نسيمه پنهنجي ساهيڙي جي چيل ڳالهه کي چئلينج سمجهي
فيصلو ڪري ڇڏيو ته ساهيڙين ۾ پنهنجو مان رکندي،
جيڪو چيو اٿس ڪري ڏيکاريندي ۽ پنهنجو ڀرم قائم
رکندي، جيئن ڪو ڏانهس اڱر نه کڻي. پر سندس فيصلو ۽
کنيل قسم سڀ پڇتاءُ بنجي ويا هن لاءِ!
هن واقعي ايترن سالن ۾ ڪنهن به ڇوڪري سان نه
ڳالهايو نه ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏنو. فائنل ۾پهچي
هن لاءِ هي سال مشڪل بنجي ويو، نه چاهيندي به چاهت
سندس دل جي ان حصي ۾ جنم ورتو، جنهنکي هيستائين
لڪائيندي ڍڪيندي پئي آئي. پر هن پنهنجي هٿن سان
سمورين امنگن ۽ پنهنجي چاهت کي گهُٽو ڏيئي ڇڏيو.
ماڻهن کان ته هو ڇا ڇا چوندا هن لاءِ ...... سڀ
ڪجهه ختم ڪرڻ سان پاڻ به اڌوري رهجي ويئي.
هڪ ڏينهن ڪلاس ڏانهن ويندي ويندي ڪو ڇوڪرو منهن ۾
ملي ويس. گهڙي پل لاءِ ٻنهي جا قدم سست پئجي ويا.
حيرت جي نگاهن سان ائين ڏسڻ لڳا ڄڻ سال کان هڪ ٻئي
کي سڃاڻندا هجن. نسيمه جي هٿ مان ڄڻ دل نڪري ويئي.
سندن من ۾ چاهت جي چڻنگ دکي ويئي. نسيمه تي الائي
ڪهڙو خوف طاري ٿيڻ لڳو هوءَ تيز تيز قدم کڻندي
ڪلاس ڏانهن وڃڻ لڳي.
ڪلاس ختم ٿيندي سڌي گهر هلي ويئي. گھر ۾ به هن کي
ان ڇوڪري جا خيال ايندا رهيا. ”حيرت آهي هن کان اڳ
ته آئون ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ائين نست نه بني
هيس، هي مون کي اڄ ڇا ٿي ويو هو.“ هوءَ پنهنجي
منهن سوچڻ لڳي هئي. پهرين نظر کيس اهو ڇوڪرو ڏاڍو
سٺو لڳو هئس. يونيورسٽي جي تمام ڇوڪرن کان مختلف
لڳس جن کان هوءَ نفرت ڪندي هئي.
ٻئي ڏينهن به ساڳيو ڇوڪرو ڪلاس جي سامهون مليس.
ڪلاس ختم ٿيندي ٻاهر نڪتي ته ڏڪڻي وٺي ويئي هيس،
خوف ۾ هن جو گلو خشڪ ٿيڻ لڳو ۽ ڊڄي ويئي ته ڪٿي هو
ڳالهائي نه ويهي. ساهيڙين مان يا ڪو ٻيو ڏسي وٺندو
ته سمورو ڀرم ٽٽي پوندو، نه نه ائين نه ٿيندو نه
... هوءَ ڪنهن تيزگام وانگر هن جي ڀرسان لنگهي
ويئي هلي، هو اتي ئي بيٺو نسيمه کي ويندو ڏسندو
رهيو.
نسيمه هاڻ رات ڏينهن ان ڇوڪري جي خيالن ۾ گم رهڻ
لڳي. پنهنجي هن اوچتي ٿيڻ واري حالت تي حيرت ٿيڻ
لڳس. سوچڻ لڳي ته جنهن ڏينهن کان پري ٿي ڀڳيس ۽
ڇوڪرين جي وچ ۾ ويهي ڏاڍيون وڏيون وڏيون ڳالهيون
ٿي ڪيم، اڄ اهو سڀ ڪجهه مون تي ڪيئن حاوي ٿي رهيو
آهي !! ”نه مان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندس، ڪهڙي خبر هو
ڪير آهي، ڇا ٿو چاهي.“ هوءَ سوچڻ لڳي هئي. نسيمه
ڪوشش ڪئي ان کي وسارڻ جي، پر هاڻي دل سندس وس ۾ نه
رهي هئي.
رکي رکي نسيمه کي ان ڇوڪري جا خيال گهيري ٿي ويا.
هوءَ پريشان ٿي ويئي. سمجهه ۾ نه آيس ته هي سڀ
ڪيئن ٿيو؟ نسيمه ان کي هميشه اڪيلو ئي ڏٺو. ڪڏهن
ٻي ڪنهن ڇوڪري، ڪنهن دوست سان نه ڏٺائينس، نه ته
يونيورسٽي ۾ سڀ ڇوڪرا گروپ ٺاهي پيا گهمندا، هڪ
ٻئي جي هُشين تي ڇوڪرين کي تنگ ڪندا وتندا آهن.
نسيمه جڏهن به ان جي طرف ڏسندي هئي، لڳندو هئس ته
اُن جي چهري تي پريشاني ۽ نماڻائي آهي ۽ هو شايد
ڪجهه چوڻ ٿو چاهي. پر ان ڪڏهن به نسيمه کي زبردستي
رستي ۾ روڪي نه ڳالهايو، نه ڪنهن جي هٿان ميسيج
موڪليا، نه وري ٽرڙن ڇوڪرن وانگر ٽيليفون ڪري تنگ
ڪيو. تڏهن ته نسيمه کي هن جون عادتون پسند آيون
هيون ۽ سڀني ڇوڪرن کان مختلف لڳس.
هو ٻيئي هڪ ٻئي جي سامهون ايندي چوڻ چاهيندي به نه
ڳالهائي سگهيا. چپن تي ڄڻ مهرون لڳي ٿي وين. لفظ
ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ئي اندر ئي اندر ڀري ۽ ڀڄي ٿي
پيا. دل ۾ جا چاهت جي چڻنگ دکي هين اُها هاڻي شعلا
بنجي ويئي. جڏهن لفظن ساٿ نٿي ڏنو ته خاموش هڪ ٻئي
کي ڏسندا بي وسن وانگر آهستي آهستي قدم کڻندا هڪ
ٻئي کي پٺ ڏيندا هئا.
نسيمه ماڻهن جي ڊپ کان ته ’هو ڇا چوندا؟‘... ان
سان نٿي ڳالهائڻ چاهيو. چهري تي بناوتي ڪاوڙ ٺاهي
ٿي هلي ته هو نه ڳالهائي. هو به شايد سمجهي ويو ته
نسيمه هن کان نفرت ٿي ڪري، نٿي ڳالهائڻ چاهي يا
ڪٿي بي عزتي نه ڪري ڇڏي، ان ڪري همت نه ٿيس
ڳالهائڻ جي. اڃا ڪلهه ئي ته نسيمه کي هڪ ڇوڪري سان
جهڳڙو ڪندي ڏٺو هئائين. نسيمه ڇوڪرين سان گڏ وڃي
رهي هئي. هڪ ڇوڪري عادت موجب نسيمه جي ڀرسان
لنگهندي ڪجهه ٻول چيا:
”هي ناز ادا مان ڇا سمجهان، انڪار ڀي آ، اقرار ڀي
آ.“
”اڙي ڇا چيئه، مئا مڇر! آهين ته خِيرن سان، لڳي ٿو
ڏاڍا مڇر ٿي پيا آهن، مڇر مار دوا ڇٽڪائڻي پوندي.“
نسيمه جهٽڪو ڏئي اڳيان ڦري اچي بيهي رهيس. ”شڪل
ڏٺي اٿئي پنهنجي؟“ ”جي بس هاڻي ڏسيو پيو اچان.“
ڇوڪرو به چڱو استاد ٿي ڏٺو. ”پوءِ به شرم نه ٿو
اچيئي، هڪڙو اڳئي ٽي بي جو مريض مٿان وري عشق جي
بيماري“، نسيمه اکيون ڳاڙهيون ڪندي چيس.
ڇوڪري ڏٺو ته هيءَ ڪا بلا ٿي ڏسجي، گوڙ شروع ڪري
ڏنو اٿس. وڌيڪ بيٺس نه ٻيا شو مارڻ وارا هڻي گهڙي
رکندم. ويچارو هو اڳئي هڏائون پڃرو، تنهن کي
پنهنجي ساهه سان لڳي، ڦرڪو ڏيئي هوا جي جهونڪي
وانگر گم ٿي ويو. ڏسڻ واريون سڀ ڇوڪريون کلي کلي
کيريون ٿي پيون.
نسيمه جو سخت مزاج ڏسڻ کان پوءِ به هڪ نسيمه کي
ڏسڻ لاءِ ان جي ڪلاس اڳيان اچي بيٺو هو. هن کي ڏسي
نسيمه جي دل ڊپ کان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ”ٻاهر نڪران
ڪٿي ڳالهائي نه.“ سوچڻ لڳي ته ”ٻيو به ڇوڪريون
آهن، هن کي مون ۾ ڇا نظر آيو آهي. مان هن کان
ايترو پري پري ڀڄان ٿي ۽ منهنجو موڊ آف ڏسي پيو،
پوءِ به !“...
هوءَ گهر اچي پڇتائيندي هئي ته ”مان ان سان اهڙو
سلوڪ ڇو ٿي ڪريان... هي ڇا ٿو ٿي وڃيم، ان جي
سامهون. ڪهڙي مهر لڳيو وڃيم وات تي؟“
نسيمه کي لڳو ته هاڻ هوءَ به ان کان سواءِ رهي نه
سگهندي. گهران روز اهو سوچي نڪرندي هئي ته اڄ ضرور
ان سان ڳالهائينديس يا کيس موقعو ڏينديس ته هو
ڳالهائي... ڇو ماڻهن جي خاطر پنهنجو ساهه
سڪايان... ڇو پنهنجي من کي ماري ويهان ٻين جي ڪاڻ،
پنهنجي خوشين ۽ جذبن کي گهٽي ڇڏيان، پر يونيورسٽي
پهچي جڏهن ان تي نظر پوندي هيس ته سمورا حواس جواب
ڏيئي ويندا هئس! ماڻهن جي ڳالهين ۽ ساهيڙين ۾
سرخرو ٿيڻ جو خيال ايندي، سندس ۽ ان جي وچ ۾ هڪ
اوچي ديوار کڙي ٿي ويندي هئي. قدم اڳتي وڌڻ کان
جواب ڏيئي ڇڏيندا هئس!...
سڄو سال ائين خاموش هڪ ٻئي کي ڏسندا رهجي ويا.
ٻنهي کي سندن نالن جي به خبر نه پئجي سگهي هين.
آخري ڏينهن به ان ڪجهه چوڻ چاهيو هو، پر نسيمه اڄ
به ان تي ۽ پاڻ تي اهوئي جبر ڪيو جيڪو اڳئي ڪندي
پئي آئي. دل تي پٿر رکي هميشه لاءِ يونيورسٽي مان
نڪتي. ماڻهن جي ڪاڻ پنهنجي محبت کي گهٽا ڏيئي
شرافت جو، سڀني کان انومان ٿيڻ جو ايوارڊ وٺي نڪتي
هئي. يونيورسٽي مان نڪرڻ وقت اکين مان لڙڪ لارون
ڪري وڃڻ لڳا هئس. اندر ۾ ڪئين اُڌما اٿڻ لڳس... دل
سيني ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻي ٿي ويس.
يادن سندس دل ۾ دونهي دکائي ڇڏي، جنهن ۾ دکندي
رهي. ان اجنبي شخص جي ياد هڪ ڏينهن به نه وسري
سگهيس. سندس شادي واري ڏينهن هوءَ مائٽن جي وڇڙڻ
کان وڌيڪ پنهنجي وڃايل محبت لاءِ دل کولي رني هئي.
ان ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ماضيءَ کي وسارڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳي، پر ان شخص جي ياد ته سندس نس نس ۾ پيوست
ٿي ويئي هئي...
سوچي ڪاوڙ ٿي آيس پاڻ تي: ” هيءُ ڪهڙو پاڳلپڻو
سوار ٿي ويو آهي مون تي، ان سان ڪو واسطو به نه
هئم، نه مون سان ان ڳالهايو، نه مون ئي ساڻس ڪڇيو،
پوءِ هي ڇا ٿي ويو اٿم... يا خدا ڇا ڪريان
مان-ڪيڏانهن وڃان. پنهنجو پاڻ ڪيم، هاڻي پڇتائڻ
مان ڇا ملندو... هاڻ ته هو ڪڏهن به نه ملي سگهندم،
پوءِ ڇالاءِ چري بنجندي پئي وڃان يارب!“
”بيگم صاحبه چانهه.“ هون... اوچتو خيالن جي وهڪري
مان ڇرڪ ڀري پٺيان ڏسي ٿي. نوڪر چانهه ٽيبل تي رکي
واپس وڃي رهيو هو. هوءِ اڃا تائين دريءَ وٽ بيٺي
هئي. کليل درين مان تيز هوا ڌوڪيندي ڪمري ۾ ڦهلجي
ويئي.
يادن ۾ من جي مونجهارن هڻي نست ۽ ساڻو ڪري وڌو
هئس. هوءَ ڪمري مان نڪري ٻاهر لان تي اچي بيٺي.
هوا ۾ وڌيڪ تيزي ايندي ويئي، سڄي آسمان تي ڪارن
ڪڪرن جو ڄار وڇائجي ويو. اتر جي ٿڌي ٿڌي هوا گهلي
رهي هئي. سائي ڇٻر جي چوڌاري گلاب ۽ موتئي جا
ٻوٽا، انهن ۾ ڳاڙها اڇا گل هوا ۾ جهومي رهيا هئا.
ڀتين تي چڙهيل ڳاڙهن گلن واريون وليون لڏي لمي
رهيون، اهو سڀ ڪجهه لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪافي هو.
پر نسيمه جي من جي مونجهه ويتر وڌڻ لڳي ڪجهه به
سُٺو نٿي لڳيس.
هوءَ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي آڪاش ڏانهن ڏسڻ لڳي. اڄ به
هوائن ۾ پيغام هو سندس لاءِ... اڄ وري وڇوڙي جا وڍ
پوڻ لڳس، اندر جي لوڇ پوڇ وڌي ويس. هوءَ ماضي جي
ڊٺل ۽ مروٽيل ورقن جيان اٿل پٿل ۾ اچي ويئي!...
آڪاش کان ايندڙ تيز مينهن جا ڦوهارا اُلر ڪري
مٿانئس وري ويا. هوءَ بيٺي رهي بي خبر خيالن ۾
گم... اندر جو اڃايل سانوڻ لڙڪ بنجي وسڻ لڳس. هوءَ
پنهنجي ئي اندر جي ٻرندڙ باهه جي تپش ۾ سڙڻ لڳي،
پوري وجود سميت!!
تبصرا
HISTORY ON TOMBSTIONES:
SIND & BALUCHISTAN
مصنف: علي احمد بروهي؛ صفحا 264؛ سائيز ڊيمي؛ قيمت
هڪ سو پنجويهه رپيا؛ ناشر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
1986ع.
سنڌي زبان ۽ ادب جي حوالي سان جناب علي احمد بروهي
ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي. بنيادي طرح سان پاڻ
هڪ مضمون نويس ۽ ڪهاڻيڪار آهي، ليڪن ان ۾ به کيس
طنز ۽ مزاح پيدا ڪرڻ جي ايتري قوت حاصل آهي،
جهڙيءَ طرح سان سندس جوڙ جي اڳين بزرگن کي اها
حيثيت حاصل هئي. بلاشبه بروهي صاحب کي، وتايي فقير
۽ جوناٿن سئفٽ واري قطار ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
ويجهڙائي واري دور ۾ هن بزرگ اهل قلم جا اخباري
ڪالمن تي مشتمل ٻه ڪتاب: ”ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ ۽
واٽ ويندي“ ڇپجي پڙهندڙن وٽ وڏي مقبوليت حاصل ڪري
چڪا آهن.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب: ”هسٽري اَن ٽامب اسٽونس: سنڌ
اينڊ بلوچستان“، بروهي صاحب جي تازي اشاعت آهي.
جيئن ته بروهي صاحب سڄي زندگي پنهنجي معاشري جي
تکين ۽ ڪڙين حقيقتن کي هضم ڪرڻ لاءِ ڪهاڻيون ۽
مضمون لکندي، انهن ۾ طنز ۽ مزاح پيدا ڪيو آهي، ان
ڪري پهريائين ته اعتبارئي نه پيو اچي ته، فاضل
مصنف بي جان مقبرن ۽ بي آواز پٿرن تي سالن جا سال
شاندار تحقيق ڪري، اهڙو هڪ ٺوس ۽ معياري تاريخي ۽
باقياتي ڪتاب تيار ڪيو هوندو. بهرحال جڏهن ڪتاب ۾
اونهو وڃبو تڌهن خاطري ٿيندي ته، اهڙي خشڪ عنوان
تي ايڏو جاذب ۽ دلڪش ڪتاب لکڻ صرف ۽ صرف محترم علي
احمد بروهيءَ جي قلم جوئي ڪمال ٿي سگهي ٿو. هونئن
ته هي ڪتاب تاريخ ۽ تحقيق تي مبني آهي، ليڪن ان جي
تياريءَ دوران سڌو حوالا وٺڻ بجاءِ، فاضل محقق صرف
هڪ اڌ جاءِ تي مددي ڪتاب يا مصئف جو نالو کنيو
آهي. ان ريت بروهي صاحب هڪ ٺوس تاريخي ۽ باقياتي
مطالعي کي وري به پنهنجي تحرير جي اصلي رنگ ۽ ڍنگ
۾ نباهڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي.
پيش لفظ ۾ بروهي صاحب هن ڪتاب جي مقصد بابت لکي ٿو
ته ؛ ” هن ڪتاب ۾ مختلف قبيلن جي سورمن جي مقبرن
جو ذڪر ٿيندو، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾، مختلف قسمن
۽ سائيزن ۾، ڏورانهن هنڌن تي موجود آهن.“ مجموعي
طرح سان هن ڪتاب جا اٺ حصا آهن. انهن ۾: سنڌ ۾
مقبرا؛ بلوچستان ۾ مقبرا؛ علامتن جي سمجهاڻي؛
سورهيه قبيلا؛ قبيلن جو ثقافتي پس منظر ۽ مڙدن جي
تعظيم—وغيره اهم عنوان آهن. ڪتاب جا اٺ حصا وري
وڌيڪ عنوانن ۾ تقسيم ڪري بحث هيٺ آندا ويا آهن.
سنڌ جي مقبرن جو ذڪر ڪندي چوکنڊي (لانڍي)،
منگهوپيري، ميمڻ ڳوٺ درس وريو. حاجي تراب، راڄ ملڪ
پير پٺو، سونڊا، لاکوپير، کوڙ، مڪلي ۽ بيگلارن جي
مقبرن کي شامل ڪيو ويو آهي. ان ريت بلوچستان جي
چئن ماڳن جي مقبرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
مطالعو ڪندي خبر پوي ٿي ته سالن جي جستجو ۽ جاکوڙ،
سوين ميلن جي سفر ۽ مشاهدي، ڪيئي ڪتابن جي مطالعي
۽ اڀياس توڙي ورهين جي صبر آزما مرحلن مان گذرندي،
هي ڪتاب تيار ڪيو ويو آهي. جيئن ته بحث هيٺي آيل
عنوان تي، ماضيءَ جي همعصر تذڪرن ۽ تاريخن ۾ تمام
گهٽ مواد ملي ٿو، ان ڪري فاضل محقق پنهنجي مقصد
ماڻڻ لاءِ سوين جتن ڪيا آهن. ڪٿي تاريخ کي ڳولڻ
لاءِ روايتن جو سهارو ورتو ويو آهي ته ڪٿي وري
رسمن ۽ رواجن جي اڀياس ذريعي تاريخ جو پيڇو ڪيو
ويو آهي. ڪٿي سورمن ۽ سورهين جي آڙ ورتل آهي ته
ڪٿي وري قبائلي ڏند ڪٿائن۽ باقيات جي مدد ورتي وئي
آهي. دور ماضيءَ ۾ گم ٿيندي بروهي صاحب مذهبن ۽
سماجي عادتن، جادو ۽ ٽوڻن ڦيڻن، جنن ۽ ديون،
راڪاسن ۽ ڀوتن توڙي پَرين ۽ ڏائڻين جي مطالعي کي
اختيار ڪندي تاريخ جي گم ٿيل رازن ۽ مامرن کي
سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوين ميلن ۾ پکڙيل هنن
مقبرن تي موجود علامتن ۽ اهڃاڻن: گهوڙن، اٺن، ڍڳن،
هرڻن، ٻڪرن، پکين، نانگن، مورن، مڇين، جدا جدا
قسمن جي ڳهن ڳٺن توڙي جنگ جدل کي آڏو رکندي، تاريخ
جي انهن علامتي ۽ گم نام سورمن مٿان اڏيل مثالي ۽
فني طور تي لاثاني ۽ لافاني مقبرن جي راز ۽ ڳجهه
توڙي حقيقت کي پروڙڻ جي هڪ سنجيده ڪوشش ڪئي آهي.
ان ڪوشش ۾ اسان جو هي مانائتو عالم گهڻي ڀاڱي
ڪامياب ڏسجي ٿو. اها خاطري آهي ته جڏهن به ڪجهه
پراسرار گنبذن ۽ مقبرن جو مطالعو ٿيندو، تڏهن هي
ڪتاب هر ڳولائو ۽ اهل قلم جي آڏو رهندو. مصنف ڪٿي
ڪٿي ڪي دلچسپ نتيجا به سامهون آندا آهن. منگهي پير
جي مقبرن جو مطالعو ڪندي، برفتن جي چڱي مڙس جي
مزار تي لکندي، بروهي صاحب لکي ٿو ته هي سنڌي طرز
تعمير ۽ اڏاوت جو شاندار مثال آهي. ان سان همعصر
اڏاوت ۾ ٻئي ڪنهن مقبري جي ڀيٽ ٿي نه سگهي (ص-14).
عام طرح سان سنڌ ۾ هنن مقبرن کي بلوچ قبيلن ڏي
منسوب ڪيو وڃي ٿو، ليڪن فاضل محقق ان جي ترديد هن
ريت ڪئي آهي: ”نهايت غلط طريقي سان هنن مقبرن کي
بلوچن ڏي منسوب ڪيو وڃي ٿو. رند، بگٽين، لشارين،
کوسن ۽ مَرين ڪڏهن به اهڙا مقبرا نه اڏيا آهن.
حقيقت ۾ اهي گنبذ قديم سنڌي قبيلن برفتن، نومڙين،
ڪلمتين، جکرن، جوکين، برهماڻين، جتن ۽ پليجن جا
آهن.“ (ص-123). ڪلمتي قبيلي جي پس منظر تي لکندي،
هن طرح نتيجو ڪڍيو ويو آهي: ”سنڌ ۾ تيرهين سن ۾
ناصر الدين قباچه جي اوج سان قرامطين جو زوال اچي
ويو. شايد موچوده دور ۾ ڪلمتي يا ڪرمتي قبيلو،
گذريل دور جي قرامطين جو ٻيو نالو هجي“ (ص-166).
ان ريت هي ڪتاب پڙهندي هڪ طرف معلومات ۾ واڌارو
ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف متعدد معاملن بابت بروهي صاحب
جي اخذ ڪيل نتيجن کي به سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي ٿي.
ابتدا ۾ نه سماج تي ان جا قبائلي رسم و رواج حاوي
رهيا آهن، ليڪن اڳتي هلي مذهبي قانون ۽ احڪام،
معاشرتي ڍانچن تي ڇانئجي وڃن ٿا: هي اسم ڪفن دفن
سان به لاڳو رهندو آيو آهي: شروع ۾ مٿين سطح تي
(Super terrian)
بعد ۾ زير زمين(Under
ground)
ڪفن دفن رائج ٿيو.
انگريزي زبان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان تي گڏيل ڪتب
نويسيءَ جو بنياد، غالبا هينري پاٽنجر سال 1816ع ۾
”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“ نالي پنهنجي ڪتاب
ڇاپڻ سان وڌو. ان بعد ابن. ايم. بليموريا ”ببلو
گرافي آف سنڌ ۽ بلوچستان“ ۽ ڊاڪٽر ڊيو آرٽ ”هئنڊي
ڪرافٽس آف سنڌ ۽ بلوچستان“ نالن سان ڪتاب لکي ان
سلسلي کي اڳتي وڌايو. هن سلسلي ۾ جناب علي احمد
بروهي صاحب جو هي ڪتاب هڪ اهم واڌارو تصور ڪيو
ويندو. بروهي صاحب جيئن ته نسلي لحاظ کان بلوچ
آهي، ان ڪري به ”سنڌ ۽ بلوچستان“ تي سنبدس هيءَ
گڏيل ڪوشش قابل فهم آهي. هن ڪتاب ۾ پيش بها تصويرن
جو سيٽ ڏئي، ڪتاب جي مان ۽ مرتبي ۾ مٿانهون واڌارو
ڪيو ويو آهي. پنجن رنگن سان جاذب ۽ دلڪش ڪور سان،
هي معلوماتي، تاريخي ۽ باقياتي ڄاڻ تي مشتمل ڪتاب
ڇاپي، سچ پچ ته سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي مطبوعات ۾
هڪ اهم اشاعت جو اضافو ڪيو آهي.
ـــــ غلام محمد لاکو
ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب سنڌي زبان ۽ ادب جي
سچن خدمت گارن مان آهي. سنديلي صاحب لوڪ ادب، لغات
۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ بابت قابل قدر ڪم ڪيو آهي.
ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي سندن ورهين جي پورهئي جو
سهڻو ثمر آهي. قلمي نسخن ڪري، زباني روايتون گڏ
ڪري، انهن جي وڏي سوچ ۽ سمجهه سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان
پوءِ معياري متن تيار ڪرڻ سولو ڪم نه آهي. ههڙو
ڏکيو ڪم سنديلي صاحب جهڙا سڄاڻ ئي صحيح ۽ سهڻي
نموني ادبي معيار مطابق ڪري سگهن ٿا.
حاجي خانڻ چنجڻي جو ڪجهه ڪلام اڳ ۾ ڇپجي چڪو هو،
پر اهو تحقيقي معيار مطابق نه هو. ڊاڪٽر سنديلي
صاحب وڏي محنت ڪري هيءُ ڪتاب تيار ڪيو آهي.
”ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي“ ۽ علمي ادبي پورهئي کان
علاوه سنديلي صاحب ڏکين لفظن جون معنائون ڏئي سنڌي
سرائڪي لغات جي سلسلي ۾ هڪ سهڻو ڪم ڪيو آهي.
هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته حاجي
خانڻ پنهنجي دور جو سٺو شاعر هو. سنڌي ۽ سرائڪي
ٻنهين ٻولين جو ماهر هو. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽
رواني جابجا نظر اچي ٿي. نه فقط سٺو شاعر هو، پر
موسيقيءَ جي فن جي کيس وڏي ڄاڻ هئي ۽ راڳ سندس رڳ
رڳ ۾ رچيل هو.
چنجڻي جي شاعريءَ ۾ مدح، مولود، لوليون، ڪافيون ۽
منظوم قصا شامل آهن. هر صنف تي سهڻو لکيو اٿائين،
خاص طور سندس ڪافيون ڏاڍيون پياريون آهن. مثلا: ص
211 ۽ 212 تي جيڪي ڪافيون (نمبر30، 31 ۽ 32) ڏنل
آهن تن ۾ ڪافي جي سچي سونهن نظر اچي ٿي. اهو رنگ
سچل، بيدل، خوش خير محمد، شاهه نصير ۽ ٻين ڪيترن
ئي شاعرن جي ڪلام ۾ نظر اچي ٿو ان مان اهو ظاهر
ٿئي ٿو ته هو سنڌي ۽ سرائڪي زبانن جي متقدمين کان
گهڻو متاثر هو.
چنجڻي مختلف سُرن ۾ ڪافيون چيون آهن، جن ۾ مارئي،
سسئي ۽ ٻيا داستان اچي وڃن ٿا. هن ڪليات ۾ منڍ
واريون 15 ڪافيون سانگيئڙن جي سڪ ۾ چيل آهن. ص 233
تي ڏنل ڪافي نمبر 64 اسان جي سماجي زندگيءَ جي چٽي
تصوير آهي. اهڙيءَ ريت ڪافي نمبر 15 کان 68 تائين
ڪافيون خاص صنفن ۾ چيل معلوم ٿين ٿيون. ان مان اهو
ظاهر ٿئي ٿو ته چنجڻي ڪافي جي فن جو وڏو ڄاڻو هو.
248 صفحن جي ههڙي سهڻي ڪتاب جي 35 رپيا قيمت مناسب
آهي. سنڌي ادبي بورڊ هيءُ ڪتاب شايع ڪري ادب ۾
سهڻو اضافو ڪيو آهي.
ـــــ ڊاڪٽر نواز علي شوق
THE ALCHEMY OF HAPPINESS
ترجمو: مرزا قليچ بيگ؛ ص 156؛ سائيز ڊيمي؛ قيمت
ويهه رپيا؛ سال 1986ع، ناشر سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب اسلامي دنيا جي مشهور فلسفي ۽
مذهبي اسڪالر امام محمد غزالي (1111ع) جي ”ڪيميائي
سعادت جو انگريزي ترجمو آهي. هي ترجمو سنڌي ادب جي
ابي مرحوم مرزا قليچ بيگ جو ڪيل آهي. مرزا صاحب جي
شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. اصلي ۽
ترجمي جي شڪل ۾، متعدد ٻولين ۽ مرزا صاحب سوين
ننڍا وڏا ڪتاب ڇڏيا آهن. انهن مان اڄ سوڌو ڪيئي
تصنيفون طباعت هيٺ نه آيون آهن. جيسين سنڌي زبان ۽
ادب جي دنيا قائم آهي، تيسين مرزا صاحب جو نالو
زنده جاويد رهندو.
مرزا قليچ بيگ روينيو عملدار جي حيثيت ۾، سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙچ ۾ سروس ڪندو رهيو، ليڪن جتي به ويو اتي
ڪتاب، قلم ۽ پنو ساڻ رهيو. ”ڪيمائي سعادت“ جو هي
انگريزي ترجمو، فاضل مترجم سال 1894ع ۾، عمرڪوٽ ۾
ملازمت واري عرصي ۾ پورو ڪيل ڏسجي ٿو. اهڙو اظهار
مرزا صاحب جي خودنوشته سوانح ذريعي ٿئي ٿو. ست سال
پوءِ وري به مرزا صاحب، اسلامي دنيا جي هن اهم
تصنيف جو سنڌي زبان ۾ مفصل ترجمون ڪيو، جيڪو پڻ
هاڻي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي. مرزا صاحب جو
”ڪيميائي سعادت“ جو انگريزي ترجمون چئن ڪتابن تي
مشتمل آهي. پهريون ڪتاب ’انسان جي معرفت‘(Knowledge
of Man’s self)
بابت آهي. هي حصو اوڻويهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن
۾ ماڻهوءَ جا جُزا، دل جي حقيقت جو اصل بنياد، دل
جي حقيقت، جسم جي ضرورت ۽ ان جا ظاهري ۽ باطني
عضوا، دل جا چار اخلاق، دل جا عجيب اسرار، روحاني
معرفت، ثبوت جي حقيقت ۽ جسم جا عجائب و غرائب جهڙا
عنوان بحث هيٺ آيا آهن. ٻيو ڪتاب ’حق تعاليٰ جي
معرفت‘ متعلق آهي ۽ اٺن بابن تي مدار رکي ٿو. هن ۾
حق تعاليٰ جي پاڪائي، نفس جي پاڪائيءَ مان ثابت
آهي؛ خدا جي بادشاهيءَ جو مقابلو، ماڻهوءَ جي
بادشاهيءَ سان؛ خدا تعاليٰ جي بادشاهيءَ جو دستور؛
خدا جي وڏائي وغيره جهڙا اهم موضوع بحث هيٺ آيا
آهن. ٽيون ڪتاب ’هن دنيا جي معرفت‘ بابت آهي، جنهن
۾ ڪل پنج باب ڏسجن ٿا. هن حصي ۾ دنيا جي معرفت ۽
حقيقت توڙي دنياوي حياتيءَ جي حيثيت تي بحث ڪيو
ويو آهي. آخري ڪتاب ’آخرت‘ متعلق آهي، جيڪو پندرهن
بابن تي مدار رکي ٿو. هن ۾ موت جي معنيٰ؛ حيواني ۽
انساني روح جي وچ ۾ فرق؛ حشر جي معنيٰ؛ قبر جو
عذاب ۽ ان جا درجا، روحاني دوزخ ۽ ڪجهه شڪي مزاج
انسانن جي ڪم عقليءَ تي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جي
آخر ۾ مترجم انگريزي توڙي فارسي ڪتابن مان ’ٿيا
سافي‘ متعلق اقتباس پاران، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان
ڇپايل ڪتابن مان اخذا ڪيا ويا آهن. حسب دستور هي
ترجمون به، فاصل مترجم عام فهم ۽ آسان انگريزي
زبان ۾ ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب جو نئون
ايڊيشن آڻي، پنهنجي انگريزي ڪتابن ۾ هڪ بهترين
اشاعت جو واڌارو ڪيو آهي.
ـــــــــ غلام محمد لاکو |