سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :12

گرنٿ صاحب ۾ شاعريءَ جون ڪيتريون ئي صنفون شامل آهن، جيئن ته اِشٽ، پد، شبد، شلوڪ، چار پد، وار ۽ سّوايا وغيره. هي سڀئي صنفون يا انهن منجهان ڪا صنف هرباب (راڳ) هيٺ گڏ ڪيون ويون آهن. راڳ کي ”محلن“ ۾ ۽ ”محلن“ کي ”پوڙين“ ۾ ورهايو ويو آهي. اهڙيءُ ريت هڪ نئين ۽ سهڻي ترتيب گرو گرنٿ صاحب جي صورت ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي. هيءَ ترتيب گنٿ سان مخصوص ٿي وئي آهي، جنهن ۾ داخلي فڪر جو ڏس به ملي ٿو.

سک مذهبي ادب اّدي گرنٿ ۽ وسم گرنٿ ۾ جمع ٿيل آهي. ان کان سواءِ ٻين گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون ۽ اهڙي قسم جو ٻيو ڪلام يادگار آهي، جنهن ۾ گرو تيغ بهادر، سنت رين جي ڪانها ڀڳت ۽ ڇجو ڀڳت وغيره جو ڪلام آهي. جوانمردي ۽ بهادريءَ جو ڪلام ”وارن“ جي صورت ۾ آهي. اهڙي ڪلام ۾ ڀائي گروداس جون چاليهه وارون، گرو گوبند سنگهه عبدل ۽ ٽنڊل جو ڪلام آهي. گرنٿ صاحب ۾ ڀڳتن سان گڏ مسلمان شاعرن جو صوفياڻو ڪلام به آهي. اهڙن شاعرن ۾ بابا فريد (ثاني؟) ماڌو لال شاهه حسين ۽ شاهه شريف جو ڪلام خاص طور قابل ذڪر آهي. تصوف جي علاوه عاشقاڻو ڪلام به آهي، پر گهٽ. اهڙو ڪلام گهڻو ڪري دمودر ۽ پيلو جو آهي، ڪنهن ڪلام سُٿرا شاهه ۽ جُلهن جو به آهي.

آدي گرنٿ ۾ گرونانڪ جو ۽ وسم گرنٿ ۾ ڏهين گرو گوبند سنگهه جو ڪلام آهي، پر گرو گرنٿ صاحب ۾ گرونانڪ، ٻين سک گروئن، ڀڳتن ۽ پيرن فقيرن جو ڪلام آهي. انهيءَ مجموعي ۾ 3384 شبد آهن، جو سن1603ع ۾ پنجين گرو ارجن ديو امرتسر ۾ گڏ ڪرائي ڀائي گرداس کان لکارايو هو ۽ پوءِ ان ۾ پنهنجو ۽ پنهنجن همعصرن ڀڳتن جو ڪلام به داخل ڪري سن 1604ع ۾ مڪمل ڪرايو. انهيءَ وڏي مجموعي ۾ پهرين گروءَ جا 2949، ٻئي گرو جا 57، ٽئين گرو جا 2522، چوٿين گرو جا 1730، پنجين گرو جا 6204، نائين گرو جا 173 ۽ ڏهين گرو جو هڪ مصرع آهي. ڀڳت ڪبير جا 71146، نامديو جا 7339، شيخ فريد جا 149، فئيداس جا 134، ڀائي مرداني جا 73، راءِ بلونڊ جا 8، ميران ٻائي جا 3 ۽ ٻين ڀڳتن جا 128 مصرع درج آهن. مصرع پد يعني منظوم ڪلام کي چيو ويو آهي. وسم گرنٿ گرو گوبند سنگهه جو گڏ ڪيل آهي، اُن جي ڪلام تي ئي مشتمل آهي. پاڻ هندي جا برک ۽ پرگو شاعر هئا. وسم گرنٿ صخيم آهي ۽ ان ۾ چنڊي ۽ ڀڳوتيءَ جون ”وارون“ پنجابي ٻوليءَ ۾ آهن. گرنٿ ۾ گرونانڪ جو ڪلام، نصيحت ناما، ريختي، مناجات، پران سنگلي يا سن محلد ڪي ڪٿا، گيان سروور، ڪافيون، ڪٿا ڪرشن چندر، باني بنگهم ۾ ڪجهه فارسي شبد ۽ نثر ۾ ”حاضر نامون“ شامل آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته گرنٿ صاحب ۾ ڪلام ڪيترن قسمن جو ۽ ڪهڙيءَ نوعيت جو آهي. هاڻي گرنٿ صاحب جي ترتيب تي هڪ نظر وجهي ڏسون.

ترتيب 3-

(1) سري راڳ: هيءُ گرنٿ صاحب جو پهريون راڳ (باب يا فصل) آهي. انهيءَ راڳ هيٺ گرونانڪ ۽ ٻين گروئن جون ٻاڻيون ۽ ڀڳتن جا ٻول آهن، جن ۾ ڪبيرداس ۽ ٻين ڀڳتن جو ڪلام شامل آهي.

(2) راڳ ماجهه (مانجهه؟): ۾ گرونانڪ ۽ ٻين گروئن جون ٻاڻيون آهن، ترتيب سري راڳ جهڙي آهي.

(3) راڳ گوڙي (گوري؟): ۾ گرونانڪ ۽ ٻين گروئن جون ٻاڻيون، ڪبير نامديو ۽ ٻين ڀڳتن جو ڪلام آهي، جنهن ۾ ڪيترائي صنف، مثال طور ٻاونجاهه اکري، گوڙي ”سک مني“ ۽ وارّ شامل آهن.

(4) راڳ آسا: ۾ گرونانڪ، گرو ارجن ديو ۽ ٻين گروئن جو ڪلام، ڪبيرنامديو ۽ ٻين ڀڳتن جو ٻاڻيون ۽ باب فريد جا دوها (شلوڪ) شامل آهن.

(5)  راڳا گوجري: ۾ گروئن جون ٻاڻيون ۽ ڀڳتن جا ٻول آهن، پر چوبدن ۽ وارن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي.

(6) راڳ ديو گنڌاري: ۾ رڳو گروئن جون ٻاڻيون آهن.

(7) راڳ بهاگڙا (وهاڳڙو): ۾ ٽن گروئن جون ٻاڻيون آهن، پد ۽ وار شامل آهن.

(8) راڳ وڍنس (بڊهنس): ۾ ٽن گروئن جون ٻاڻيون ۽ وار آهن.

(9) راڳ سورٺ: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون آهن.

(10)                    راڳ پرڀاتي: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جا ڪلام آهن.

(11)           راڳ ڌناسري: ۾ گرو ٻاڻي ۽ ڪبير ٻاڻي خاص آهي.

(12)          راڳ جيت سري: ۾ گرو ٻاڻي، ڀڳت ٻاڻي ۽ وار آهن.

(13)    راڳ توڊي: ۾ گرو تيغ بهادر، گرو ارجن ديو ۽ ٻين گروئن جون ٻاڻيون ۽ ڀڳتن جي ڪلام ۾ نامديو جو ڪلام خاص اهميت وارو آهي.

(14)          راڳ بيراڙي (براري ؟): ۾ گرو رامداس ۽ گرو ارجن ديو جو ڪلام آهي.

(15)           راڳ تلنگ: ۾ گرو ٻاڻين کان پوءِ ڀڳتن جا ٻول آهن. خاص ڪلام گرو تيغ بهادر جو آهي.

(16)    راڳ سوهي (سوها ؟ يا سهڻي؟): ۾ گرو ٻاڻين کان سواءِ ڀڳتن جا شبد آهن. ڪبير داس (شيخ ڪبير؟) رئيداس جي اشِٽ پدن کان سواءِ ڪافي به آهي، جا گرو نانڪ ۽ گرو ارجن ديو سان منسوب آهي.راڳ سوهي ۾ گرو ٻاڻي ۽ ڀڳت ٻاڻي کان سواءِ بابا فريد جا اشلوڪ خاص آهن.

(17)                    راڳ بلاول: ۾ گروئن ڀڳتن جوڪلام گڏ ڪيل آهي.

(18)          راڳ گونڊ: ۾ به ڀڳتن ۽ گروئن جو ڪلام آهي.

(19)    راڳ رامڪلي: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون ، ڀائي ستا ۽ ڀائي بلونڊ (ميراثين) جا ڪلام آهن، جنهن کي ”وار“ به سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪلام ۾ گروئن کي ساراهيو ويو آهي. چون ٿا ته هي ڪلام گروئن جي تخت نشيني جي موقعي تي ٻڌايو ويندو هو. گروئن وٽان انهيءَ ڪلام تي انعام به مليو هو، ان ڪري انهيءَ ڪلام کي ”ٽڪا وار“ نالي سان به منسوب ڪيو ويندو آهي.

(20)         راڳ نٽ نارائن: ۾ رڳو گروئن جو ڪلام آهي.

(21)          راڳ مالي گوڙا (ماليگورا): گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون آهن.

(22)    راڳ مارو: ۾ پنجن گروئن ۽ چئن ڀڳتن جو ڪلام آهي. وار ۽ ميران ٻائي جا ڀڄن به انهيءَ راڳ ۾ جمع ٿيل آهن.

(23)         راڳ تکاري (ترکاري؟): ۾ ٽن گروئن جي ٻاڻي ۽ ڀڳتن جا ٻول آهن.

(24)         راڳ ڪيدار: (ڪيڏارو) ۽ ٻن گروئن ۽ ٻن ڀڳتن جو ڪلام آهي.

(25)                   راڳ ڀيرونُ: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جي ڪلام سان گڏ ڪافي به آهي.

(26)         راڳ بسنت (بسنت بهار): ۾ پنجن گروئن سان گڏ ڀڳتن جو ڪلام به موجود آهي.

(27)         راڳ سارنگ: ۾ گرو ٻاڻي، ڀڳت ٻاڻي ۽ وار آهن.

(28)         راڳ ملهار: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون ۽ وار شامل آهن.

(29)         راڳ ڪانڙا (ڪانرو): ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جا اشلوڪ ۽ ڀاڻيون آهن.

(30)         راڳ ڪنيان: (ڪلياڻ) ۾ رڳو گروئن جون ٻاڻيون آهن.

(31)    راڳ جيجا ونتي (جئي جئي ونتي): ۾ رڳو گرو تيغ بهادر ۽ ڪن ڀڳتن جو ڪلام آهي. سڀني سرن وانگر انهيءَ سُر ۾ به مختلف اصناف ۾ ڪلام موجود آهي

ڪافي جي صنف تي تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ راڳ سوهي (16) ۽ راڳ ڀيرون (25) ۽ آد گرنٿ ۾ بابا نانڪ جي ڪلام جو اڀياس تمام ضروري آهي، ڇو جو انهن راڳن ۽ آدگرنٿ ۾ ڪافيون موجود آهي، ان کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪلام به آهي، جنهن کي ڪافي چئي سگهون ٿا. گرنٿ جي بابن (راڳن) ۾ مختلف صنفن ۾ ڪلام ملي ٿو. اهڙيءَ ريت گرنٿ صاحب ۾ ايڪٽيهه راڳ آهن ۽ هر راڳ ۾ ڪيترائي محلا ۽ هر محلي ۾ ڪيتريون ئي پوڙيون آهن. ڪلام جو مقدار به گهڻو آهي ۽ ترتيب ڏکي ۽ منجهائيندڙ آهي، پر اڳوڻين ترتيبن جو ڀيٽ ۾ ان ۾ ”فڪر“ جو عنصر به نظر اچي ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بنا ڪنهن سوچ ويچار جي اهڙي ترتيب وجود ۾ اچڻ ممڪن نه آهي، ترتيب ۾ گروئن جي مرتبي جي حساب سان ڪلام کي مرتب ڪيو ويو آهي. گروئن کان پوءِ ڀڳتن ۽ پيرن فقيرن جي ڪلام ۾ ڪلام جي نوعيت ۽ شاعر جي حيثيت مطابق تقدس جو خيال رکيو ويو آهي.

گرنٿ جي ترتيب کي ڏسڻ شرط ئي خبر پوي ٿي ته هيءَ ترتيب ”شاهه جي رسالي“ ۽ سنڌي شاعرن جي رسالن جي ترتيب سان بلڪل مطابقت رکي ٿي. شاهه جي رسالي ۾ ٽيهه سر آهن ۽ گرنٿ صاحب ۾ ايڪٽيهه راڳ. اها ڪا اتفاق جي ڳالهه نه آهي. انومان آهي ته سنڌي هندن جي نانڪ پنٿ ڏانهن وڌيڪ لاڙي هجڻ ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ گرنٿ صاحب جي ترتيب سان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ هن رسالي کي مرتب ڪرڻ مهل انهيءَ ترتيب کي پنهنجي ڪلام جي ترتيب لاءِ مناسب سمجهي گرنٿ کي پيش نظر رکيو هو. جيئن ته شاهه جي رسالي ۾ رڳو بيت ۽ وايون هيون ۽ ڪنهن ٻئي شاعر جو ڪلام گرنٿ صاحب جي انداز ۾ شاهه جي ڪلام ۾ شامل نه آهي، ان ڪري سنڌي رسالي جي ترتيب ڏکي ۽ منجهائيندڙ ڪونهي. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ رسالي جي ترتيب کي سادو رکيو ويو آهي. سرن (باب يا فصلن) کي داستانن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر داستان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ”وايون“ آهن. جو داستانن جي بيتن کان پوءِ اچي داستان... کي ختم ڪنديون آهن.

گرنٿ صاحب ۾ گرو صاحبان کان سواءِ الائي ڪيترن ڀڳتن شاعرن ۽ فقيرن جو ڪلام شامل آهي ۽ ڪلام جا ڪيترائي صنف به آهن، ان ڪري رسالو گرنٿ جي مقابلي ۾ مختصر آهي. رسالي ۾ جيڪڏهن شاهه جي ڪلام سان گڏ ڪنهن ٻئي شاعر جو ڪلام داخل ٿي ويو آهي ته اتفاق يا گڏ ڪرڻ وارن جي چُڪ سمجهڻ کپي. شاهه جي رسالي جي مرتب ڪندڙن عقيدت منديءَ جي ڪري ٻين شاعرن جو اهڙو ڪلام، جو شاهه جي محفلن ۾ ڳايو ويو هو، رسالي جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ ڪڏهن سرن جي نالن جي مناسبت جي خيال سان رسالي جي وچ ۾ جدا سرن جي حيثيت سان داخل ڪري ڇڏيا آهن، ان ڪري رسالي ۾ ٽيهن کان مٿي سر ٿي ويا آهن. پر انهن اضافي سرن کي الحاقي سُرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

هاڻي گرنٿ صاحب ۽ شاهه جي رسالي ۾ شامل راڳن ۽ سرن جو اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته گهڻي ڀاچي راڳن ۾ هڪجهڙائي موجد آهي. ٻنهي ۾ شامل جيڪي ساڳيا راڳ آهن، اُهي هيٺ ڏجن ٿا:

(1)              سري راڳ

(2)             راڳ آسا

(3)             راڳ سورٺ

(4)             راڳ بلاول

(5)              راڳ رامڪلي

(6)             راڳ ڪيدارا (ڪيڏارو)

(7)             راڳ سارنگ

(8)             راڳ ڪليان (ڪلياڻ)

هيٺيان سُر (راڳ) شاهه جي رسالي ۾ اهڙا آهن، جن ۾ شامل ڪلام شاهه جو چيل ڪونهي هيءُ سُرَ جهونن فلمي نسخن ۽ ڪن ڇپيل رسالن ۾ موجود آهن. انهن راڳن کي شاهه جي محفلن ۾ ڳايو ويو هو، اهي سُر گرنٿ صاحب ۾ به موجود آهن.

(9)             راڳ ڪانڙا (ڪانرو)

(10)         راڳ بسنت (بسنت بهار)

(11)          راڳ بهاگڙا (وهاڳڙو)

(12)         راڳ ڌناسري

ٽئين نمبر تي گرنٿ ۾ اهڙا راڳ آهن، جو نج سنڌي سُر آهن. سنڌ ۾ عام جام ڳايا ٿا وڃن، پر شاهه جي رسالي ۾ موجود نه آهن.

(13)         راڳ تلنگ

(14)         راڳ پرڀاتي

(15)          راڳ ماجهه (مانجهه)

راڳ ماجهه (مانجهه) هيءُ اهڙو راڳ آهي، جو شاهه جي رڳو هڪڙي رسالي ۾ ملي ٿو، جو گنج جي نالي سان مشهور آهي ۽ شاهه جي درگاهه ڀٽ شاهه تي رکيل آهي، ۽ هير رانجهي جو داستان انهيءَ سُر ۾ ڳايو ويندو هو.

اهڙا راڳ، جيڪي گرنٿ ۾ آهن، پوري شاهه جي رسالي ۾ موجود نه آهن ۽ انهن جو شمار سنڌي جي سر واري موسيقيءَ ۾ نٿو ٿئي. هيٺ ڏجن ٿا:

(16)         راڳ ملهار

(17)         راڳ بيراڙي (براري)

(18)         راڳ سوهي (سوها؟ سهڻي؟)

(19)         راڳ نٽ نارائن

(20)        رڳا مالي گوڙا (ماليگوار)

(21)         راڳ تکاري (تر کاري)

(22)        راڳ مارو

(23)        راڳ گوجڙي (کوجري)

(24)        راڳ جيت سري

(25)         راڳ وڍنس (بڊهنس)

(26)        راڳ ڀيرون

(27)        راڳ ديو گنڌاري

(28)        راڳ گونڊ

(29)        راڳ گوڙي (گوري)

(30)        راڳ توڊي (ڪن رسالن ۾ سهڻيءَ کي سُر توڏي

جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي).

(31)         راڳ جيجا ونتي (جئي جئي ونتي).

گرنٿ ۾ ايڪٽيهه راڳ آهن، جن منجهان پندرهن راڳ نه رڳو سنڌ ۾ رائج آهن ، پر انهن ۾ ڪيترا راڳ شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن. باقي راڳن مان ڪيترا راڳ ڪلاسيڪي موسيقي ۾ داخل ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ به ڳايا ۽ ٻڌا ويندا آهن، پر اهڙن راڳن جو شمار نج سنڌي راڳن ۾ نه ٿو ٿئي. اهڙيءَ ريت سنڌي رسالي جي ترتيب کي ڏسي چئي سگهون ٿا ته سنڌي رسالي جي ترتيب گرنٿ جي ترتيب سان ۽ گرنٿ جي ترتيب سنڌي رسالي جي ترتيب سان مطابقت رکي ٿي. اهڙي صاف ۽ واضح مطابقت کي اتفاق ته نه چئبو، بلڪ ٻنهي ۾ هڪ تاريخي لاڳاپو آهي، جو پڌرو آهي ۽ سنئون سڌو ڀڳتي تحريڪ جي شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جي ٽئين مرحلي سان تعلق رکي ٿو.

هڪ ڳالهه جنهن کي سنڌي رسالي جي ترتيب ۾ ظاهر ڪرڻ ضروري هو، سو اسماعيلي برادري جا متبرڪ گنان آهن، جي سنڌي آڳاٽي شاعريءَ ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. گنانن جو تعلق به موسيقي سان آهي (۽ ڀڄن جي رنگ ۾ ڳايا وڃن ٿا). اهڙيءَ صورت ۾ انهن جو سنڌي رسالي جي موسيقي جي نظام سان تعلق جو امڪان هو، پر انهن تائين ڪنهن غير اسماعيلي جي رسائي ڪونهي. خيال هو ته انهن جي به ڪا ترتيب هوندي، پر خاطريءَ سان ڪجهه چوڻ مشڪل هو. انومان هو ته تمام جهونا هئڻ ڪري، انهن جي ترتيب مٿي ڄاڻايل ڀڳتي شاعرن جي اول يا ٻي ترتيب سان هوندي، يا وري انهن کي موضوعن ۽ مضمونن جي لحاظ کان جمع ڪيو ويو هوندو. ان ڪري محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا سان رجوع ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته ”گنان“ رواجي طور مرتب ٿيل ڪونهن. اوائلي دور ۾ پهرين ترتيب مطابق گنانن مٿان شايد راڳ جو نالو به ظاهر ڪيو ويندو هو، پر هاڻي گنانن جي مٿان ان جي پهرين سٽ جي شروعات جا ڪجهه لفظ بطور عنوان ظاهر ڪيا ٿا وڃن. انهيءَ معلومات سان اسان جي خيال جي تصديق ٿي وئي ته گنانن جو رسالي جي ترتيب سان ڪو تعلق ڪونهي، جيئن گرنٿ صاحب جي ترتيب کي آهي، جنهن جي ترقي يافته صورت ”سنڌي رسالي“ جي ترتيب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com