندي چيو، جيڪي خاموش سندس ڳالهيون ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي رهيو هيون.

فري ٽائيم ۾ نسيمه ساهيڙين سان گڏ لان خالي ڏسي وڃي ٿي ويٺي، پر ڇوڪرن کي جيئن ٻه ٽي ڇوڪريون ڪٿي ويٺل نظر آيون ته هو به اَتي ماکيءَ جي مکين جيان جمع ٿي ويندا هئا. ڪي سگريٽن جا وڏا ڪَش هڻي دونهون ڇوڪرين جي طرف اڇلائيندا ته ڪي ويٺا بي سُرن آوازن ۾ گانا ڳائيندا ته ڪي فقرا ڪسڻ شروع ڪندا، هر نمونو موجود هو.

نسيمه پنهنجي اردگرد نگاهه ڦيري ۽ ٽوڪ واري انداز ۾ ساهيڙين کي چوڻ لڳي ”وري هي پڙهاڪو پٽ ڏسو. مائٽن پئسا خرچ ڪري پڙهائيءَ لاءِ موڪليو اٿن ته پڙهي آفيسر ٿي سندن سهارو ٿيندا، پر هنن ويچارن کي ته پڙهائيءَ کان وڌيڪ ڇوڪرين جو فڪر لڳو پيو آهي ته ڪهڙي طريقي سان هنن کي ڦاسايون. هنن مسڪينن جو به ڏوهه ڪونهي. خبر جا اٿن ته توهان جهڙيون بيوقوف ڇوڪريون سندن قدمن ۾ وار وڇائي ويٺيون آهن ته پوءِ ڪيئن نه اهڙا انگل ڪن. مائٽن کان وڌيڪ ته توهان جا دادلا آهن.“ نسيمه چوڌاري بيٺل ڇوڪرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو، جيڪي مجنا بنيا بيٺا هئا، تاڙي رهيا هئا ايندڙ ويندڙ ڇوڪرين کي، نسيمه انهن سڀني کي ڏسي ڏاڍو کلي هئي.

”کلي وٺ سائين جيترو کلڻو اٿئي. شرافت جي ديوي، اسين به ڏسنداسين ته تون عشق وغيره نٿي ڪرين. جڏهن ڪو اچي ٻه ٽي يقين ۽ اعتبار جا جملا ڳالهائيندو ته پاڻهي ميڻ وانگر ڳرڻ لڳنديءَ. ان ڏينهن تان اِهي ڳالهايل شرافت جا جملا رت روئيندا رت، سمجهيئه“ ويٺل ساهيڙين مان هڪڙيءَ نسيمه کي چئلينج ڪندي چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com