هن کي اوراڻن ۽ لوليءَ جي ٻولي ته سمجھ ۾ ڪانه
ايندي آهي، پر هو آلاپ ۽ سوز تي ننڊاکڙو ٿيو پوي.
اهڙيءَ طرح بار بردار اُٺ سندس گوڏن ۾ ٻڏل گهنگهرن
جي ڇمڪي ان ۾ ايتريقدر ته مدهوش ۽ متاثر ٿي ويندو
آهي، جو اُن کي سندس پٺ تي لڌيل بار ۽ ورز جو
احساس ئي نه رهندو آهي. گهنگهرن جي ڇمڪي ۽
موسيقيءَ سان ان ۾ اهڙي ته مستي اچي ويندي آهي جو
سندس رفتار به تيز ٿي ويندي آهي.
اڳ ۾ عرض ڪيو اٿم ته راڳ سنڌ جو ورثو آهي، سنڌ جي
ثقافت جو هڪ اهم جزو آهي، هن فن جا سنڌ ۾ ڌار ڌار
مڪتب، ڌار ڌار ادارا ۽ ڌار ڌار مرڪز آهن. لطيف جي
درگاهه انهن سڀني مرڪزن ۾ اهم ۽ اتم مرڪز آهي.
هيءُ مقام سنڌ جو روح آهي، سنڌڙيءَ جي جان آهي ۽
لطيف اسان جو ساهه آهي. لطيف سنڌ ۾ جوڳ، ڀڳتي ۽
تصوف جي تحريڪن جو روح روان آهي. لطيف راڳ ذريعي
پنهنجي پيغام کي هنڌ هنڌ پهچايو آهي. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب لکي ٿو ته:
”سنڌ جي مسلمان صوفين ۽ درويشن ”جوڳ“ جي عقيدي
وارن انهن جوڳين فقيرن ۽ ڀڳتيءَ جي انهن ڀڳتن جو
قدر ڪيو، جيڪي ڌڻيءَ جي هيڪڙائيءَ جي پرچار ۾ پورا
هئا. توحيد جي پرچار لاءِ مسلمان درويشن جوڳو ۽
ڀاڳتيءَ جي عنوان کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع
بنايو. هنن هڪ الله سان عقيدت ۽ محبت جو سبق ڏنو،
انهيءَ سبق کي موثر بنائڻ لاءِ هنن بزرگن پنهنجي
ڪلام ۾ اهڙي تبليغ ڪئي ۽ سندن شعر ڳايا. موضوع جي
مناسبت سان انهي واسطي هند جي راڳن خاص طرح پوروءَ
(يا پوروي)، رامڪلي ۽ جوڳيا کي موزون سمجهيو ويو“.
اسماعيلي فڪر جي داعين به بلڪن اهوئي طريقو اختيار
ڪيو. هن پنهنجي ڪلام يعني گنانن م تصوف ۽ ڀڳتيءَ
جي موضوعن کي تمثيلن ذريعي، راڳداريءَ ۾ راڳ جي
وسيلي ۽ راڳ جي مختلف سرن ۾ ڳائي مريدن کي توحيد
جو سبق ڏنو ۽ کين دنيوي لالچ کان بيزاريءَ جون
ڳالهيون ٻڌايو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لطائف لطيفيءَ جي حوالي سان لکي
ٿو:
”شاهه صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو، نه ته پاڻ
پنهنجي جذبي ۽ جوش ۾ هتان کان هتي گهمندا ڦرندا
رهيا. راڳ جي رس سان ئي سندن تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر
ئي ڀٽ وسائي ويا هئا“.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو ته:
”ڀٽائي صاحب هڪ اهل دل انسان هو، ۽ انهي ڪري سندس
خاص توجهه پڻ ماڻهن جي دلين کي جيارڻ طرف هو. حق
شناسي ۽ حقيقت، شاعرانه لطافت ۽ موسيقيت سندس لطيف
طبع جا لازم ملزوم جُز هئا، انهيءَ ڪري هن فطري
طور راڳ جي رس ۾ اثر جي قوت کي محسوس ڪيو، ۽ سندس
اعليٰ فهم راڳ جي نوعيت بابت اهو نقطو نروار ڪيو
ته راڳ اهو، جو دلين تي اثر ڪري لطيف پنهنجي طبعي
احساس ۽ عملي مشاهدي جي بناءَ تي، راڳ جي انهيءَ
رس کي اتم ڪيو جيڪو هن کي موهي ۽ جيڪو دان تي اثر
ڪري، بلڪ جيڪو مُيون دليون جياري.“
راڳ جي انهيءَ نظريي کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شاهه
صاحب جي هڪ وائيءَ جي حوالي سان هن طرح ٿو بيان
ڪري:
”سڌڙين ۽ هّوس وارن عياشن لاءِ اهو مشڪل آهي جو هو
راڳ جي راز کي پروڙي سگهن. اها هڪ مام آهي جيڪا
سڌڙين جي سمجهه کان ٻاهر آهي. اها ترنم واري تند
جيڪا دلين تي اثر ڪري، سا سڱڙي، تنبڙي، گهنڊڙي،
نڙ، مرلي ۽ ٻين سرودن جي ڪاريگريءَ واري وڄت کان
اتم ۽ اعليٰ آهي. ساز جي هنرمندانه وڄت مرون موهي
سگهي ٿي، مگر سوز واري درد مندانه وڄت ئي دلين تي
اثر ڪري ٿي“.
لطيف جي وائي آهي:
سڌڙيان سڱڙي، ڳالهه ڳجهڙي
مون ماريندي ڪڏهن......
(1)
جا وڄائين جتڙا، نه تنهن نڙ جهڙي
مرليءَ کي جنهن مات ڪيو، نه تنهن تل تنبڙي
(2)
تاريو جنهن توڏي کي نه سو گهنڊ گهنڊڙي
ڏاريو جنهن ڏياج کي تندان تنهن تکڙي
(3) وانءِ اونائي ان کي، ويهه ۾ کڻ وکڙي
بيخود بابو سي ٿيا، ٻرندي جن ٻُڌڙي
(4) جا ساراهيل سبحان جي، تنهن واکاڻ ڪهڙي
ڪوڙين واڄٽ ڪيترا لکين لائيندڙي
(5) نه سِري، نه سنڌ ڪا، نه ڪا هند جهڙي
سهين سرودن کي پاڻان پوءِ جهندڙي
(6) ڪڙي ڪُلاٽن کي، محبت وارن مٺڙي
مٺايان مٺي گهڻو، چتان جن چکڙي
(7) گهانڊار مِرون موهيا، هيءَ ماڻهو موهيندڙي
آهي عبداللطيف چئي، هي مئا جياريندڙي.
مٿي چئي آيو آهيان ته راڳ جي تند ۽ تار مُيون
دليون جياريندڙ ۽ مردن ۾ جان پيدا ڪندڙ ۽ بيمارن
کي چاڪ ۽ چوبند ڪندڙ دوا طور ڪم ڏيندڙ آهي. لطيف
آهي ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو:
”سرود ۽ سماع کان سواءِ شاهه لطيف کي سرندي ڪانه
هئي، راڳ سندس جان جو جياپو هو، ۽ ساهه به سماع ۾
ڏنائين.“
چون ٿا ته هڪ لڱا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪن ساٿين
سان وٽس لنگهي آيو. مخدوم صاحب کي ايندو ڏسي،
فقيرن کي فرمايائون ته ”سڀ ساز ۽ سرود جي مختلف ۾
ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ شرعي دليل ڏيئي، شاهه کي انهن
جي ترڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شاهه صاحب خاموشيءَ سان
ويٺي ٻُڌو. جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن کين
چيائون ته ”مثلا ڪو وڻ هجي، جنهن مان خدا جي خلق
کي گهڻو فائدو رسندو هجي، مگر اهو وڻ سوڪهڙي سبب
سڙي وڃڻ تي هجي، ان جي ڀر ۾ گندي پاڻيءَ جو هڪ
چشمو هجي، هاڻي ٻڌايو ته ان چشمي مان ان وڻ کي
پاڻي ڏجي يا نه؟“ مخدوم صاحب وراڻيو ته ”اهڙيءَ
حالت ۾ وڻ کي گندو پاڻي ڏيڻ جائز آهي.“
اهو ٻڌي شاهه صاحب چين ”منهنجي دل ۾ به الاهي محبت
جو هڪ وڻ آهي، جو سماع بنان سُڪيو ٿي وڃي.“ اڃا
ايترو چئي بس ڪيائين ته اندران ازغيبي سازن ۽
سرودن جو سريلو آواز ٿيڻ لڳو. مخدوم صاحب ۽ سندس
ساٿي وائڙا ٿي ويا ۽ ماٺڙي ڪري رمندا رهيا.“
لطيف ڪڏهن ته ڏينهن جا ڏينهن سماع ۽ سرود ۾ صرف
ڪندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي وجود ۾ به سماع نه
رهندو هوس، بعضي اکين مان اچانڪ لڙڪ پيا وهندا
هئس. جذبو ايندو هوس ته پاڻ به اچي ڳائڻ ۾ ڇٽڪندو
هو، ۽ مولان روميءَ وانگر وجد ۽ رقص جي حالت ۾
وايون ۽ ڪافيون بي اختيار سندس وات مان نڪري
وينديون هيون. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته:
”جامو پهرڻ کان پورا ايڪيهه ڏينهن اڳ خلوت اندر
رهيو. انهيءَ ساري عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري ماني مس
کاڌائين. جڏهن ٻاهر نڪتو، تڏهن غسل ڪري، چادر
اوڍي، مراقبي ۾ ويهي، پنهنجي رب سان رهاڻ ۾ مشغول
ٿيو. فقيرن کي سماع ۽ سرود جو اشارو ڪيائين. ٽي
ڏينهن برابر اهو لقاءِ لڳو بند هو، چوڌاري چپ چاپ
هئي، سڀڪو سماع جي سوز ۽ ساز ۾ محو هو. آخر راڳ
بند ٿيو، فقير شاهه جي نزديڪ ڇا وڃي ڏسن ته شيءِ
ٺهي ئي ڪانه! سندس روحاني پکيئڙو هن خاڪي پڃري مان
الائجي ڪيڏيءَ مهل پرواز ڪري وڃي عالم ارواح ۾
پهتو هو.“
راڳ جي رنگ جو اثر لطيف جي فقيرن تي به گهڻو رهيو
آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:
”لطيفي فقير جيڪي راڳائي هئا، تن مان گهڻن کي واري
جو تپ ٿي پيو. جڏهن مونجهه ۽ پيڙا کان پريشان ٿيا
ته حضرت شاهه صاحب سان طبيعت جي ناسازيءَ جي شڪايت
ڪيائون، تڏهن شاهه صاحب کين ارشاد فرمايو ته ”هر
جمعي رات سندم والد بزر گوار (شاهه حبيب) جي
درگاهه تي لطيفي ساز وڄايو ۽ راڳ ڳايو.“ فقيرن ان
تي عمل ڪيو ۽ بلڪ هو چڱا ڀلا ٿي ويا. هو پهر رات
کان پوءِ راڳ شروع ڪندا هئا ۽ صبح صادق وقت بس
ڪندا هئا. پر ڳچ وقت گذرڻ کان پوءِ باقاعدگيءَ سان
راڳ شروع ڪرڻ ۾ سستي ڪيائون ۽ وري اچي کين تپ
واريو. انهي ڪري پوءِ هميشه لاءِ (باقائدگيءَ سان
جمعي رات) راڳ ڪندا هئا، جو ويندي هن وقت تائين هر
جمعي رات ڪندا رهن ٿا.“
لطيف جي راڳ جي مشهور ماهر سيد غلام شاهه لطيفيءَ
سان لطيف جي راڳ جي رڪارڊنگ جي سلسلي ۾ جڏهن
منهنجي ملاقات ٿي تڏهن شاهه صاحب گهڻو بيمار ۽
ڪمزور هو. چيائين ته دل جو عارضو اٿم، انهيءَ ڪري
ڳائي نٿو سگهان، پر مون ڏٺو ته لطيف سرڪار جي حضور
۾ هو راڳ باقاعدگيءَ سان ڳائيندو هو. جنهن ڏينهن
اسين ساڻس مليا هئاسين ان ڏينهن راڳ ڳائڻ لاءِ
سندس وارو هو. هوڏانهن پاڻ هلڻ کان لاچار هو پر
جڏهن راڳ واري سماع ۾ اچي ويٺو ۽ راڳ جو ڇيڙ
ڪيائين ۽ آهستي آهستي رنگ مچندو ويو، تڏهن اسان
محسوس ڪيو ته هو بيمار نه بلڪ چاق ۽ چوبند لڳي
رهيو هو ۽ سندس نوجوان پٽ نور احمد شاهه کان به
زور پئي محسوس ٿيو. راڳ اڄ به مخدوم طالب الموليٰ
جهڙن زندهه روحاني رهبرن جي صحت لاءِ غذا ۽ روحاني
سير لاءِ ثمر آهي.
اهڙيءَ طرح سچل جي درگاهه، سچل جا آستان، راڳ جي
محفلن ۽ معرڪن جا ٺاڻا ۽ ٽڪاڻا رهيا آهن. سنڌ هجي
يا هند، سنگاپور هجي يا هانگ ڪانگ، جت به شام ۽
سچل جا پيرو هوندا، اتي راڳ جي ريجهه ۽ رهاڻ نه
ٿئي ۽ شاهه ۽ سچل جو ڪلام نه ڳائجي ته اُها محفل
اڻپوري ۽ اڌوري هوند ۽ اها پوڄا ۽ پاٺ بيڪار ۽ بي
مقصد سمجهيو ويندو آهي. اهڙين محفلن ۾ سچل جا پيرو
گڏجي ڳائيندا آهن:
آءُ ٻانهي تون سائين، پاتم پانڌ ڳچيءَ ۾ ڪپڙو
يا چوندا:
جو اڱڻ پيهي اڄ آيو، سو سامي مون تان صحيح سڃاتو
بيراڳڻ جو بيک ڪري، تنهن ڪيڏو هنر هلايو
سوجهيائون جوڳين واريون، تنهن لڱين مون لايو
سوجهيائون جو ڳين واريون، تنهن لڱين مون لايو
مرلي مست آواز انهيءَ جي، منهنجو روح ريجهايو.
انهيءَ سرود جي سوز سان ڳائيندڙن فقيرن ۽ ڀڳتين
جي اکين مان لڙڪن جون قطارون وّهنديون آهن ۽ هُو
مست ٿي جهومندا آهن.
لطيف وانگر سچل جي راڳ ۾ راڳداريءَ ۾ انوکو
سرود آهي، انوکو انداز آهي ۽ ان کي پنهنجو انوکو
رنگ ۽ رس آهي. سيد حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو:
”سچل جي پيرون صوفي فقيرن جا جٿا. هن فقير جو ڪلام
سڄيءَ سنڌ ۾ ڳائيندا وتندا هئا. کيڙو رتا ڪپڙا پيل
هوندا هئن، پيرن تائين چولو ۽ هيٺ تي گوڏ، مٿو
اگهاڙو، ٻانهن ۽ ڳچيءَ ۾ مڻين جون مالهائون، ڪشتو
به هوندو هئن ۽ يڪتارو به، يڪتارو کڻي، هٿ ۾
چپڙيون جهلي، پيرن ۾ ڇيريون وجهي، جڏهن ڪن تي هٿ
رکي ”الوميان“ ڪندا هئا، تڏهن لئي لڳي ويندي هئي.
نچندا به هئا ۽ ڳائيندا به هئا. ڏاڍي ترنم ۽ طرز
سان، ٻڌندڙن جا لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندا هئا، ۽
چوندا هئا:
ڳلي ڳلي ٿي ڳوليان، جهاتيون پايان
فقيرن کي اهو سڀڪجهه پنهنجي مرشد، پنهنجي روحاني
رهبر سچل کان ورثي ۾ مليو هو. مرحوم رشيد احمد
لاشاري لکي ٿو:
”سچل سائين پهرين قادري طريقي جو هو، پر پوءَ چشتي
طريقي جو مٿس اثر ٿيو. چون ٿا ته انهن ڏينهن ۾
محڪم الدين چشتي، جو بهاول پور جو ويٺل هو ۽ هميشه
سير وسياحت ۾ مشغول رهندو هو، سير ڪندي اچي درازن
کان نڪتو. اتفاق سان ڳوٺ جي ٻاهرين رستي تي، هن جي
سچل سان ملاقات ٿي، جنهن کيس هٿ جو هڪ ڌڪ هڻي چيو
ته:
”هن لاءِ عشق جي هڪ ئي ضرب ڪافي آهي.“
ان کان پوءِ فقير رنديءَ جي حالت ۾ اچي ويو،
راڳ سان دل ٿي پيس، سُر تار سان لئون لڳي ويس ۽
رات ڏينهن راڳ ڳائڻ ۽ ڪلام چوڻ ۾ مشغول رهندو هو.
انهي لئون ۽ لغار ۾ سچل هميشه استغراق ۾ رهندو
هو. راڳ جي رهاڻ ۾ وقتي مستي ۾ اچي ۾ اچي نچڻ
لڳندو هو. ساز جي تار چرڻ سان بيخود ٿي ويندو هو،
اکين مان آب وهڻ لڳندو هوس؛ جسم جو وار وار اُڀو
ٿي ويندو هوس، ۽ بي اختياريءَ ۾ لفظ منهن مان نڪري
ويندا هئس، جيڪي فقير لکندا ويندا هئا. عالم
مدهوشيءَ مان سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ کيس سندس شعر پڙهي
ٻڌايو ويندو هو ته چوندو هو ته ابا! چوڻ واري اهو
چيو آهي، اسان کي ان جي ڪابه خبر ڪانهي.
سچل لاءِ راڳ ائين هو جيئن بيمار لاءِ دوا يا قوت
بخش غذا. چون ٿا ته:
”هڪ ڀيري اسهال خونيءَ جي سخت بيماري ٿيس، جنهن ۾
تمام ضعيف ٿي لڙهي ويو. سخي قبول محمد کي سندس حسن
پرستي ۽ راڳ جي شوق جي خبر هئي، تنهن مير رستم خان
ڏي چوائي موڪليو. مير صاحب راڳ جو بندوبست ڪيو،
راڳ سچل جي جسم ۽ راڳن ۾ نئين خون مثل ڪم ڪيو. هو
اهڙو ته خوش ۽ سرهو ٿيو جو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ راڳ تي
مستيءَ اچي نچڻ لڳو ۽ نوبنو ٿي ويو.“
ڪن بزرگن جي راءِ موجب راڳ ۾ جذبات جي اُتار ۽
چڙهاءُ سبب خود سپردگيءَ جو عالم پيدا ٿي ويندو
آهي، ۽ راڳي پاڻ به ملڪ حقيقيءَ جي ذات ۾ گم ٿي
ويندو آهي، ۽ ساڳيون تاثر ٻڌندڙ تي به ٿيندو آهي،
ايتريقدر جو انساني شخصيت جا سڀ پهلو هڪ ئي وقت
جاڳي پوندا آهن.
ماحول جي ترجماني، ماحول مان متاثر ٿي ان ۾ گم ٿي
وڃڻ، ڏيهي راڳ مالا جون خاص خاصيتون آهن. راڳ ۾
راڳڍاريءَ ۾ روحاني قدرن جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
ڊاڪٽر ٽئگور جو خيال هو ته حق تعاليٰ پنهنجي جلال
۽ جمال جي ترجمانيءَ لاءِ عام ماڻهن جي لاءِ
ڳائيندڙن کي منتخب ڪري ٿو. اهي سندس جلال ۽ جمال
سان پنهنجي ماحول ۾ وسڻ وارن جي دل ۽ دماغ کي منور
ڪن ٿا. ٽئگور جو چوڻ آهي ته عوامي گيتن ۾ خود خدا
ڳالهائي ٿو، انهيءَ ڪري انهن گيتن ۾ روحاني قدرن ۽
اسرارن جي جهلڪ نظر ايندي آهي. روحاني اسرار دلين
۾ اهڙيءَ طرح لڪل هوندا آهن، جهڙيءَ طرح باهه،
فولاد ۽ پٿر ۾ سمايل هوندي آهي، يا جيئن ڌٻڻين هيٺ
ٿڌي ۾ مٺي پاڻيءَ جا جهرڻا لڪل هوندا آهن. دلين ۾
لڪل انهيءَ عظيم الشان روحاني دنيا جو مشاهدو ڪرڻ
لاءِ راڳ ئي هڪ ڳڙ کيءَ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو.
موسيقيءَ جي مڌر، رسيلي، دلربا ڌنن ۽ تانن ۾ ئي
اها قوت آهي جيڪا روحاني دنيا جي اسرارن کي ظاهر ۽
پيدا ڪري سگهي ٿي. موسيقي ئي انسان جي دلين کي
حرڪت ۾ آڻي سگهي ٿي.
هڪ سياڻي جو قول آهي ته ”جو شخص غمگين هجي، ان کي
راڳ طرف رجوع ڪرڻ گهرجي، انهيءَ ڪري جو نفس تي
جڏهن به غم طاري ٿئي ٿي تڏهن ان جو نور وساميو
وڃي، پر جڏهن هو خوش هوندو آهي تڏهن ان جو نور
مشتعل ٿي ويندو آهي، موسيقي ان جي نفس جو نور
مشتعل ڪري ڇڏيندي آهي.
سنڌي عوام موسيقي جدائيءَ جي درد جو هڪ ڀرپور آلاپ
آهي، جو پنهنجي پوري ماحول کي درد جي لذت سان
ڀرپور ڪري ڇڏي. سوز ۽ گذار ۽ درد جو اهو سرچشمو هڪ
وڇڙيل روحل جو فرياد آهي.
سچل پاڻ به وڏو راڳي هو. هو هڪ هٿ ۾ تنبورو کڻي
ڳائيندو هو ۽ جيئن جيئن مستيءَ ۾ ايندو ويندو هو
تيئن تيئن بي اختياريءَ ۽ بي خوديءَ وچان ساز جي
ڌن تي رقص ڪرڻ لڳندو هو.
شاهه عنايت صوفي، لطيف ۽ سچل جو راڳ صوفيانو راڳ
آهي، اهو عوامي رنگ آهي، اُن ۾ صوفيانه سپردگي
نمايان نظر اچي ٿي. خدا پرستي، خدا شناسي، بيخودي
۽ مستي انهن جي راڳ جو روح آهي. دنيا کان بيزاري
هنن بزرگن جي راڳ جا موضوع آهن. راڳ جي ٻول جا اهي
موضوع ٻڌندڙن جي قلبي ڪيفيت تي به اهڙائي اثر
ڇڏيندا آهن.
سچل جي راڳ جي لئي ۾ جيڪو سوز سمايل هوندو آهي، ان
جو جواب مشڪل سان ملي سگهندو. هن فقير جي راڳ ٻڌڻ
سان ائين ٿو محسوس ٿئي ته آواز سان گڏ روح به
ٻنڌڻن مان آزاد ٿي، اڏامڻ لڳي ٿو. اڏامڻ جو اهو
جذبو ٻڌندڙن کي جلد سندس اصل منزل تائين پهچائي
ٿو.
سچل جو رسالو سنڌي راڳ جو سونهون آهي. سندس
ڪافيون، راڳ ۽ راڳڌاريءَ جي سررن تي ٻڌل آهي. انهن
۾ سر جوڳ، ڪونسيو، ڪلياڻ، سارنگ، ڪوهياري، ڀيرو،
مومل، پوربي، آسا تلنگ، پهاڙي ۽ سورٺ خاص سُر آهن.
جيئن سچل جي درگاهه تي ٿيندڙ راڳ ۽ سچل جي راڳ جي
مڪتب يعني راڳ جي اداري جو مطالعو به ضروري آهي.
اڃا به وڌيڪ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي
مختلف ماڳن ۽ مڪانن، مندرن، آستانن، درگاهن ۽
ڪافين ۾ مروج راڳ جو تقابلي اڀياس ڪيو وڃي ۽
اهڙيءَ طرح راڳ جي مختلف مڪتبن جي باري ۾ مڪمل ۽
سموري معلومات ملي سگهندي. ساڳئي وقت ماڻهن جي
نفسيات ۽ جبلت تي ان جو جيڪو اثر ٿئي ٿو، ان جو به
مطالعو ڪيو وڃي ۽ ان تي تحقيق ڪئي وڃي.
سچ ته هيئن آهي ته لطيف ۽ سچل جي راڳ مان فيضياب
ٿيڻ کان پوءِ، سنڌي راڳ ۽ راڳڌاري، عوام موسيقيءَ
جي معراج تي پهتل آهن. سنڌي راڳڌاري جو اهو سوز ۽
گداز هڪ متبرڪ نعمت آهي، جا بي انت خوبين ۽
خصوصيتن سان ڀريل آهي، جنهن تي تحقيق ۽ ڳولها جي
ضرورت آهي. انهيءَ تحقيق جو هڪ موضوع هي به هجڻ
گهرجي ته جيئن لطيف لاءِ راڳ نفس جي نجات لاءِ
علاج مثل هو، جيئن بلي شاهه مستيءَ ۾ اچي ناچ ڪندو
هو، جيئن سچل بيماريءَ جي حالت ۾ راڳ ٻڌڻ سان چاق
۽ چوبند ٿي ويندو هو، جيئن امام اعظم جي مشهور
شاگرد امام دائود الضائي لاءِ چون ٿا ته هن جي ڪمر
جهڪي وئي هئي، پر جڏهن هو راڳ جي محفلن ۾ شريڪ
ٿيندو هو ته راڳ ٻڌڻ سان هو جذبي ۾ اچي ويندو هو ۽
جوش ۾ سندس ڪمر سِڌي ٿي ويندي هئي، جيئن ڏياچ راڳ
۽ سُر تي سِر ڏنو، جيئن اڄ به ماتا جي بيماريءَ جو
جوش گهٽائڻ لاءِ عورتون گڏجي خاص آلاپ ۾ ماتا جي
لولي ڳائينديون آهن. جئين اڄ به ماهرن
Music Theraphy
جي مدد سان راڳ کي بيمارين جي علاج طور استعمال
ڪرڻ شروع ڪيو آهي، تيئن انهن موضوعن کي سامهون رکي
سنڌي عوامي راڳ تي تحقيق جي اشد ضرورت آهي. اها
تحقيق جيڪڏهن سائنسي اصولن موجب ڪئي ويئي ته مون
کي يقين آهي ته ان جا سٺا ۽ فائديمند نتيجا
نڪرندا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڏي موسيقيءَ جي
مختصر تاريخ، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، ڀٽ
شاهه، 1978ع، ص 121.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي موسيقيءَ جي
مختصر تاريخ، ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف ثقافتي
مرڪز، 1978ع، ص 173.
گربخشاڻي، ه، م: مقدمه لطيفي، ڪراچي ايجوڪيشنل
پريس، 1936ع، ص ص 56.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي موسيقيءَ جي
مختصر تاريخ، ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف
ثقافتي مرڪز سال 1978، ص 175.
سيد
حسام الدين شاهه راشدي: ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
رشيد
احمد لاشاري مرحوم: سچل جو رسالو (سنڌي ۽
سرائڪي) حيدرآباد، آر، ايڇ احمد ائنڊ برادرس،
1965، ص 7.
رسالو سچل سائين، سکر، ميشرس هريسنگهه سنس،
ص 17.
موسيٰ خان ڪليم: موسيقي، نئين تحريرين،
پشاور، 1965ع.
Tirathdas,
H.T., ’Story of love’, Hyderabad, p. 8.
حجة الاسلام امام ابو حامد الغزالي: ”موسيقي
کي شرعي حيثيت“، مترجم سيد نصير شاهه لاهور،
اداره ثقافت اسلاميه پاڪستان 1963ع، ص 38.
|