سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :13

بهرحال گرنٿ ۽ سنڌي رسالي جي ترتيب نرالي آهي، ٽئين مرحلي جي ترتيب جي مطابق سنڌي شاعرن جي رسالن ۽ گرنٿ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڀڳتي وارن شاعرن جو ڪلام اهڙيءَ طرح مرتب ٿيل اڃا تائين اسان جي نظر مان نه گذريو آهي. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ”رسالا“ سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جي روايت بڻجي ويا آهن.

سنڌيءَ ۾ گهڻائي رسالا مرتب ٿيندا رهيا آهن. انهن جي ترتيب ۾ ڪا منجهائيندڙ ڳالهه ڪونهي، ڇوجو رسالن ۾ رڳو سنڌي ٻولي هوندي آهي يا وري ڪن شاعرن سرائڪيل ۾ به شاعري ڪئي آهي، جو رسالن ۾ شامل آهي. ائين به سرائڪي سنڌي ٻوليءَ سان تمام ويجهڙائيءَ جو تعلق رکي ٿي، پر ان جي برعڪس گرو گرنٿ ۾ ٻولين جو وڏو اختلاف آهي. خود گرو صاحبن جو ڪلام هڪڙي نموني جي هندي ٻوليءَ ۾ آهي. ڀڳتن جي ٻاڻي به هندي ٻوليءَ ۾ آهي، پر انهن جي زبان ۾ ڪيترين ٻولين جو ميل آهي. جن ڀڳتن جو ڪلام گرنٿ ۾ آهي سي جدا جدا هنڌن جا رهاڪو هئا ۽ انهن جي ٻولين تي پوربي، راجستاني، گجراتي ۽ مرهٽي وغيره ٻولين جو اثر نمايان آهي ۽ گرنٿ اهڙي ڪلام جو وڏو ڀنڊار آهي. اصناف سخن به ان ۾ ڪيترائي آهن، پر سنڌي رسالن خاص طور شاهه جي رسالي ۾ اهڙي ڳالهه ڪونهي. رسالي جي ترتيب سادي، من موهيندڙ ۽ سهڻي آهي. انهيءَ کي ڏسي ترتيب جي مڪمل ٿيڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ هوءَ ترتيب سنڌي رسالي جي روايت بڻجي ارتقائي منزلون طئيءَ ڪري چڪي آهي.

ماخذات

 

(1)  گرو گرنٿ صاحب

(2) آد گرنٿ

(3) وسم گرنٿ

(4) گرنٿ صاحب اور اسلام ابوسلمان امرتسري

(5)  گرنٿ صاحب ڪي تنقيد عبادالله گياني

(6) هندي ساهتيه اتي هاس - مهاوير پرشاد دوي ويدي

(7) هندي ادب ڪي تاريخ – ڊاڪٽر محمد حسن

(8) تاريخ ادب هندي – ظهير الدين احمد علوي

(9) ڪوتا ڪومدي حصه اول و دوم

(10)                                              شاهه جي رسالي جا سرچشما – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(11)شاهه جي رسالي جي ترتيب – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(12)                     شاهه جو رسالو، (برٽش ميوزم وارو(- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(13)                     شاهه جو رسالو، (ڏهن رسالن جي ڀيٽ وارو) – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(14)                     شاهه جو رسالو – ڊاڪٽر گربخشاڻي

(15)                      شاهه جو رسالو- علامه آءِ. آءِ. قاضي

(16)                     شاهه جو رسالو – ڪلياڻ آڏواڻي

(17)                     پنجابي ادب جي مختصر تاريخ – قريشي احمد حسين احمد قلعداري

(18)                                              تذڪره شعراءِ ڪشمير. مرتب: سيد حسام الدين راشدي

ڪردار ۽ سيرت سازي جي

تعليم و تربيت

ڊاڪٽر گل حسن لغاري

تعليم و تربيت جي سلسلي ۾، حضور عليہ الصلواة والسلام جن فرمائين ٿا:

آکّوِ مُواُ اولادّ کُمُ وّ اَحُسِنُواُ لبّهُمُ

يعني: پنهني اولاد جو احترام ڪريو ۽ اُنهن جي پرورش ۽ تربيت سهڻي نموني سان ڪريو.

(ابن ماجه – ص 261- عن ابن عباس)

اِنهيءَ حضرت عليہ الصلواة والسلام جن جي فرموده مان هيءَ مراد آهي ته اُهي، جيڪي پنهنجي اولاد جي تربيت، سهڻي نموني سان ڪرڻ چاهين ٿا، جيئن سندن اولاد باوقار ۽ باشخصيت رهِي، زندگي گذاري سگهي ته اُنهن کي گهرجي ته حضور عليہ الصلواة والسلام جن جي قول مطابق، پنهنجي اولاد سان پيش اچن. اهو حڪم، والدين ۽ اُستادن تي يڪسان لاڳو آهي، ڇو ته اُهو ٻار، جيڪو مِهر و محبت کان محروم رهجي ويو هجي ۽ شفقت و پيار جي بجاءِ درشتي ۽ سختيءَ جو شاڪر رهيو هجي، سو تُندخُو، غصي وارو، بدبين، ڪينه پرور، زود رنج وغيره جهڙين سوين ڪريل صفتن کي پنهنجو ڪري ٿو ۽ اُهي اُن ۾ جاگزين ٿيو وڃن. اُهوئي سبب آهي جو تعليم و تربيت ۾، ٻار جي ”شخصيت“ جو احترام ڪرڻ تمام ضروري آهي، جيئن اڳتي هلي سندس ڪردار ۽ سيرت جي درست نموني سان رهنمائي ٿي سگهي.

يورپ جا عالم ۽ ماهر تعليم، آموزش و پروش (Education) جي مقصد کي، هن ريت ورهائين ٿا:

(1)  تعليم جو مقصد ”سيرت جي تعمير“ آهي.

(2) تعليم جو مقصد آهي ته: ”انسان کي هڪ مڪمل زندگي گذارڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي.“

(3) تعليم اهڙي هجي جو ”هڪ تندرست جسم ۾، هڪ تندرست روح ڦوڪيو وڃي.“

(4) ”انسان جي فطرت جي اعليٰ ترين صلاحيتن کي ظاهر ڪيو وڃي.“

”سر پرسي نن“ (Sir Percy Nunn) پنهنجي ڪتاب ”تعليم، اُن جا ابتدائي اُصل ۽ اخذ ڪيل نتيجا ((Education, its data and first Principles ۾ چئي ٿو ته تعليم جو مقصد، انسان جي انفراديت (Aindividuality) جي آزادانه نشو و نما آهي.“

هتي اهو معلوم ٿئي ٿو ته تعليم سان گڏ، تربيت کي پڻ وڏي اهميت ڏني ويئي آهي ۽ تعليم مان مراد، سيرت جي تعمير آهي، جنهن جي ڪري انسان هڪ مڪمل زندگي گذارڻ جي لائق بنجي ٿو ۽ تعليم و تربيت، انسان جي فطري لاڙن ۽ رجحانن کي صحيح رخ ڏانهن رهنمائي ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.

اصل ۾ انسان جي اندروني ضمير جي بيداري (Human Consciousness) ۽ پنهنجي ڇنڊ ڇاڻ، تعليم جو اعليٰ مقصد ليکيو وڃي ٿو ۽ اهڙي قسم جي تربيت، حقيقت جي رهنمائي ڪندڙ آهي؛ ڇو ته انسان، تعليم و تربيت کان سواءِ، ڪردار ۽ سيرت جي اعليٰ مقام تائين هرگز پهچي نٿو سگهي. صحيح تعليم و تربيت جي ڪري، انسان ۾ پسنديده صفتون پيدا ٿين ٿيون ۽ زندگيءَ جو صحيح علمي ۾ عملي مقصد حاصل ٿئي ٿو. تعليم و تربيت اهڙي هجي، جنهن ۾ خود شناسي (پاڻ سڃاڻڻ) واري صفت پيدا ٿئي. خود شناسي، انسان لاءِ بهترين معرفت آهي ۽ انسان لاءِ وڏي ۾ وڏي ناداني پاڻ کي نه سڃاڻڻ آهي. انهيءَ ڪري جو انسان جي حقيقت، هن جو مادي جسم يا اُن جي حيواني جبلت نه آهي؛ بلڪ اُن جو ضمير يا روح آهي ۽ اهو روح، جسم جي پيداوار نه آهي؛ جيئن مولانا رومي رح فرمائي ٿو:

”قالب از هّست شُد، نّي ما از او.“

يعني: هيءُ اسان جو جسم، انسان جي روح جي ڪري وجود ۾ آيو ۽ نه اسين جسم جي ڪري وجود ۾ آياسين.

انسان جو وجود محض گوشت پوست ۽ هڏن جو پڃرو نه آهي، پر اُن ۾ هڪ وڏي قوت ۽ طاقت سمايل آهي، جنهن جي ڪردار ۽ سيرت جي نشوو نما، والدين ۽ ماهرين تعليم جي ذمي آهي. انسان جون اعليٰ تربيتي سرگرميون ۽ مصروفيتون، جيڪي هن جي خصوصيت ۾ شامل آهن؛ جيئن ضمير، عقل، فڪر، محبت، تصورات و نظريات، مذهب، فلسفو، اخلاق، سياست، علم هنر؛ اهي سڀ حيواني يا جسماني جبلتون، انسان جي روحاني ڪيفيت تي داررومدار رکن ٿيون؛ اُن ڪري اِهو تمام ضروري آهي ته تعليم و تربيت جون سڀئي صورتون، روحاني لحاظ کان وڌن ۽ ويجهن. پر افسوس جو اڄڪلهه انسان، فطري زندگيءَ جي لذتن کان هٽندو وڃي ٿو ۽ دنياوي لذتن ۽ خواهش جي تڪميل کي، تعليم جو بنيادي مقصد سمجهي ٿو ته اهڙيءَ طرح سان معنوي ۽ روحاني لحاظ کان تعليم و تربيت جو پهلو خالي آهي. اهو ئي سبب آهي جو انساني اعليٰ ڪردار ۽ سيرت مفقود آهي. باقي جديد تمدن، دنيا تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪردار ۽ سيرت سازي ڏانهن توجه نه ڏنو ويو ته اها تمدني ترقي هڪ جهٽڪي سان ختم ٿي ويندي.

بيشڪ، سائنسي علوم ۾ عظيم ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن؛ زندگيءَ جي بود وباش ۾ به تبديلي اچي ويئي آهي؛ دريائن ۽ صحرائن کي مسخر ڪيو ويو آهي؛ آسماني تارن جي جستجو ۽ خلائي تحقيق ۾ وڏي پيش رفت ٿي آهي ۽ انسان، خلا جي رازداريءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي؛ زراعت ۾ جديد ترين وسيلا مهيا ٿي چڪا آهن. مطلب ته علم جي بدولت، زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ راهون کلي چڪيون آهن. انهن ڪاميابين جي باوجود، انساني روح کي قرار ميسر نه آهي؛ انسان بي چين آهي. روحاني، اعصابي ۽ ذهني مرض وڌيل آهن. انسان ديوانگي، غلط ڪاري ۽ وحشتناڪ حرڪتن جو ارتڪاب ڪندي وير ئي نٿو ڪري.

جڏهن اسين، قومي ڪردار ۽ سيرت جي ڪوتاهين کي ڏسون ٿا، ته حيراني هڪ طرف ٿئي ٿي، ته افسوس ۽ مايوسي ٻئي طرف نظر اچي ٿي؛ ڇو ته ٻين قومن جي مقابلي ۾ اسين، حيواني يا جبلتي خواهشن جي خاطر، پنهنجي قومي نصب العين کي نظر انداز ڪندي نٿا ڪيٻايون. ٻين قومن جي نسبت ۾، اسان وٽ، رشوتخور، اقرباپرور، دوست نواز، چاهه طلب، خاندان پرست، حريص، ڪردار ۽ سيرت باخته افراد، وڏي تعداد ۾ موجود آهن انهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهي ٿو. انهيءَ جي نتيجي ۾، اسان جي معاشري جي پرک جو ڪو به درست معيار نه رهيو آهي. اسان جي معاشري ۾ ملڪ جي بقا جو دارومدار، اسان جي ايندڙ نسل تي آهي؛ جنهن جي آموزش وپرورش ۾ اسين ڪوشان آهيون. اسان وٽ هر رشته تعليم ۾ ادارا آهن ۽ تنهن ادارن، درسگاهن ۽ دانشگاهن مان بهترين ڊاڪٽر، ماهر انجنيئر، استاد ۽ ماهرين تعليم، اهل علم وهنر، ڪاريگر، صحافي، صنعت ڪار ۽ ٻين ڪيترن ئي علمن ۾ دسترس رکندڙ افراد پيدا ٿي رهيا آهن.پر اسان جي مُلڪ جي ايندڙ نسل جي پرورش ۽ تربيت لاءِ جيڪو ڪم ٿيو آهي ۽ جيڪي ڪجهه انسان انهيءَ ڏس ۾ پيدا ڪيو آهي، سو به اسان جي سامهون آهي. جيتوڻيڪ اسان جو نوجوان نسل، وڏين صلاحين وارو آهي ۽ انهيءَ جي رهنمائي ٿيڻ گهرجي؛ مثلاّ: سچائي، وفاداري، ايمانداري، انساني ۽ قومي فرائض، احترامِ شخصيت، شرافت نفس، شخصيت جو احساس ۽ آزادي، والدين لاءِ تڪريم، اعتماد نفس، خودشناسي، تعليم و تربيت جي اهميت، فڪر جي پرورش، علم واخلاق جو توازن، نظم وضبط، آزادي ۽ استبداد جو تفاوت، اسلام ۽ امن، وطن دوستي وغيره جي لاءِ صحيح معنيٰ ۾، اسان پنهنجي نسل کي ڪيتري قدر تيار ڪيو آهي؟

اسان پنهنجي نصاب ۾ دينيات، اسلامي اقدار، وطني نظريو، اسلام جو شاندار ماضي ۽ اسلام بحيثيت دين فطرت پاڙهيون ٿا، پر جڏهن معاشري ڏي نگاهه ڪريون ٿا ته خبر پوي ٿي ته اسين ڪٿي به ڪونه پهتا آهيون! اسان جو ڪو به قومي تشخص نه رهيو آهي. اسان، تعليم و تربيت جي فيڪٽريءَ مان، معاشري کي جيڪي ڪجهه ڏنو آهي، سو اسان جي سامهون آهي.

هن ڪائنات جا ٽي طبقا آهن: ماده، حيوان ۽ انسان. انسان جي اندر ٽيئي طبقا موجود آهن. جيڪڏهن صرف انسان کي پوريءَ طرح سان سمجهيو وڃي، ته پوري ڪائنات سمجهه ۾ اچي ويندي؛ پر جي انسان ۽ ڪائنات مان، صرف انسان کي سمجهيو وڃي ۽ انسانيت جو احترام ڪيو وڃي، ته پوءِ انسان جي حقيقت به پوري ريت سمجهه ۾ اچي ويندي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته:

لَقَد خَلَقنَا الاِنسانِ فِي اَحسَنِ تقوِيم ِo ثُم رَدَد نَاهُ اَسفَلَ سَافِلِينo اِلالذِينَ اٰمَنُوا وَعَمِلُو الصالِحات ِ فَلَهُم اَجر غَيرُ مَمنُونِo

                         (پاره 30- سوره 95- آيت 4، 5 ۽ 6).

”بيشڪ اسان انسان کي بهترين ۽ ڪامل ترين، ظاهري توڙي باطني صفتن سان پيدا ڪيو آهي ۽ وري انسان کي بدبختيءَ جي پست ترين حالت ڏي موٽايو آهي؛ پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کُٽ اجر آهي.“

انهيءَ مان ثابت آهي ته انسان، فطري يا طبعي لحاظ کان بهترين ۽ ڪامل ترين خلقيو ويو آهي ۽ انسان جي شخصيت به قابل احترام آهي. انساني زندگيءَ جو مقصد، آموزش و پرورش جي لحاظ کان، سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ استحڪام آهي.

معاشرو، افراد جي تربيت گاهه آهي ته ڪسوٽي به آهي، ان ڪري، معاشري کان جدا رهي، سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ٿي نه سگهندي. ڪردار، شخصيت جو اظهار آهي، اعليٰ ڪردار، تعميري عادتن جي ضابطي ۽ ان جي تسلسل جو نالو آهي. اعليٰ ڪردار جون پاڙون، روح جي گهرائيءَ ۾ هونديون آهن ۽ ان جي آبياري، عقل جي پاڻيءَ سان ٿئي ٿي؛ ڇو ته انسان، روح، عقل ۽ بدن، ٽنهي جو مجموعو آهي. ان ڪري، ڪنهن به شخصيت جي ڪردار ۽ سيرت جي تعمير جو صحيح پروگرام، انهن ٽنهي جي تقاضائن جي پوري ڪرڻ سان ٿيندو پر روح کي اوليت آهي، ان کان پوءِ عقل جو درجو آهي ۽ انهيءَ بعد جسم. انسان، جسم جي وسيلي، دنيا سان ڳنڍيل آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان، روحاني توڙي جسماني طور، انسان جي آموزش وپرورش ٿيڻ گهرجي.

حضور عليہ الصلواة والسلام جن جي ديني تعليم و تربيت جو مقصد به انسانيت کي جسماني ۽ روحاني طور زنده ڪرڻ آهي. اسلام، انسان جي سمورين اندروني صلاحيتن ۽ فطري لاڙن کي اهميت ڏني آهي. اسلام، جسماني لذتن ۽ آسائشن سان گڏ، روحاني ۽ ايماني ڪمالات حاصل ڪرڻ جي رهنمائي به ڪري ٿو. انسانيت، زندگيءَ جي زيبائش ۽ حسن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. انسان جو پاڻ کي نه سمجهڻ ۽ وسارڻ انهيءَ ڪري آهي، جو هو بشريت کي، صرف حيواني خصلتن ۾ ڳولي ٿو ۽ اها نه صرف وڏي خطا آهي، پر پاڻ کي بدبختيءَ جي پست ترين منزل ۾ اڇلائڻ جي برابر آهي.

زندگيءَ جي لاهين ۽ چاڙهين ۾ انسان لاءِ روحاني تعليم و تربيت ئي بهترين پناهگاهه آهي؛ ڇو ته موجوده دور م، شڪست و ناڪاميءَ جي ڪري، ڪئين نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون غلط راهه روي تي آماده ٿين ٿا ۽ پاڻ کي بيهوش بنائڻ لاءِ، غلط شين جا عادي ٿيو وڃن.

جيئن ته انسان، جسم و جان ۽ ماده جو مجموعو آهي، ان ڪري، صحيح تعليم وتربيت به مادي ۽ معنوي (روحاني) رجحانن ۽ لاڙن جي زنده ڪرڻ ۾ اهي. حضور عليہ الصلواة والسلام جن به، ائين ئي ڪيو، جو سمورين مادي ۽ معنوي رجحانن جي تعليم و تربيت، عظيم ديني فڪر سان ڪيائون ۽ سيرت و ڪردار سازي جو هڪ بهترين نمونو پيش ڪيائون.

اصل ۾ ڪردار جو سرچشمو اعتقادات آهن، ان جو مظهر عادات واطوار آهن. هاڻي ڏسڻو آهي ته آيا اسان جا اعتقادات، اسان جي سيرت و ڪردار موجب آهن؟ معاشري جي هر حصي تي نظر ڊوڙائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته:

”همه تن شده داغ داغ، پنبه نهم کجا کجا“!

اسان جنهن ايمان، اعتقادات ۽ جنهن دين اسلام جي پيروي جي دعويٰ ڪريون ٿا؛ ان مطابق سيرت وڪردار جي پرورش ڪرڻ ۾ واقعي ڪوتاهه بن رهيا آهيون. جن هن معاشري ۾، خود خواهي، خود غرضي ۽ جاهه وطلب پيدا ٿي وڃي ته پوءِ اتي جي ماڻهن تي ”حرص وطمع“ جو حڪومت هوندي آهي؛ جائز ۽ ناجائز، حرام و حلال جي فرق مٽجي ويندو آهي؛ خيانت ۽ ناپاڪي، ماڻهن کي گندي حوص ۾ اڇلائي ڇڏيندي آهي ۽اتي جا ماڻهو درنده صفت بنجي هڪ ٻئي جي حقن تي ڌاڙو هڻندا آهن ۽ ان جو هٿرادو جواز پيش ڪندي به ويرم نه ڪندا آهن. جيتوڻيڪ هئڻ ته ائين گھرجي جو علمي ترقي سان گڏ، ايمان و اخلاق جي پختگي پيدا ٿئي ته جيئن علم، انسان جي لاءِ نفعي بخش ثابت ٿي سگھي، ڇو ته انسان جي خوشبختي، علم ۽ نيڪ ڪردار و سيرت ۾ ئي سمايل آهي.

انسان جي عقل جي صحيح پرورش ۽ مِهر و محبت جي رجحان جي حقيقي رهنمائيءَ جو مدار ننڍپڻ کان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻار، والدين، معاشري ۽ درسگاهه مان جو ڪجھ پرائي ٿو، ان مان اثر وٺي ٿو ۽ ان مطابق عمل ڪري ٿو. راستگوئي، ادب، صفائي، سچائي، فرض شناسي مهرباني، خير خواهي ۽ ٻيون سوين پسنديده صفتون، ننڍپڻ کان وٺي ، نوجوان ٿيڻ تائين سکي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت سندس سالم پرورش ٿئي ٿي.

انساني زندگيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته انسان جي پرورش سندس سرشت ۽ فطري نموني سان ٿئي. زندگيءَ جو مقصد به اهو ئي آهي ته هر فرد، انسانيت جي شايان شان واري زندگي بسر ڪري ؛ بدني، فڪري ۽ معنوي لحاظ کان پرورش حاصل ڪري ۽ معاشري جو سودمند فرد ثابت ٿي سگھي. ان ڪري، جسماني ۽ روحاني سرگرمين جي پرورش تي جيتري قدر به ڌيان ڏنو ويندو، اوتري قدر اجتماعي طور سٺا نتيجا نڪرندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com