ببليوگرافي
سنڌي ڪتاب ۽ مضمون
(1)
اڌارام آسراڻي: مقالو، ”شاعر“، 1956ع، ص 17.
(2)
رشيد احمد لاشاري: ”سچل جو رسالو“ (سنڌي ۽ سرائڪي)
حيدرآباد، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، 1965ع ص 7.
(3)
سيد احسان الدين شاهه راشدي: ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“،
ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ
(4) ڊاڪٽر گربخشاڻي: ”مقدمه لطيفي“ ڪراچي،
ايجوڪيشنل پريس، 1936ع، ص ص 56 ۽ 69.
(5) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي موسيقيءَ جي
مختصر تاريخ“، حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ثقافتي
مرڪز، 1978ع، ص ص 173، 175، 253.
(6) ”رسالو سچل سائين“، سکر، ميشرس هريسنگهه سنس،
ص 71.
(7) جاحظ: ”رساله فخرالسودان علي البيضان“، اردو
ترجمو، ”هندوستان عربي کي نظر مين“ جلد اول، اعظم
ڳڙهه، دارالمصنفين، 1960ع، ص ص 4-7.
(8) حجة الاسلام امام ابو حامد الغزالي: ”موسيقي
کي شرعي حيثيت“ مترجم: سيد نصير شاهه، لاهور،
اداره ثقافت اسلاميه پاڪستان، 1964ع، ص 38.
(9) موسيٰ خان ڪليم: موسيقي، نئين تحريرن، پشاور
1965ع.
انگريزي ڪتاب
(10) Tirathdas, H. T: ‘Story of Love’,
Hyderabad, P. 8.
قلمي نسخا
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ڇاپ خانا ته هينئر نڪتا، پر تنهن کان اڳي ڪتاب هٿ
سان لکندا هئا؛ ڀل ڪيترو به وقت لڳي! سنڌ ۾ هزارن
جي تعداد ۾ قلمي نسخا لکيا ويا، جن مان ڪيترا ڇاپي
هيٺ آيا، ۽ ڪيترا ويڳاڻيءَ حالت ۾، ڪن درسگاهن،
درگاهن ۽ اهل ذوق حضرات وٽ محفوظ آهن.
قلمي نسخن جي ڳولا، هر وقت رهندي آئي آهي، جنهن
ڪري ڪي ناياب، نادر ۽ نفيس چيزون دستياب ٿي سگھيون
آهن. عثمان علي انصاري(؟) ’قلمي نسخن جي ڳولا‘ ۾
لکي ٿو:
”اسان جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ تي جيڪي ڌار ڌار ڪم
رکيل آهن، تن مان هڪڙو هي به آهي ته عربي ۽ فارسي،
سنسڪرت ۽ هندي، اردو ۽ سنڌيءَ جا، اهي جھونا قلمي
نسخا، جي آڳاٽي زماني جي ناميارن مصنفن، تاريخ،
ادب وغيره تي پٺيان ڇڏيا هجن، سي گڏ ڪري، انهن کي
سندن اصلي صورت ۾، يا انهن جا سنڌي ترجما ڪرائي،
بورد جي ماتحت ڇپيا وڃن. “
انهيءَ ڪم کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ، نسخن جي ڳولا
۾، پهريائين ٺٽي ۾ پير سدورا ڪيائون، جنهن لاءِ
سندن هي الفاظ آهن:
”رضوي ساداتن مان، وڏي ڪتب خاني جو مالڪ ته اسان
کان صفا گسائي ويو... قاضي خاندان جي نوجوان کي
ڏاڍو ڇڪيوسين ته من ڪو منهن ڏئي... صفا پڙ ڪڍي
بيٺو. ان جو افسوس دل ۾ رهجي ويو.“(مهراڻ اپريل
1946، ص3- 4).
نسخن حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿيڻ جو سبب، هڪ
هي به ٿي سگھي ٿو، جو هو ڪن صاحبن کان ڏّڌل
هوندا،تنهن ڪري پنهنجي لاءِ وڌيڪ ويل وهائي مناسب
نه سمجھائون. اڳي عالم ۽ اديب، هڪ ٻئي کي ڇاپي
توڙي قلمي نسخا ڏيندا وٺندا هئا ته جيئن کنيل ڪم
کي خوش اسلوبيءَ سان پايئه تڪميل تي پهچائي سگھن؛
ليڪن هينئر اها ڳالهه ئي نه رهي آهي. ائين ڇو؟
ڇاڪاڻ جو کين ڏاڍن مڙسن جا هٿ لڳل آهن، تڏهن هر ڪو
ڇِنايو ٿو وڃي! زباني شڪايتون ته هلنديون رهن
ٿيون، پر تحريري صورت ۾ به، اهڙا ڪيترا ڪالم، اسان
جي سامهون آهن. مرد مومن علامه ڊاڪٽر دائود پوٽا
هڪ درويش صفت انسان هو، جو ٿوري گھڻي ڳالهه تي،
ڪنهن کي به ڏک ڏوراپو نه ڏيندو؛ پر ڪن شاهينگن،
سندس صبر ٽوڙي وڌو، جو اهڙو اظهار خيال ڪيو اٿس:
1- ”ڪي ويري امانت تي ورتل ڪتاب تڳائي، انهن جي
موٽائي ڏيڻ کان نابري وارين...“ (نئين زندگي،
فيبروري 1952ع، ص 8).
2- ”محترم انصاريءَ کي پنهنجي وساطت سان مرهيات
گربخشاڻيءَ کان رسالي جا ٻه قديم نسخا بلڙيءَ ۽ ڀٽ
وارا وٺي ڏنا هيم، جي وٽس رهجي ويا هئا. کيس
استدعا ڪئي ويئي ته اهي ٻئي نسخا ڪجھ وقت لاءِ
عاريت طور ڏئي، پر مرد پڙ ڪڍي بيهي رهيو.“
3- ”اهڙيءَ طرح ’لطائف لطيفي‘ جو قلمي نسخو، جو
مون کي مرهيات جي ڪتب خاني مان هٿ آيو هو، ۽ جو،
مولوي دين محمد وفائيءَ مون کان ’لطف اللطيف‘ جي
لکڻ لاءِ اڌارو ورتو هو، سو سندس وفات کان پوءِ گم
ٿي ويو، ۽ وڃي ڏاڍن جي ور چڙهيو.“
”انساني ناسپاتيءَ جو ٻيو ڪو مثال ڇڊو لڀندو. ان
جو جيتري قدر افسوس ڪجي، اوترو ٿورو آهي. مِٺي به
ماٺ، مُٺي به ماٺ.“(نئين زندگي، نومبر 1952ع، ص
6).
بنده به ٽيهارو سال اڳ، اهڙو خيال ڏيکاريو آهي:
”مون وٽ سگھڙن جي ڪلام جي تشريح جو ڪو هڪيو تڪيو
مواد ڪونه هو، جو کڻي بسم الله ڪري شروع ڪيان ها.
جيتوڻيڪ ڪيترن علم دوست حضرات وٽ سُجھيو به پئي،
ليڪن هو صاحب پنهنجي هن سوني مواد جا ڏاڍا دلداده
پئي لڌا، جو شايد ڪتابي چورن کان ڏجھيل هئا. ڪي
اهڙا مهربان به هئا ، جي سسئيءَ جيان پنهل کي ڀاڪر
۾ جھلي، رڳو پيشانيءَ جي زيارت ڪرائڻ لاءِ آماده
هئا. نيٺ دل ۾ انصاف ڪيم ته آخر اهڙا مواد، سي ته
سوداگري سٽي جا آهن. جي نه مفت ڏيڻ جهڙا آهن، ۽ نه
وري سستي سودي لاءِ، ته ڀل ڪو ٻيو ڪمائي، تنهن ڪري
سڀ بي ميار ٿيا! “ (سنڌ جو سينگار- 1956 ، ص 6)
سنڌ جي هڪ بزرگ اديب خط لکيو، جنهن ۾ هڪ قلمي نسخي
۽ ٽن ڇاپي ڪتابن جي فرمائش هئي:
1-
نگيرانِ سنده (سنڌ جا حڪمران)- قلمي نسخو.
2-
مرزا قليچ بيگ جا ٻه ڇاپي ڪتاب.
3-
هڪ ڪتاب، ڪنهن ٻئي اديب جو.
مون کيس ٽي ڇاپي ڪتاب پوسٽ رستي ڏياري موڪليا.
ڀريا ڇهه مهينا گذري ويا ته مهربان وٽان، نه خط
آيو ۽ نه ڪتاب! تنهن ڪري لاچار ٿي، کيس ڪتابن
موٽائڻ لاءِ، ٻه اکر لکيم. جواب گھڻو ڪجھ اٿس. (خط
به اڃا سلامت پيو آهي)، پر ٿوري ۾:
”مهربان، مون اوهان کي ٽيئي ڪتاب، هڪ هفتي اندر
موڪلي ڏنا آهن. مهرباني فرمائي پنهنجي ياد کي تازو
فرمايو....“
مطلب ته خط ۾ پنهنجي ڏاڍ مڙسيءَ جو کُليو مظاهرو
ڪيو اٿس. بقول ڊاڪٽر دائود پوٽا: ”مِٺي به ماٺ،
مُٺي به ماٺ.“ آئون سمجھان ٿو ته ادبي مجاهد کي
انهيءَ تان مٺيان لڳي ٿي ڀانئجي، جو ڏانهس قلمي
نسخو ’نگيران سنده‘ نه موڪليم. هن قلمي نسخي جي
کيس خبر تڏهن پيئي، جڏهن مارئيءَ جي تحقيق ڪندي،
’نگيران سنده‘ جو حوالو ڏنم، جو پيش ڪجي ٿو. اهو
”حوالو“ اسان جي ڪلفت جو ڪارڻ بڻيو.
”پنڊت موهن لال’لالا‘
برائي تحقيقات اين افسانه فرستاده بودم. يکي
سوامئي مند تتکريه و ديگر راويان بر اين متفق بوده
اند. پنڊت همين طور واضع مي کند ... ”مارويان
ماروا در خطئه ملير بود باش مي کردند. پدرانت از
تتکران گجرات از گردش ِ ايام در انجا آمدند. گويند
که ماروا در حُسن و خوبي زر ساده بوده و در تبسم
اثر ِ صيقل داشته ک دلهارا جلوه مي داد. يکي سرو
قد بوده. به چستي و چابکي و يکي معصوم بوده و
دوشيزگي و پاکيزگي. نظرش پاک و طبعش بي باک.“
”ديدگان، بينندگان و جويندگان بودند رازهائي حسن
فطري را که در آن يکجسم گويا همچو مجمع الصنايع
قدرت نمودار بوده. گرچه ملير بعد از باران يکي
گلزار زمين مي نمود، ولي اين کتان پوش دختر در آن
گلزار، گلي يگانه مي بود. حسّينانِ گجرات منسوب به
گجريان يکي ضرب المثل ”زم وجم“ بوده اند يعني
دوشيزگيء شان بزرگيء پاکيزگي مي دارد .“ (نگيران
سنده، ص 37- باب اول).
ترجمو: پنڊت موهن لال ’لالا‘ کي هن افساني هٿ ڪرڻ
لاءِ موڪليم. ٺّڪرن جي مندرن جو هڪ سوامي ۽ ٻيا
راوي، آهن(هيٺين ڳالهه) تي متفق ٿيا آهن.پنڊت هن
طرح واضح ڪري ٿو: ...
”مارئي وارا مارو ماڻهو،ملير واريءَ ٽُڪريءَ ۾،
گذر سفر ڪندا هئا. سندس پيءُ ڏاڏا گجرات جا
ٺّڪڏرّ، زماني جي گردش جي ڪري، اُتي آيا. چون ٿا
ته مارئي پنهنجي حسن ۽ لڇڻ ۾ نجِ سون جي هئي، ۽
مرڪ ۾ بجلي وارو اثر هوس، جو دلين کي مانجي اجاري
ٿي ڇڏيائين. بدن هڪ سنئين سِڌي هاٺِي، ۽ عضوا حسين
۽ ملائم ڪاٺِي. هڪ پاڪدامن هئي، پنهنجي ڪُماريه
جِيوت ۽ پاڪ خيال سان، سندس نظر پاڪ ۽ طبع آزاد
هئي. “
”جن کيس ڏٺو پئي، تن منجھس حسن جا راز پئي سوچيا،
جي گويا سندس هڪڙي جسم ۾ چٽسالي جي گلدستي وانگر
ظاهر هئا. توڙي ملڪ ملير، برسات بعد، هڪ جو گلزار
ٿي ڏٺو، پر هي کٿيرِي ڪنوار، انهيءَ گلزار ۾ به هڪ
لاثاني گل هئي. گجرات جون گجُريُون هڪ ”يم ۽ جم“جو
مثال چوڻي جو مثال ٿي رهيون آهن، يعني سندس
ڪُماريه زندگي هميشه پاڪ دامن رهي آهي.“ (نئين
زندگي، فيبروري 1956ع، ص 4-5).
محترم مهربان، انهيءَ ڏينهن کان هميشه لاءِ دل کڻي
ويو.هروڀرو ائين به نه آهي ، پر ڪي اهڙا اعليٰ
انسان به پيا آهن، جن کي ڪتاب يا قلمي نسخو ڏيندي،
خوشي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ”جيءُ جيءُ“ ڪري موٽـائين
ٿا ۽ پنهنجي تصنيف ۾ ايمانداري ڏيکاريندي، ٿورو به
مڃين ٿا.
قلمي نسخن جي باري ۾
اسلم لائبرريءَ (نزد پاور هائوس لاڙڪاڻو) ۾ بنده
وٽ جيڪي قلمي نسخا موجود آهن، تن جي مختصر وضاحت
ڪجي ٿي. لائبرريءَ جو افتتاح 1957-4-7 ع تي ٿيو.
1-
شاه جي ڪلام جا نسخا
حُسين ديدڙ وارو قلمي نسخو.
هن رسالي جون ڪي پڙهڻيون مهراڻ (جنوري- فيبروري ۽
مارچ 1986ع) ۾ ڏنل آهن.
تختي فلسڪيپ (پنو ٿلهو)
ڪاتب الهه وسايو ابڙو
سال 1852ع
صفحا 806
2. سچل سرمست جي ڪلام جا نسخا
الف- سختي فلسڪيپ (پنو ٿلهو)
ڪاتب ......
سال 1891ع
صفحا 311
ب - تختي فلسڪيپ (پنو
ٿلهو)
ڪاتب جمال
سال 1892ع
صفحا 298
3_ گروهڙي جي ڪلام جا نسخا.
هي قلمي نسخو چوٽياريون (ضلعو سانگهڙ) مان هٿ آيو.
نسخي جو مواد، گهڻي ڀاڱي ”اڀيات سنڌي“ ۽ ”ڪلام
گروهڙي“ ۾، شمس العماء ڊاڪٽر دائود پوٽي آڻي ڇڏيو
آهي؛ ان هوندي به 98 صفح بچيل آهن.
تختي چوٿاڙ پنو
ڪاتب يار محمد فقير چانڊيو
سال 1317 هجري مطابق 1899ع
صفحا 787
پڇاڙيءَ ۾ ڪاتبن لکي ٿو:
قاريا برمن مکن قهر عتاب،
من نوشتم آنچه ديدم در کتاب.
4. سيف الملوڪ- لطف علي بهاولپوري:
الف. تختي 8.50 انچ
X
سوا 6 انچ (ٿلهو پنو)
ڪاتب لعلو
سال 1269 هجري مطابق 1852ع
صفحا 280
ب. تختي 7.50 انچ
X
10.50 انچ (ٿلهو پنو)
ڪاتب
حسن علي ولد
محمد علي فقير شهر دراز
سال ............
صفحا 252
ج. شاهه محمد ديدڙ وارو نسخو.
تختي چوٿاڙ پنو
ڪاتب شاهه محمد ديدڙ
سال 1287هه مطابق 1870ع
صفحا 296
هن نسخي جي خاص خوبي اها آهي، جو انوکن لفظن جي
معنيٰ پارسيءَ ۾ ڏنل آهي، جنهنڪري مطلب جهٽڻ ۾
آساني ٿئي ٿي. مثال:
1-
پاسا مار پِرم دا ڏيو ي، پاس نه پلنگين پاسا.
پاسا
=
دم. مار=
زده، پرم
=
دوستي. پاس
=
طرف. پاس
=
پهلو.
2-
ماس ڪُون سمجهايا مُونس، دل تون لاهه اُداسي.
مانس
=
مراد سيفل. مونس
=
مراد سعد.
3-
ڀڳتي پّٽُ تي نقلي نٽوي آڪر سانگ رسايا.
نقلي
=
حڪايت خون. نٽوي
=
مسخره.
جيڪڏهن ڇاپي ۽ قلمي نسخن جي ڀيٽ ڪبي ته قلمي نسخا
بهتر ثابت ٿيندا، يعني ٻانهي ۽ سانئيڻ جو فرق نظر
ايندو.
5. لغوي نسخا.
الف- هي نسخو، ”خالق باري“ جي طرز تي آهي
تختي ڊيمي
ڪاتب عبدالله- ساڪن نواحي
ملاڻو.
سال 1317هه مطابق 1899ع
صفحا 150
نسخي جو پهريون ورق گم آهي، پر پوين ورق مان ڪتاب
جو نالو ۽ سل ظاهر آهي:
معلم او بنام غلام صديق،
که هست از حلقهء تحقيق و تدقيق
بال سيزده صد هفتده افزون،
شد ارقام اين نامه ء همايون.
الراقم عبدالله
عبدالله، شهداد ڪوٽي بزرگ غلام صديق جو شاگرد آهي.
ب. سنڌي لغت.
تختي فل اسڪيپ (ٿلهو پنهو)
ڪاتب ...... مانجهند ڳوٺ
سال 1871ع
صفحا 310
لفظن جون معنائون سنڌيءَ ۾ ڏنل آهن. ڪٿي ڪٿي معنيٰ
ڏيندي، شواهد به پيش ڪيل آهن. مثلاً:
ڀونگ
=
نانگ.
ٽاهُو
=
ٽّهڻو ڍور ۽ اکر دهل جو.
ٽِهيو
=
بار ٽيهن ڪاسن کڻڻ وارو.
ٺّهيو
=
ڏوراپو ۽ تيار ٿيو.
ڊّ ڍّ
=
پٽڻ جي اکر دهل تي ۽ ٿلها مڙس.
ڊُهِي
=
ڍڳو زمين ۾ سڱ هڻي ۽ اُڇلي ڌُوڙ ۽ آن جا ٻوها
ٻاجهريءَ جا ۽ ننڍڙي ٻار کي سُري ۽ مِروُن ويهي
ڪنن کي اڇل ڏئي ۽ زال ڌوتي.
سّهّڪّ
=
ڌّپ مڇيءَ جي ۽ بوءِ پگهر ماڻهن جي ۽ بانس لوهه جي
گونهٽ جي ۽ هوريان هوريان هلڻ وّهِٽّ جو ۽ ڏاڍي
جهڪ.
سّهّڪ
=
مرض آڀ ساهي ۽ سهڪڻ.
ڳوڌو
=
نالو ۽ ٿلهو چوٽو مڙس ۽ ڏاند ۽ جوڌو.
واسڻي
=
مُرلي.
شاهد: سِسّي ڏِسي سانڊي جي، ڀانيائين ڀّوّنگ،
واسڻّي وات ڪري، رچايائين رنگ.
6. عورتن جي باري ۾.
نسخو ــــ نالو ــــ تحفہ الرئيس ولامراي.
تختي چوٿاڙ پنو
ڪاتب فقير غلام محمد (مصنف پڻ)
سال 1330هه مطابق 1911ع
صفحا 417
هن قلمي نسخي ۾ چار باب آهي، جي چئني قسمن جي
عورتن- پدمني، چّترني، سنکني ۽ هّسني تي ٻڌل آهن.
نسخي جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪن قديم نسخن
جو نچوڙ آهي؛ ڇاڪاڻ ته عورتن جا ڪيترائي لڇڻ، جي
هن نسخي ۾ ڏيکاريل آهن، تن مان ڪيترا هندي ۽
سنسڪرت جي ڪتابن مان نٿا ملن. اسان 1942ع ۾، فقير
غلام محمد آريجي جي پوين سان، سندس ڳوٺ ملياسي،
ليڪن چند ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪو قيمتي مواد هٿ نه
آيو.
نسخي جي پڇاڙي ۾ لکيل آهي:
”نسخو ناياب پُر از صلاحيت وصواب المسميٰ به تحفه
الرئيس ولامراي هٿان مصنف يعني فقير احقر غلام
محمد بن محمد عثمان قوم آريجي جي تاريخ چوويهين
ماهه صفرالمظفر 1330هه ۾ حليو زيبا اختتام جو
ڍڪيائين. ختم شد.“
هن ڪتاب کي پوريءَ ريت پروڙ کان پوءِ، چئني قسمن
جي عورتن کي بخوبي سمجهي سگهبو.
هرهڪ باب ۾، واسطيدار عورت جي پسنديده پوشاڪ ۽ کاڌ
خوراڪ جو به ذڪر آيل آهي. جيڪڏهن بيمار ٿئي ته
سندس مزاج موافق علاج به ڏنل آهي. مطلب ته
”سينگار“ جي صنف تي هڪ بهترين نسخو آهي
7. لوڪ ادب.
نسخو- نالو: سگهڙن جون سوکڙيون
تختي فلسڪيپ
ڪاتب ......
سال 1947ع ۾ محترم غوث محمد
شاهه، هيڊ ماستر پرائمري اسڪول ملدسي (شهدادپور)
کان مليو.
صفحا 120
هن نسخي ۾ 60 دراها ۽ 120 هنر (جا بيت) آهن، ’لوڪ
ادب‘ جي نقطئه نگاهه کان، هن نسخي کي وڏي اهميت
آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ دراهي جا بيت ملڻ مشڪل آهي. نسخي
۾ بِنگو، بادل، عيسو اميد علي، دايو وغيره جا بيت
آهن. نموني خاطر سندن هڪ هڪ دراهو ڏجي ٿو، جنهن
مان پارکو پروڙي ويندا ته دراهي جو دڳ ڳولڻ اوکو
آهي.
سُر: ڪاپائتي ۽ سسئي پنهون.
1- سام جي ڪيائون ڪانه، ڪچِي ويا ڪيچِي ڪري،
تاڙ هڻي ويا توڏن کي، جُودون جت جوان،
هي هي ڪري چوٽان پٽي، هٿ هڻي حيران،
ملي ساڻ احسان، هيُس باري بخت ”بِنگو“ چوي.
سُر: ليلا چنيسر ۽ موکي.
2- ترڪي ننگ تمام، فقيرن ڦِٽو ڪيو،
ڪپي تارّ تندُن جِي، ڪيو آڌوتُن آرام،
ڀڃي مٽ ڀورا ڪري، ٿي تو تعريف تمام،
”عيسو“ چئي انجام، ڪيو هوءِ ته ڪلال سين.
سُر: سسئي پنهو ۽ ڪاپائتي.
3- ڦُٽِي کاءُ فراق، ساءُ چکيائين سُور جو،
هيس تند پِريان جي تن ۾، ڏئي مٿي ڏونگر ڏاڪ،
ناوڙي هُئي هن کي، تڏهن هوس آمر منجهه اولاڪ،
پنهون پرور پاڪ، بّر ۾ مليج ”بادل“ چئي.
سُر: مارئي ۽ نوري ڄام تماچي:
4- سرڳ مهاڻي سر ٿيا، پوڪي ترڪي کين،
ناهي تماچي جن جي، مون کي ڏان نه ڏين،
ڪوئر ڍڪي تن جا، ٻانڌي نيڪ نه نِين،
وهه ڄارن ڏين، درس دليون ”دايو“ چوي.
سُر: سورٺ ۽ موکي:
5- سُرڪا سرازن، ڪيون وير وهاڳڻيون،
وٽيون ورايائون ڪِي، چاڙهيائون چاڪڙيون،
”اُميد علي“ چئي انهن جون، سڀ ڪجهه ساکڙيون،
ٻيجل ٻاجهڙيون، ايڏو ڪيف ڪنهن سان نه ٿئي.
نسخي مان ”هنر“ جو به هڪ بيت ڏجي ٿو، جو ناڻي تي
ٻڌل آهي:
روپيا هس رَڪَ، ڪوهِي ماڻهو ڪيچ جا،
آڌيءَ ڪين اُتي هُلي، تڏهن ڌوٻڻ جهليا ڌَڪَ،
پائِڻ پيچ پرين سان گهرجي، ڀڃڻ ڀورا شڪ،
ٻِيانِي ٻن ٻروچ لئي، عيش لٽٻين اَرمقَ،
پيسا جنهن جي پڪَ، سا هوندس خوش ”حُسين“ چئي.
8. خط و ڪتابت جا نسخا.
الف. نسخو ــــ نالو: خطن جو ڪتاب
تختي چوٿاڙ پنو
ڪاتب هدايت علي تارڪ (مصنف پڻ)
سال 1937ع (1934 کان شروع
1937ع ۾ ختم)
صفحا 225 (خط 175)
خطن جا 12 نسخا هٿ آيا آهن، جي نثر ۽ نظم ۾ آهن.
”هدايت الانشاء“ ۽ ”بهار عشق“ به پنهنجيءَ جاءِ تي
لک لهن، پر هي نسخا به مار ڪيو بيٺا آهن. هدايت
علي نجفي ثم تارڪ جي نسخي مان، نموني خاطر، ڪجهه
ڏجي ٿو:
پهرين صفحي جي عبارت:
المڪتوب نصف الملاقات
الحمدلله والمنه جو هي ڪتاب مستطاب لاجواب دُرّ
خوشاب رهبر طلاب فضيلت مآب لياقت جو نقاب ثاقب
شهاب مسميٰ
خطن جو ڪتاب
حسب فرمايش:
نيڪ نگاه شرافت پناه ذي رستگاه محبي مخلص مشفقي
وڏيره غلام الله ابن حاجي الحرمين الشريفين حاجي
علي شير قوم پيچُو هو، رهندڙ ڳوٺ پيچوها تعلقه
واره ضلع لاڙڪاڻو از قلم نحيف رقم مسڪين هيچمدان
محمد هدايت علي تخلص تارڪ قوم تونيه قريشي ابن
مرحوم مغفور فقير الهداد تون هي ساڪن قريه رانڪ
لالو فقير تونيه تعلقه واره ضلع لاڙڪاڻو سنڌ لکجي
پورو ٿيو. تاريخ سورهين مهينو مسي سنه 1937ع برابر
تاريخ پنجين مهينو ربيع الاول سنه 1356 هجري يوم
آچر الوقت ظهر موسم گرما. فقط. ترتيب ڪتاب: ڪتاب
کي ٻن بابن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي:
پهريون باب: خانگي خط.
ٻيو باب: سرڪاري خط، مسلمان ۽ هندو ڪامورن ڏانهن.
اسان جي خيال ۾ هيءَ پهرين ڪوشش آهي، جو هندو
ڪامورن ڏانهن خط لکيل آهي.
1- خط: ڪنهن وڏيءَ هّلنديءَ واري ڏانهن، عرض ڪرڻ
بابت.
شل رحمنٰ جو راض اوهان تي هجي. آمين.
بخدمت فيض درجت معدن شفقت مرحمت جناب...
بعد تقديم و تحفه تسليم و نياز تنظيم و صد جواهر
تعظيم معروض باد- بنده ضعيف حال، مور مثال، پنهنجو
احوال، پُرمّلال، ارسال خدمت ڪري ٿو. اميد ته سمع
خراشي باعث نه ٿيندو. .....
2-
هندو ڪاموري دوست جي، خط جو جواب:
منهنجا سچا ستياوان، پڪا ۽ پُراڻا پريت وان،
دلداده
دّيالُو ياوان، سرو شّڪتِيون اوهان جا ڪلياڻ ڪري.
آمين.
بعد سلام صد بار، هزار نياز ۽ نمسڪار، لکين عجز ۽
انڪسار جي واضح هجي ته هي داس، نراس، بفضل خالق
پِرٿوي ۽ آڪاس، هن ڪّل جُڳ ۾ ڏکيا سکيا پِران پيو
تِياڳي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته اوهان جهڙن ساڌن
سّنتّن جي سّت سّنگّ ڌاران ڪّشٽ ڀوڳڻا آهن.
زمانو طويل گذريو آه، جو اوهان ديش ڀڳتن مهاپُرشن
جو درسن ڪري پرسن ڪونه ٿيو آهيان. اڄ وري ڀاڳن
پٺڀرائي ڪئي آهي، جو اوهان جي پاسون اوچتو پريم جو
پتر، محبت جو منتر، جاذب القلوب جادو جنت اچي وارد
ٿيو آهي. پريت نامه ۾ بي بها بلاغت جا املهه موتي
جڙيل هئا، جنهن ڪري مايوس ۽ منقبض حواس منبسط ۽
بِشاش ٿيڻ لڳا...... انهي مدهوشيءَ ۽ مستيءَ جي
حالت، اڃان پنهنجي انتهائي درجي تي پهتي ئي ڪانه
هئي ته هُبوط ۽ نُزول جو دورو شروع ٿيڻ لڳو. جيئن
جيئن مهڻن ۽ ميارن وارن فقرن تي نظرپوندي ويئي، هن
نماڻي نِڌر جي ڪاهليءَ ۽ قصور جا حجاب مُنڪشف
ٿيندا ويا، ۽ پنهنجي نااهلي، ناروائي تي دل مضطرب
ٿيڻ لڳ. ...
خداوند ڪريم شال اوهان جي شان شوڪت، علم عرفان،
وديا ۽ گيان ۾ افزون تر اضافو بخشي آمين.
زياده خير والسلام
اسلم لائبرري ۾ 78 نسخا آهن، جن جو سڌو وسطو
”سنڌي“ سان آهي. فارسي ۽ عربي الڳ آهن. هينئر به
وقت ڪونه ويو آهي. جيڪڏهن اسان واجهه وجهون ۽
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهيون ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور پلئه
پوندو.
وّکّر ڍيرون ڍير، پر وهائڻ ۾ ويسر،
ڪّنين و هائي وسُ ڪيو، ساجهُر وير سوير،
ڪّنِين گهمندي سير و کّر وِڪامِي ويو.
چشتي سلسلو
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
چشت خراسان جي هڪ مشهور شهر جو نالو آهي.اتي جي ڪن
بزرگن، ماڻهن جي روحاني اصلاح جو ڪم هٿ ۾ کنيو،
انهي ڪري اهو چشتي سلسلو سڏجڻ ۾ آيو. حضرت خواجه
ابو اسحاق شامي (وفات 940ع) پهريون بزرگ آهي جنهن
جي نالي سان گڏ تذڪرن ۾ چشتي لفظ ملي ٿو. هو اصل
شام جو رهاڪوهو.اتان بغداد ۾ آيو، ۽حضرت خواجه
مشاد علي دينوري (وفات 910) کان روحاني فيض حاصل
ڪيائين. ان جي ارشاد موجب ”چشت“ ۾ آيو، جتي هڪ
روحاني تحريڪ جو بنياد رکيائين. هي سلسلو به طريقت
جي لحاظ کان حضرت علي ڪرم الله وجه تائين هن طرح
ملي ٿو:
(1) حضرت علي بن ابي طالب ڪرم الله وجہ. (2) )
حضرت خواجه حسن بصري. (3) ) حضرت خواجه ابي الفضل
عبدالواحد ابن زيد.
(4) حضرت خواجه ابي الفيض فضيل ابن عياض.
(5) ) حضرت خوجه ابراهيم ادهم البلخي. (6) ) حضرت
خواجه سديد الدين حذيففته المرعشي. (7) حضرت خواجه
امين الدين ابي هيبره البصري.
(8) حضرت خواجه مشاد علي دينوري. (9) حضرت خواجه
ابي اسحاق شامي. (10) حضرت خواجه ابي اگھحند ڀب
فرسنافته الچشتي. (11) حضرت خواجه محمد ابن احمد
چسشتي. (12) حضرت خِواجه ابي يوسف چشتي. (13) حضرت
خواجه مودود چشتي. (14) حضرت خواجه شريف زنداني.
(15) حضرت خواجه عثمان هاروني. (16) حضرت خواجه
معين الدين چشتي.
برصغير پاڪ و هند ۾ حضرت خواجه معين الدين چشتي هن
سلسلي کي ڦهلايو، اسلام جي تبليغ ڪئي، ۽ ماڻهن جي
روحاني اصلاح ڪئي.
پنڊت موهن لال ”لالا“ ڳوٺ ڀُوتڙن (لڳ
سيوهڻ) جو ويٺل هو ميان عطر خان ولد ميان
نور محمد ڪلهوڙي جي درٻار جو خوش نويس هو.
ميان عطر خان جي درٻار ۾ 27- خوش نويس هئا،
ليڪن جاءِ صدارت پنڊت والاري هئي، جنهن ڪري
کيس ”قُرت العين“ (اکين جو ٺار) جو لقب مليل
هو. ميان عطر خان، ”حڪمرانِ سنده“، ”آئين
اڪبري“ جي نموني تي، 12 جلد ۾ (”نگيران
سندءِ“) يعني ”سنڌ جي حڪمرانن جي تاريخ“
مرتب ڪرائي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ سان
گڏ، سنڌ جي ولين جو به ذڪر ڪيل آهي. سنڍ جا
قصا ڪهاڻيون به محققانه انداز ۾ آيل آهن، هن
تاريخ ۾ پنڊت جو وڏو هٿ هو.
|