سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :6

مثلاً: تنوين جو استعمال ۾، ۽

(4) سنڌي اچارن جي نظام(صوتيات) مطابق ڪن اُچارن جي پاڻ ۾ مٽ سٽ هلندي آئي آهي ۽ اڄ تائين اها رائج ٻولي ۾ موجود آهي. ان جو هڪ مثال ’ء‘ ۽ ’ي‘ جي مٽ سٽ آهي. رسالي جي ڪاتبن جي صورتخطي ۾ پوڻ اها سٽ موجود آهي. مثلا تاريخي طور سنڌي ٻولي جي ’صوتي مجمعن‘ يا ’سميٽيل اُچارن‘ واري مزاج مطابق فعل جي ماضي جي صيغن توڙي ٻين لفظن ۾ ’ي‘ جو اُچار سميٽيل آهي ، ۽ انهيءَ ڪري هلڪو’ء‘، جنهن کي (جيئن اڳ ٻولي ڳالهائبي هئي، تيئن) اڳين ڪاتبن به ’ء‘ ئي رکيو، جيئن ٿيا، ڪئا وغيره لفظ ’ء‘ سان لکيائون. ’ڪتابي ٻولي‘ جي رائج ٿيڻ سان صورتخطي ۾ ’ي‘ جو استعمال وڌيو، انهيءَ ڪري پوئين دور جي ڪاتبن ’ي‘ کي وڌيڪ آندو _ مثلاً:

ٿئا: ط ل گ ٺ ‑ 1 ٺ‑ 2 ڻ ‑ ا ڻ‑ 2 نص ھ پ ڪ ح ع ب ي د – 1 د – 2 حس

ٿيا:      ش ٽ خ ک ت ر م غ

ڪِئا:    پ ٽ د حس خ ک ت و ر م غ

باوجود انهيءَ جي ڏسبو ته پ د حس نسخن ۾ ’ٿئا‘ کي (ء) سان ته ’ڪيا‘ کي ’ي‘ سان لکيو ويو آهي: يعني ته ان وقت به انهن اچارن جي مٽ سٽ عام هئي.’متن‘ ۾ پڻ ’ء‘ توڙي ’ي‘ کي آندو ويو آهي پر ’و‘ ان جي لحاظ سان هلڪا اُچار ’ء‘ سان ۽ وڌيڪ چٽا اُچار ’ي‘ سان آندا ويا آهن.

(5) سنڌي صوتيات جي تاريخي سلسلي ۾ ’ء‘،’ھ‘ ۽ ’ي‘ جا اُچار هڪ ٻئي سان ويجھائي سببان مٽيا سٽيا آهن. لاڙ، ڪوهستان، ٻيلي، کاري ۽ ڪڇ جي ’مقامي ٻولين‘ ۾ اها ’مٽا سٽا‘ اڃا تائين موجود آهي. اڳين صديءَ ۾، ڪاتبن ’شاھ جا رسالا‘ لکندي انهن اچارن جي رد بدل واريون صورتون پڻ قائم رکيون. مثلاً :

ٿِهين (گ نص ھ پ ظ ب ي د حس ن) = ٿئين

کار ِيد ِه، ڳار ِيده ِ، ڳاڙ يِده ِ، ڳاڙ ِيند ِنه ُ (ص عل گ مدح ع ب) = ڳاڙيندين

پَڙَند ِه، پڙ َند ِنه (گ مد نص ح ع ب ي مص) = پڙهندين

متن ۾ اهڙن لفظن کي موجوده صورتخطي جي تقاضائن موجب رکيو ويو آهي.

(6) آڳاٽي لاڙي ٻوليءَ جي ڪن لفظن ۾ ’و‘ جو اچار ڪوتاھ هو، ۽ ذري گھٽ ڇوٽي پيش ( ُ) برابر هو. آڳاٽن ڪاتبن اهڙا لفظ ’و‘ بدران صرف ’پيش‘سان لکيا. جيئن ته:

چُندا = چوندا

گُندر = گوندر

سامُنڊي = سامونڊي

متن ۾ اهڙن لفظن کي موجوده اُچار مطابق ’و‘ جي واڌاري سان لکيو ويو آهي.

(ج) عربي ۽ فارسي لفظن جي صورتخطي

عربي ۽ فارسي لفظن کي ڪن ڪاتبن عربي يا فارسيءَ واري اصل صورت ۾ لکيو آهي، جيڪو علمي لحاظ کان صحيح آهي. پر ڪن ڪاتبن وري اهڙن لفظن کي سنڌي اُچار واري صورت ۾ لکيو آهي، يعني ته جيئن اهي آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهايا ٿي ويا، يا خود ڪاتبن جي وقت ۾ ڳالهايا ويندا هئا. ڪن ٿورن ڪاتبن سندن اڻ ڄاڻائي سببان مٿين ٻنهي اصولن کان الڳ اهڙا ڪي لفظ غلط صورت ۾ لکيا آهن.

شد ّ وارا عربي لفظ: عربي لفظ هڪڙا اهي آهن، جن جي ڪنهن حرف تي اصل ۾ ’شد‘ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ’شد‘ وارو اُچار ڪونهي، ۽ شاھ جي ٻولي (ڀٽ شاھ جي تر واري ٻولي) ۾ به اهي لفظ بنا شد جي ڳالهائجن ٿا. ٻيو ته اهي لفظ جيڪڏهن ’شد‘ سان پڙهبا ته ’وزن‘ م خلل پوندو. مثلاً اصل عربي لفظ’سَتّارُ‘ آهي، پر جيڪڏهن هيٺينءَ سٽ ۾ اهو (اصل اُچار مطابق) ’ت‘ جي شد سان پڙهبو ته وزن ٽُٽَندو. انهيءَ ڪري بنا شد پڙهبو.

’شرڪ ساڻ سَتار، گھڻا گھاريم ڏينهڙا.‘

جيتوڻيڪ ڪن نسخن ۾ علمي لحاظ صهت جي لحاظ سان لفظ ’ستّار‘ اصلوڪي صورت ۾ شد سان لکيل آهي، مگر گھڻن نسخن(ص ط ف گ سٽ ڻ - 1 پ ظ ٽ د - 2 حس ن خ ج ک و ر م) ۾سنڌي اچار مطابق بنا ’شد‘ جي لکيل آهي. اهڙي طرح ٻيا عربي لفظ جهڙوڪ: حق ّ، شڪَّ، سيَّد، مُحِبّ، مَحبَّتُ، جَنّتُ، صِحَّتُ، توڪّلُ وغيره به ڪن ڪاتبن اصلوڪي صورت ۾ ’شد‘ سان ته ڪن سنڌي لهجي مطابق بنا شد جي لکيا آهن. پرجي ’شد‘ سان پڙهبا ته وزن ٽٽندو- مثلاّ: هيٺين بيت ۾ جڏهن ’حق‘ ۽ ’شڪ‘ بناشد جي پڙهبا تڏهن وزن پورو بيهندو.

ڏسڻ ڏسين جي، ته همه کي حق چئين

شارڪ شڪ مَ ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.

اصل شد وارا عربي لفظ سنڌي لهجي ۾ ڪيئن بدلجي هلڪا ٿيا آهن، تن جا هيٺيان مثال خاص توجهه طلب آهن، ڇاڪاڻ ته اهي رسالي ۾ گهڻو استعمال ٿيا آهن. ڪن ڪاتين انهن کي اصل اچار جي لحاظ سان شد سان لکيو آهي.

مُحِبّ (گ ظ ب)                 مُحِبُ

مُحَبّتَ                    مَحَبت، مَحِبَت، مُحبَت

تَوَڪّلُ                     توْڪَلَ، توَڪَلَ

صِحّتَ                    صَحتَ، صِحِتَ، صِحَتَ

ڪيترن ئي ڪاتبن، عربي کان سواءِ سنڌي لفظن کي پڻ شد سان لکيو آهي، خاص طرح ڪن اهڙن لفظن کي جيڪي بيتن يا واين ۾ ’قافيي‘ طور آيل آهن. مثلاً:

·  سرڪلياڻ، داستان-2، بيت نمبر 3 (ط ل ٺ- ا ٺ-2 نص هه پ ب (1283 ۽ ٻين ڇاپن) مص د- ا ۽ ت) نسخن جي ڪاتبن ڪُمّ، دَمّ، چَمّ قافيا ’شد‘ سان لکيا آهن. پر (ف گ سٽ ڻ- ا ڻ-2 ط ڪ ح ع ٽ ب (1292، 1306) د- 2 حس نه ج ک و ر م غ) نسخن جي ڪاتبن ۾‎7 پڻ (ش ق) ڇاپن ۾ اهي بنا شد جي ڏنا آهن.

·  سر يمن، داستان 2، بيت نمبر 11، ۾ (ص ط ل ٺ-ا ٺٽ نص پ ظ ح ع ب د-ا د-2 حس مص) نسخن جي ڪاتبن ڪّن، وّڃّن، پِيّن، قافيا شد سان لکيا آهن، پر (گ ٺ-2 ڻ-2 سٽ مد ش ٽ ي نه ج ک ته و ر م غ) نسخن جي ڪاتبن بنا شد جي لکيا آهن.

·  سرڪلياڻ، داستان-4 بيت نمبر 37 ۾ (ص ط ٺ-1 ٺٽ نص هه پ ح ع ب ي د-ا د 2) نسخن جي ڪاتبن مچ، سچ، ڳچ قافيس شد سان لکيا آهن، پر (ف گ ٺ-2 مد ش ظ ٽ حس نه ج ک ت ور م غ) نسخن جي ڪاتبن اهي بنا شد جي لکيا آهن.

·  سرڪلياڻ، داستان -4، بيت نمبر 30 ۾ (ش ب خ) نسخن جي ڪاتبن جهّل، اُڇل، قافيا شد سان لکيا آهن، پر (حسن ج ق ک و ر م غ) نسخن جي ڪاتبن اهي بنا شد جي لکيا آهن.

·  سرڪلياڻ، داستان -3، بيت نمبر 10 ۾ (ص ط ل ٺ-1 ٺ-2 ٺٽ نص هه پ ش ظ ب (1293، 1306) ي د ر) نسخن جي ڪاتبن اِي، ٿِي، هِي قافيا شد سان لکيا آهن. ڦر (گ سٽ ٽ ب (1283 ۽ ان جي ٻين ڇاپن) حس نه ک ت و م غ) نسخن جي ڪاتبن ۽ پڻ (ق س) ڇاپن ساڳيا لفظ بنا شد جي لکيا آهن.

·  سر يمن، داستان-2، بيت نمبر -9 ۾ (نص هه ع ٺٽ ب (1283، 1292، 1303، 1329، 1340) مص) نسخن جي ڪاتبن ڪُويڄّن، ڏّڏن قافيا شد سان آندو آهي، پر (ط ف ل گ ٺ-1 ٺ-2 سٽ ڻ-2 ظ ح ٽ ب (1306) ي د-1 د-2 حس ن ج ک ت ر م غ) نسخن جي ڪاتبن اهي بنا شد جي آندو آهي.

·  سر يمن، داستان-2، بيت نمبر 4، ۾ (ع د-1 د-2) نسخن جي ڪاتبن وٽ، سّٽ قافيا شد سان لکيا آهن، پر (گ نص هه ظ ح ٽ ب ي مص حسن ن س خ ج ق ک ت و ر م غ) نسخن جي ڪاتبن ساڳيا لفظ بنا شد جي لکيا آهن، ڪن ڪاتبن اهڙو لفظ ۾ به شد آندي آهي، جيڪي قافي طور استعمال نه ٿيا آهن، جيئن ته ’ڪچ ڪُنور‘ (ي)؛ ’تِک ترندو ڪيترو‘ (نص).

اها ’شد‘ حقيقت ۾ ’راڳ جي لحاظ‘ سان ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ جو راڳ ۾ قافيي واري لفظ کي تار ۽ ترنم جي لحاظ سان چٽو ڪري نباهبو. ’شاهه جي راڳ‘ ۾ راڳائي فقير ڪن لفظن کي ڀڃي لچڪائي ڊگهو ڪندا، ڪن کي ڇوٽو ڪندا، ڪن کي زور ڏيئي چٽو ڪندا ۽ پڻ ڪي زائد لفظ آڻيندا. اهو راڳ جو اصول آهي جنهن کي صورتخطي ۾ نه آڻبو؛ يعني ته نڪي لفظ کي ڀڃي ڊگهو ڪبو ته نڪو وري ’شد‘ ڏبي. صورتخطي جي لحاظ سان اهو صحيح نه ٿيندو.

انهيءَ ڪري متن ۾ ڪنهن به سنڌي لفظ کي ’شد‘ سان لکيو ويو آهي. سمجهدار ڪاتبن پڻ ’شد‘ ڪانه ڏني آهي، جيئن مٿين مثالن ۾ واضح ڪيو ويو آهي. ’شد‘ بابت مٿن ۾ صورتخطي هيٺين اصولن موجب قائم ڪئي ويئي آهي:

ــــ ڪنهن به سنڌي لفظ کي ’شد‘ سان نه لکيو ويو آهي.

ــــ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج، شاهه جي ٻولي، ۽ وزن جي عام تقاضا موجب، ڪنهن به عربي لفظ کي پڻ شد سان لکيو ويو آهي، سواءِ ٽن صورتن جي: هڪ ته ڪي خاصتون خاص اسم جيئن ته ’الله‘ (يا ٻيا صفاتي نالا، جيئن ته رّب) ۽ مُحمد؛ ٻيو ته اصل عربي عبارتون، جيئن ته قرآن شريف جون آيتون حديثون وغيره؛ ٽيون ته اهي سٽون جن ۾ جيڪڏهن اصل عربي لفظ ’شد‘ سان نه اچاربو ته وزن ٽُٽندو. مثلا:

’عِلتِي آرامُ، عِلتّ آڻيو‘

باوجود انهيءَ جي ڪن نسخن (سٽ ع حس خ ج ک ر م) ۾ هڪ سٽ جي انهن عربي لفظن تي ’شد‘ نه ڏني ويئي آهي.

2- جزم وارا عربي لفظ: رسالي ۾ ڪيترائي ’جزم‘ وارا عربي ۽ فارسي لفظ آيل آهن، جيڪي صدين کان وٺي سنڌي ٻولي جو جز بنجي ويا آهن، ۽ سنڌي لهجي مطابق اُچاريا وڃن ٿا، حالانڪ انهن جو اصل اُچار ٻيو آهي. مثلاً:

عربي لفظ (اصل اُچار)   سنڌي لهجو         عربي لفظ (اّصل اُچار)          سنڌي لهجو

اّلفُ              اّلّفُ، اّلِفُ     صُلُحُ                 صُلحُ

آجُلُ              اّجّلُ          ڪُفُرُ                 ڪُفُرُ

اصُلُ             اّصُلُ         فِڪُرُ                 فِڪِرُ

عّقُلُ              عّقُلُ          عاجِزُ                عاجُزُ

سّتر              سّتُر          قاتِلُ                قاتُلُ

قّدرُ              قّدُر          حاصِلُ              حاصُلُ

وّهم              وّهّمُ          حاضِرُ              حاضُرُ

فّرقُ              فّرّقُ، فّرقُ     ڪِافرُ               ڪافّرُ

عِشقُ           عّشِقُ، عّشقُ  حُجرّه              حُجِرو

حُسنُ           حُسنُ

اهي ۽ ٻيا اهڙا عربي لفظ، ڪن ڪاتبن، علمي صحت جي مد نظر، اصل عربي اُچارواري صورت ۾ ته ڪن ڪاتبن سنڌي لهجي واري اُچار مطابق لکيا آهن. مثلاً:

· اّلف. اّلفّ (اڪثر نسخا)؛ آلِفّ (ب 1292، 1306)؛ اّلّفّ (ک).

· شِرڪُ (اڪثر نسخا) شِريڪُ (ھ)

· قّدرُ (ص گ ه پ ب د ن )؛ قّدُرُ (ھ ش ح ع ب ي د حس ن)؛ قّدُر (ک)

· وّهمُ (گ)؛ وّهّمُ (ٻيا اڪثر نسخا)

· حُسنُ (اڪثر نسخا) ؛حُسُنُ (ٽ س ق)؛ حُسُنِ (ٺٽ)؛ حُسِنُ(ف)؛ حُسنِ(م)

· فِڪرُ (نص)؛ فِڪِرُ (بيا اڪثر نسخا)

· صُلحُ (نص هه پ ش ح ع ٽ ي)؛ صُلُح (گ ظ ب) سنڌي لهجي جي مد نظر ’ل‘ جي زير زبر ڇڏي ڏنل

· حاِضرُ (ٺ- 2 )؛ حاضُرُ (ص ط ف گ ٺ – 1 ٺ -2 نص هه پ ظ ح ع ب ي د -1 د-2 حس ن ج ک و ر م غ)

· قاتِلُ( ص ط ف ل گ ش ظ ح ع ٽ ب ج ت و ر غ)؛ قاتّلُ (هه پ ي د- 1 د- 2 حس)؛ قاتُل (ن ک)

· ڪافِرُ (سڀني نسخن ۾ ائين اصلوڪي صورت موجب لکيل)

· عاجِزُ (گ ع ب ج ت)؛ عاجُز (ط ف ل ڻ- 2 سٽ نص هه پ ڪ ح ٽ ي د -1 د- 2 حس (ن ک و ر م غ)

· حُجرّه. حُجرو (ط ف)؛ حُجِرو (ٺ- 1)

· سّجّدّه: جمع واري صورت ۾ سّجِدا (ج ک)؛

· صِحتّ (گ)، صِحّت (ط ڻ- 1 هه ڪ ح ع ن)؛ صِحّتِ (ش د-1 د-2 حس خ)؛ (ٽ ب ي)؛ صِحِتّ (نص پ)

· مّحّبتّ (ڻ- 1 ظ ع)؛ مُحّبتّ (ٽ ب)؛ مّحّبّتّ (ص ط ل ڻ- نص پ ش د-1 د-2 حس)؛ مّحبّتّ (هه)؛ مُحبّتّ (ي)

3- فارسي جا لفظ: ڪن فارسي لفظن جو سنڌي لهجي وارو اُچار جدا گانه آهي. مثلاً:

فارسي لفظ (اصل اچار) نسخن جي پڙهڻي  سنڌي لهجي واري اُچار

·                   دّرد             دّرُدُ (ش)، دّ رّ دُ               دُرُدُّ

(ڻ-1) دّ رِ دُ (غ)

·           جِگر            جِگرّ(ف)، جّڳّر         جِگّر،   جّڳّرّ                                                (آڳاٽواُچار)جِگِرُ                                                     (هاڻوڪواُچار)

·       دَرِيا                  دَرِياءُ                        دَرياههُ، دَرياههُ

·         پَند                 پَندِ (ط ف گ              پَندِ، پَندَ

                          ٺ ـــ 1 سٽ نص

                           پش ح ع ٽ)، پَندُ (ظ)

اهڙن جزم جي اچار وارن لفظن جي صورتخطي هن اصول مطابق قائم ڪئي وئي آهي:

  (1) جيڪي لفظ سنڌي لهجي ۾ عام مقبول ٿي ويا آهن،

اهي ان لهجي موجب رکيا ويا آهن جهڙوڪ اّلّفُ، اّجّلُ، اّصُلُ، عّقُلُ، سّتُرُ، صُلِحُ، قّدُرُ ، حُسُنُ، ڪُفُرُ،فِڪِرُ، حاضُرُ، عاجُزُ، حُجِرو، پّهّرُ، پّندِ .(2) باقي ٻيا لفظ اصل صورت ۾ لکيا ويا آهن، جئن: عّبدُ، شِرڪُ. ڪن اهڙن لفظن جو وچون حرف خالي ڇڏيو ويو آهي ته پڙهندڙ جيئن چاهي تيئن انهن کي عربي اچار مطابق يا سنڌي لهجي موجب پڙهي، ڇاڪاڻ جو معنيٰ ۾ بهرحال فرق ڪونه پوندو. (3) ڪي عربي ۽ فارسي لفظ ڪنهن گھڻي وقت کان وٺي اصل صورتون مٽائي، سنڌي صورتن ۾ رائج ٿي چڪا آهن، جيئن ته ڦّرّهِي ]فّرحي[، جّڳّرّ ]جِگر[، ساٿر(سّعتر) وغيره. اهڙن ڪن خاص لفظن کي سنڌي صورتن ۾ ئي رکيو ويو آهي.                                                                                                                                                               

سنگيت، ساز سرود ۽ سنڌي ثقافت

ڊاڪٽر غلام علي الانا

راڳ ۽ رقص، ساز ۽ سرود فطرت جي نظام جي هر پهلوءَ ۾ ڪارفرما آهي فطرت جي هر تحرڪ ۾ سُر ۽ تار سمايل آهي. پاڻيءَ جي وهڪري ۾، هوا جي جهونڪي ۾، پکين ۽ جانورن جي لاتين ۽ ٻولين ۾ به تار ۽ تنوار آهي، سُر، سرود، سوز ۽ ساز آهي. در حقيقت زندگيءَ جو مدار ئي تحرڪ تي آهي، ۽ هر تحرڪ فطري قانون موجب پاڻ ۾ موزو نيت ٿو رکي، اها موزونيت ئي راڳ جو هڪ اهم جزو آهي.

ڏيهي ڏند ڪٿا (Mythology) موجب راڳ جي ابتدا ديوتائن جي دنيا سان ٿي، ۽ ان جي انتها هيءَ راڳ دنيا ۾ انساني روح جي رهنمائي ڪري، جيتريقدر ممڪن ٿي سگهي، روح کي دنيوي مايا روپي چڪر مان ٻاهر ڪڍي، خود فراموشيءَ ذريعي ان کي ڪائنات جي جلون سان سرشاري ڪري.

سنڌ جي سر زمين کي قدرت سر، ساز ۽ سرود جي زمين بنايو آهي. انهن خوبين ۽ خصوصيتن مٿي جي ماڻهن جي نفسيات، ڪردار، رهڻي ڪهڻي، ريت ۽ نيت ۾ رنگ، رس، ڀاو، سونهن، سوڀيا، سندرتا ۽ ڪوملتا جهڙيون انيڪ بي بها خوبيون پيدا ڪيون آهن. انهن خوبين جي ڪري ئي هتي جا ماڻهو سادا، سٻاجهڙا، سلوڻا ۽ سوڀياوان آهن. انهيءَ جو هڪ اهم دليل هيءُ به آهي جو اڄ کان 20-25 سال اڳ سٽي ڪاليج حيدرآباد جي ارزنگ نالي آرٽ ڪلب جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪندي، صدارت تقرير ۾ بر صغير جي مشهور رقاصه مئڊم آزوريءَ فرمايو هو!

”سنڌ سُر، تار، تنوار ۽ سرود جي زمين آهي. نه فقط هتي جي ماڻهن جي فطرت ۽ سرشت ۾ فن ۽ فنڪارانه خوبين جو وجود نظر اچي ٿو، پر هتي جي وڻن ۽ ٻوٽن جي پنن ۾ به سرود ۽ رقص رچيل آهي. هيءَ زمين فن ۽ فنڪارن جي زمين آهي.“

1961ع ۾ حيدرآباد ۾، سنڌو درياءُ جي ڪناري تي المنظر هوٽل ۾ هز هائينيس آغا خان شاهه ڪريم الحسينيءَ جي مانّ ۾ ڊنر ۽ اُن کان پوءِ راڳ جو اهتمام ڪيو ويو هو. سنڌ جي لوڪ فنڪار جي فن ۽ مظاهري کان متاثر ٿي هزهائينيس فرمايو ته:

”سنڌ تصوف ۽ سرود جي زمين آهي، هتي جي فنڪار صوفي رنگ ۾ رڱيل آهن.“

رقص ۽ راڳ، ساز ۽ سرود سنڌ جي ماڻهن جي فطرت، سرشت ۽ رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، راڳ ۽ راڳداري سنڌ جي ماڻهن لاءِ روح مثل آهن. راڳ سندن روحاني زندگيءَ جي جياپي لاءِ ائين ضروري آهي، جيئڻ جاندارن جي جياپي لاءِ هوا، باهه ۽ پاڻي.

سنڌ جي ثقافتي تاريخ جي اڀياس موجب هر هڪ مند ۽ موسم، هر هڪ ريت ۽ رسم هر هڪ ساٺ ۽ سوڻ، هر هڪ ناچ ۽ نٽ لاءِ راڳ جا الڳ الڳ ٻول جڙيل آهن، جيڪي پنهنجي قديم تاريخ، پنهنجي سندرتا، ڪوملتا، سوڀيا ۽ سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

پروفيسر اڌارام آسراڻيءَ جي راءِ موجب:

”هرڪا قوم پنهنجي راڳ وديا ذريعي پنهنجي روح جون لاتيون ۽ سُر ظاهر ڪري ٿي.“

اُن قوم جو راڳ سندس من جي موجن جو مظاهرو ۽ دل جي دلين جو دروازو آهي.[1] 1911ع ۾ مدراس School of Indian music جو افتتاح ڪندي مائي بسنتي پنهنجي تقرير ۾ فرمايو هو:

”اسان جا راڳ انسانن ۾ روحاني جذبن پيدا ڪرڻ جي خاصيت رکن ٿا.“

هن اڳتي فرمايو ته:

”جڏهن ڪو سهڻو راڳ ٻڌبو آهي تڏهن جسم جي سُڌ ٻُڌ گم ٿي ويندي آهي. ٻڌندڙ پنهنجو پاڻ ئي گم رهندو آهي، دل ۾ آرام ۽ اطمينان، ۽ سربر ۾ سڪون پيدا ٿي ويندو آهي، ۽ من اهڙو محو ٿي ويندو آهي جو انسان، انساني درجي کان چڙهي، روحاني طبقن جا سير ڪرڻ لڳندو آهي[2].“

مائي بسنتيءَ جي هن راءِ جي روشنيءَ ۾ علم الانسان جي رابطي سان سنڌ جي راڳ ۾ راڳداري جي نفسياتي تجزيي ۽ اڀياس ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، ڇو ته سنڌين لاءِ راڳ مردي ۾ روح ڦوڪيندڙ ۽ مردي کي زنده ڪندڙ طاقت مثل آهي.

جيئن سنڌ جي ماڻهن جي نفسيات ۽ ڪردار جي مطالعي جو ميدان وسيع آهي، جيئن سنڌ ۾ مذهب، دين ۽ ڌرم جو اتهاس اونهو آهي، جيئن سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ قديم آهي، تيئن سنڌي راڳ جو سلسلو تهائين پراڻو آهي. ماهرن سنڌ ۾ هن فن جو سلسلو موهن جي دڙي جي تهذيب سان ملايو آهي. انهيءَ سلسلي کي سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جي ابتدا واري دور ۾ آيل سياحن گهڻي توجهه ۽ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هنن جي بيان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته ٻين هنرن ۽ فننن کان سواءِ راڳ به سنڌ جي ماڻهن جو من موهيندڙ فن رهيو آهي. راڳ سندن دلپسند دولت آهي. هڪ عرب سياح جا حظ پنهنجي ڪتاب ”رساله فخرالسودان علي البيضان“ ۾ لکيو آهي ته:

”سنڌ جي ماڻهن جي موسيقي دلپسند آهي، انهن جي هڪ ساز جو نالو ڪنڪله آهي، جو ڪدوءَ تي هڪ تار رکي ڇڪي وڄائيند آهن، جو ستار جي تارن وانگر ۽ جهانجهه جو ڪم ڏيندو آهي. انهن وٽ هر قسم جو ناچ به آهي.“[3]

علم الانسان جي تاريخ جو مطالعو سنڌ ۾ راڳ ۽ راڳداريءَ جي ارتقا ۽ اڀياس ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. هن اڀياس ذريعي معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ راڳ ماڻهن جي نفسيات تي ڪيتريقدر اثر ڪيو آهي. هن علم ذريعي خبر پوندي ته اهو ڪهڙو سبب آهي يا ڪهڙو جو ڪارڻ سنڌ جو هر ماڻهو راڳ جو شائق ۽ شيدائي رهيو آهي، چاهي هو ڪهڙي به طبقي جو هجي: امير هجي، فقير هجي، زميندار هجي يا واپاري هجي. ان جو هڪ سبب هيءُ به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي سرزمين ڪيترين ئي تهذيبن جو مرڪز رهي آهي. ان جي تاريخ ۾ زندگيءَ جي لاهين چاڙهين جو هڪ مڪمل داستان آهي. هن علائقي ۾ تصوف، ويدانيت، ڀڳتي تحريڪ ۽ ٻڌ ڌرم جو رنگ غالب رهيو آهي. اسلام جي تبليغ ڪرڻ وارن درويشن، قلب ۽ نظر جي دولت سان مالامال بزرگن هٿ رهي هن زمين تي پنهنجن اعليٰ اخلاقي قدرن سان دنيوي عيش ۽ آرام، دولت ۽ اقتدار کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. هنن جي بابرڪت اثر جي ڪري عام ماڻهن ۾ به دنيا کان بيزاريءَ جو انگ اثرانداز رهيو. انهن به صوفين جي پيروي ڪري، دنياداري کي هڪ حقير شيءِ سمجهيو ۽ آخرت جي زندگي سنوارڻ ۾ ڪوشان رهيا.

هتي جي موسيقي صوفيا نه سوز ۽ راهباله سپردگيءَ جهڙن جذبن سان ڀريل آهي. ان جي جيڪڏهن بلند ترين صورت ڏسڻي هجي ته قلندر شهباز شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل، بيدل ۽ مصري شاهه جي ڪلام ۾ ڏسي سگهو ٿا.

راڳ سنڌ ۾ صوفين جي آستانن، اوتارن ۽ درگاهن جي دائما وندر ۽ ورونهن طور جاري رهيو آهي، راڳ سان دل ۾ هڪ اهڙي ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي جنهن کي وجد ۽ حال سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ سان جسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن غير متوازن حرڪت پيدا ٿيندي آهي، جنهن کي ماهرن اضطراب سڏيو آهي. روح کي دلڪش نغمن سان هڪ عجيب مناسبت رهي آهي. راڳ ۾ الله تعاليٰ هڪ اهڙو تاثر رکيو آهي جو هيڏانهن ساز جي ڇيڙ ٿي، راڳ رچيو، هوڏانهن انسان تي عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿي ويئي.

راڳ روح جي غذا آهي. سنڌ جي ماڻهن جي فطرت ۾ راڳ تي ريجهڻ واري خصوصيت مثالي آهي. سنڌ جي تاريخي هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي مثالن سان ڀري پيئي آهي. عام طور محفلن ۾ ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ موسيقار يا راڳي اڃا راڳ يا ساز ڇيڙيندو ئي مس آهي ته ٻڌندڙ جا هٿ پير اُن جي لئِه تي حرڪت ڪرڻ شروع ڪندا آهن. انهيءَ ڪري چوندا آهن ته جنهن شخص کي بسنت يا سانوڻ جي موسمن جا دلڪش ۽ رنگين گل ۽ منظر، ساز ۽ سرود جون دلنواز تارون متاثر نه ڪري سگهيون، ان انسان جي مزاج ۾ يقيناً ڪا خرابي هوندي، ۽ اها خرابي لاعلاج آهي. يقيناً سنڌ جو هر ماڻهو انهيءَ بي حسيءَ واري مرض کان آجو، انهيءَ خرابيءَ کان بچيل ۽ راڳ جهڙي علم ۽ فن جو ڄاڻو ۽ دلداده آهي.

پينگھي ۾ ليٽيل ننڍڙو سنڌي ٻالڪ ماءُ جي سريلي، مٺي ۽ دلڪش آواز ۾ ڳايل اوراڻن يا لولين ٻڌڻ سان گھري ننڊ ۾ سمهي پوندو آهي.


[1]   آڌارام آسراڻي، پروفيسر: مقالو ”شاعر“ هالا، 1956ع، ص 17.

[2]    ايضاً ص 19

[3]  جاحظ: ”رساله فخرالسودان عيل البيضان“ اردو ترجمو: هندوستان عربون کي نظر مين جلد اول، اعظم ڳڙهه، دارالمصنفين، سال 1960ع، ص ص 4-7.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com