سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :14

انسان جي بزرگ ترين قدرت ۽ طاقت، سندس حرڪت و چرپر آهي ۽ انهيءَ ۾ عقل و احساس جي وسيلي توازن قائم رکي سگھجي ٿو. استاد ۽ والدين جو ديني علمي لحاظ کان وڏي ۾ وڏي فرض هي آهي ، ته ٻارن ڏي مڪمل توجه ڏين ۽ انهن ۾، شفقت وخيرخواهي جي احساس جي پرورش ڪن. جڏهن ٻار جي جسماني قُوت ضعيف ۽ ناتوان هوندي آهي، تڏهن هن ۾ شفقت ۽ پيار جو شعور بيدار هوندو آهي ۽ اهو تربيت لاءِ آماده رهندو آهي ۽ انهيءَ وقت ٻار جي تربيت ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي نقصان جو سبب بنجي سگھي ٿي. فطري يا جبلتي طور ڏسبو ته ٻار سٺين ۽ پسنديده شين ڏانهن راغب ٿين ٿا ۽انهن جي سرشت ۾ شفقت ۽ ٻاجهه سمايل هوندي آهي. اهڙي وقت ۾، ٻارن جي پرورش ۽ تربيت آسان آهي ۽ اهي جلدي سهڻين صفتن ۽ عالي وصفن سان آراسته ٿي سگهن ٿا، جيڪو اڳتي هلي، انهن جي سيرت ۽ ڪردار جو جزو بڻجي وڃي ٿو.

انسان دوستي، بشريت جي شريف ترين ۽ دوخشان ترين صفتن مان هڪ صفت آهي. هر فرد، هر قوم ۽ قبيلي کي اها تربيت ڏني وڃي، ته انسان ذات جي خير خواهي ۾ ئي انسانيت جي خوش بختيءَ جو راز سمايل آهي. انسان دوستي، جهان جي صلح و امن جو بنياد آهي ۽ انسان جي سعادت جي نشاني آهي. جيڪو به انسان دوستي ۽ ڀائيچاري کي نٿو سمجهي، سو سراسر گمراهي ۾ آهي ۽ ان جي پرورش ۾ ڪوتاهي ٿيل آهي، ڇو ته سڀيئي انسان، پيدائش جي لحاظ کان برابر آهن، جيئن شيخ سعدي شيرازي فرمائي ٿو؛

بَنِي آدم اعضاي بک پيکرند که در آفرينش زيک گوهوند

چو عضوي بدرد آورد روزگارر دگر عضوهارا نماند قرار

توکز محنت دگران بي غني نشايد که نامت نهند آدمي.

يعني: بني آدم هڪڙي ئي جسم جا عضوا آهن، ڇو ته هڪڙي ئي موتي جي پيدائش آهن. جڏهن قضا سان ڪنهن هڪڙي عضوي ۾ درد يا تڪليف ٿئي ٿي ته ٻين عضون کي به آرام نٿو اچي.

اي انسان! تون ٻين جي محنت ۽ پورهئي کان بي فڪر آهين (انهن جي محنت کان اڻ ڄاڻ آهين)، ته پوءِ اهو مناسب نه آهي ته تون ئي ”آدمي“ سڏيو وڃي.

درحقيقت، آموزش و پرورش، سيرت ۽ ڪردار جو آئينو آهي. موجوده دور ۾ تعليم جي ميدان ۾ وڏي ترقي ۽ پيش رفت ٿي آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي، ليڪن سيرت ۽ ڪردار جي تربيت جي جيڪا هن وقت ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، ان ڏانهن زياده توجه ڏيڻ ۽ ان کي سنڀالڻ لاءِ اهم اپاءَ وٺڻ، لازمي امر شمار ڪري سگهجي ٿو.

معاشري جي آسودگي، خوشحالي ۽ انساني دوستيءَ جو دارومدار تعليم سان گڏ تربيت ۽ پرورش تي زياده آهي. ڪردار ۽ سيرت جي صحيح تربيت سان عدل و انصاف قائم ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن ملڪ ۽ معاشري جي بقا جو ضامن آهي. حضرت امام حسين عليه السلام فرمائين ٿا:

عّن ابي الُحّسن عليہ السلام قال: اِنَّ اّهل الا الاَرضِ لمرَحُومُون مّا تحابُّوا وّ اَدَّوا الاَ مّا نَةَ وَعَمِلُو الحَقَّ.

”زمين تي رهندڙ سڀيئي ماڻهو، رحمت الٰهي ۽ فيض سان سرشار آهن، بشر طيڪ هن ٽن بنيادي اصولن تي ڪم ڪن: انسان دوست ٿين امانتن ۾ خيانت نه ڪن، عملي طور حق جي پيروي ڪن ۽ عدالت ڪندڙ هجن.

ادب ۽ ترجمن جي اهميت

ولي رام ولڀ

هن وقت تائين اها روايت رهي آهي ته ادبي ميڙن ۾ مقالا، شعر ۽ ڪهاڻيون پڙهيون وينديون هيون، پر مترجمن کي ڪڏهن به سندن پڙهندڙ، ٻڌندڙن جي روپ ۾ نه مليا. اڄ اها شڪايت ناهي. اهو ترجمن جي مقبوليت جو دليل آهي يا منتظمين جي ترجمي جي فن سان دلچسپي، بهرحال منتظمين پنهنجي ڀرپور پروگرام ۾ ترجمي لاءِ وقت جي گنجائش ڪڍي آهي، انهيءَ لاءِ واڌاين جا حقدار آهن.

ادب جو ترجمون، ثقافتن جي وچ ۾ Mass Media جي بنيادي فارمس مان هڪ آهي. اهو فارم ايڏو بنيادي ۽ ايترو قديم آهي، جيترو خود ثقافتون، تنهنڪري ثقافت جي شروع ٿيندي ئي ترجمي جي ضرورت آهي. جهڙيءَ طرح ماڻهو اڪيلو جيئرو نٿو رهي سگهي اهڙي طرح ثقافت به اڪيلي سر اسري نٿي سگهي.

Mass Media انسان جي سڀ کان اهم ۽ طاقتور ضرورتن مان هڪ آهي. اها سندس فطرت جو حصو آهي، سماج جي ترقيءَ، ماڻهن ۽ ثقافتن جي وچ ۾ Mass Media جي گهرائيءَ ۾ پنهنجي اظهار جي راهه ڳولي آهي.

مترجم نه فقط مختلف ٻولين جي ادب کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ٿو ۽ هڪ قوم جي ثقافت جي حاصلات کي ٻي ثقافت سان شناسائي پيدا ڪرائي ٿو، پڙهندڙن تائين ادب جي رسائي ڪرائي ٿو، بلڪ انسان جي خاطر جدوجهد ۾ اخلاقيات کي نئون موڙ ڏيڻ ۾ حصو وٺي ٿو.

Kornei Chukovsky لکي ٿو ته ”وار اينڊ پيس جي اڀياس سان اکين جو رنگ نٿو بدلجي ۽ نه ئي چپن جي بناوت ۾ فرق ٿو اچي، بلڪ ڪتابن جي اڀياس مان انساني بناوت نئين سر ٿئي ٿي ۽ انساني رت ۽ مهانڊا به مٽجي ويندا آهن.“

اهي عنايتون مترجمن جي وسيلي سان حاصل ٿينديون آهن، جن جي ڪاوشن سان ”وار اينڊ پيس“ جهڙا ڪتاب نه رڳو هڪ ٻوليءَ ۾ هڪ قوم لاءِ آهن، بلڪ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ آهن- ۽ اهو ٻڌائڻ ۾ ڪا شرم جي ڳالهه ناهي ته دنيا جي هر ادب ۾ هومر، دانتي، شيڪسپيئر، گوئٽي، دوستون وسڪي، لوشون، نظامي، خيام، ڪاليداس ۽ ٽيگور لاءِ جڳهه آهي ۽ دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ الف ليليٰ دلچسپيءَ سان پڙهيو ويندو آهي. نه رڳو اهڙن عالمي شاهڪارن لاءِ بلڪ انهن سڀني تخليقي شاهڪارن لاءِ جڳهه آهي، جيڪي ادب ۽ دانش جا مثال آهن. اهي سولائيءَ سان ٻين ٻولين جي ادب ۾ جڳهه پيدا ڪري وٺندا آهن ۽ اتي جو اصلوڪو حصو بنجي ويندا آهن. عمر خيام جون رباعيون انگريزي ۾ فٽز جيرالڊ جي ترجمي سان ڄاتيون وينديون آهن. الف ليليٰ جو انگريزي ترجمو رچرڊ برٽن A thousand and Night جي عنوان سان ڪيو آهي—ڪنهن کي انڪار ٿي سگھي ٿو ته انگريزيءَ جو اصلي شاهڪار ناهي؟!. ڊاڪٽر زواگو جو ناول نگار نوبل انعام يافته پورس پيسترنڪ جڏهن حڪومت جي پابندين جي ڪري تخليقي ڪم نه ڪري سگھيو ته هن شيڪيسپيئر جو روسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو پڙهي اصلوڪي هئڻ جو گمان ٿئي ٿو.

”شاعري تاريخ کان وڌيڪ فلسفيانه ۽ اهميت جوڳي آهي، ڇو ته اها ڪائنات بلڪ ڪيترن ئي آسمانن تان پردوپري ڪري ٿي، جڏهن ته تاريخ ماڻهن جي احوالن سان ڀري پئي آهي.“

ارسطوءَ جا اهي لفظ شاعريءَ جي باري ۾ آهن ، پر اهي لفظ عام ادب تي پڻ پورو لهن ٿا. ادبي تخليق—شاعري، ناٽڪ ۽ ڪلا- تاريخ کان انهيءَ ڪري وڏي حيثيت ٿا رکن جو اهي تاريخ جا عڪس آهن ۽ مخصوص لفظن جي پيرائن ۾ هڪ اهڙيءَ اُپٽار آهن جا انهن کي آفاقي بنائي ٿي.

شيڪسپيئر جو Richard II نه رڳو انگلنڊ جي پنڌرهين صديءَ جي زندگيءَ جو هڪ ٽڪرو آهي، جنهن ۾ انگلنڊ جي رسم و رواج جو اولڙو آهي ۽ انهيءَ زماني جي حاضرين لاءِ لکيو ويو هو، بلڪ انهيءَ کان قطع نظر اهو ناٽڪ، دٻاءُ ۾ آيل ڪردار ۽ ڪردارن جي خواهشن جو اڀياس آهي، جيڪي انسان جون بنياد آهن، پوءِ ڀل کڻي اهو ڪهڙي به دور يا ڪلچر سان واسطو ڇو نه رکندو هجي. شاهنامو به اهڙيءَ طرح هڪ جيئرو جا ڳندو شاهڪار آهي، جو اڄ به اوڀر توڙي اولهه جي پڙهندڙن جي لاءِ دلچسپيءَ جو سبب آهي. انهيءَ جو ڪارڻ نه ان جي تاريخي واقعن جون پيچيدگيون ۽ نه ئي ايراني ڪلچر جي تفصيلي ۽ وسيع بياني آهي.بلڪ فردوسيءَ جو شاعراڻو ڪمال آهي ، جنهن رستم سهراب ۽ ٻين سورمن کي اسان لاءِ اڄ به زندگي ۽ معنيٰ بخشي آهي.

ادب ِ انهيءَ صلاحيت کي آفاقيت (Universality) چئجي ٿو. آفاقي هئڻ جي ڪارڻ ساوترءَ جي پاڻ ارپڻ واري جذبي ۽ همٿ مان هندستان جي عورت کي سمجهي سگهجي ٿو. شيڪسپيئر جون آفاقي انساني صلاحيتون جڏهن فرانس جي اسٽيج تي فرينچ گفتگو ۾ پيش ٿينديون آهن ته کين سهيوڳي انگلنڊ کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.

مغربي ڪلچر يوناني ڪلچر تي بيٺل آهي، جو يورپ ۾ عربي آفريقا جي رستي يوناني ٻوليءَ جي ذريعي نه بلڪ لاطينيءَ ذريعي آيو.

اڄ اسان ائسشيلس، پلاٽون ۽ سيفوءَ جا ادبي ڪارناما ائين مڃيو ويٺا آهيون ڄڻ اسان جي پنهنجي زبان ۾ هجن، جنهن کان چڱي طرح واقف هجون. انهيءَ لحاظ سان ڪنهن ٻوليءَ جو ادبي سرمايو نه رڳو ان جي اصلوڪي تخليقي تحريرن تي بيٺل آهي، بلڪ غير ملڪي ۽ ٻين ٻولين جي ترجمي تي آهي. دنيا جون زرخيز ۽ ترقي يافته ٻوليون- انگريزي، فرانسيسي، اسپيني، جرمن، روسي يا اٽالين وغيره رڳو پنهنجي تخليقي ادب ۽ مقامي تحريرن جي ڪري اڳڀريون ناهن، بلڪ دنيا جي ادب کي پنهنجي پاڻ ۾ سموئڻ جي ڪري اتم آهن. رومن لٽيچر کي اينگلوسئيڪس ۾ ترجمون ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جديد انگريزي ۾ نه ته روم جي زوال کان پوءِ انهن جي تهذيب جو خاتمو ٿي وڃي ها. انگريزي نثر جي زبان، جا تمدن جي زبان آهي ايليزبيٿ اول ۽ جيمس جي دورن ۾ مترجمن سنواري، فيلسوفن جي فڪر و نظر جو ترجمو ڪري لبرل سوچ کي اڳتي وڌايو. ترجمن جي وسيلي بحر روم جي رهاڪن جا خيال يورپ تائين پهتا ۽ پوءِ ارڙهين صديءَ ۾ انگلنڊ ۾ هالينڊ جي نون بورجوائي Dialects فيلسوفاڻن نظرين ۽ ترقي پسند تحريڪن ڏکڻ جو رخ ڪيو، اهو ڪم گهڻو ڪري فرانسيسي مترجمن ڪيو، جنهن ڪري فرانس ۾ انقلاب آيو، جيڪو آمريڪي انقلاب جو پيش خيمو بنيو.

ڪوبه ترجمو، تخليفي تحرير وانگي وفادار ۽ سچو تڏهن آهي، جڏهن اهو Rational هجي. هيگل مطابق:Waat is real is rational, What is rational is real ۽ فن ان مهل مريو وڃي، جڏهن منجهس اثر ڪرڻ جي قوت ختم ٿي ويندي آهي.

ائين به ٿيندو آهي ته اهڙن ڪتابن جا ترجمان ڪيا ويندا آهن، جيڪي خود سٺا نه هوندا آهن ۽ پڙهندڙن جي اخلاقي صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن. اهڙا ترجمان پنهنجي جاءِ پيدا نه ڪندا آهن. زبان خود ڪڏهن به زهريلي نٿي ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن خراب ۽ زهريلو ڪتاب لکيو آهي ته اهو پاڻ مرادو زبان، ادب ۽ فن جي حدن کان ٻاهر رهندو اهڙن ترجمن لاءِ ڪنهن خاص طرح ٺيڪ چيو آهي:

”ڪري ترجمان مختصر طور تي لاطيني لفظ Translation جي ذريعي سمجهايا ويندا آهن، جنهن جي اصل معنيٰ آهي: ’لاش کي هڪ قبر مان ڪڍي ٻي قبر ۾ منتقل ڪرڻ.‘“

ترجمون ڪندڙ ماهرن لاءِ ترجمون ڪرڻ تخليقي عمل مان گذرڻ آهي. ڪن مترجمن جي اها بدنصيبي آهي ته اهي Copyiest آهن ۽ جيتوڻيڪ ترجمون ڪرڻ هميشه تخيلقي علم رهيو آهي، جنهن جو دليل اهو آهي ته ترجمي جو فن تخليقي علم جو هڪ مٿانهون فارم آهي.

ادبي ترجمي جو ڪم ڪيترين ئي ڳالهين جي اعتبار کان اهم آهي. انساني زندگيءَ جي رنگ برنگي تجربن کي اخذ ڪرڻ، مختلف علائقن جي ثقافتي ماحول کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ماحول ۾ انهن جي پسنديده ثقافتي اقدار کي جذب ڪرڻ، ٻين زبانن جي اعليٰ ادبي صلاحيتن ۽ ساهتڪارن جي نقط نظر کي پنهنجي زبان جي مزاج جي مطابقت سان قبول ڪرڻ، ادبي فڪر و نظر ۽ تخليقي لڳڻ ۾ وڌيڪ گهرائي ۽ ڳوراڻ پيدا ڪرڻ، ادب سان دلچسپي رکندڙن کي مختلف زبانن ۽ مختلف ملڪن جي ادبي روايتن کان با خبر رکڻ ۽ زبان کي طرح طرح جي ادبي تجربن جي قابل بنائڻ ۽ ادبي تجربن جي افاديت کان انڪار ممڪن ناهي ۽ انهيءَ لحاظ کان اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته ادب ۾ بي شمار ادبي ترجمن سان جيڪي واڌارا ٿين ٿا، اهي ڪافي حد تائين تخليقي ادب لاءِ ساز گار ثابت ٿين ٿا.

ادبي ترجمي جو ڪم جيڏو اهم آهي، ان کان گهڻو وڌيڪ ڏکيو به آهي ٻولي ڳالهائيندڙن جا فڪر رجحان، ٻي ٻولي ڳالهائيندڙن جي انداز فڪر کان ڪافي حد تائين مختلف ٿيندا آهن ۽ نه رڳو فڪر رجحان مختلف ٿيندا آهن، بلڪ انداز بيان به مختلف هوندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ مترجم کي ڪيترن ئي قسمن جي آزمائشن مان گذرڻو پوندو آهي.

Powel Toper جي هڪ مضمون ۽ تازه ترين لٽرري انسائيڪلوپيڊيا جلد 5 جي حوالي سان ترجمي جي جا وصف بيان ڪئي ويئي آهي، اها هيئن آهي ته:

“A form of Creative literary work in the process of which work existing in one language is another.”

جھڙيءَ طرح ترجمو هڪ تخليقي ڪم آهي ۽ مترجم هڪ تخليق ڪار آهي، اهڙيءَ طرح هو پنهنجي قومي ثقافت ۾ هڪ سرگرم، علمي ڪارڪن جي حيثيت رکي ٿو. مترجم پنهنجي قوم جي ثقافت کي نئون موڙ ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيتوڻيڪ سندس ڪردار تخليق ڪار کان گهٽ محسوس ڪيو ويندو آهي. هڪ ڪتاب جيڪو شاهڪار ثابت ٿئي ٿو، ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪيو وڃي ٿو ته تخليق ڪار جي نالي کي شهرت ملي ٿي، جڏهن ته مترجم هميشه پنهنجي ادب جي دائري جي پس منظر ۾ رهي ٿو. سندس ڪردار ساڳيءَ طرح هڪ ئي ادب تائين محدود رهي ٿو. پر انهيءَ ڳالهه کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي ته مترجم جي مهرباني سان دنيا جي ادب جي ترقي جاري آهي.

ڪن جو خيال آهي ته مترجم تخليق ڪارن جي ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ ۾ پنهنجي ذهانت جو سُود وڃائين ٿا. مان ائين چوندس ته مترجم هڪ Blood Donner وانگي هوندو آهي، جو اصلي تخليق ڪار کي خون donate ڪندو آهي، جنهن جو هو ترجمو نه ڪندو آهي ۽ انهيءَ لحاظ کان کيس اهو حق حاصل آهي ته هو اصلوڪي لکڻي کان متاثر هجي ۽ اثر رڳو تڏهن ئي نتيجه خيز ثابت ٿيندا آهن ۽ ادبي حقيقت جي صورت ۾ سامهون ايندا آهن، تڏهن اهي شڪل اختيار ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به سڃاڻي نٿا سگهجن يا ڏاڍي ڏکيائي سان سڃاتا وڃن ٿا.

اصلوڪو فارم ڪيئن Recreate ڪيو وڃي انهيءَ باري ۾ به مختلف نظريا آهن. ڪن جو خيال آهي ته اصلي فارم کي اُن جي پنهنجي ادب جي خاص فارمس ۾ منتقل ڪجي جڏهن ته ٻيا اصل فارم کي پنهنجي ادب جي فارمس ۾ منتقل ڪرڻ جا حامي آهن، پوءِ ڀل اهو (اصل فارم) منتقل ڪرڻ جوڳو نه هجي ۽ ترجمي جي زبان اٽڪي پوي.

ظاهر آهي ته ٻنهي نظرين کي آخري ته نٿو مڃي سگهجي. اها سڀني کي خبر آهي ته فارم، ڪنٽينٽ کان جدا نٿو ٿي سگهي. اهو ته صحيح ناهي ته مترجم کي ٺهيل ٺڪيل فارم ڏنو وڃي ۽ هو فقط ڪنٽينٽ ترجمو ڪري. اهو مترجم تي منحصر آهي ته هو ڪيئن ابتدا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو. اهو مترجم، جنهن پنهنجي زبان کي نئين فارم سان روشناس ڪرايو آهي، اهو گهڻو ڪري سڀ کان بولڊ آهي. ٽالسٽاءِ جي راءِ مطابق ترجما نئون اسٽائيل عطا ڪن ٿا. هن پنهنجي 1851ع جي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي:

I must translate something into Russian from a foreign language to develop my memory and style.

تخليقي يا ترجمو ڪيل شاهڪار انسان جي روحاني نظر جي گهرائي جي لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، سندن عام خيال آهي ته روحاني عمل ۾ سيڪنڊ ريٽ يا سيڪنڊ گريڊ جهڙي ڪا شيءَ نه ٿيندي آهي. تخليقي ۽ ترجمو ڪيل ادب، روحاني علم جا ٻه دائرا آهن جي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ هڪٻئي ۾ جذب آهن.

ڪٿي هيءُ پڙهيو ته موجوده وقت ۾ شيڪسپيئر اٺ لک ماڻهن جي گذر سفر جو وسيلو آهي، جن ۾ تنقيد نگار، محقق ۽ مترجم شامل آهن. پر مون کي پڪ آهي ته انهيءَ کان به وڌيڪ هوندا. روس ۾ مترجمن کي خاص ترجمي جي فن جي تعليم ڏني ويندي آهي ۽ اُتان جي سماجي زندگي ۾ مترجم معاشي لحاظ کان خوشحال ترين طبقي سان تعلق رکي ٿو. جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته مترجم ادب کي مالامال ڪري ٿو، تڏهن اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو ته سڀ کان پهرين مترجم کي ماني ڳڀي جي ڳڻتي کان آجو ڪريون.

ڪنهن ملڪ جي عام ماڻهو جي اخلاقي ۽ روحاني سطح جيتري مٿانهين هوندي، سندس زندگيءَ ۾ ڪتابن جو دخل اوتروئي وڌيڪ هوندو. انهيءَ لحاظ کان هر زبان ۾ ادبي ترجمن کي خاص اهميت حاصل رهي آهي. ايذرا پائونڊ مطابق، ”جيڪو دور تخليقي ادب جي لحاظ کان عظيم هوندو آهي، اهو ترجمن جي لحاظ کان به عظيم ٿئي ٿو.“ اها عظمت، سنڌي ادب جي موجوده تخليقي دور ۽ ادبي ترجمن جي دور تي لاڳو ٿئي ٿي يا نه، انهيءَ تي بحث ناهي، پر جيتري قدر سنڌي ادب ۾ ترجمو ڪيل ادب جي واڌاري جو سوال آهي، آءٌ بنا هٻڪ جي چئي سگهان ٿو ته سنڌي ادب جي تخليقي دور کي وڌ کان وڌ ادبي صلاحيتون عطا ڪرڻ ۾ ادبي ترجمن جو وڏو هٿ آهي.

اسان جي سنڌي زبان جن فڪري، ٽيڪنيڪي، فارمس ۽ ڪنٽينٽس جي مرحلن مان گذري جنهن منزل تي پهتي آهي، بيشڪ پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي، معاشي، مذهبي ۽ سماجي حالتن جو Raw material استعمال ڪيو اٿس ۽ ساڳئي وقت غير ملڪي ادب جي مختلف مذهبي ۽ فڪري رجحانن ۽ نظرين کي قبول ڪري فارم ۽ ڪنٽينٽ جا تجربا ڪندي نظر اچي ٿي. انهيءَ قسم جا تجربا اسان کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين ٿا ۽ مضبوط رشتن ڳنڍڻ ۾ مدد ڪندا.

مون کي اميد آهي ته اسان هن ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جدا نه ٿينداسي، ڇو ته گوئٽي چيوهو:

“The translator brings the whole universe together.”

(سنڌي ساهت سال ڪانفرنس، 1982ع، ڪراچي ۾ پڙهيل)

سنڌي ۽ براهوئي زبانن جو

تقابلي جائزو

 

عزيزالله ”عزيز“ بروهي

برصغير جي مختلف زبانن جي مقابلي ۾ براهوئي زبان جو دامن بلڪل محدود سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته براهوئي لٽريچر جو دائرو ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ گهڻو تنگ رهيو آهي. پنجابي، سنڌي ۽ لهندا زبانون، جيڪي سنسڪرت سان گهڻو ملندڙ آهن، تن لاءِ سن 1910ع جي معلومات مطابق ست ملين ماڻهو اهي زبانون ڳالهائين ٿا. پنجابي، بهاري، بنگالي، هندي، اڙيسا ۽ آسامي زبانون توڙي رسم الخط سنسڪرت کي گهڻو ويجهيون آهن، انهن مان هندي 135 ملين جي زبان ۽ 44 ملين بنگالي ڳالهائين ٿا. مرهٽي زبان جيڪا سنسڪرت سان لاڳاپو رکندڙ آهي، سا 18 ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا. گجراتي ۽ راجپوتي زبانون به سنسڪرت مان نڪتل آهن، اٽڪل 20 ملين ماڻهو اهي ٻوليون ڳالهائين ٿا. تامل، تيليگو، ڪانيري ۽ ملايم، چئني زبانن جو خط سنسڪرت کان ڌار آهي. انهن چئني دراوڙي زبانن جو دائرو بلڪل وسيع آهي. اتر مدراس ۾ تيليگو زبان21 ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا ۽ ڏکڻ مدراس ۾ 16 ملين ماڻهو اها زبان ڳالهائين ٿا.(1)

سن 1911ع ۾ ڪيل آدشماريءَ جي انگن اکرن مطابق بلوچستان ۾ جملي ست زبانون رائج آهن. اتي 145299 ماڻهو براهوئي ڳالهائين ٿا ۽ سڄي ايشيا ۾ براهوئي جو تعداد ئي لک آهي. ٻي زبان بلوچي آهي جنهن ۾ 232987 ماڻهو ڳالهائين ٿا. ماهرين جو خيال آهي ته بروهي، پسماندگيءَ سبب جابلو يا ڏوراهين صحرائي بياباني علائقن ۾ رهڻ ۽ وري خصوصي طور خانه بدوشيءَ سبب قريب قريب سندن اڌ حصو مردم شماريءَ کان رهجي ويو ۽ هن وقت ايشيا ۾ مشرق وسطيٰ کي ڇڏي، رڳو سنڌ بلوچستان ۾ ئي بروهين جو تعداد اٽڪل پنجاهه لک آهي. پشتو يا افغاني، بلوچستان جي 227553 رهاڪن جي ۽ سنڌي 518757 ماڻهن جي زبان آهي. هن وقت به اتي آدمشماري توڙي پکيڙ جي حساب سان سنڌي زبان سڀ کان اڪثريتي ۽ پهريون نمبر زبان آهي. ضلعي نصيرآباد، ڪڇي، سبي ويندي ڪوئٽا مستونگ ۾ هيءَ زبان ڳالهائي وڃي ٿي. لس ٻيلو مڪمل سنڌي علائقو آهي. جهلاوان جا ماڻهو اڌ تي سنڌي ڳالهائيندا آهن. قلات، خضدار، سوراب ۽ پندراڻ وغيره جا براهوئي ته سنڌيءَ مائل سرائڪي ڳالهائيندڙ آهن. سبي ۽ ڪڇيءَ جي سنڌيءَ کان جهلاوني سنڌيءَ جو لهجو گهڻو مختلف ۽ عجيب و غريب ۽ نهايت پيارو لڳي ٿو. سن 1911ع جي رپورٽ موجب سنڌيءَ مائل سرائڪي ڳالهائيندڙن جو تعداد بلوچستان ۾ 55545 آهي، تنهنڪري ٿيڻ ائين گھرجي ته بلوچستان ۾ ٽن صوبائي زبانن براهوئي، بلوچي ۽ پشتو سان گڏوگڏ سنڌيءَ کي به اُتي صوبائي حيثيت ڏئي ابلاغ عامه جي ادارن ۽ ريڊيو ۽ ٽي. وي توڙي ادبي ۽ تعليمي ادارن ويندي بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ تائين تسليم ڪيو وڃي. انهيءَ موٽ ۾ سنڌ اندر ڪم از ڪم براهوئي ۽ بلوچي زبانن کي ساڳين ادارن ۾ نمائندگي ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ لکين بروهي ۽ بلوچ آباد آهن ۽ احسن طريقي سان خدمتون سرانجام ڏين پيا. هن کان سواءِ لهنڊا ۽ موڪاڪي يا لوازي چيني(جيڪا بلوچستان جي لورن لنگهن جي ٻولي آهي) به بلوچستان جون مقامي ٻوليون آهن.(2)

براهوئي زبان سڄي بلوچستان يعني سراوان، جهلاوان ۽ اتر- الهندي بلوچستان توڙي سڄي سنڌ ۾ رائج آهي، مگر مختلف علائقن ۾ سندس لهجو ٿورو مختلف ضرور آهي. اهڙو فرق سنجراڻي علائقي وارن بلوچن ۽ ڪڇيءَ جي بلوچن، توڙي سنڌ يا مڪران جي بلوچيءَ ۾ پڻ موجود آهي. ائين ئي لس ٻيله، جهلاوان، سراوان ۽ ڪڇي توڙي خود سنڌ ۾ وچولي، لاڙ ۽ سّري جي سنڌي پڻ مختلف لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. مورخ لکن ٿا ته سنڌ اندرسومرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌي زبان رائج ٿي. شريف ادريسي ۽ مارڪو پولو جي بيانن مان پتو پوي ٿو ته مڪران ۾ ان وقت براهوئي زبان رائج هئي. مسعودي جيڪو سن 303 هه ۾ بر صغير ۾ آيو هو، تنهن جي بيان موجب، مڪران ۾ براهوئي، سنڌ ۾ سنڌي ۽ گجرات ۾ لاڙي زبانون چالو هيون. خبر نه ٿي پوي ته انهن مختلف زبانن جي ڪيفيت ڪهڙي هئي ۽ هاڻوڪي ٻولي يا آڳاٽي ۾ ڪيترو فرق هو، پر ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته اهي هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف هيون.(3) اڪثر محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته قديم بروهي ۽ سنڌي زبانن جي نحوي ۽ لغوي بناوت هڪ جهڙي آهي. بزرگ بن شهريار جي بيان موجب سن 270 هه ۾ منصوره جي هڪڙي عراقي مسلمان عالم، جيڪو برصغير جي مختلف زبانن مان واقف هو، تنهن الور جي راجا جي فرمائش تي قرآن پاڪ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. گهڻا ائين به چون ٿا ته ان وقت جي سنڌي گهڻي ڀاڱي هندي ۽ سنسڪرت سان ملندڙ هئي.(4) ابن نديم بغدادي جنهن 377 هه ۾ پنهنجو ڪتاب الفهرست تصنيف ڪيو هو، سو بلوچستان، سنڌ ۾ هنڌ متعلق لکي ٿو ته هن علائقي ۾ مختلف مذهبن وارن جون مختلف زبانون رائج هيون، مگر انهن ملڪن ۾ ٻن قسمن جا خط رائج هئا.(5)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com