سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :2

ڏيٿي صاحب جو انتقال پرملال

6- ڊسمبر 1986ع تي سنڌ جي تعليمي ۽ علمي حلقن ۾ پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي جي انتقال پُر ملال جي خبر پوڻ سان رنج ۽ غم جي لهر ڊوڙي ويئي. مرحوم جو شمار سنڌ جي ناميارن تعليمي ماهرن ۾ هو، جن پنهنجي سڄي زندگي پاڻ ارپڻ واري جذبي سان تعليم جي خدمت ڪندي گذاري بلاشبه، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي جو نالو سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ هڪ مخلص ۽ بي لوث خدمتگذار جي حيثيت ۾ سدائين مانوارو رهندو. تعليم سان گڏ مرحوم جون علمي ۽ ادبي خدمتون پڻ قدر جي لائق آهن، خاص ڪري حضرت شاهه عبداللطيف جي پيغام ۽ ڪلام تي مرحوم کي سٺي ڄاڻ حاصل هئي.

سٽي ڪاليج حيدرآباد جو ناميارو سابق پرنسيپال پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو ذاتي طرح انساني وصفن جو هڪ وڻندڙ مجموعو هو. سادگي ۽ شرافت سندس خاص گُڻ هئا. انتهائي مخلص، جفاڪش، نهٺو، نماڻو ۽ متقي بزرگ هو. سڄي ڄمار سٽي ڪاليج ۾ هڪ شفيق ۽ ڪريم بزرگ جي حيثيت ۾ خدمت ڪيائين ۽ هزارن شاگردن جي دلين تي سندس نيڪ نالو سدائين نقش رهندو. ڪاليج ۾ علمي ۽ ثقافتي سرگرمين کي زور وٺائڻ لاءِ مرحوم گهڻي جاکوڙ ڪئي. سنڌي ادبي مجلس جو قيام ۽ ان تحت علمي ڪتابن جي اشاعت سندس خصوصي ادبي ذوق جي غمازي ڪري ٿي. ڪنهن زماني ۾، سٽي ڪاليج ۾ ”ملوڪن جي مجلس“ نالي مشهور علمي ڪانفرنسون ٿي گذريون، جي مرحوم پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي جي سرپرستيءَ ۾ ٿينديون هيون. انهن موقعن تي، سندس لائق رفيقن ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ ۽ ٻين استادن، سندس محبوب شخصيت جي پيش نظر مثالي ڪم ڪيو.

مرحوم ڏيٿو صاحب ڪم گو، محنتي ۽ اورچ انسان هو ۽ شهرت ۽ نام ونمود کان ڪوهين ڏور رهندو هو. سندس شرافت ۽ تهذيب، فضيلت ۽ پرهيزگاري کيس هڪ مثالي استاد ۽ بزرگ جي حيثيت ۾ کيس مانائتو بنايو.

ڏيٿو صاحب 14- فيبروري 1919ع تي ٺٽي ضلعي ۾ پيدا ٿيو. حيدرآباد ۾ ابتدائي تعليم دوران مرحوم نورمحمد وڪيل، سندس ذهانت جي پيش نظر، سندس خاص پرورش ڪئي ۽ کيس همتايائين، ۽ اڳتي هلي ڏيٿو صاحب نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان بعد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ملازمت ڪيائين. 1- جولاءِ 1951ع تي سٽي ڪاليج ۾ سنڌي زبان جي ليڪچرار جي حيثيت ۾ ملازمت شروع ڪيائين، جتي ترقي ڪندي ڪاليج جو پرنسپال بڻيو ۽ سالن جي سال ان عهدي تي فائز رهيو. 14- فيبروري 1979ع تي پاڻ رٽائر ڪيائون.

ڏيٿي صاحب کي سنڌي زبان ۽ ادب سان بيحد محبت هوندي هئي ۽ عملي سرگرمين ۾ هميشه اڳرا رهندا هئا.

پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي جي دکدائڪ وفات تي اسان جي دعا آهي ته رب ڪريم کين مرهي ۽ سندس پوين کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. اداره مهراڻ، مرحوم جي وڏي فرزند پروفيسر منظور احمد ڏيٿي ۽ ٻين پسماندگان سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.

ـــــ نفيس احمد شيخ

لافاني ڪلام

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيؒ

(وفات: 1942ع)

شل اچي علم ۾ موٽي، ايڪي الفت جو بهار،

شل ٿيو سرسبز ايڪي جا شجر ۽ شاخسار.

 

شل دليون ٿين صاف ۽ ٿين شامتون شل سڀ معاف،

شل وڃي غصو دلين تان، شل وڃي غم ۽ غبار.

 

شل محبت جي عمارت اڄ وري برپا ٿئي،

شل منجهس موٽي پَسون اڄ نت نوان نقش ونگار.

 

شل وري وڇڙيا ملن ۽ پاڻ ۾ پرچن وري،

شل وري سي دوست جاني ٿين، ٿين سي يار غار.

 

شل مباررڪباد جا نعرا لڳن، چارون طرف،

شل ملن چوڌاري واڌايون اسان کي لک هزار.

 

شل بکيا بک کان ڇٽن ۽ شل ڏکيا سکڙا پّسن،

اڄ پيادا جي گهمن، شل سي سڀاڻي ٿين سوار.

 

شل سڀئي هڪ گهر جا ڀاتي ٿي گذارن هيج سان،

شل ڌريون سڀ گڏ ٿين، جي اجھ ڏسون ٿا ڌار ڌار.

ياد ٿا سي ڏينهڙا جڏهين پون قربن ڀريا،

اڄ لنگهي دل مان وڃي ٿو تير حسرت آرپار.

 

ياد پّونم ٿا اڳيان سي کل خوشيءَ جا ڏينهڙا،

ڇا ٿيو، جو اڄ رئن ڀائر ٿا هر جا زار زار.

 

ياد پّونم ڏينهڙا، جن ۾ رهياسين موج سان،

هاسين همدم، همقدم، غمٺار ۽ پڻ غمگسار.

 

ويا سي گذري ڏينهڙا، ڏينهن هي گذري ڏينهن ڀي،

عمر ساري آهي ڇا، بس ڏينهن آهن ٽي يا چار.

 

ڇو ٿيو مايوس آهين، ڇو ٿو غمگين ٿين  ’حڪيم‘،

موٽي ايندا ڏينهن قُربن جا، نه غم ۽ دل کي ڳار.

 

ماڪ ۾ ڀانئيو ماڻهئا، پيئي جا پرڀات،

روئِي، رڙِي رات، ڏسي ڏکوين کي.

مخدوم نوحؒ

 شاعري جو ڀاڱو

جڏهن سنڌ ۾ شاعريءَ جي شروعات ٿي، تڏهن اهو اعتقاد عام ٿي چڪو هو ته حقيقي محبوب اهو خدا آهي، جنهن انسان کي حّسين بنائي خلقيو ۽ انسانن ۾ انسان ڪامل ۽ موليٰ جو سهڻي ۾ سهڻو محبوب نبي ﷺ آهي، جنهن جي نُور ۽ جمال جي ورڇ ڪائنات جي هر شيءَ کي ملي. سنڌ جي سليم الطيع شاعر نبي ﷺ جي معياري حُسن واري عقيدي ۽ تخيل کان متاثر ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ مجازي حُسن جي تعريف جو رخ انهيءَ حقيقي ۽ معياري حُسن ڏانهن موڙيو. هندي سينگار رس شاعري محض مجازي دائري ۾ محدود هئي، مگر  ’سنڌي سينگار شاعري‘ مجازي منزل طئه ڪري حقيقت ڏانهن مائل ٿي.  ’سنڌي سينگار‘ جي اڪثر شاعرن، بطور آخري مقصد جي، نبي ﷺ کي پنهنجو حقيقي محبوب ڪري ڄاتو، ۽ نبي ﷺ جي سونهن کي ئي معياري حُسن ڪري مڃيائون. انهي نظريي ۽ خيال جي زير اثر  ’فن سينگار‘ کي عام طور  ’نبي ﷺ جو سينگار‘ ڪري تسليم ڪيو ويو. اڄ تائين سنڌ جي سگهڙن وٽ  ’سينگار‘ جي تعريف  ’نبي ﷺ جو سينگار‘ آهي، يعني اهي بيت، جن ۾ نبي ﷺ جي معيار حُسن کي مجازي رنگ ۾ ڳائجي.

ــــــ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(”سنڌي سينگار شاعري“: ص 75-76)

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

وعدو ڪجي ته پوءِ اهو خوب پارجي،

هر ڪار خير ۾ ڪڏهن همت نه هارجي.

اي رشڪ، خوبرويان صنم چشم، شرمگين،

هڪ ڀيرو ئي سهي کڻي هيڏهن نهارجي.

هن نام، نامي جون ڏئي لوليون هزار بار،

هن بيقرار قلب کي هر هر قرارجي.

اي شيخ، شهر صاحب، زهد، ريا کي خوب،

اي ساقي رشڪ، ماهه هٿن سان پيار جي.

جنهن کي تو ساري عمر رکئو دور پاڻ کان،

ڪنهن وقت يار تنهن کي به ويجهو وهارجي.

عشوه گري سان روز ٿو محبوب مارين تون،

ڪرڪو قياس هاڻ ته ماري جيارجي.

هجر و فراق واري ڇو هر هر گلا ڪجي،

وصل، صنم جو وقت نه ڪڏهين وسارجي.

البيلايون ۽ عشوه گريون ڪر سدا صنم،

ڪڏهين نه ڪڏهين مون کي به سهڻا سنڀارجي.

وئي عمر يار گذري پري کان ڏسي ڏسي،

هاڻي ته منهنجا جاني ڪو گڏجي گذارجي.

موچارا محب ”طالب الموليٰ“ تان هٿ نه کڻ،

هر روز پاڻ ويجهي کان ويجهو وهارجي.

تنوير عباسي

لڳائي آئين تون پرفيوم قيمتي ليڪن،

جي گل تو آندا انهن جي سڳنڌ وئي ڍڪجي.

 

مون پنهنجو درد ته چرچي ۾ ئي لنوائي ڇڏيو،

مگر تون مون کي ڏسي ڇو ڀلا پئينءَ روئي.

 

اچڻ ٿي چاهين تڏهن ڀي سگهين ٿي ڪين اچي،

ٻڌاءِ پيار کان وڌ آهي ڪهڙي مجبوري.

 

زماني شور ڪيو پئي مگر مون ڪجهه نه ٻڌو،

ٻُڌي ته تنهنجي اکين جي خموش ڳالهه ٻڌي.

 

مون تنهنجي پيو تريءَ تي ڪئي هئي ڪتڪائي،

۽ کن ۾ تنهنجي وڏائي سڄي وئي وِکري.

 

ٻڌايان جڳ کي ته بدنام ٿي وڃين شايد،

جا ڳالهه مون سان ڪندي آهي تنهنجي خاموشي.

امداد حسيني

نظم

اسان جي عشق تي فتوائون روز روز نيون،

اسان جو سر نه ڪڏهن رهندو تهمتن کان جدا.

قدم قدم هئي سوري مگر ڪڏهن به نه ٿيو،

اصيل عشق جو احساس الفتن کان جدا.

سِجن کي قتل ڪيائون مگر ڪري نه سگهيا،

خلوص مند طبيعت صداقتن کان جدا.

 

اوهان جي هٿ کان جڏهن کان ويو ڇڏائجي هٿ،

ته زندگيءَ کي ملي ٿو قدم قدم تي ماتم.

نه ڪو به ڳيت ٿو ڳائي نه ڪو به مُرڪي ٿو،

حيات آهي ستم ئي ستم ۽ غم ئي غم.

نه ڪاٿي رات کُٽي ۽ نه ڪو ٿو ڏينهن اچي،

اُڃيا اُڃيا ٿا رهن گل، وسي نٿي شبنم.

 

گلن جي مُرڪ بهارن ۾ قتل ٿيندي رهي،

ڪري سگهيا نه ڪڏهن گل کي نڪهتن کي جدا.

قدم قدم تي کڙيون هزار ديوارون،

ڪري سگهيو نه ڪڏهن ڪو محبتن کي جدا

اسان جي هٿ جون لڪيرون به ساڳيون آهن،

هي فاصلا نه ڪندا پنهنجي قسمتن کي جدا.

 

اسين ته پاڻ ئي سج آهيون ۽ پاڻ ئي چند،

انڌيرا ڀل ته رکن روشنيءَ کي قيد ڪري.

هلي سگهيو نه جهان جو جڏهن به حسن تي وس،

نديءَ جي پار رکيئون عاشقيءَ کي قيد ڪري.

ڪٿي ٿا لوهه جا در سڪ سُڳنڌ کي روڪين،

رکي سگهن ته رکن زندگيءَ کي قيد ڪري.

 

اسين ته آهيون هڪ ماءُ جا ٻه جاڙا پُٽ،

اسان جو ساهه به هڪ ۽ اسان جي چاهه به هڪ.

دليون به ساڳئي انداز ۾ پيون ڌڙڪن،

اسان جي ڳيت به ساڳا اسان جي آهه به هڪ

اسان جي ماڳ به ساڳو اسان جي راهه به هڪ،

اسان جو ساڳيو مقصد، اسان جو ”شاهه“ به هڪ.

مظفر حسين جوش

شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ

اي سخن جا تاجدار، اي شاعر شيرين بيان،

تنهنجي دم سان ئي ته، قائم آهي هي سنڌي زبان.

 

تنهنجي دم سان آهي گلزار سخن ۾ رنگ ويو،

تنهنجي آهي عندليبانِ ادب کي جستجو.

 

تو پياريو آهي اهل سنڌ کي عرفان جو جام،

۽ خدا سان تو ڪيو سنڌي زبان ۾ ئي ڪلام.

 

اڄ به آهي تنهنجي دم سان سنڌ ۾ شان ادب،

ٿا چون تنهنجي رسالي کي جو قرآن ادب.

 

تو رموز حسن کي ڪيو بي نقاب آهه سربسر،

۽ ڪيو آهي جهان عشق کان زير و زبر.

 

تنهنجو هي فرض آهي ۽ پڻ تنهنجو آهي ڪمال،

تو زبان سنڌ کي آهي بنايو لازوال.

 

مارئي سان تون ڪڏهن ڪوٽن ۾ آهين اشڪبار،

۽ ڪڏهن مومل سان آهين مينڌري لئه بيقرار.

 

تون ڪڏهن سهڻيءَ سان ميهر ڪاڻ آهي، نوحه خوان،

۽ ڪڏهن سسئي سان آهين دربدر بي خانمان.

 

نياز مان نوريءَ جي هي نڪتو پرايو نڪته دان،

پنهنجن عيبن تي نظر رکجي هميشه بيگمان.

 

تنهنجي سُر سورٺ مان سڀڪنهن کي نصيحت ٿي ملي،

راءِ وانگر وعدو هر صورت ۾ پنهنجو پاڙ جي.

 

۽ چنيسر آڏو لِيلا جيان ويهي ليلائجي،

عِجز مان خالق اڳيان روئي خطا بخشائجي.

 

تو ڏنو درس تصوف شعر جي عنوان سان،

تو مِٽايو امتياز  ’ما وتو‘ انسان مان.

 

السلام اي سالڪن جا رهنما عبداللطيف،

السلام اي مرد مومن باخدا عبداللطيف.

سليم ڳاڙهوي

دروازو ته کول!

 (1)

آهه آنڌي چُست چوڌاري رهي،

عام اوندهه ملڪ ۾ ڪاري رهي،

تنهنجي گهر وٽ تنهنجي دروازي اڳيان،

هڪ ستايل جي صدا جاري رهي،

اي سُکيا انسان، دروازو ته کول!

(2)

رات جو وڳڙو ۽ ٿڌ جو ٿرٿلو،

تيز بارش آهه ڄڻ ڪو زلزلو،

واٽ ويندڙ ٿو پسي ڏاڍو ڏڪي،

تنهنجي ڀر ۾ هاءِ هيڻو هيڪلو،

اي سُکيا انسان، دروازو ته کول!

(3)

هِن گهٽيءَ ۾ ٻي نه ڪائي اوٽ آهه،

۽ نه راهيءَ ڇَٽي يا ڪوٽ آهه،

تن بدن ڪپڙا پُسي پاڻي ٿيا،

سر تي سردي ۽ هوا جي چوٽ آهه.

اي سُکيا انسان، دروازو ته کول!

(4)

رات راهيءَ کي رهڻ ڏي اي امير،

ڪَسُ لڳي ويندءِ نه ڪوٺيءَ کي ڪسير،

ڪُنڊ ۾ ويهي ڪريان سِر جو بچاءَ،

صبح سان ويندو سفر تي هي سفير،

اي سُکيا انسان، دروازو ته کول!

(5)

دوست بڻجي دوستيءَ جو ڏي ثبوت،

ڀاءُ بڻجي ڀائپيءَ جو ڏي ثبوت،

خاص حق انسان جو انسان تي،

صدق ۽ الفت سچيءَ جو ڏي ثبوت،

اي سُکيا انسان، دروازو ته کول!

(6)

ٿي ملي احساس وارن وٽ پناه،

ننگدارن قرب وارن وٽ پناه،

سام سورهه ٿا جهلن سر ساهه سان،

بيڪسن خاطر ڀلارن وٽ پناهه،

اي سُکيا انسان، دروازو ته کول!

(7)

تو جيان مان ڀي ته آهيان آدمي،

تو جيان هي جسم ڀي ۽ جان ڀي.

پاڻ پنهنجي لاءِ ٿو چاهين پناه،

ڇو ڀلا مون کي ٿو سمجهين اجنبي،

اي سُکيا انسان دروازو ته کول،

(8)

خير ۽ برڪت جا در کولڻ کپن،

رحم ۽ رحمت جا در کولڻ کپن،

بند در سچ جا نه ٿا سونهن ”سليم“،

امن ۽ عظمت جا در کولڻ کپن،

اي سُکيا انسان، دروازو ته کول!

عبدالقيوم ”صائب“

غزل

هن جو ٻيڙو ڇڏ اُڪاري، ڪجهه نه ڪڇ،

پنهنجو ماضي ڇڏ وساري، ڪجهه نه ڪڇ،

زندگيءَ جي لهر تي اڪري ته ڏس،

 پنهنجي هستي پاڻ ماري، ڪجھ نه ڪڇ.

ڪو گذشته واقعو اُڀري ڪري،

ياد توکي ڪا ڏياري، ڪجھ نه ڪڇ.

ڪنهن جي ڏسندي، دل مان اڌما ٿا اٿن،

ناز مان جي گل نهاري، ڪجھ نه ڪڇ.

ڪنهن طرح سان حسن جو شعلو دکي،

دل جي مشعل کي ٻاري، ڪجھ نه ڪڇ.

پاڻ کي ڏس، هن جي فطرت کي نه ڏس،

قول پنهنجو جي نه پاري، ڪجھ نه ڪڇ.

 تنهنجي حق ۾ فيصلو ڪهڙو ڪندا،

دل ۾ قاضي خود وهاري، ڪجھ نه ڪڇ.

تنهنجي دلبر کي اڃا تنهنجي خلاف،

جڳ سڄو ڀل پيو اڀاري، ڪجھ نه ڪڇ.

تنهنجي شيءِ تنهنجي ئي آهي، ڊپ نه ڪر،

رب توکي ٿو ڏياري، ڪجهه نه ڪڇ.

تنهنجي مالڪ جو ڪرم چئبو اهو،

خود ٿو طوفان کي وهاري، ڪجهه نه ڪڇ.

دل نه لاهڻ ڪنهن طرح ”صائب“ کپي،

توکي تنهنجو ڪيئن وساري، ڪجهه نه ڪڇ.

شبير ” هاتف“

مصحفِ رخ جو آيتون ساڳيون،

عاشقن جون تلاوتون ساڳيون.

 

نازڪن جون نزاڪتون ساڳيون،

۽اسان جون به نيتون ساڳيون.

آهَ ساڳي فصاحتون ساڳيون،

پر ڪئي تنهنجون شفقتون ساڳيون.

دشمنن تي عنايتون ساڳيون،

دوستن جون شڪايتون ساڳيون.

رند ساڳيا ازل کان ساڳي اُڃ،

دستِ ساقي ۾ برڪتون ساڳيون.

ڪئين پياسا سِڪن ٿا سرڪي لئي،

پر اسان سان رعايتون ساڳيون.

اڄ به مرڪي نهاري هليو وئين،

مون تان گذريون قيامتون ساڳيون.

هُت بدستور مشقِ جورو ستم،

هِت بدستور فرحتون ساڳيون.

منهنجا چَپ برف کان ٿڌا ساڳيا،

تنهنجي ڳل جون تمازتون ساڳيون.

عنايت بلوچ

او

محبت مٺا منٺار،

سهڻا يار!

ڇو اڪيلي بَر وچ باندي، دوُر نه ٿي دلدار!

روز تڪيسان تيڏيان راهين، ياد ڪريسان ڪڍ ڪڍ آهين،

جان جگر وچ ڀڙڪن باهين، نظري سُڃ سنسار.

من ڀرماوين، تن تڙپاوين، پيچ پيار پا، ول آوين،

ياري لاڪر توڙ نڀاوين، سونهن ڀريا سردار.

سِڪندي رهسان مونجهي ماندي، روز پُڇيسان تيڏي پانڌي،

ڏيسين شالا ٻانهن سِراندي، جاني جلوي دار.

رنج هجر دا، سُورَ ستاوي، بِن دلبر آرام نه اُوي،

درشن تيڏا مونجهه مِٽاوي، درمل هي ديدار.

محب مٺا منٺار،

سهڻا يار!

تاج بلوچ

پيار تنهنجي جا مامرا آهن،

مون اڪيلي ئي ڏک ڏٺا آهن.

ساه کان جن وڌيڪ سمجھيو ٿي،

مون کي تنها ڇڏي ويا آهن.

ياد آيا جو سانورا ماڻهو،

چاڪ دل جا چِڪي پيا آهن.

خوشبو ماحول ۾ ٻُري پيئي،

تنهنجي ساهن جا سلسلا آهن.

آغا سليم

چنڊ! چئه، منهنجو ڪو ساجن تو ڏٺو،

نيڻ جنهن جا سيڻ ۽ تن موتيو.

 

توڏي تڪندڙ نيڻ چئه تو ڪي ڏنا،

جن ۾ اوجاڳا، ننڊا کو خواب ڪو.

نانءَ جنهن جو هانوّ جي هٻڪار هو،

ڌرتتيءَ ۾ ڄڻ ته ڪوئي ڇانورو.

اُڃ ۾ ٽڙڪيل هيو منهنجو بدن،

هو ته بادل بڻجي هو مون تي وٺو.

ڪيڏا ڳاڙها هِن شفق جا رنگ اڄ،

اڄ وري ڪو گهوٽ شايد آ ڪُٺو.

شهر هيسيل، منگهه چُپ، سڏڪي ٿي سانت،

اڄ شهر ۾ واءُ هي ڪهڙو گهليو.

حَدَ کان لاحَدَ سڀ اونداهيون،

پوءِ به جرڪي ٿو پيو ڪو ترورو،

پرهَ پانڌيئڙا اڪيلا رڻ ۾،

ڌرتتي ۽ سج چوٽيءَ تي چڙهيو.

آڱريون ٻوڙي ڇنڊا اُڀ ڏي هنيم،

رت جا ڪي داغ، رنگ ڳاڙهو کڙيو.

استاد بخاري

ڇا ته تشبيہ هئي جلوو، جذبو!

رنگ گلشن جو ٿي اُ س سان کيڏيو.

گهُورَ سا گهُور آفق جو گهيرو، ڪو ته ميلاپ ٿيو تنهنجو منهنجو.

ڌيان جي ڀُونءِ دُکن سان بَر ٿُو، آسّ جو اُڀ وڏو پر کوکو.

تنگ دل عمر ڪيو ٿي ڪڪ نه ته، ڪيترو وقت هو منهنجي آڏو.

ڀُونءِ جي برف پوي ٿي پگهري، جي ڇُهي سج جو ڪوسو بوسو.

اڄ ته ”استاد“ سان آجو اورج، ڏِسُ ته آزاد آ قافيو ڪيڏو.

احمد خان آصف مصراڻي

اچانڪ ڪنهن جي ڳُڻ جي ڳالهه جيئن دل تي تَرِي آئي،

قريب المرگ کي موٽي نئين سر زندگي آئي.

لڏو تمام جو جِتِ هو اُت مسرت جي مَڏي آئي،

عزيز واقربا احباب ۾ کِل ۽ خوشي آئي.

جڏهن ڪن ٻن جي وچ ۾ بدگماني بدظني آئي،

ائين سمجهو ته ويئي دوستي ۽ دشمني آئي.

بُرن وٽ جي بُرائي آهه وارد ٿي ڀلي آئي،

مگر ڏک ڳالهه هن جو آ چڱن وٽ ڇو بَدي آئي.

نه جي اسلام ۽ اسلاف جي هٿ پيروي آئي،

حياتي جي سفر ۾ هر هميشه گمرهي آئي.

بشر تي فرض ٿي بيشڪ خدا جي بندگي آئي،

نه جي بندو ٿيو بندو، سزا ان کي وڏي آئي.

ائين هر ڪو چوي ٿو اڄ، نه سک جي ڪا گهڙي آئي،

اي ”آصف“! غم ۽ گوندر جي ۽ سورن جي صدي آئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com