سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :11

نظامي مرحوم سنڌي جي شاعرن ۽ اديبن جي جماعت ”جميعت الشعراء سنڌ“ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سيپٽمبر 9 1945ع کان ڊسمبر 1949ع تائين ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جيڪو ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ جي سهاري هيٺ لاڙڪاڻي مان نڪرندو هو. سندس شعر جا مجموعا ”بياض نظامي“ ۽ ”رياض نظامي“ جي نالي سان شايع ٿيل آهن. انهن کان سواءِ نثر ۾ به ڪجهه ڪتاب لکيائين، جهڙوڪ: گلزار پنجتن، خدائي انتقام، شريف ماسترياڻي ۽ گلشن سنڌ.

سنڌي ”رسالي“ جي ترتيب

۽ ان جو پس منظر

الياس عشقي

ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن جي ڪلام جي هڪ خاص ترتيب هوندي آهي، جنهن هيٺ گڏ ڪيل ڪلام کي ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. سوال هيءُ آهي ته رسالو آهي ڇا؟ ڪيترن صاحبن انهيءَ سوال تي ويچار ڪيو آهي، پر اسان جي خيال ۾ رسالي جو نالو ڪو نئون نه آهي. ان جو تعلق مسلمان مصنفن جي روايت سان وابسته آهي. اڳوڻا مصنف پنهنجين ياداشتن کي جدا جدا صورتن ۾ ۽ جدا جدا نالن هيٺ مرتب ڪندا هئا، جنهن جو بيان هن ريت آهي:

1- جُنگ: وڏي دفتر يا ڪتاب کي چوندا هئا، جنهن ۾ گهڻو ڪري شعر يا ڪي ٻيا دلچسپ ۽ ضروري مواد جمع ڪري رکندا هئا. ان جو مثال مشهور فارسي شاعر صائب جو انتخاب آهي، جو هُن ٻين شاعرن جي ڪلام مان چونڊي پيش ڪيو. ان جو نالو فارسي شاعرن جي تذڪرن ۾ آيل آهي.

2- بياض: بياضن ۾ عام طور شعرن جو انتخاب هوندو هو، پر ان سان گڏ ذاتي 7 خنداني حال، خاص خاص سن ۽ ڄمڻ مرڻ جون تاريخون، ڪن اهم حادثن ۽ واقعن بابت يادگيريون هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن اهم مختصر تاريخي واقعا ۽ معلومات ۽ مجرب نسخا به بياضن ۾ لکي محفوظ ڪرڻ جو رواج هو. سنڌ ۾ اهڙا بياض تمام گهڻا آهن.

3- ڪشڪول: هيءَ به بياض جوئي هڪ قسم آهي، فرق رڳو ايترو آهي ته ان ۾ ڪا خاص ترتيب رکيل نه هوندي آهي.

4- گنج: بياض جڏهن حد کان وڏو ٿي ويندو آهي. گنج کي ”گنجينه“ به چون ٿا شاهه جي رسالي کي ”گنج“ به چيو ويو آهي.

5- تذڪرا: تذڪري جو هڪ قسم اهڙو به هوندو آهي، جنهن ۾ ذاتي ۽ خانداني حالات يا آتم ڪهاڻي لکندا آهن، جيئن ته علامه عنايت الله خان مشرقي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جون آتم ڪهاڻيون آهن، ٻنهي کي تذڪري جون نالو ڏنو ويو آهي. تذڪري جو ٻيو قسم هڪ اهڙو بياض آهي؛ جنهن ۾ شاعرن جي ڪلام کان سواءِ انهن جي حياتيءَ جو مختصر احوال به لکيو ويندو آهي. اهڙن تذڪرن جو تعداد فارسي ۽ اردوءَ ۾ تمام وڏو آهي. اهڙن تذڪرن ۾ سنڌ جا مشهور فارسي تذڪرا : مقالات الشعرا، تڪلمهء مقالات الشعرا يا تذڪره شعراءِ ٽکڙ ۽ تذڪره شعراءِ سکر آهن.

6- رسالا: ڪن اهم مفيد موضوعن تي مختصر ڪتاب هوندا آهن، جن ۾ ڪنهن علم يا فن بابت مختلف، ڪارائتا ۽ دلچسپ مضمون لکي محفوظ رکندا آهن.جيئن ته مشهور فارسي لغت ”غياث اللغات“ ۾ موسيقي، منطق ۽ عروض وغيره جي موضوعن تي رسالا شامل آهن. اهڙا رسالا فارسي ۾ جام لکيا ويا آهن. فارسي ۾ ننڍي کنڊ ۾ نظم جي ڪتابن کي به رسالو چيو ويو آهي. حضرت ميان مير سنڌي لاهوريءَ جي مريد خاص ۽ شاهجهان، ان جي ڌيءَ جهان آرا ۽ پياري ،پٽ دارا شڪوه جي مرشد ملا شاهه بدخشي جي مثنوين کي ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيئن ته ”رساله حمد و نعت“ ، ”رساله ولوله“ ۽ ”رساله نسبت“ . ڪن رسالن ۾ هڪ کان وڌيڪ موضوعن تي ننڍا ننڍا مقالا گڏ ڪري ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويندو آهي. سنڌي ۽ اردو ۾ ماهوار ميگزين کي رسالو انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو ته ان ۾ جدا جدا موضوعن تي مضمونن کان سواءِ شاعرن جو ڪلام به هوندو آهي. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙي محقق ۽ عالم به شاهه عبداللطيف ۽ لطف الله قادريءَ جي رسالن جي سلسلي ۾ اهڙن رسالن جو ذڪر ڪيو آهي، پر خبر نه ٿي پوي ته سنڌي شاعرن جي ڪلام کي رسالي جو نالو ڪڏهن کان وٺي ڏنو ويو آهي ۽ پهريون رسالو ڪنهن ۽ ڪڏهن گڏ ڪيو هو.

سنڌي شاعرن جي ڪلام کي ”رسالي“ جو نالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي ته ان جي هر سُر (فصل) ۾ جدا جدا راڳن، لوڪ داستانن ۽ موضوعن بابت ڪلام گڏ ڪيو ويندو آهي. اهڙا رسالا رڳو سنڌي شاعرن ئي مرتب ڪيا آهن. ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ شاعرن جي ڪلام کي رسالو نه چيو ويو آهي. سنڌي رسالي جي ترتيب نهايت سهڻي ۽ مڪمل آهي. رسالي جي انهيءَ ترتيب جي جاچ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته اهڙو سهڻو انداز ۽ نئين ترتيب اک ڇنب ۾ پيدا نه ٿي هوندي، ان جو ضرور ڪو پس منظر هوندو، ڪا تاريخ هوندي. هن مختصر مضمون جو مقصد انهيءَ پس منظر جي ڳولا آهي.

سنڌي رسالي جي معياري ترتيب اسان کي حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. دراصل رسالي جي ترتيب جا تجربا انهيءَ رسالي جي سلسلي ۾ ئي ٿيا آهن ۽ رسالي جي ترتيب ۾ شاهه جي رسالي کي ئي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي.

شاهه جي رسالي کان اڳ ڪو رسالو اهڙي ترتيب هيٺ مرتب ٿيو هو يا نه ؟ ٿيو هو ته ان جي ترتيب ڪهڙي هئي ؟ ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا سر هئا ، ان بابت ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي ، ڇو جو ان کان اڳ جو ڪو رسالو اڃا تائين ملي نه سگھيو آهي. شاهه جي بزرگ همعصر شاعر ميين شاهه عنات رضوي به رسالو مرتب ڪيو يا ان جو ڪلام بياض جي صورت ۾ هو؟ ٻنهي صورتن ۾ ان جي ترتيب ڪهڙي هئي؟ ميين شاهه عنات رضوي جي ڇپيل رسالي جي ترتيب تي ته شاهه جي رسالي جو ا ثر نمايان آهي. ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ انهيءَ خاندان جي ٻين شاعرن جو ڪلام به شامل هو، پر ڇپيل رسالي ۾ موجوده ترتيب ۾ گڏ ڪيل آهي. جيڪڏهن اصل خطي نسخي ۾ ائين آهي ته شاهه عنات جو ڪلام به بياض جي صورت ۾ هوندو. شاهه عنات رسالي يا بياض جو انداز ڪهڙو آهي، اسان کي پڪ نه آهي، پر ڇپيل رسالو شاهه جي رسالي جي انداز ۽ ساڳي ترتيب ۾ مختصر ڪيل آهي.

شاهه جي رسالي کان اڳ سنڌي شاعرن جو ڪلام مجموعن جي صورت ۾ نٿو ملي ۽ گھڻو ڪري بياضن، ملفوضات يا تصوف جي ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. پر شاهه جي رسالي جي ترتيب (توڻي بياض جي صورت ۾ ڇو نه هجي) خاص آهي. انهيءَ ترتيب جا ٻه نمونا آهن. پهريون نمونو سُر سهڻي سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي سلسلي جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي. پر ٻي ترتيب وڌيڪ رائج ۽ مقبول آهي. اڄ بازار ۾ عام طور جيڪي رسالا ملن ٿا، انهن جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي ۽ محققن انهيءَ ترتيب کي معياري قرار ڏنو آهي، ڇو جو انهيءَ جو سلسلو شاهه ڪريم جي درگاهه واري گم ٿيل رسالي سان ملي ٿو. البت شاهه جي درگاهه تي رکيل سڀ کان جھوني رسالي ”گنج“ جي شروعات سُر سهڻي سان ٿئي ٿي.

رسالي جي ترتيب موسيقي تي ٻڌل آهي. ان جي هر هڪ باب يا فصل کي سرود يا سُر چون ٿا ۽ وڌيڪ تعداد ۾ سُر ڪنهن نه ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب آهن هر سُر ۾ جيترو ڪلام آهي، سو انهيءَ سُر سان منسوب راڳ ۾ ڳايو ويندو آهي. اهڙي ريت سُر يا سرود رسالي جو هڪ باب يا فصل به آهي ۽ راڳ به.اهو لفظ ٻنهي معنائن ۾ ڪتب آندو ٿو وڃي.

شاهه جي رسالي ۾ ٽيهه سُر آهن. رڳو علامه آءِ - آءِ- قاضي مرحوم جو مرتب ڪيل رسالو اُڻٽيهن (29) سُرن تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري ڪن صاحبن وٽ اختلافي ٿي پيو آهي. جھُونن رسالن جي جدا جدا نسخن ۾ ٻٽيهه (32) کان (36) تائين سُرن جا نالا ملن ٿا ، پر ٽيهن کان مٿي وارا سُر الحاقي آهن. اهي سُر شاهه سائين جا چيل ڪونهن. انهن ۾ ٻين شاعرن جو اهڙو ڪلام آهي، جو شاهه جي محفلن ۾ ڳايو ويندو هو. البت ٻين شاعرن جي رسالن ۾ سُرن جو تعداد شاهه سائين جي رسالي جي مقابلي ۾ تمام گھٽ آهي.

ظاهر آهي ته سنڌي شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جو هي نمونو، موجوده معيار تائين هڪدم ته نه پهتو هوندو. اهڙي سهڻي ترتيب جي اوسر ۾ ڪو وقت ته ضرور لڳو هوندو. جيتوڻيڪ شاهه جي رسالي ۾ هڪ سهڻي ترتيب موجود هئي، تڏهن به ڪن شاعرن جي رسالن ۾ سُرن جو ٿورو گھڻو هير ڦير ٿيو، تنهن ڪري انومان آهي ته رسالن جي ترتيب ۾ اڳي به اهڙيون تبديليون ضرور ٿيون هونديون. مطلب ته سنڌي رسالي جي ترتيب جي ضرور ڪا تاريخ آهي، ۽ موجوده ترتيب ارتقائي منزلون طئي ڪري، اڄوڪي معياري ترتيب تائين پهتي آهي. ”سنڌي بيت جو بُڻ بنياد“ مضمون ۾ اسين ڏسي چڪا آهيون ته سنڌ سياسي طور بيشڪ ننڍي کنڊ کان جدا رهي هوندي، پر ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾،
ٻنهي ۾ تمام ويجھڙائي جا لاڳاپا رهيا آهن. ادبي ۽ ثقافتي روايت ۾ ڏي وٺ جو سلسلو هلندو رهيو آهي، جنهن جو اڀياس تحقيقي ڪم کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو. رسالي جي ترتيب کي به ساڳي ادبي روايت ۾ ڳولهي سگهون ٿا، پر انهيءَ کان اڳ ثقافتي پس منظر جو مختصر جائزو تمام ضروري آهي.

سنڌ ۾ لسٻيلي جي حد ۾ هندن جا ڪيترائي اهڙا مقدس ماڳ، تيرٿ ۽ آستان هئا، جن جي زيارت ۽ ياترا لاءِ هندوستان مان ساڌو سنت، جوڳي ۽ سامي ايندا ويندا رهيا آهن. اِهي ساڌو جوڳي ۽ سامي ڀڳتي تحريڪ جا نمائندا هئا ۽ گهڻو ڪري شاعري ۽ راڳ کي پنهنجي تبليغ طور ڪتب آڻيندا هئا. هي درويش جماعت سان ۽ ٽولن ۾ سفر ڪندا هئا ۽ جتي ترسندا هئا. اُتي مچ ٻاري راڳ جي محفل ڄمائيندا هئا. اهڙا هنڌ اڪثر شهرن جي ويجهو هوندا هئا. انهن محفلن ۾ ڀڄنن ۾ ڪيرتن جي ذريعي اخلاقي ۽ توحيدي ڪلام ٻڌائيندا هئا. اهڙين محفلن ۾ هر ڪنهن کي شريڪ ٿيڻ جي عام اجازت هوندي هئي. سنڌي عوام، هندو ۽ مسلمان، سڀ انهن محفلن ۾ ڏاڍي ذوق ۽ شوق سان شريڪ ٿيندا هئا ۽ ڪيترن ماڻهن تي انهن جي خيالات جو اثر به ٿيندو هو. مسلمان به متاثر ٿي موٽندا هئا. انهن حالتن ۾ مسلمان صوفين ۽ درويشن تي ان جو رد عمل ٿيو. صوفي ڪلام ۽ سنڌي راڳن جي روايت تي سنڌ ۾ اڳي ئي موجود هئي ۽ عوام راڳ جا ڪوڏيا به هئا، ان ڪري مسلمان صوفين ۽ درويشن به صوفيائي ڪلام ۽ راڳ جي محفلن جي هڪ نئين تنظيم ۽ راڳ جو هڪ نئون رنگ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ انهن کي ڏاڍي ڪاميابي به ٿي. اڳي راڳن جون اهڙيون ڪچهريون خانقا هن ۾ ڪن خاص خاص موقعن تي ۽ نجي محفلن تائين محدود هيون؛ ڀڳتي تحريڪ جي رد عمل هيٺ اهڙيون محفلون عام جام ٿيڻ لڳيون. مقبرن ۽ خانقاهن تي ساليانا ميڙا اڳي ٿيندا هئا، پر هينئر اهڙين محفلن کي وڌائي، ٻين خاص خاص موقعن تي برک ڳائڻن کي جمع ڪيو ويو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن ۽ ڪٿي ڪٿي خانقاهن ۽ پيرن جي آستانن تي ٻن ڏينهن جي محفلن جو سلسلو قائم ٿيو. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ برابر اهڙيون محفلون ٿيڻ لڳيون، جن ۾ سنڌي عوام مسلمان ۽ هندو ڏاڍي اتساهه سان شريڪ ٿيڻ لڳا. انهن محفلن ۾ سنڌي ٻولي ۾ توحيدي ڪلام سنڌي راڳن ۾ ٻڌي عوام کي ڀڳتي جي هندو درويشن جي محفلن کان وڌيڪ روحاني سڪون حاصل ٿيو ۽ سنڌي لوڪ داستانن جي ڪري پنهنجي ثقافت سان، عوامي زندگي ۽ جذبات سان وڌيڪ پنهنجائپ جو احساس ٿيڻ لڳو. جوڳين جي محفلن ۾ ٻولي ۽ ثقافت جي اختلاف سبب ٻڌندڙن کي رڳو راڳ جو لطف حاصل هوندو هو، پر سنڌي راڳ جي محفلن ۾ راڳ کان سواءِ عوامي داستانن ۽ سنڌي ڪلام کي ٻڌي، هرڪنهن کي پنهنجي مرضي آهر، روحاني غذا ملندي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو درگاهن تي ڏاڍي عقيدت سان حاضري ڏيڻ لڳا ۽ هندو مسلمان گڏجي مسلمان صوفي درويشن جا عقيدت مند ۽ مريد ٿيڻ لڳا. سنڌي هندو ڀڳتي تحريڪ ۽ توحيدي خيالات جي اثر هيٺ ”نِرگُڻ واد“ جي عقيدي جا حامي هئا ۽ سناتن ڌرم ۽ ٻين هندو مذهني عقيدن جي بدران نانڪ پنٿي، ڪبير پنٿي ۽ دادو پنٿي خيالن جي اثر جي ڪري صوفي عقيدي جي تمام ويجهو اچي ويا هئا، تنهن ڪري اُهي مسلمان صوفين جي خيالن کان متاثر ٿي. انهن جا مريد ٿيا. مسلمان صوفي اڳي ئي مذهبي مت ڀيد جي برخلاف هئا، ان ڪري تعصب کان پاڪ هڪ اهڙي فضا پيدا ٿي ويئي، جنهن ۾ رواداري ۽ مروت هئي، انسانيت سان محبت هئي ۽ هندو ۽ مسلمان امن ۽ سڪون سان زندگي گذارڻ لڳا.

شاهه لطيف اڳي ئي هندو فقيرن جي محفلن کي ڏسي چڪو هو. هو جوڳين ۽ سامين جي تمام ويجهو رهي، انهن سان دوستيءَ جو لاڳاپو قائم ڪري، انهن سان گڏ هنگلاج ۽ لاهوت لامڪان جي سفر تي ويو هو ۽ انهن جي عقيدن، خيالن، مذهبي روايتن ۽ فلسفهءِ حيات مان واقفيت حاصل ڪري چڪو هو، ان ڪري ڀٽ شاهه ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجو اخلاقي ۽ روحاني مرڪز قائم ڪري ويٺو ۽ عوام جي تربيت جو ڪم شروع ڪيو. اهڙا مرڪز اڳي ئي لال شهباز قلندر جي درگاهه تي سيوهڻ شريف ۾، مخدوم نوح سرور جي درگاهه تي هالن ۾، شاهه عبدالڪريم جي درگاهه تي بلڙيءَ ۾ ۽ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي جهوڪ شريف ۾ قائم هئا. پر شاهه لطيف سادي ۽ پرخلوص انداز ۾ تعصب کان پاڪ هڪ اهڙو اخلاقي ۽ روحاني ماحول قائم ڪيو، جنهن جي ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اچي ماڻهو جمع ٿيڻ لڳا. ڀٽ شاهه ۾ راڳ رهاڻ جو سلسلو هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان شروع ٿيو. راڳن جي ترتيب نئين سر ڪئي ويئي ۽ راڳ رهاڻ جو سلسلو باقاعده ٿيڻ لڳو. هر خميس ڏينهن خاص اهتمام سان راڳ ٿيندو هو. سڄي رات محفل هلندي هئي. رات جي مختلف وقتن تي مختلف راڳن جو وقت مقرر ٿيو. اُن ريت ڀٽ شاهه جو ماحول ٻين درگاهن جي ماحول کان وڌيڪ روحاني ۽ اخلاقي ٿي ويو، جتي هندو ۽ مسلمان گڏجي عقيدت سان حاضري ڏيندا هئا. مسلمان توحيدي عقيدي تي پختا ۽ ڀڳتي تحريڪ جي اثر کان آجا ٿيا. هندن ۽ مسلمانن ۾، صوفين ۽ مسلمان درويشن سان عقيدت ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي. رواداري ۽ محبت، امن امان ۽ انسان دوستيءَ جي اهڙي ماحول ۾ اخلاقي قدرن جو اثر عام ٿيڻ لڳو، جنهن جي ڪري ساليانه ميلن ۽ عرسن جي رونق وڌي ۽ درگاهن تي سٺي ۽ صاف ماحول جي ڪري، درگاهن ۽ صوفي درويشن جي اثر ۾ اضافو ٿيو.

اسين ڏسي چڪا آهيون ته ڀڳتي ۽ تصوف جي وچ ۾ راڳ ۽ ڪلام جي ڪري هڪ ظاهري هڪجهڙائي هئي، راڳ ۽ ڪلام ٻنهي سلسلن ۾ لازم ملزوم هئا، پر ٻنهي جي توحيدي تصور ۾ بنيادي طور فرق هو، جنهن کي اڪثر هندو صوفين به قبول ڪيو، ان ڪري جو سنڌي هندو گهڻو ڪري صوفي عقيدي جا پيروڪار ۽ نِرگڻ وادي هئا. اهڙيءَ ريت هندن ۽ مسلمان جي عقيدن ۾ فرق تمام گهٽجي ويو هو.

يقين سان چئي نٿو سگهجي ته صوفي ڪلام کي گڏ ڪرڻ جو سلسلو ڪڏهن کان شروع ٿيو، پر يقين آهي ته ڀڳتي تحريڪ هيٺ ڪلام گڏ ڪرڻ جو سلسلو گهڻو اڳ شروع ٿي چڪو هو. ڀڳتي تحريڪ جي شاعرن، درويشن جي ڪلام جي ترتيب جو ڪم ٽن مرحلن مان هليو ، جنهن جي اثر هيٺ ڀڳت ڪبير، گرونانڪ، سورداس، تلسي داس ۽ دادو ديال جهڙن، درويشن شاعرن جو ڪلام جمع ٿيو، پرسوامي هري داس پنهنجي ڪلام جي ترتيب جي سلسلي ۾ وڌيڪ تبديليون آنديون ۽ هُن جي تجربن کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿي. اوائلي دور ۾ سوامي هريداس پنهنجي ڪلام کي سادي نموني ۾ گڏ ڪندو هو، جنهن ۾ رڳو ڪلام کي اهميت حاصل هئي. انهيءَ دور ۾ اول هر ڪلام جي مٿان، انهيءَ راڳ جو نالو لکيو ويندو هو، جنهن ۾ انهي ڪلام کي ڳائيندا هئا. سوامي هري داس موسيقيءَ جو ماهر ۽ وڏو ڀڳت هو، ان ڪري ڀڳت تحريڪ جي ٻين شاعرن به پنهنجي ڪلام کي هن جي پيروي ۾ ساڳئي نموني ۾ گڏ ڪيو. پهرئين نموني جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

ترتيب 1-

(1)              راڳ بهاڳ:

گّهوُ، من سڀ رس ڪورس سار

(2)             راڳ وڀاس:

جِيُون هي جِيُون تم راکت هو

(3)             راڳ اساوري:

هِت تو ڪيجي ڪمل نين سٻي

(4)             راڳ ڪلياڻ:

هري ڪو ايسو هي سڀ کيل

پر اڳتي هلي هن درويش شاعر ڪلام جي ترتيب جو نمونو ٿورو ڦيرائي ڇڏيو. ڇو جو هينئر ڪلام جي بدران راڳ کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿي چڪي هئي. انهيءَ تبديليءَ جي اثر هيٺ ٻئي مرحلي ۾ راڳ جي هيٺ ڳائجڻ وارو سمورو ڪلام هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو، ان ڪري جو سوامي هري داس موسيقيءَ جو وڏو ماهر ۽ تان سين ۽ بيجوباوره جهڙن برگ ڳائڻن جو استاد هو. ٻئي سلسلي ۾ ڪلام گڏ ڪرڻ جو نمونو هيءُ هو.

ترتيب 2-

راڳ وڀاس

جّيوُن هي جِيُون هي تم راکت هو

ڪاهو ڪٻي بس نهين تمهاري. وغيره

راڳ اساوري

هِت تو ڪيجٻي ڪمل نين سون

تِنڪا بياري ڪٻي بس

هري ڪي نام ڪو آلس ڪيون ڪرت، وغيره

راڳ ڪلياڻ

هري ڪو ايسو هي سڀ کيل

پريم سّمُد ر روپ رس. وغيره

راڳ هيٺ وڏي تعداد ۾ ڪلام هوندو هو. پر هي ٻئي نمونا سادا هئا. انهيءَ ۾ ترتيب جي ڪا خاص سهڻائي ۽ فڪر نظر نٿو اچي، جيڪو ٽئين مرحلي ۾ پيدا ٿيو، پر ان جو آڌار پهرين مرحلي جي ترتيب تي ئي آهي. ٽئين مرحلي جي مڪمل ۽ سهڻي ترتيب جي صورت اسان کي گرو گرنٿ صاحب ۾ نظر اچي ٿي.

گروناڪ ۽ هن کان پوءِ واري دور ۾ گروئن جي ڪلام کي مٿي ڄاڻايل ٻنهي نمونن هيٺ گڏ ڪيو ويو، پر پوءِ سک گروئن کي گرونانڪ ۽ ٻين گروئن ۽ ڀڳتن جي ٻاڻين کي جي جدا جدا هنڌن تي پکڙيل هيون، گڏ ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. انهيءَ خيال سان سمورو ڪلام هٿ ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته جدا جدا ماڻهن ڪلام کي جدا جدا نمونن ۾ نقل ڪري رکيو آهي. انهن سڀني نمونن کي سامهون رکي هڪ نئين ۽ سُهڻي ترتيب سان گرنت کي تيار ڪيو ويو. هاڻي گرنٿ صاحب جي ترتيب معمولي هير ڦير سان ساڳي انداز ۾ هلي ٿي اچي، جنهن ۾ ٻئي نموني وانگر راڳ کي اهميت حاصل آهي.

نئين ترتيب ۾ جدا جدا راڳن جي نالن تي باب قائم ڪيا ويا ۽ هر باب کي جنهن جو عنوان، ڪنهن نه ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب آهي، جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. هن ريت هڪ نئون ۽ سهڻو انداز پيدا ٿيو، جنهن هڪ نرالي ترتيب کي جنم ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com