سيرت خاتم الانبياءِ
دنيا ۾ جيڪي به ٻوليون لکڻ پڙهڻ ۽ اچن ٿيون، تن
سڀني ۾ سيرت پاڪ تي هزارها ڪتاب لکيا ۽ ڇپيا ويا
آهن، لکجن ۽ ڇپجن پيا ۽ تا قيامت لکبا ۽ ڇپبا
رهبا. سنڌي ٻوليءَ ۾ به سيرت پاڪ تي ڪافي ڪتاب
شايع ٿي چڪا آهن ۽ روز بروز انهن ۾ اضافو ٿيندو
رهي ٿو.
الحاج رحيم بخش قمر هڪ عالم ۽ شهرت يافته شاعر هجڻ
سان گڏ سچو ۽ صادق عاشق رسول صلعم به آهي. قمر
صاحب جيڪي به ڪتاب نثر خواهه نظم ۾ لکيا آهن تن ۾
ڪنهن ڪنهن طرح حضور پاڪ صلعم جن جو مبارڪ ذڪر ڪيو
اٿس. ڪجهه وقت اڳ ”سڄڻ آيو سهنج ٿيا“ بيتن ۾ ۽
”رضي پاڪ رسول جي“ نعتيه نظم سندس ٻه ڪتاب شايع
ٿيا هئا. پوئين ڪتاب تي کيس پنج هزار رپيا انعام
به مليو اٿس.
هاڻي وري سيرت خاتم الانبياءِ سندس لکيل ڪتاب، وڏي
تاب ۽ تجلي سان جلوه نما ٿي، عاشقان رسول جي اکين
جو نور، روحن جي راحت ۽ دلين جو سُرور ثابت ٿي
رهيو آهي.
فهرست کان وٺي روسل پاڪ جي حياتي مبارڪ تائين ڊيمي
سائيز جا 230 صفحا والاري ٿو مڙيئي مضامين چئن
بابن ۽ هر هڪ باب کي جدا جدا عنوانن ۾ ورهايو ويو
آهي.
مهاڳ ۾ ساري ڪتاب جو تت ڏيندي الحاج قمر صاحب،
لفظن جا موتي ميڙي عبارت کي تجنيس حرف سان سينگاري
پنهنجي علم ۽ قلم جو ڀرپور زور ڏيکاريو آهي. هونءَ
به سڄي ڪتاب جي عبارت تجنيس حرفي سان سينگاريل
آهي. ڄمندي ئي ڄام ۾ ڏهن نبين جو احوال جدا
الانبياءِ حضرت ڪيو اٿس. مزيد حضرت ابراهيم ذبيح
الله جي عاشق الاهي ۽ قرباني جي ڪردار کي واضح ڪيو
اٿس. مزيد حضرت هاجره ۽ حضرت ساران جو احوالي آڻي
پويون باب پورو ڪيو اٿس. ٻئي باب ۾ حضور جن جي
ولادت با سعادت جو دلپسند احوال آيل آهي. ٽئين باب
۾ پاڻي سڳورن جي مڪي زندگيءِ جو مختصر مگر هر
پهلوءَ کان پورو بيان ڏنو ويو آهي.
موجودهه دور جي قاعدن موجب لکندڙ هر صفحي تي انگ
عدد ۽ حاشين ۾ حوالا ڏيندي پڙهندڙن کي ٻن حصن ۾
ورهائي ڇڏيندا آهن. مولانا قمر صاحب به ڪتاب کي
مستند بنائڻ لاءِ قرآن پاڪ جون آيتون، حديثون،
رومي ۽ شاهه جا بيت اردو شاعرن جا شعر ۽ پنهنجا
وڻندڙ اشعار، قرآني تفسيرن ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا
نالا حوالي طور ڪم آندا آهن.
ڪتاب جي ڇپائي بلاڪن ذريعي عمدي آفسيٽ ڪاغذ تي ٽن
جاذب النظر رنگن ۾ رچي ويئي آهي، تنهنڪري ڪتاب ڏسڻ
سان ئي پڙهڻ لاءِ ساهه کي سَٽ ۽ روح کي رغبت ٿئي
ٿي. ڪتاب جي قيمت 35 رپيا موزون لڳي ٿي.
ڪتاب جو نالو ”سيرت خاتم الانبيا آهي.“ سيرت ۽
خاتم جي وچ ۾ زير اصافت ڪم آندل آهي، جا پارسي
واري جي ايجاد آهي. عربي ۾ ال ڪم آڻبو آهي،
تنهنڪري سيرت لخاطم الانبياءِ وڌيڪ موزون بيهي ها.
هن ڪتاب جو انتساب قبله سيد قمر الزمان شاهه جي
والد ماجد، مرحوم سيد قاسم علي شاهه جي اسم گرامي
سان ڪيل آهي.
-- احمد خان ”آصف“ مصراڻي
ڀنڀور ۽ ديبل
سنڌ جي پراڻن دڙن ۽ شهرن جي لاءِ تحقيق ۽ کوجنا جو
سلسلو صدين کان جاري آهي ۽ جاري رهندو. هي ڪيڏي نه
بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان اڃا تائين پنهنجي
پنهنجي وکر، پنهنجي اسباب متعلق پوري معلومات نه
ٿا رکون. جيڪا به ڄاڻ ملي ٿي، سا ٻين محققن ۽
پارکن جي هٿان. اسان اهي ئي هٿين خالي، ٻين جي
جهولين ۾ نگاهون وجهي ويٺا هوندا آهيون. موهن جو
دڙو هجي يا ٽئڪسلا، هڙاپا هجي يا ڪاهوءَ جو دڙو،
برهمڻ آباد هجي يا اگهم ڪوٽ، اگهاماڻي وارا پنڊ
هجن يا ڪاٺ ٻانڀڻ جا دڙا، اسان انهن متعلق صرف ڏند
ڪٿائن ۽ زباني روايتن تي زور ڏنو آهي. ديبل ۽
ڀنڀور—هڪ شهر جا ٻه نالا، پر تاريخ جي ورقن تي وقت
جي مٽي جي ايتري ته گهري تهه ڄمي وئي آهي جو سالن
جا سال مسلسل ڪوششن جي باوجود اڃا تائين اها لهي
نه سگهي آهي. 1983ع ۾ ڀنڀور جي ماڳ تي، سنڌ جي
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو منعقد ٿيل هڪ باوقار ۽ تاريخي
ڪانفرنس (ڀنڀور نيشنل سيمينار) جي موقعي تي پڙهيل
عالمانه مقالن کي سليقي سان ترتيب ڏيئي، محترم
عبدالقادر منگي (اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول) شايع ڪيو
آهي. دراصل ڪانفرنس ئي محترم عبدالقادر منگي جي
جدوجهد، جاکوڙ ۽ نيڪ ڪوششن سان منعقد ٿي هئي. جڏهن
پاڻ ميرپور ساڪري ۾ ملازمت ڪندا هئا.
هن ڪتاب ۾ جن عالمن جا جواهر پارا درج آهن، تن جا
نيڪ نالا هي آهن: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر
غلام علي الانا، علي احمد بروهي، مظهر يوسف، محمد
حسين پنهور، مئڊم مهتاب اڪبر راشدي، مئڊم امينه
خميساڻي، ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، شيخ خورشيد حسن،
ڊاڪٽر ايف- اي- خان، حڪيم محمد سعيد، ڊاڪٽر لوئيس
فليم، عبدالله ورياهه، ڪريم بخش خالد، عزيزه چنا،
مسرت مرزا، هدايت پريم، مئڊم ممتاز راشدي، ولي
محمد طاهرزادو، ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، معمور يوسفاڻي، تاج صحرائي، مريم
مجيدي، حافظ ارشد انڍڙ، احسن جوکيو، مير محمد بخش
ٽالپر، ڪمتر نقوي. ڪجهه مضمون فضل احمد بچاڻي
ترجمو ڪيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه صاحب پنهنجي
مهاڳ ۾ راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”سنڌ جي قديم
تهذيبي مرڪزن ۽ شهرن مان ڪيترن ئي هنڌن تي زندگي
جا ٿورا ڪي گهڻا اهڃاڻ نظر ايندا آهن؛ رڳو ڀنڀور
ئي آهي، جتي شهر خموشان واري ويراني نظر اچي ٿي ۽
ڀنڀور جي ڀاڻن تي صدين کان مٽي ۽ واري وسندي رهي
ٿي.“ اها حقيقت آهي ته اها واري ۽ مٽي ڀنڀور ۾ نه،
پر سنڌ جي تاريخ تي پيل آهي، جنهنکي لاهڻ لاءِ
گذريل ڏهاڪو کن سالن کان وٺي، مجموعي طرح سان جيڪي
ڪوششون ورتيون ويون آهن، سي نيڪ فال آهن.
ڀنڀور ۽ ديبل ڪتاب ڇپيل علمي مقالا اسان کي فڪر جي
دعوت ڏين ٿا ۽ اهو احساس ڏيارين ٿا ته اسان وٽ
پنهنجو عظيم الشان تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي، ان
کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اسان کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي.
بهرحال هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ لاءِ مسٽر عبدالقادر
منگي کي جس ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، ڇو ته
هُن صاحب پنهنجي گوناگون منصبي مصروفيتين جي با
وجود نه صرف مقالن کي ڪتابي شڪل ڏيئي، ڀنڀور جهڙي
نظرانداز ٿيل ماڳ جي دلچسپ ۽ اهم موضوعن کي هميشه
لاءِ محفوظ ڪري عالمن لاءِ هڪ بنيادي ماخذ فراهم
ڪيو آهي، پر ان سان گڏ ڪتاب کي هر لحاظ کان هڪ
’باوقار‘ ڪتاب بنائي پيش ڪيو آهي.
”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽاء ساٿ جي.“
هن ڪتاب جي قيمت، ان جي مواد ۽ پيشڪش جي لحاظ کان
36 رپيا موزون لڳي ٿي ۽ منگي صاحب وٽان دستياب
آهي.
ــــــــــ ”پروانو“ ڀٽي
سي. ايس. ايس. رهنما
مشاورتي بيورو سنڌ يونيورسٽيءَ مان فيڊرل گورنمينٽ
جي چٽاڀيٽيءَ وارن امتحانن لاءِ امام بخش ملاڻي ۽
الماس خواجه هڪ چڱو معلوماتي رهبر لکي انسٽيوٽ آف
سنڌ الاجيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
دراصل هن قسم جي رهبريءَ جي ضرورت تمام گهڻي وقت
کان محسوس ٿي رهي هئي، جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ
ملاڻي صاحب ۽ الماس خواجه چڱي خاصي محنت ڪئي آهي،
جنهن لاءِ کين جس هجي.
سي.ايس.ايس. جي اميدوارن لاءِ هن ڪتاب ۾ امتحانن
جي فارم ڀرڻ کان وٺي آخري تربيتي ڪورس تائين تمام
سٺي معلومات ڏني وئي آهي، جهڙوڪ : فيڊرل گورنمينٽ
جي جوڙجڪ، سروس گروپ، امتحان جا قاعدا ۽ قانون،
اميدوار جو تعليمي معيار، اميدوار جي عمر جي حد،
اميدوار جي قوميت، امتحان جي فارم ڀرڻ جا قاعدا
قانون، لازمي ۽ اختياري مضمونن جو نصاب، خالي جاين
جي ڀرڻ جي پاليسي، اميدوار جي تربيت وغيره – انهن
مان هر هڪ عنوان کي سٺي نموني سن نڀايو ويو آهي،
جنهن ڪري ڪافي معلومات حاصل ٿئي ٿي.
اسين اميد ٿا ڪريون ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو هي
مشاورتي بيورو لائق ۽ فائق وائس چانسلر جي سربراهي
۾ ٻيا به اهڙي قسم جا رهنما ڪتابڙا، جن مان خبر
پئجي سگهي ته مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت ۾ ڪهڙا
ڪهڙا کاتا آهن، جن جا سربراهه ۽ ٻيو عملو ڪهڙو
آهي، انهن جون ذميواريون ڪهڙيون آهن ۽ انهن کاتن ۾
نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙين تعليمي لياقتن ۽ ڪيتري
تجربي جي ضرورت آهي، جلد ئي ڇپرائي منظر عام تي
آڻي اسان جي نئين نسل جي صحيح طريقي سان رهنمائي
ڪندو جنهن جي اڄ ڪلهه سخت ضرورت آهي.
ــــــــــــ عبدالغفار صديقي
مشاهير اسلام
زير نظر ڪتاب ”مشاهير اسلام“ تازو انسٽيٽيوٽ آف
سنڌ الاجي شايع ڪيو آهي، ڪتاب جو مصنف مولانا
عبدالرحيم منگسي صاحب آهي. ڪتاب جي ضخامت 94 صفحا
آهي ۽ مشاهير اسلام، جن جي سلسلي ۾ لکيو ويو آهي،
انهن جو تعداد 54 آهي، جنهن ۾ هر مشاهير انهيءَ
پايي جو آهي جو ان لاءِ هڪ هڪ ڪتاب جي ضرورت آهي.
ليڪن مولانا صاحب نهايت اختصار کان ڪم وٺي درياءَ
کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جو فرض سرانجام ڏنو آهي. عام
معلومات جيڪا ڪنهن تمام اڻ ڄاڻائي واري طبقي لاءِ
هجي، ان جي پيش نظر ڪتاب لکيل ٿو ڏسجي. مشاهير جو
هر اسم اهڙو آهي، جيڪو هن دور ۾ روشناسي جي خيال
کان ڪافي توجه لهڻي.
مشاهيرن جي سلسلي ۾ صرف انهن جي حياتي جي احوال کي
مختصر صورت ۾ قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي،
جيڪا پنهنجي جاءِ تي قابل قدر آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ
ان جو مطالعو فائدي جو باعث آهي. انهن مشاهيرن ۾
صحابه به آهن ته ائمه حديث به آهن، ائمه فقه به
آهن ته صاحبِ تصوف به آهن. اختصار جي صورت ۾ هر
مشاهير جي سلسلي ۾ جيڪو عام تصور علمي حلقن ۾ آهي،
اهو پڙهڻ کان پوءِ تشنه رهجي وڃي ٿو. هي ڪتاب جنهن
وقت جو لکيل آهي، ان وقت جي لحاظ کان اهو صحيح هو،
ليڪن جنهن وقت ۾ ان جي اشاعت هڪ اهم سنڌي اداري
طرفان ٿي آهي، ان صورت ۾ اداري تي ڪي فرض به عائد
ٿين ٿا.
الف: ڪتاب ۾ بيان ڪيل هر مشاهير جي ڏنل احوال کي
مولانا موصوف جي لفظن ۾ پيش ڪيو وڃي ها.
ب: ان سلسلي ۾ فوٽ نوٽ ۽ تشريحات جو طريقو اختيار
ڪري هر مشاهير جي سلسلي جي مڪمل معلومات ڏني وڃي
ها. اسان وٽ اهڙو هڪ نه پر ڪيترائي مثال آهن.
مرحوم پير حسام الدين راشدي ”مڪلي نامه“ جي مختصر
ڪتاب کي تشريح ۽ توضيح جي سلسلي ۾ جيڪا اوجر ڏني
ان اصل مصنف جي ڪتاب کان به وڌيڪ ان کي چارچنڊ
لڳائي ڇڏيا.
ج: اهم ادارن جو فرض صرف ڪتاب شايع ڪرڻ نه آهي، پر
ان سلسلي ۾ ان کي جامع ۽ بهتر صورت ۾ پيش ڪرڻ به
ضروري آهي. جيڪڏهن انهيءَ حيثيت سان ”مشاهير
اسلام“ کي شايع ڪيو وڃي ها ته آءٌ ڀانيان ٿو ته
ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ۾ نهايت واڌارو ٿئي ها ۽
ڪتاب موجوده دور جي علمي تقاضائن کي پورو ڪري سگهي
ها. باوجود انهن اوڻاين جي ڪتاب ٻولي ۽ سٽاءُ توڙي
بيان ڪيل معلومات جي روشنيءَ ۾ سنڌي ادب توڙي ٻولي
۾ هڪ انگ جي واڌاري جي حيثيت رکي ٿو ۽ پنهنجي
معيار جي خيال کان پڙهندڙن جي معلومات ۾ ضرور
اضافو آڻيندو.
ــــــــ محمد حسين ڪاشف
سينگاپور ويندي ويندي
سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف کي ترقيءَ جون
منزلون طئه ڪرائي عروج تي رسائڻ وارن ۾ الطاف شيخ
سڀ کان اڳڀرو آهي. سفرناما اڳ به لکيا ويندا هئا
پر سفرنامن کي دلچسپ ۽ بامقصد بنائڻ ۾ الطاف شيخ
جو وڏو هٿ آهي. سفر ڪرڻ وارا به ڪيترائي آهن. سفر
جي روئداد کي قلمبند ڪرڻ جو ڏانءُ الطاف وٽ آهي.
شروع کان ئي الطاف پنهنجن سفرنامن ۾ ڳالهين مان
ڳالهه ڪندو، ڪيترائي مزيدار واقعا ۽ ٽوٽڪا
ٻڌائيندو رهيو آهي، جن مان ڪيترن ئي واقعن جو تعلق
سندس ذات سان پڻ آهي.
الطاف شيخ جو تازو سفرنامو ”سينگاپور ويندي
ويندي“ پڻ سندس سفرنامن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي،
حالانڪ هو صاحب سامونڊي ۽ سيلاني زندگيءَ کي وقتي
طور ترڪ ڪري ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ٽن سالن جي
عرصي لاءِ زميني زندگي گهاري رهيو آهي.
مذڪوره ڪتاب سينگاپور جي فقط ٻن ڏينهن جي سفر جي
احوال تي مشتمل آهي. حسب معمول سينگارپور ويندي
ويندي حال احوال ڪندي ماضي ۽ حال جا ڪيترائي واقعا
۽ دلچسپ ڳالهيون ٻڌائڻ لڳي ٿو.
الطاف شيخ پنهجي سفرنامن ۾ پنهنجي وطن سنڌ کي ڪڏهن
به وساريو نه آهي. ڏيهه پرڏيهه جي قديم توڙي جديد
شهرن، ڳوٺن، واهڻن، رستن، گهٽين جي هميشه ڀيٽ سنڌ
جي شهرن سان ڪندو آهي، اهڙي طرح وطن جي سڪ سيني ۾
سمائي پيو گهمندو آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾
جديد زماني جي ٽيڪنالاجي،فلڪ بوس عمارتون، ۽ رنگين
شيون ڏسي به هميشه سنڌ جي اڄوڪين حالتن ۽ اسان جي
پوئتي پيل علائقن جي حالت ياد ايندي اٿس ۽ ان جو
ذڪر دکدائڪ نموني ۾ ڪندو آهي. پڙهندڙ کي احساس
ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اسان جي پوئتي پوڻ جا
ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ دنيا جون ڪي قومون ڇو اڳتي وڌي
ويون آهن. سينگاپور به هڪ اهڙو ئي ٻيٽ، شهر ۽ ملڪ
آهي، جنهن گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ جيڪا ترقي ڪئي
آهي، تنهن کيس اوسي پاسي جي مڙني ملڪن کان سکيو
ستابو ۽ الڳ ٿلڳ بنائي رکيو آهي.
الطاف شيخ جي سفرنامن جي هڪ وڏي خوبي هيءَ آهي ته
ڪتاب ۾ تمام جهجهي، سٺي ۽ تازه ترين معلومات هوندي
آهي. ”سينگاپور ويندي ويندي“ ڪتاب ۾ نه صرف
سينگاپور جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿو پر
ملائيشيا ملڪ جي باري ۾ پڻ ڪافي ڪجهه ٻڌائي ٿو.
اتي جي ماڻهن جي باري ۾، سندن اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي
ڪرڻي، سندن ٻولي، مذهب، ويندي شادي مرادي لاءِ پڻ
مختلف ماڻهن سان ٿيل گفتگو قلمبند ڪئي اٿس.
ڪتاب ۾ نقشا، تصويرون ۽ اسڪيچ پڻ ڏنا ويا آهن.
خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب کي نيو فيلڊس
پبليڪشنس حيدرآباد سنڌ ڇپايو آهي. قيمت 00-25 رپيا
مناسب نظر اچي ٿي. الطاف شيخ جو هيءُ سفرنامو پڻ
معلومات سان ڀريل ۽ دلچسپ ڳالهين سان مزين آهي،
جنهن کي ننڍا توڙي وڏا، پوڙها توڙي جوان، مرد توڙي
زالون پڙهندي نه صرف مزو ماڻي سگهن ٿا ، پر گهڻو
ڪجهه پرائي به سگهن ٿا.
ـــــــــــ هدايت پريم
سنڌي جو عروض
هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌي زبان ۾ وقت بوقت معياري
ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا. پر هن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي
ته سنڌي زبان کي هر لحاظ کان مالامال ڪيو وڃي. اهي
علم ۽ فن، جن جي سنڌي زبان ۾ کوٽ هجي، تن جي
پورائي لاءِ وس آهر ڪوشش ڪرڻ اسان سڀني جو فرض
آهي.
هن ڳالهه کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته سنڌي
زبان ۾ گرامر جي ڪتابن جي کوٽ آهي. علم عروض تي
مرحوم حاجي محمود خادم ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل
مرحوم سٺي ڪوشش ڪئي هئي، انهن جي ڪتابن شاعريءَ جي
شوقينن کي گهڻو فائدو پهچايو؛ پر اهي ڪتاب ڪافي
عرصي کان اڻ لڀ ٿي چڪا هئا، تنهن ڪري اهو ضروري
هو، ته انهن علمن تي ڪو معياري ڪتاب لکيو وڃي.
نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته محترم مرزا سڪندر
علي بيگ ”سنڌي جو عروض“ ڪتاب لکي، هن کوٽ کي پوري
ڪرڻ جي سهڻي ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب ۾ڪل اٺ باب آهن.
پهرين باب ۾ شعر جي سمجهاڻيءَ کان علاوه وزن ۽
قافيي وغيره جي سمجهاڻي ڏنل آهي. ٻئي باب ۾ اصول ۽
ارڪان سمجهايا ويا آهن. ٽئين باب ۾ بحر جي تعريف،
ان جا مختلف نالا ۽ وزن سمجهايل آهن. باب چوٿون
زحافن سان تعلق رکي ٿو. هر هڪ زحاف جي سهڻي نموني
سمجھاڻي ڏني وئي آهي. پنجين باب ۾ تقطيع جي تعريف
۽ ان جا اصول سمجهايا ويا آهن. باب ڇهين ۾ بحرن
بابب سمجهاڻيون ڏنل آهن. ستين باب ۾ شعر جي مختلف
قسمن تي روشني وڌي وئي آهي. اٺين باب ۾ ضروري
اصطلاحن جي تعريف ، ان کان علاوه علم عروض جي لفظن
۽ اصطلاحن جي انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ فرهنگ ڏني وئي
آهي. مطلب ته هن ڪتاب کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ فاضل
مصنف ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
هيءُ ڪتاب سيکڙاٽ شاعرن لاءِ نهايت ئي ڪارآمد ثابت
ٿيندو، ان کان علاوه ايم-اي (سنڌيءَ) جا شاگرد ۽
شعراءِ ڪرام هن ڪتاب مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا.
جيئن ته علم عروض اسان کي ٻاهران مليو، تنهنڪري هن
۾ ڪيترائي اوپرا ۽ ڏکيا لفظ اڃا تائين موجود آهن.
فاضل مصنف انهن جي فرهنگ ڏئي، چڱي ڳالهه ڪئي آهي.
پر اڃا به ڪٿي ڪٿي ڏکي ٻولي هئڻ سبب مونجهارو پيدا
ٿئي ٿو. اميد ته فاضل مصنف ٻئي ڇاپي ۾ ان کي سولي
کان سولو بنائڻ جي ڪوشش ڪندو ته جيئن هر هڪ ان کي
سولائيءَ سان سمجهي سگهي.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هيءُ ڪتاب تمام سهڻي نموني
ڇپرايو آهي. 288 صفحن جي ڪتاب جي قيمت
45/-
رپيا مناسب آهي.
ـــــــــ ڊاڪٽر نواز علي شوق
خبرنامو
”PEARLS
FROM THE INDUS
“
جي تقريب رونمائي
سنڌي ادبي بورڊ، جڳ مشهور مستشرقه ڊاڪٽر اينميري
شمل جو انگريزي ڪتاب :”Pearls
from the Indus
“ تازو شايع ڪيو آهي. جنهن جي
رونمائيءَ جي تقريب ڪراچيءَ ۾، هوٽل آواري ٽاورس ۾
10-نومبر 1976ع تي شايان شان طريقي سان ٿي گذري.
ان پروقار تقريب ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن مان
اديبن ۽ شاعرن، دانشورن ۽ اهل علم وڏي تعداد ۾
شرڪت ڪئي. ڪراچي جي اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ معزز
شهرين جو ججهو تعداد جلسي ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ جلسي جو
انتظام حڪومت سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کاتي پاران ڪيو
ويو هو.
تقريب جي صدارت جناب اختر علي قاضي، صوبائي وزير
تعليم، ثقافت ۽ قانون ڪرڻ فرمائي، جنهن صاحب ڪتاب
جي پڌرائي ڪئي.
جلسي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، مسٽر عنايت
الله زنگيجي قرآن حڪيم مان تلاوت ڪئي.
سنڌ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جناب عبدالحميد آخوند
پنهنجي ابتدائيه ۾ مجلس کي ٻڌايو ته هن ڪتاب جي
پڌرائي سنڌ جي گورنر صاحب ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ)
جهانداد خان کي ڪرڻي هئي، پر موصوف، ڪن اڻ ٽر
مصروفيتن جي ڪري اچي نه سگهيا آهن.
محترم آخوند صاحب ڪتاب جو مختصر تعارف ڏيندي مجلس
کي ٻڌايو ته هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، خاص اهتمام ۽
اهميت سان شايع ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جي ادب ۽ ثقافت
جي شائق محترم ڊاڪٽر شمل جي ورهين جي اڀياس جو
نتيجو آهي.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري جناب مسعود نبي نور پنهنجي
استقباليه تقرير ۾ ڊاڪٽر شمل کي سنڌ جي تهذيب،
ثقافت، زبان ۽ ادب سان دلي لڳاءُ رکڻ تي خراج
تحسين پيش ڪيو. هن صاحب چيو ته اسين جرمني ۽
پاڪستان جي وچ ۾ ثقافتي رشتن کي وڌيڪ مضبوط ۽
مستحڪم بنائڻ تي ڊاڪٽر شمل جا شڪر گذار آهيون. هن
صاحب پنهنجي طويل تقرير ۾ اهو پڻ چيو ته پاڪستان
جي سڀني عظيم صوفي شاعرن محبت ۽ اتحاد جو سبق ڏنو
آهي ۽ اخوت ۽ ڀائپيءَ جو پرچار ڪيو آهي. هن صاحب
ڪراچيءَ جي ڏکوئيندڙ واقعن جو حوالو ڏيندي، چيو ته
هن ڳالهه جو ضرورت آهي ته محبت، اخوت ۽ ڀائپي جي
جذبي کي جاڳايو وڃي. هن سنڌ جي ڊائريڪٽر ڪلچر جناب
حميد آخوند جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو ۽ تعريف ڪئي.
هن صاحب چيو ته حڪومت، تحقيقي ڪمن کي فروغ ڏيڻ
لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر کي وڌيڪ
امداد ڏئي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيل جڳ مشهور مستشرقه
پروفيسر ڊاڪٽر انيمري شمل جي انگريزي ڪتاب
“Pearls from the Indus”
جي رونمائي جي تقريب جي موقعي تي ورتل تصوير.
(ڪراچي ، 10- نومبر 1986ع) ساڄي کان علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، پروفيسر
ڊاڪٽر انميري شمل، جباب اختر علي قاضي، صوبهائي
وزير تعليم، ثقافت، قانون، پارليماني معاملا ۽
رانديون، ۽ جناب مسعود نبي نور، چيف سيڪريٽري سنڌ.
تقريب جي صدر، جناب اختر علي قاضي صاحب پنهنجي
خطاب ۾ فرمايو ته سنڌ جي هر شيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي
هڪ يادگار جي حيثيت رکي ٿي. موهن جي دڙي، ٺٽي جي
قديم حيثيت ۾ سنڌ جي وستين واهڻن جو ذڪر ڪندي،
وزير موصوف چيو ته سنڌ جي اها زندگي يادگار ڪردار
رکي ٿي، ۽ انهن مان ماضيءَ جي شاندار تعذيب ۽
روايت جهلڪي ٿي. وزير موصوف فرمايو ته سن جي
نوادرات جي حفاظت لاءِ گهڻو ڪجهه چيو ۽ لکيو ويو
آهي ۽ ان سلسلي ۾ جرمنيءَ جي دانشورن جون ڪوششون
تحسين جي قابل آهن. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمني جو
اهو پهريون دانشور هو، جنهن عظيم صوفي شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کان دنيا کي واقف
ڪرايو. صاحب موصوف، ڊاڪٽر انيمري شمل کي، سنڌي ادب
جي خدمت لاءِ زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وزير
موصوف وڌيڪ فرمايو ته اسان کي حضرت شاهه
عبداللطيف، سچل سرمست، مير علي شير قانع، حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي، مولوي احمد ملاح ۽ مزار قليچ بيگ جي
تعليمات تي عمل ڪرڻ کپي، جنهن وسيلي ڀائپي ۽ هڪ
ٻئي سان محبت جو جذبو پيدا ٿيندو.
ڊاڪٽر شمل جي ڪتاب جو تذڪرو ڪندي، وزير موصوف
فرمايو ته اهو ڪتاب سنڌ جي ثقافتي انسائيڪلوپيڊيا
ثابت ٿيندو، ڇو ته ان ۾ سنڌ جي ثقافتي، تاريخي ۽
ادبي لاڙن جا سمورا احوال آيل آهن. هن صاحب چيو ته
دنيا جي هر ادب وانگر سنڌ جو ادب به شاعري ۽
موسيقيءَ سان شروع ٿئي ٿو. سنڌو ماٿريءَ جي رهندڙن
تي صوفين جو گهڻو اثر رهيو آهي ۽ ڊاڪٽر شمل انهيءَ
پهلوءَ کي اجاگر ڪيو آهي. وزير موصوف اعلان ڪيو ته
سنڌ جو ثقافت کاتو سنڌ بابت قديم تحقيقي ڪتاب
ڇپرائيندو.
ڪتاب جي مصنفه، پروفيسر انيمري شمل پنهنجي تقرير ۾
چيو ته وفاقي جرمني جي شهر آچن ۾ موهن جي دڙي مان
لڌل شين جي نمائش ڪئي پئي وڃي، جنهن وسيلي سنڌ جي
پنج هزار ساله قديم تهذيب کان يورپ وارا واقف ٿي
سگهندا. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت خاص طرح سنڌ
جي ثقافت تمام شاهوڪار آهي. موصوفه چيو ته سنڌي
ادب ۾ عالمي ڪلاسيڪي ادب جي جهلڪ موجود آهي. هن
چيو ته شاهه لطيف، سچل سرمست، شاه عنايت شهيد،
قاضي قادن ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ شريف واري جي
عظيم ڪلام ۽ پيغام تي عقيدت جو خراج پيش ڪيو.
ڊاڪٽر شمل چيو ته محبت نفرت کان سگهاري آهي، ۽ سنڌ
جا صوفي، محبت،يگانگت۽ اُخوت جا بهترين مبلغ آهن،
جن جي پيغام ۾ آفاقيت شامل آهي.
آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي صاحب، پنهنجي اختتامي خطاب ۾ آيل مهمانن جو
شڪريو ادا ڪندي، ڊاڪٽر شمل جي خدمتن کي ساراهيو.
ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير، جناب سيد غوث علي
شاهه پاران، ڊاڪٽر انيمري شمل کي سنڌي کيس تحفي
طور پيش ڪيو ويو.
242 عرس
خصوصي رپورٽ
از
نفيس
احمد شيخ
ميلو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
ادبي ڪانفرنس ۽ ٻيو تقريبات
سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سرتاج
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح 242 عرص شريف جي
موقعي تي، هن سال 19-20-21 آڪٽوبر 1986ع تي ادبي
ڪانفرنس ۽ ٻيو تقريبون ڀٽ شاهه تي وڏي وقار سان
منعقد ٿيون، جنهن ۾ حضرت شاهه صاحب جي عقيدتمندن،
اديبن ۽ شاعرن، لوڪ فنڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري
پنهنجي عقيدت جو نذرانو پيش ڪيو. تقريبن جو اهتمام
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي طرفان
ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جي گورنر، وڏي وزير، اعليٰ
سرڪاري عملدارن، اسيمبلي ميمبرن، عالمن ۽ محققن،
شاگردن ۽ صحافين ۽ لطيف سائينءَ جي پانڌيئڙن شرڪت
ڪئي ۽ سنڌ جي مقبول عوامي فنڪار، راڳ جون محفلون
مچائي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.
افتتاحي اجلاس
14- صفر (19- آڪٽوبر) صبح جو سنڌ جي گورنر
ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) جهانداد خان، شاهه صاحب جي
مزار تي چادر چاڙهي عرس شريف جي تقريبات جو افتتاح
ڪيو. بعد ۾ ثقافتي مرڪز جي سهڻي سينگاريل آڊيٽوريم
۾ منعقد ٿيل افتتاحي تقريبات جو افتتاح تقريب جي
شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿي. ثقافتي مرڪز
جي چيئرمن (ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن) جناب علي محمد
شيخ خطبئه استقباليه ۾ ٻڌايو ته سنڌ سرڪار سينٽر
جي ترقيءَ لاءِ 12 لک رپين جي امدادي ڪري، ان جي
وڏي حوصله افزائي ڪئي آهي. شيخ صاحب، ان لاءِ سنڌ
جي ماڻهن طرفان سنڌ سرڪار جي شڪرادائي ڪئي. هن
صاحب تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته ان امداد مان شاهه جو
باغ، اسٽوڊيو ۾ 4 ڊايو راما تيار ڪيا ويا آهن ۽
ڪراڙ ڍنڍ بابت مليل ڊئريڪٽوِز تي ڪم جاري آهي.
ڪمشنر صاحب ٻڌايو ته اڳي شاهه صاحب تي اشاعتي ڪم
ڪو خاص ڪو نه ٿيندو هو، پر گذريل 4-5 سالن کان وٺي
گهڻا تحقيقي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. هن صاحب،گذريل
سال بزرگ عالم آغا محمد يعقوب جي شايع ٿيل انگريزي
رسالي (جلد 1) جو مثال ڏنو. هن صاحب چيو ته رسالي
جي جامع ۾ مستند متن جي ڇپائيءَ جو ڪم هلي رهيو
آهي، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق جو نتيجو آهي.
ڪمشنر صاحب ٻڌايو ته سينٽر جون موجوده عمارتون
1961ع ۾ ٺهي راس ٿيون هيون، جيڪي هن وقت جي ضرورتن
جي لحاظ کان ناڪافي آهن. هن صاحب آڊيٽوريم جي
ديوارن تعمير ڪرڻ جي ضرورت بيان ڪندي گهر ڪئي ته
ڀٽ شاهه ۾ جديد طرز جو هڪ وسيع آڊيٽوريم تعمير ڪرڻ
لاءِ سنڌ سرڪار مالي امداد ڏئي. ڪمشنر صاحب آخر ۾
گورنر صاحب ۽ مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو.
سينٽر جي اعزازي سيڪريٽري ۽ ڊئريڪٽري ڪلچر سنڌ
جناب عبدالحميد آخوند، محفل موسيقيءَ جي آغاز جو
اعلان ڪندي ٻڌايو ته اڄ اسان جا ٻه عظيم فنڪار، ٻه
دوست، هن جهان ۾ موجود ناهن، جن جي ڪمي سدائين
محسوس ٿيندي رهندي. آخوند صاحب چيوته فقير
عبدالغفور ۽ مائي ڀاڳي هن سال گُذر ڪري ويا آهن،
جن جون موسيقيءَ ۾ ڪيل خدمتون اهلِ سنڍ کي هميشه
ياد رهنديون.
بعد ۾ موسيقيءَ جي هڪ شاندار محفل منعقد ٿي، جنهن
۾ علڻ فقير، غوث بخش بروهيءَ حسين بخش خادم، مهتاب
بلوچ ۽ پارٽي، عبدالواحد جمالي ۽ پارٽي، الهه
بچايو کوسو ۽ عابده پروين حصو ورتو.
ان کان پوءِ گورنر سنڌ، شاهه صاحب جي رسالي جي
انگريزي ترجمي جي پڌرائي ڪئي، جيڪو ڀٽ شاهه سينٽر
شايع ڪيو آهي. ياد رهي ته آغا محمد يعقوب صاحب جي
ڪيل ترجمي جو اهو 2 ۽ 3 ڀاڱو آهي. اُن جو پهريون
ڀاڱو، سينٽر طرفان گذريل سال عرس جي موقعي تي پڌرو
ڪيو ويو هو. گورنر سنڌ، هن نئين اشاعت جي دلپذير
انداز سان پڌرائي ڪئي.
گورنر سنڌ، ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) جهانداد خان
پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ٻڌايو ته حضرت شاهه صاحب جو
ڪلام پيار، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو سنق ڏئي ٿو،
جيڪي ڳالهيون اسلام جو روح آهن ۽ پاڪستان جي ڪلچر،
تصور ۽ نظريي جو محور آهن. هن صاحب نوجوانن کي
تلقين ڪئي ته لطيف سائينءَ جو عرس، ”تجديد جي
ڏينهن“ جي معنيٰ ۾ ملهائين.
گورنر صاحب ٻڌايو ته سينٽر لاءِ ماضيءَ ۾ سنڌ
سرڪار جيڪا امداد پئي ڏني آهي، سا اڃا ”شروعات“
آهي ۽ اسان سينٽر کي اڃا تمام گهڻو مستحڪم
ڪنداسين. ثقافت محڪمي جي اهميت تي زور ڏيندي گورنر
صاحب چيوته ” اهو سنڌ سرڪار جو هڪ تمام اهم
ظپارٽمينٽ آهي.“ هن صاحٻ سنڌي ادبي بورڊ جو ذڪر
ڪندي چيو ته قاسمي صاحب جي سربراهيءَ ان جي نئين
تشڪيل ڪئي ويئي آهي.
گورنر سنڌ، ورندڙ سال 1987ع لاءِ تجويز ڏني ته ان
کي ”لطيف سال“ قرار ڏنو وڃي، جيئن حضرت شاهه صاحب
تي تحقيق ۽ اشاعت ۽ ان جي پيغام کي علم ڪرڻ لاءِ
خاص موقعو ميسر ٿي سگهي. هن صاحب چيو ته سنڌ
سرڪار، سينٽر کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي امداد جاري
رکندي ۽ آديٽوريم جي قيام لاءِ پڻ مدد ڪندي.
گورنر سنڌ، فقير عبدالغفور ۽ مائي ڀاڳي جي جدائي
تي افسوس جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو ته سندن فئملين
کي هر ماهه هڪ هڪ هزار رپيا وظيفو ڏنو ويندو.
ادبي ڪانفرنس
ٻئي ڏينهن 20- آڪٽوبر 1986ع، صبح جي آڊيٽوريم ۾
ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت جڳ
مشهور عالم ۽ محقق محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪئي ۽ ان جي ڪارروائي، ڪانفرنس جي ڪنوينر حميد
سنڌي هلائي.
لطيف سائينءَ تي ادبي ڪانفرنس جي روايت ته تمام
پراڻي آهي، پر گذريل ڪجھ سالن کان ان کي زور وٺائڻ
جي ضرورت سڀني ادبي حلقن پئي محسوس ڪئي، لهٰذا
گذريل ٻن سالن کان وٺي سنڌ جي هردلعزيز ۽ ممتاز
اديب جناب حميد سنڌي جي خاض ڪوششن جي نتيجي ۾
ڪانفرنس ۾ حقيقي جان پيدا ٿي چڪي آهي. عرس جي
موقعي تي اها ٽين ڪانفرنس هئي، جنهن پنهنجي ادبي
تقاضائن کي احسن طريقي سان پورو ڪندي، سنڌ جي علمي
حلقن جي ديرينه آرزو جي تڪميل ڪئي.
ڪانفرنس جي ابتدا ۾ حاجي عنايت الله زنگيجي قرآن
شريف مان تلاوت ڪئي.
جناب حميد سنڌي پنهنجي ابتدائي ۾ چيو ته هن
ڪانفرنس جي انعقاد لاءِ مان ساٿين جي انهن جذبن کي
سلام چوان ٿو، جن جي نتيجي ۾ اڄ ايترا دوست هِت
ڪَٺا ٿيا آهن. هن صاحب چيو ته ڪلهه به سُٺو ٿيو هو
۽ اڄ شل سُٺو ٿئي ۽ آئنده لاءِ دعا ڪري سگهجي ٿي.
هن صاحب سنڌ جي اديبن طرفان مليل سهڻي موٽ ۽ سهڪار
جو ذڪر ڪيو ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي خاص شڪرادائي ڪئي.
جيڪي اسلام آباد مان سفر ڪري آيا هئا. هُن صاحب،
سائين قاسمي صاحب ۽ ايڇ. ايم خوجه صاحب جي تعاون ۽
دعائن جي به شڪرادائي ڪئي.
ڪانفرنس جي باضابطه شروعات کان اڳ شاهه جي راڳ جي
ڄاڻو ۽ عالم بزرگ محترم سيد علي مير شاهه صاحب کي
گذارش ڪئي ويئي ته ڀٽائيءَ جي راڳ جي خصوصي محفل
جي شروعات ڪن.
محترم علي مير شاهه، لطيف سائينءَ جي راڳ جي سلسلي
جي تفصيلي اپٽار ڪندي سير حاصل گفتگو ڪئي ۽ راڳين
جي سوانح ۽ سندن خدمتن تي پيرائتي روشني وڌي. هن
صاحب، ڀٽائي گهوٽ جي ايجاد ڪيل تنبوري ۽ وائيءَ جي
مخصوص انداز ۾ ڳائڻ جي طرز تي قيمتي معلومات ڏني.
ان کان پوءِ ڀٽائيءَ جي راڳين—علي بخش مگسي فقير،
خان محمد فقير، قربان ابن ميرو فقير لنجواڻي ۽
فقير قادر بخشل سهتو، مارئي، سورٺ ۽ بروو مان شاهه
جو راڳ، مخصوص انداز ۾ ڳائي، محفل کي رونق بخشي.
سائين علي مير شاهه، محفل جي اختتام تي، ان ضرورت
تي زور ڏنو ته ڀٽائي گهوٽ جي هن روايتي راڳ کي
محفوظ ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا وڃن، انهن جي حوصله افزائي
ڪئي وڃي ۽ راڳ جو ڪو اسڪول قائم ڪيو وڃي، جيئن اهو
تاريخي ۽ منفرد سلسلو قائم رهي سگهي.
بعد ۾ ادبي ڪانفرنس جي ڪارروائي شروع ٿي. جناب
ڊاڪٽر بلوچ (صدر مجلس) سان گڏ تقريب جي ادبي ڪميٽي
جو چيئرمين علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ممتاز شاعر
جباب تنوير عباسي اسٽيج تي رونق افروز ٿيا ۽
ڪارروائي جناب حميد سنڌي دلنشين پيرابي ۾ هلائي.
”سُر گهاتو“ سان گڏ ”دنيا ۽ آخرت لاءِ شاهه لطيف
جي جامعيت“ ۽ ”موجوده دور ۾ شاهه لطيف جي اهميت“
جي موضوعن تي، جن مقالانگارن ۽ مقررين حصو ورتو،
تن ۾ سيد يار محمد شاهه لڪياري، جناب نصرت حسين
ابڙو، ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ، جناب رشيد ڀٽي، جناب
نعيم تقوي، محترمه ڊاڪٽر قمر واحد، جناب معمور
يوسفاڻي، جناب مير محمد ڀيو، جناب شيخ محمد
اسماعيل، جناب محمد حسين ڪاشف، محترمه نذير ناز،
سرائي امداد علي، ڊاڪٽر نواز علي شوق11، جناب زيب
ڀٽي، جناب عنايت الله زنگيجو، سيد اسدالله شاهه
بخاري، مولانا غلام مصطفيٰ دادوي، مولانا
عبدالرحيم سڪندري، جناب مير محمد سومرو، ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو، حافظ غلام قادر چنا، جناب جوهر
بروهي، جناب الهڏنو سومرو ۽ جناب ڊاڪٽر تنوير
عباسي جا نالا اچي وڃن ٿا. جناب ميوو خان موج
لغاري، الحاج رحيم بخش قمر ۽ محمد خان مجيدي منظوم
خراج عقيدت پيش ڪيو.
آخر ۾ صدر مجلس جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
پنهنجي خطاب ۾ سينٽر جي ادبي ڪميٽيءَ کي ڪانفرنس
جي ڪاميابيءَ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن مجلس ۾
29 دوستن حصو ورتو ۽ نهايت ڀرپور محفل ٿي آهي ۽
صحيح معنيٰ ۾ ”منڊل مچي ويا آهن.“ ڊاڪٽر صاحب چيو
ته محترمه قمر واحد ۽ محترمه نذير ناز سٺا مقالا
پڙهيا، ٻين دوستن به سهڻا نقطا نروار ڪيا ۽ نعيم
نقوي صاحب به سٺيون ڳالهيون ٻڌايون آهن.
ڊاڪٽر صاحب چيو ته اڄ سر گهاتو جي مختلف نقطن جون
عالمانه وضاحتون ڪيون ويون آهن. اسان جو فرض آهي
ته وڏيءَ محنت سان ۽ وڏيءَ سوچ سان لطيف جي فڪر،
شاعري ۽ راڳ جي خدمت ڪريون. هن صاحب مشور ڏنو ته
اسان کي تمام حقيقت نگاري کان ڪم وٺڻ کپي، ڇو ته
جذباتيت سان مثبت ڪم ڪونه ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر صاحب واضح ڪيو ته لطيف سائين دنيا جي وڏن
شاعرن مان آهي ۽ اسان تي اهو فرض عائد ٿئي ٿي ته
سندس فڪر کي اجاگر ڪريون، نهايت اعليٰ معيار ۾۽
پيماني تي نروار ڪريون. علامه قاضي صاحب کان پوءِ
انگريزيءَ ۾ عالمي سطح تي ان معيار جو مثال پيدا
ڪري نه سگهيا آهيون.
ڊاڪٽر صاحب ڌيان ڇڪابو ته لطيف جي ٻولي اسان جو
قيمتي سرمايو آهي، ان جو غور سان مطالعو ڪريون ۽
ان جي حفاظت ڪريون، ورنه پنجاهه سالن کان پوءِ ان
کي ڪوبه سمجهي نه سگهندو. هن صاحب نائين نسل ۾
سنڌي ٻوليءَ جي صحيح صورت کان غفلت جو هڪ مثال
’ڪتابون نٿيون ملن‘ ڏيندي چيو ته شڪايت جو داستان
ڊگهو آهي، ان ڪري خاص طرح سنڌي استادن تي فرض عائد
ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي درستگيءَ طرف پورو ڌيان ڏين،
جيئن موجوده نسل ٻوليءَ جي لحاظ کان گمراهه ٿئي.
هن صاحب ريڊيو، ٽي- وي، رسالن، ڪتابن ۽ مقالن ۾
درست ٻولي آڻڻ جو ضرورت تي گهڻو زور ڏنو. هن صاحب
اهو پڻ مشورو ڏنوته نقصان ده ڳالهين کان اسان کي
پرهيز ڪرڻ کپي. ”ڀٽائي هڪ آهي ۽ ٻيا ڪين ٿيندا،
اسان جو اهم عقيدو ۽ ايمان هئڻ گهرجي.“ ڊاڪٽر صاحب
چيو ته سنڌ جي سڀني بزرگن جو پنهنجو پنهنجو مقام
آهي. شاهه صاحب جو پنهنجو، سچل جو پنهنجو ۽ قلندر
جو پنهنجو، ان ڪري اسان ڇڪتاڻ کان پاسو ڪريون.
ڊاڪٽر صاحب خوشيءِ جو اظهار ڪيو ته ”اڄ ادبي
ڪانفرنس ۾ شاهه جي روايتي راڳ کي شامل ڪيو ويو
آهي. اڄ سائين علي مير شاهه صاحب جيڪي چار فقير
آندا آهن، منهنجي خيال ۾ هن وقت اهڙو روح پرور راڳ
ٻيو ڪو به ڳائي نٿو سگهي. شاهه صاحب چونڊي چونڊي
فقير آندا آهن، انهن جو ڪو مَٽ آهي ئي ڪونه.“
ڊاڪٽر چيو ته لطيف جي راڳ جي انهن محافظ فقيرن کي
ماهانه وظيفو مقرر ڪري ڏيڻ گهرجي، جيئن انهن جي
مالي آسودگيءَ جو انتظام ٿئي.
ڊاڪٽر صاحب چئن نوَن ڪتابن جي ”پڌرائي“ ڪئي ۽ انهن
جي مصنفن کي ساراهيو به ”ماڻڪ موتي“ از الحاج رحيم
بخش قمر“ 2- ”سنگت“ (بروهي زبان) جو ”ڀٽائي نمبر“،
از جوهر بروهي، 3- ”ليلا چنيسر“ از حميد سنڌي، 4-
”جهرڻا“ از نذير ناز.
آخري اجلاس
ٽئين ڏينهن، 21- آڪٽوبر، عرس تقريب جي آخري اجلاس
جي صدارت وزير اعليٰ سنڌ جناب سيد غوث علي شاهه
ڪئي. وڏي وزير ڀٽ شاهه پهچڻ تي اول، درگاهه
عبداللطيف تي حاضري ڏيئي مزار تي چادر چاڙهي ۽
لئبريءَ جو سنگ بنياد رکيو.
آڊيٽوريم ۾ آخري اجلاس جي ابتدا تلاوت ڪلام پاڪ
سان ٿي.
جناب علي محمد شيخ، ڪمشنر حيدرآباد، خطبئه
استقباليه ۾ فرمايو ته وزير اعليٰ سنڌ، حضرت شاهه
عبداللطيف جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا ڪڏهن به وسارڻ
جي نه آهي. اهو سندن لطيف ۽ سنڌ سان محبت جوثبوت
آهي، جو مختلف منصبن دوران پاڻ سينٽر جي ترقيءَ
لاءِ خاص دلچسپي رکندا پئي رهيا آهن ۽ سندن اهو
توجهه جاري آهي.
ڪمشنر صاحب ٻڌايو ته وزيراعليءِ سنڌ، سنڌ جي ثقافت
جي خدمت ڪندي هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي،
جنهن کي سنڌ هميشه ياد رکندي، اهو آهي جناح ڪورٽس
عمارت کي ثقافت کاتي جي حوالي ڪرڻ. هن صاحب اميد
ڏيکاري ته وزيراعليٰ سنڌ جي اها خاص دلچسپي ۽ وڌيڪ
رهنمائي سينٽر کي هميشه حاصل رهندي. ان موقعي تي
ڪمشنر صاحب، سينٽر جي ترقيءَ وارين رٿائن جو تفصلي
ذڪر ڪيو، ۽ اشاعتي ڪم ڪار تي روشني وڌي ۽ ان عزم
جو اظهار ڪيو ته سنڌ سرڪار جي مالي معاونت سان اڄ
قائم ڪيل لئبرريءَ کي مثالي ڪتب خانو بنايو ويندو.
تقريب جي ڪارروائي هلائيندي، جناب عبدالحميد
آخوند، وزير اعليٰ سان مخاطب ٿيندي چيو ته لطيف
سائينءَ جي عرس جي موقعي تي صوبائي ليول تي هن سال
عام موڪل ڪري توهان پنهنجو واعدو وفا ڪيو آهي، ان
لاءِ اسان توهان جا ٿورائتا آهيون.
آخوند صاحب ان موقعي تي فقير عبدالغفور ۽ مائي
ڀاڳي جي رحلت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اها
ڪمي سنڌ وارن کي سدائين ڏکوئيندي رهندي.
ان کان پوءِ محفل موسيقي مچائي ويئي، جنهن ۾ غوث
بخش بروهي (بانسري مان تلنگ)، ذوالفقار، مظهر ۽
اظهر (شاهه جي وائي)، خادم حسين ديوانو، گلزار علي
سومرو، (سچل جي ڪافي) حسين بخش خادم (سچل جي
ڪافي)، عبدالواحد جمالي ۽ ساٿي (لطيف سائينءَ جي
حضور ۾ سُنگ)، مهتاب بلوچ، آسيه ۽ فوزيه (نئون
گروپ، مائي ڀاڳي جي انداز ۾ ’ڀٽ جا ڀٽائي‘) فقير
غلام حيدر ۽ ساٿي (درگاهه رکيل شاهه جي فقير)،
جلال چانڊيو، علڻ فقير، محمد يوسف ۽ عابده پروين
بهرو ورتو ۽ سامعين کان داد حاصل ڪيو.
فقير غلام حيدر باوجود پيرسني ۾ معذوريءَ جي،
روايتي جوش ۽ جذبي سان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
بينائيءَ کان محروم هجڻ ڪري، ڳائڻ دوران، آخوند
صاحب ۽ ممتاز مرزا مائيڪ سنڀالي، سندس مدد ڪئي.
ڪتابن جي پڌرائي
ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جناب سيد غوث علي شاهه
5 نون ڪتابن جي پڌرائي ڪئي.
(1)
لطائف لطيف (شاهه صاحب جي سوانح تي ڀٽائيءَ جي
عاشق صادق ۽ سنڌي زبان جي ممتاز عالم ۽ شاعر
مير عبدالحسين
خان سانگي جي مشهور فارسي ڪتاب جو سنڌي ترجمو،
مترجم: عبدالرسول قادري بلوچ).
(2)
سُر مومل راڻو (اردو منظوم ترجمو از آغا سليم).
(3)
سُر ڪلياڻ، يمن ۽ کنڀات (اردو منظوم ترجمو از: آغا
سليم).
(4)
ليلا- چنيسر (240 عرس جي مقابلن جو مجموعو، مرتب
حميد سنڌي).
(5)
شاهه جو رسالو (مرتب: علامه آءِ. آءِ قاضي).
شاهه صاحب جو اهو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ 1961ع ۾
شايع ڪيو هو، جيڪو ڪافي ورهين کان عدم دستياب هو.
بورڊ تازو ان جو سيڪنڊ ايڊيشن شايع ڪري لطيف جي
شائقين جي پُراڻي گهر کي پورو ڪيو آهي. ”رسالي جو
هي متن سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ روشن ضمير فلسفي
علامه آءِ. آءِ. قاضي جي گهري غور ۽ فڪر جو نتيجو
آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جو، نفس مضمون توڙي
معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان گهرو مطالعو ڪيو ويو آهي
۽ ان کي انهيءِ فطري ترتيب موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي ويئي آهي، جنهن جو شاهه جي زندگيءَ جي جدا جدا
منزلن سان مناسبت ۽ مطابقت جو امڪان آهي.“
لطيف ايوارڊ
هن سال لطيف ايوارڊ لاِ مشهرو فنڪار محمد يوسف جو
انتخاب ٿيل هو. مجلس کي ٻڌايو ويو ته هن ڀيري
عابده پروين چيو آهي ته ايوارڊ لاءِ سندس نالو
ويچار هيٺ نه آندو وڃي، ڇو ته کيس تقريباً سڀيئي
ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ هوءَ چاهي ٿي ته ڪنهن ٻئي
فنڪار لاءِ موقعو پيدا ڪيو وڃي. پروين جي ان
پرخلوص پيشڪش کي سامعين تمام گهڻو ساراهيو.
بعد ۾ وزير اعليٰ سنڌ، محمد يوسف کي ”لطيف ايوارڊ“
ڏنو.
وزير اعليٰ سنڌ جو خطاب
جناب سيد غوث علي شاهه، وزير اعليٰ سنڌ، پنهنجي
خطاب ۾ فرمايو ته اصل بادشاهي خدا جي انهن برگزيده
درويشن ۽ صوفين جي آهي، جن پنهنجي واسطيداري رب
ڪريم سان رکي ۽ جنهن جي عشق ۾ سڄيون راتيون عبادت
ڪندي گذاريون. ”ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو.“
شاهه صاحب، عابده پروين جي جذبي کي ساراهيندي چيو
ته فراخدلي انسان کي عظمت بخشيندي آهي ۽ مائي
عابده، لطيف ايوارڊ جي سلسلي ۾ وسيع القلبي جو
مظاهرو ڪري هڪ نيڪ قدم کنيو آهي، جنهن جي جيتري به
تعريف ڪجي، اها گهٽ آهي.
شاهه صاحب چيو ته لطيف جي عرس جي موقعي تي سنڌ ۾
عام موڪل ڪرڻ جو مطالبو نهايت معقول هو، ان ڪري
سنڌ سرڪار جي ذميداري هئي ته اها عام ماڻهن جي
مطالبي جو قدر ڪري. ”هن سال کان ڪيل عام موڪل، فقط
هڪ سال لاءِ نه آهي، اها هميشه لاءِ آهي.“ شاهه
صاحب جي ان اظهار تي، سامعين تاڙيون وڄائي،
والهانه انداز سان مسرت جو اظهار ڪيو.
وزير اعليٰ سنڌ فرمايو ته سنڌ جو ماضي نهايت
شاندار رهيو آهي. اسلام جي آمد پڻ سڀ کان اول هن
سڀاڳي سر زمين ۾ ٿي. سنڌ سرڪار عهد ڪيو آهي ته سنڌ
جي سونهن، سنڌ جي سمجهه، جي سُڃاڻ، سنڌ جي جان ۽
سنڌ جي سرهاڻ کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ويندو.
شاهه صاحب، ڀٽائي گهوٽ کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو
ته درگاهه لطيفي سڪون ۾ جمال جي جاءِ آهي، ان جي
خدمت ۾ ڪڏهن به سنڌ سرڪار پوئتي نه پوندي.
شاهه صاحب چيو ته اوقاف کاتي کي هدايت ڪئي ويئي
آهي ته لئبرريءَ لاءِ فنڊس مان ڏهه لک رپيا ڏيڻ ۽
حڪومت جي جنرل فنڊ مان ڏهه لک رپيا ڏيڻ جو اعلان
ڪريان ٿو.
هن صاحب عهد ڪيو ته سنڌ جي موسيقيءَجي فن کي زنده
رکڻ وارن فنڪارن جي سرپرستي ۽ حوصله افزائيءَ لاءِ
سنڌ سرڪار ڪڏهن به غافل نه رهندي جيڪي، اسان جي
ثقافت جا محافظ ۽ امين آهن.
وزير اعليٰ سنڌ، فنڪارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ
انعامن ۽ وظيفن جو هن ريت اعلان ڪيو.
(1)
فقير عبدالغفور جي اولاد لاءِ ڏهه هزار رپيا.
(2)
گهر واري فنڪار-------- چار سئو رپيا.
(3)
ٻاهران آيل فنڪار------- ڏهه هزار رپيا.
(4)
حسين بخش خادم— ڏهه هزار رپيا.
(5)
شاهه جا راڳي فقير— درماهه پنجاهه رپيا (هرهڪ).
(6)
فقير غلام حيدر ۽ خادم حسين ديوانو ماهانه پنج پنج
سئو رپيا.
(7)
مائي ڀاڳي جي اولاد لاءِ ڏهه هزار رپيا.
وزير اعليٰ سنڌ، سينٽر جي مثالي خدمت جي اعتراف ۾
جناب عبدالحميد آخوند، جناب ممتاز مرزا ۽ جناب ظفر
ڪاظمي لاءِ پنجن پنجن هزارن رپين جي خاص انعامن جو
اعلان ڪيو.
فنڪارن لاءِ عوامي انعام
لطيف سائينءَ جي ميلي جي موقعي تي، سٺي ڪارڪردگي
ڏيکارڻ وارن عوامي فنڪارن کي ملڪ جي سرنديءَ وارن
۽ خانگي تنظيمن طرفان به انعامن ڏيڻ جو سلسلو جاري
آهي. هن سال جا اعلان هن ريت آهن:
(1)
ڊان گروپ آف نيوز پيپرس طرفان ڏهن هزارن جو ڀٽائي
ايوارڊ محمد يوسف کي.
(2)
داداڀائي فائونڊيشن ايوارڊ، ڏهه هزار رپيا، فقير
عبدالغفور جي اولاد کي.
(3)
انگلش بسڪيٽ طرفان ڏهن هزارن رپين جو ايوارڊ فقير
عبدالواحد جماليءَ کي.
(4)
هاشواڻي ايوارڊ، ڏهه هزار رپيا علڻ فقير ۽ اقبال
جوڳي کي.
(5)
رئيس الهه بخش منگسي ايوارڊ، ڏهه هزار رپيا، وحيد
علي ۽ ڍول فقير کي.
(6)
سلي ٽيڪسٽائل مل لاهور جو راڻو ايوارڊ، 7500 رپيا،
انور حسين وسطڙي ۽ نياز حسين کي.
(7)
خان محمد صديقي پاران پنجن هزارن رپين جو ايوارڊ
خادم حسين ديواني کي.
(8)
مرحوم حسين علي عبدالرحمان جي ڪٽنب طرفان 7500
رپين جو انعام نابين فنڪار فقير غلام حيدر (درگاهه
رکيل شاهه) کي. |