”مان کي هڪ ڀيرو وري دهرائڻو پوي ٿو ته شاديءَ جي
ڀيانڪ ۽ خوفناڪ رستي تي گهلي هلڻ ۾ آخر توهان
ايتري دلچسپي ڇو وٺي رهيا آهيو، جڏهن ته مان اڳ ۾
ئي چئي چڪي آهيان... ورجايل لفظن کي ٻيهر دهرائڻ ۾
فائدو؟“
”پوءِ به توکي سوچڻو ئي پوندو.“
”نه، مان سوچڻ واري سگهه ئي وڃائي چڪي آهيان. پائڻ
لاءِ مان وٽ رهيو ئي ڇا آهي، بي معنيٰ زندگيءَ ۾
جيڪو ڪجهه مليو آهي، سو اُهي ڪجهه تلخ ڳالهيون.
ٿورا مليل جليل تجربا. ڪجهه بغاوت جي ٿڪل خواهش،
اهو ۽ شايد اهو به نه، بس مايوسين جو سَناٽو ۽ ان
سناٽي ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ نٿي چاهيان. مان وٽ منهنجا
پنهنجا سور ئي ڪافي آهن، مان ٻين جي غمن جا بار
کڻڻ لاءِ ٻيهر تيار نه آهيان.“
هروڀرو نه پر حقيقت ٿو چوان توکي هارائڻ نه گهرجي.
زندگيءَ جا سوين پيچرا آهن هڪ جي هٿان نڪرڻ تي آخر
همت ڇو هارجي؟“
”مان چيو نه ته توهان جا اهي درس ڪارگر ثابت نه
ٿيندا، ڇو ته اڄ مان اتي اچي نڪتي آهيان جتان نه
ڪو رستو نڪري ٿو ۽ نه ئي وري داخل ٿئي ٿو. اڄ جڏهن
منهنجي لاءِ دنيا جا سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن، تڏهن
ٻيهر اهڙو ڪوبه سلسلو ڳنڍڻ نٿي چاهيان جنهن مان
وڌيڪ دک پهچي“ هن جو من ڀرجي آيو. پنهنجي آواز کي
توازن ۾ رکندي چيائين.
”تنهن جو مطلب ڪنهن قسم جي ڪا گنجائش ڪانهي؟“
مايوسيءَ وچان سوال ڪيائين.
”نه بلڪل نه“ هُن اکين ۾ آيل لُڙڪن کي هٿ جي
تِريءَ سان اُگهندي، منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو ۽ هُو
اُٿي تڪڙو تڪڙو فليٽ کان ٻاهر نڪري ويو.
واجد
لاشي جي ڊوڙ
منور ڦرندڙ ڪرسيءَ تي وڏي شان مان ساڻ ويٺو آهي.
سندس آڏو وڏي شاندار ٽيبل رکيل آهي، جنهن تي ٻه
ٽيليفون سيٽ رکيل آهن. سندس سامهون هڪ ٿلهو ۽
بيڊولو ٺيڪيدار ويٺو آهي، جنهن سان منور ڪنهن
ڪاروباري مسئلي تي ڳالهائي رهيو آهي:
”هائو چانڊيا صاحب، اوهان واقعي پراڻا ۽ تجربيڪار
ماڻهو آهيو. پر اوهان کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته اڄ
هوا، باهه ۽ پاڻي، جي حاصل ڪري نٿا سگهون. منهنجو
ايمان آهي، ته بکيو ننگو ماڻهو ڪٿي به عزت پائي
نٿو سگهي. اوهان ذاتي سورسز هلائي ڏسو، پڪ اٿم
ڪجهه به حاصل ڪري ڪونه سگهندا. ڀل ته اوهان جي جتي
گسي وڃي ـــ پر اسان جي سهڪار بنا پٽيوالو اوهان
کي انجنير سان ملڻ به ڪونه ڏيندو. ٺيڪو کڻڻ ته
پنهنجيءَ جاءِ تي جبل جهاڳڻو آهي ـــ ۽ اهو پهاڙ
جيڏو پرابلم ڏنو پٽ ڇُٽي جو ئي حل ڪندو آهي. اهو
سورس ئي انٽرنيشنل آهي.“
ٺيڪيدار، جو سموري ڊويزن ۾ گهاگهه مڃيو ويندو آهي،
منور جي ان سموري ڪيل تقرير جي تهه تائين پهچي،
ڪوٽ جي اندرين کيسي ۾ هٿ وجهي نوٽن جو هڪ بنڊل ڪڍي
چار هزار رپيا ڳڻي منور جي اڳيان رکندي مرڪي چيو:
”مون سمجهيو سائين، سڀڪجهه سمجهيم. اصل ۾ مون اهو
ئي چاهيو پئي ته ڪنهن نموني اوهان سان خلاصو
ڳالهائجي. هونئن اوهان جي دعا سان (سيني تي ساڄو
هٿ رکي) هن بندي جو ڪافي اثر آهي. لاڙڪاڻو ۽ سکر
ته پنهنجو تر آهي. ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو جو ڪڏهن
منهنجو ڀريل ٽينڊر خالي ويو هجي! اوهان هتي نوان
نوان آهيو نه، تڏهن ڳالهه چوريندي ڪجهه هٽڪ پئي
ٿيم، نه ته اڪائونٽنٽ ۽ ڪانٽريڪٽر ته هڪ جان ٻه
قالب هوندا آهن. ها، منور صاحب حالي هي چار هزار
اٿو!، اڳتي به مڙئي الله ڀلي ڪندو. گهٽ نه ٿيندي،
رڳو اوهان جو حڪم کپي.“ (منور نوٽن جي ٿهي کڻي،
پنهنجي جئڪٽ جي اندرين کيسي ۾ وجهندي!“ ”چانڊيا
صاحب! مون کي هِن ڊپارٽمينٽ ۾ آئي اٺون سال آهي،
پر خدا جي مهربانيءَ سان هن وقت تائين پنهنجي ساک
سٺي رهي آهي. خدا چاهيو ته اڳتي به پت رهجي ايندي.
اوهان ڪوبه فڪر نه ڪريو، اوهان جهڙن سان ته پنهنجو
به سِر لڳي. (ٿورو چپ رهي) ڀلا ڇا پيئندا.
چانهه يا ٿڌو؟“
(ان وير پٽيوالو اچي منور کي چوي ٿو:) ”سائين،
ٻاهر اوهان جو ڪوئي دوست ماڻڪ نالي بيٺو آهي.
اوهان سان ملڻ ٿو چاهي ـــ ـــ سائين سڏي اچانس؟“
(منور جي چهري تي سرهائي تَري اچي ٿي.) ” ها ها!
جلدي سڏي اچينس ته هليو نه وڃي“ (اٻهرائيءَ وچان
چوي ٿو:) (ٺيڪيدار ڪرسيءَ کي سوري اٿي منور ڏانهن
هٿ وڌائيندي: ) ”چڱو منور صاحب! هاڻ مان به هلان
ٿو. اوهان ڀل پنهنجي دوست سان ملو. پاڻ ته سدائين
گڏ آهيون. مان پوءِ رات جوئي کڻي اوهان جي ڪوارٽر
تي حاضر ٿيندس. وڌيڪ اتي ئي ڳالهائبو.“
منور: پر چانڊيا صاحب، چانهه ته پيئوها نه.
ٺيڪيدار: ”نه بادشاهه، چانهه به رات ئي پيئبي ـــ
چڱو خدا حافظ.“
(ٺيڪيدار منور سان هٿ ملائي ٻاهر وڃي ٿو.) (ماڻڪ
چِک هٽائي اندر اچي ٿو، ۽ پنهنجي دوست کي شاندار
ٽيبل پويان ڦرندڙ ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي ڏاڍو خوش ٿئي
ٿو. منور سرهائيءَ وچان ڪرسيءَ تان اُٿي کيس ڀاڪر
منجهه ڀريندي:) ”هلو ماڻڪ! ڪهڙا حال آهن؟ خوش ته
آهين نه، مون کي تنهنجي شهر ۾ آئي ذري گهٽ ٻيو
مهينو پيو ٿئي، ۽ تون ڄڻ هتي رهين ئي ڪونه. ڪٿي گم
رهندو آهين؟“ (منور ٽيبل جي پاسي ۾ لڳل ڪال بيل
وڄائيندي:) ”ٻه ـــ ٽي ڀيرا يارن کان تو بابت
پڇيم. پر سڀڪو چوي، اسان کي ماڻڪ جي خبر ئي
ڪانهي.“ ايتري ۾ (پٽيوالو اچي ٿو:) ”سائين حڪم.“
”هڪ ڪوڪ کڻي اچ.“ (پٽيوالو وڃي ٿو.)
”ها ماڻڪ، ٻيا ڪهڙا حال اٿئي. يار ٽيون ڏينهن نظام
آيو هو، چيائين پئي ته اوهان سان شام ملهائجي. پر
يار ماڻڪ، پاڻ هاڻي ادب کان گهڻو ڪَٽجي ويا آهيون.
اهو اجايو ٽڪساٽ هينئر وڻيئي نٿو. جنهن به شهر ۾
پوسٽنگ ٿئي ٿي مون لاءِ شام تيار رکي آهي.“ (ٿورو
کلي) ”اڙي! مون ته پنهنجي ئي ڪَٿا شروع ڪري ڏني.
تون ٻڌاءِ ڪٿي الوپ ٿي ويو آهين. نه سڏ نه واڪو!
شايد نظام ئي ٻڌايو پئي ته ماڻڪ ادبي لڏي کان
ڪَٽجي ويو آهي. ڪٿي شاعريءَ کي ماري ته ڪونه
ڇڏيئه؟“
ماڻڪ پنهنجي روحاني پريشاني لڪائيندي مرڪي: ”نه
منور، اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي. شاعري ته مان هاڻي
به ڪريان پيو. بس بابا جي وفات کانپوءِ، زندگيءَ
ڪجهه وڌيڪ ويران ڪري ڇڏيو آهي. لاڳيتي بيروزگاريءَ
ذهن کي ڌوڏي وڌو آهي. اصل سڀني کان ڪَٽجي ويو
آهيان. ادبي سنگتن جا دعوت ناما ايندا آهن ۽
تاريخن گذري وڃڻ تي اديبن شاعرن جون ميارون ئي
ٻڌڻيون پونديون آهن....“ (منور سندس ڳالهه
ڪٽيندي:) ”هان! چاچا سائين وفات ڪري ويو، ڪڏهن؟“
”اڄ سال پورو ٿيو آهي کيس وفات ڪئي“ (مائڪ اُداسي
لڪائيندي:) ”۽ توکان اهو به نه پڳو جو کڻي
ٽيليگرام ڪرين ها!“ (منور سخت غمگين ٿيندي:) ”چئبو
تون مون کي غير ٿو ڀانئين ماڻڪ؟“
”نه نه منور، اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. اصل ۾ مان ڏاڍو
پريشان رهيو آهيان. بيحد پريشان، توکي ته سُڌ آهي
منور، منهنجا ٻئي وڏا ڀائر مون کان جدا آهن ۽ مان
بيروزگار آهيان!!“
منور: ”ڀلا تعليم کي ڪٿي پهچايئه؟“
ماڻڪ: ”بي ـــ اي جو پهريون سال ڏئي چڪو آهيان.
سروس لاءِ لاڳيتي جاکوڙ ڪندي، اچي ٻيو سال وريو
آهي. پر لڳي ٿو اڃان به ڪي ڌرم جا ڌڪا لکيل آهن.
منور! مان پاڻ کي هن مقام تي بلڪل اڪيلو ۽ ويڳاڻو
محسوس ڪري رهيو آهيان. پيٽ خالي هجي ته دنيا جون
سموريون رنگينيون ڌنڌلائجي وينديون آهن!“
منور: ڀلا نوڪريءَ لاءِ ڪٿي ٽراءِ ڪئي اٿئي؟
ماڻڪ: ڇا ٿو ڀائين منور! مون جيئڻ لاءِ ڪابه جاکوڙ
نه ڪئي هوندي! مون هڪ ـــ هڪ آفيس جو در کڙڪايو
آهي، دلاسن جا دروازا ته کليل آهن، پر نوڪري ڏيڻ
لاءِ ڪوبه تيار ڪونهي. سروس لاءِ سفارش، ۽ ڌنڌي
لاءِ ڌن گهرجي، ۽ مون وٽ انهن ٻنهين مان ڪجهه
ڪونهي. مان خالي آهيان دوست، پنهنجي کيسي وانگر.
مون لاڳيتا ٻه سال اهو عذاب ڀوڳيو آهي. هن ڪَٺن
موڙ تي منهنجو پاڇولو به منهنجو ساٿ ڇڏي ويو آهي.
همدرديءَ جي سکڻن ٻولن کان هاڻي ايڏي ته الرجي ٿيڻ
لڳي آهيم، جو پڇندڙن کي اهو به ڪونه ٻڌائيندو
آهيان ته مان ڪيڏي عرصي کان بيروزگار آهيان. ڪالهه
جاويد ٻڌايو ته تون هت بلڊنگس ۾ اڪائونٽنٽ ٿي آيو
آهين. سوچيم، پاڻ ٻئي نظرياتي يار آهيون. هڪٻئي
لاءِ احساس رکندڙ، هڪٻئي جي جذبن جي زبان سمجهندڙ،
سو انهيءَ ناتي تي آس کڻي تو وٽ هليو آيس. تون مون
لاءِ گهڻوئي ڪجهه ڪري سگهين ٿو، منور! تنهنجي هن
بلڊنگس کاتي ۾ ورڪ چارجيءَ لاءِ به مون ٻه مهينا
ساندهه پنڌ ڪيا آهن. پر، لڳي ٿو غربت جي زبان ايڏي
سُسِي وئي آهي، جو هاڻي ڪوئي سمجهي به نٿو سگهي.
منور! مون دوستن سان گهمڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي.
کاءُ ۽ کاراءِ وارو اصول منهنجن پيرن جو زنجير
بڻجي پيو آهي.
”تنهنجا ٻه ڀائر به ته آهن، ڇا اهي تنهنجي ڪابه
هيلپ ڪانه ٿا ڪن؟“ منور وچ ۾ کائنس پڇيو:
”ٽيون ڏينهن منهنجا ٻئي وڏا ڀائر (جن کي مان بابا
جي وفات تائين ياد به ڪونه هوس) ملڻ آيا هئا ۽
جڳهه کي کپائي پنهنجي پنهنجي حصي وٺڻ لاءِ ڳالهه
چوري مون کي تهائين درد جي ڌُٻڻ ۾ دُٻي هليا ويا.
مان پنهنجيءَ اَنا جا عضوا ڀڃي ٽنڊڙو ٿي جيئڻ نٿو
چاهيان. مان عزت جي زندگي گذارڻ ٿو چاهيان. ڇا ان
ڏس ۾ تون به منهنجي مدد نه ڪندين؟“
(منور گنڀير ٿيندي:) ”هائو پاڻ واقعي هڪٻئي جا
هڏڏوکي ۽ همدرد آهيون ۽ مون کي سندءِ سڀاءُ جي هر
لاهي چاڙهي جي ڄاڻ آهي. پر... پر پيارا، هن جڳ ۾
جيئڻ لاءِ ۽ سکي ستابي رهڻ لاءِ روح جي ارڏائي
مارڻي پوندي آهي.“
(ايتري ۾ پٽيوالو ڪوڪ کڻي اچي ٿو. ۽ منور کيس ڪوڪ
ماڻڪ جي اڳيان رکڻ جو اشارو ڪري ٿو. پٽيوالو ڪوڪ
ماڻڪ جي اڳيان رکي ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ۽ منور
گفتگوءَ جو سلسلو جوڙيندي وري ڳالهائي ٿو:) ”دوست،
ضمير جي سچائي ۽ اصولن جي اوچائي، غربت جي غفا ۾
رهي قائم رکڻ ناممڪن آهي. هت سچائيءَ جي سِڪي کي
مدي خارج چئي گٽر ۾ اُڇلايو ويندو آهي. هن ناهموار
معاشري ۾ ذهانت ۽ جهالت ۾ ڪوبه فرق ناهي ٿيندو. هت
نوٽن جي وقعت آهي ـــ اصولن ۽ نظرين جو لاش کڻي
هلڻ وارن کي هتي رهڻ لاءِ ٻه انچ ڌرتي به ناهي ملي
سگهندي. سموري حياتي اُداسيءَ جي اُس ۾ سڙڻو پوندو
آهي کين. تون شاعر آهين، ۽ سُڌ اٿم ته شاعر ڏاڍا
جذباتي ۽ انا پرست هوندا آهن. اوهان وٽ آدرشن جا
ته انبار هوندا آهن، پر هن مشيني ماحول ۾ جيئڻ
لاءِ اوهان وٽان ساهس ڳولهيو ڪين لڀندو آهي. مون
ڏي نهار ـــ مان به ته ڪهاڻيڪار آهيان، ٽن مجموعن
جو مالڪ ـــ پر، جي تو جيان مان به اصولن جي
سوريءَ تي لڙڪيل هجان ها، ته هر شهر جا اديب ۽
شاعر مون ڏانهن ائين ڇڪيا ڪونه اچن ها. شامون
ملهائڻ ۽ دعوتون کارائڻ لاءِ، ائين اڳيان پويان
ڪين هلن ها ــــ آءٌ تنهنجي آڏو هن ڦرندڙ ڪرسيءَ ۽
جرڪندڙ ٽيبل تي باس وارو درجو نه ماڻيان ها ـــ
آءٌ بظاهر مطمئن ۽ پرسڪون آهيان نه، پر ڪڏهن ڪڏهن
هِن غرض جي گندي چؤديواريءَ ۾ پاڻ کي قيد ٿيل
ڀائيندو آهيان. مون ان موضوع تي گهڻو سوچيو، پر
پوءِ جسم جون گهرجون روح جي رڙين تي غالب پوندي
ڏسي سانت اختيار ڪرڻ مناسب ڄاتم. اڄ منهنجي روح جي
اگهاڙپ هنن قيمتي ڪپڙن ۾ لڪي وئي آهي.“
(اوچتو فون جي گهنٽي وڄي ٿي ۽ منور گفتگوءَ کي اتي
ڇڏي رسيور کڻي ٿو ـــ ۽ ماڻڪ کيسي مان ٻيڙي ۽
ماچيس ڪڍي ٻيڙي دکائي ٿو. ۽ فون اٽينڊ ڪرڻ بعد
منور وري ڳالهائي ٿو:) ”پيارا ماڻڪ، توکي شاد رهڻ
لاءِ آدرشن جي ڇانوري کي ڇڏي تتل روڊن تي رلڻو
پوندو. غرضن جي غلاظت ۾ ڀرجڻو پوندو. پنهنجي ذهن ۽
ضمير جي سچائيءَ وارين مدي خارج سوچن کي اڇلائي
ڇڏڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ تنهنجي حياتي حرام ٿي
پوندي ماڻڪ! اڄ وڃي سوچ ـــ گهڻو سوچ ۽ پوءِ هڪ
صلاح تي بيهي مون ڏانهن آءٌ، آءٌ ڪوشش ڪندس ته
توکي روزگار ساڻ لڳايان ـــ ماڻڪ، هت هر ماڻهو
فريبي آهي. ڪنهن جي به ڪنهن ساڻ سچائي ڪانهي. تون
زندگيءَ کي جنهن عينڪ ساڻ ڏسين وائسين پيو نه، ان
جا شيشا گسي گسي ڌنڌلا ٿي ويا آهن. ۽ ڌنڌ ۾ ته
ماڻڪ، ڪابه شئي صاف نظر ناهي ايندي. اسان اديب
دنيا کي سمجهڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندا
آهيون، پر اصل ۾ دنيا جي ڪنهن به روپ کي ڪونه
سڃاڻئون. اسان جذباتي جملا لکي لکي پنهنجن جيوَتن
جي چؤطرف اوپرن اصولن جون ديوَ جيڏيون ديوارون
کڙيون ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ پوءِ بکن ۾ کرڙيون هڻي
هڻي مري ويندا آهيون. اسان جون اکيون حقيقتن جي
سورج آڏو چنجهيون ٿي وينديون آهن دوست!“
(منور جي هن ريمارڪس تي ماڻڪ بيحد توائي ٿي وڃي
ٿو. هو اهو سڀڪجهه سهڻ لاءِ بلڪل تيار ڪونهي. هو
اهو نٿو چاهي ته ڪو کيس روزگار جو آسرو ڏئي سندس
اصولن جون ٻئي اکيون ڪڍي وجهي ـــ هُو باهه ٿي وڃي
ٿو:) ”چئبو ته تون اديبن کي اونداهين جو چمڙو ٿو
سمجهين. سچائي جو سڏ ورنائيندڙن کي تون ڪاهل ۽
پاڳل ٿو سمجهين ـــ تون ڀائين ٿو ته هن ڪوڙجي ڪاڪ
محل ۾ ويهي تون سچائيءَ جي اگهاڙي پٺيءَ تي
سونٽيون وسائيندين ۽ مان مصلحت جو ماسڪ منهن تي
چاڙهي هاڪار ڪندو رهندس. ائين ناهي منور! هن جڳ ۾
جيئڻ لاءِ هروڀرو تو واري هن ٺاٺ ٺانگر جي ضرورت
ناهي. تنهنجيءَ ۽ منهنجيءَ سوچ ۾ اونداهيءَ ۽
سوجهري جيڏو فرق آهي. تون جن پستين کي بلنديون
ڪوٺي رهيو آهين ـــ اهي کاهيون آهن منور! تون جنن
تاريڪيءَ جي تري ۾ ڪريل آهين، اتي پيو رهه ـــ
ڇاڪاڻ جو تون اتي مطمئن آهين ـــ پر ايترو ٻڌي ڇڏ،
حقيقتن کان اکيون چورائڻ وارا ڪڏهن به سچائيءَ جو
سورج ڏسي ناهن سگهندا ـــ لالچن جا لوڙائو ۽ غرضن
جا گهرجائو دولت جا انبار ته ويڙهي وٺندا آهن، پر
سندن غرض آلوده پلوَ سچائيءَ جي موتين لاءِ هميشہ
هميشہ لاءِ سڪندا رهندا آهن.“
(منور جي چهري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا ڀاوَ اڀري اچن
ٿا، پر هو پاڻ کي ضابطي ۾ رکي، ماڻڪ جي ڦڪي چهري ۾
گهوري طنز ڀري مرڪ چپن تي آڻي چوي ٿو:) ”لڳي ٿو
زندگيءَ لاءِ. جڏهن ته سرشٽي سانڊي جيان الائجي
ڪيترا رنگ مٽائي چڪي آهي. آءٌ توکي ڪيئن سمجهايان
ماڻڪ، ته تنهنجن اصولن جا وٽ کوٽا ٿي چڪا آهن. لڳي
ٿو تو وٽ هينئر سواءِ سهڻين سوچن جي ٻيو ڪي به
ڪينهي رهيو. نه اڳتي وڌڻ جو ساهس نه جيوت کي چوڙڻ
جي چاهنا ـــ اُداسين جي انبارن ۾ ڊڄندڙ! تون ته
مون کي مئل ماڻهو لڳي رهيو آهين. پنهنجي حالت ته
ڏِس، ڇا مان ڇا ٿي ويو آهين! اکيون ڏرا ڏئي ويون
اٿئي. هڙٻاٽيون نڪري آيون اٿئي. اڃا به انا ۽
اصول! اڙي اهي اصول جيئري ئي ماري ڇڏيندءِ ــ تون
زندهه درگور آهين، هلندڙ ڦرندڙ لاش! تو وٽ
اڪيلايون آهن ـــ اداسيون آهن ـــ ٻيو ڇا اٿئي؟ تو
پنهنجي چؤطرف جِن هٿ ٺوڪين اصولن جي کاڻ کوٽي ڇڏي
آهي، اها تنهنجي قبر بڻجي ويندي ۽ تون ان خوديءَ
جي کڏ ۾ بي ڪفن پورجي ويندين! تون اصولن کي
مفسليءَ جي ڪفن ۾ ويڙهي پوڄڻ ٿو چاهين ـــ پر ياد
رک، اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن ان نظرياتي مقام ۾
آخري قبر تنهنجي ئي جڙندي. ماڻڪ، تون پاڻ بدلاءِ،
اها هڪ سٺي دوست جي سٺي صلاح اٿئي، ٿڏي ڇڏ انهن
جڙتو قدرن کي، جن توکي سٺي ڪپڙي ۽ سٺي کاڌي لاءِ
سڪايو آهي، جن توکي مٽن مائٽن، دوستن ساٿين جي
نظرن ۾ ڪيرائي ڇڏيو آهي. هلڪو ڪري ڇڏيو آهي تنهنجي
پرسنلٽيءَ کي، (هينئر ماڻڪ لاءِ وڌيڪ ضبط ڪرڻ مشڪل
ٿي پوي ٿو. هو وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي تيار نٿو
ڀانئي، سندس اکين ۾ ڪاوڙ ڪَرَ کڻي چڪي آهي. هو
جذبات ۾ ڳاڙهو ٿيندي ڪرسيءَ تان اُٿي، ٽيبل تي ٻئي
هٿ رکي منور کي چتائي ڏسي ٿو ۽ پوءِ چپن تي ڪساري
مُرڪ ميڙي چوي ٿو:) ”منور! اصول ڪچي مٽيءَ جا
رانديڪار ته ناهن، جن کي جيئن چاهجي بڻائي ڇڏجي.
مان انسان آهيان، اصولن، ۽ احساسن جو مجموعو، تون
مون کي ڌرمي شاستر سمجهي ريشمي وڳن ۾ ويڙهي رکڻ ٿو
چاهين؟ اهي آسائشون توکي نيبهه هجن، مان، رڳو جيئڻ
لاءِ کائڻ، ۽ اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ پهرڻ ٿو چاهيان، مان
تو جيان قيمتي ڪپڙن ۾ قيد ٿيڻ نٿو چاهيان. غرض جي
گهنڊڻيءَ کي نيڪ ٽاءِ بڻائي ڳلي ۾ ٻڌڻ نٿو چاهيان.
مان حالتن جي ڦير گهير کي توکان وڌيڪ محسوس ڪريان
ٿو، پر حالتن جي رسيءَ کي ڳلي ۾ ويڙهي جانڊهه جي
وهٽ جيان ڦري نٿو سگهان. تون ڀل ڦڙندو رهه، ۽ عيش
ڪندو رهه. عجب ته اهو آهي، جو ڪارن ۽ محلاتن جا
خواب لهندڙ به اڄ مون کي روڊن تي رلڻ جا ڊپ ڏياري
رهيو آهي! مان توکي ڍانچو ٿو لڳان ته پنهنجيون
اکيون ٻئي طرف ڪري ڇڏ. جي ڍانچي مان بانس ٿي اچئي
ته پنهنجو قيمتي رومال نڪ تي رکي ڇڏ. مان هليو ٿو
وڃان دوست، متان هن ڍانچي جي بدبوءِ ۾ تنهنجو نازڪ
دم گُهٽجي وڃي.“ (ماڻڪ نهايت رنجيده ٿي ٻاهر نڪري
وڃي ٿو، ۽ منور کيس حيرت مان ڏسندو ئي رهجي وڃي
ٿو. ۽ پوءِ ٿڌو ساهه ڀري ڀڻڪي ٿو:) ”منهنجو بيوقوف
دوست اصولن جي آڳ ۾ جلڻ ٿو چاهي. بي موت مرڻ ٿو
چاهي.“
محمود مغل
ڪنهن ڪنهن
ماڻهوءَ منجهه
اڄ جڏهن پنهنجو پاڻ کي الائي ڇو ڪِرۡڀَ ٿي ٿئيم ته
محسوس ٿو ڪيان ته مان اورچائيءَ جي الائي ڪهڙي
درجي تي وڃي پهتو آهيان. وجود ڀور ڀور ٿي الائي
ڪيترن ننڍن ننڍن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو آ، اهي حصا جن
کي ڳنڍيو به وڃي ته به الائي ڪيترائي خال اُڀري
اچن. پڪ اٿم اهي حصا ڪيتري ڀاڱي ته هوا جي سخت
جهوٽن سان الائي ڪٿي وڃي ڪِريا هوندا. وجود جي
آنڌي جيتري تيز هوندي آ، اثر به اوتروئي گهڻو
ٿيندو آ.
منهنجو نالو امجد آهي، دنيا ۾ اچڻ سان ئي سخت هٿن
جو ڇهاءُ مليو هئم، منهنجو اَبو واڍو هو، هميشہ
کهرن هٿن سان دنيا کي پرکڻ جو عادي هوندو هو، ۽ ان
ڪري منهنجو ننڍپڻ حد کان وڌيڪ محرومين جو شڪار
گذريو. ننڍڙي هوندي جڏهن بابا، پنهنجي ڌنڌي تان سج
لٿي ڌاري موٽندو هو ته روز شام جو سج لهڻ مهل هن ۽
امان جو جهيڙو ٿيندو هو. مان ۽ منهنجا ننڍڙا ڀاءُ
ڀيڻ، ۽ گهر ۾ کَٽن هيٺان لِڪي ويندا هئاسين، ابو
روز امان کي خوب گاريون ڏيندو هو، ۽ پوءِ سج لٿي
کان پوءِ پئسا کڻي الائي ڪيڏانهن ويندو هو. (هاڻي
خبر پئي اٿم ته نشو ڪرڻ ويندو هو)، امان اتي ئي
کَٽ جي پائي کي ٽيڪ لڳائي روئندي هئي ۽ اسين سڀ
کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين. هوءَ روئندي هئي
ته اسان کي به روئڻ اچي ويندو. ۽ پوءِ سڀ مس مس
پاڻ تي قابو پائي هليا ويندا هئاسين. امان رات جو
ماني چاڙهيندي هئي ۽ اسان سڀ پينگهي ۾ ويهي، ٽم ٽم
تارا ڳائيندا هئاسين.
گهر ۾ چڱو خاصو پئسو هجڻ جي باوجود به اسان ڀاءُ
ڀيڻ الائي ڪيئن پلجي وڏا ٿياسين. امان اسان کي
پئسا ته ڏيندي هئي، پر نه ابو پيار ڏيندو هو ۽ نه
امان. ابي کي اڃان به نشي جو فڪر هوندو هو ۽ امان
کي رئڻ کان فرصت نه هوندي هئي. بي ــ اي ڪرڻ کان
پوءِ ڀڄي ڊڪي هڪ اسڪول ۾ استاد طور مقرر ٿيس ته به
امان ڪجهه لمحن لاءِ خوش ٿي وري کيس رئڻ اچي ويو،
ذهني صدمن هن جي حالت ڏاڍي خراب ڪئي هئي.
گهرو حالتن جي ڪري منهنجو وجود به الائي ڪيئن ٿي
ويو هو. احساس ڪمتريءَ جي ڪري دوستن يارن کان به
پري ڀڄندو هئس. طبيعت ۾ اڪيلائي هئم. ايتريقدر جو
جڏهن ايم ـــ ايڊ ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ آيس ته
به اڪيلو ئي اڪيلو ڦرندو هئس. پوءِ الائي ڪيئن،
اسان جي ڪلاس جو سڀ کان شرير شاگرد انجم منهنجي
ويجهو اچي ويو. کيس منهنجي محرومين ۽ چپ چاپ وجود
۾ الائي ڇا نظر اچي ويو، هو منهنجي ڪڍ ڦرڻ لڳو.
هاسٽل ۾ رهندي هو هر لمحي مون کي ڊسٽرپ ڪرڻ لڳو.
”او، خدا جا بندا، ٻاهر نڪر، ڪجهه گهمي ڦري ڏس،
حسن ڪيترو پکڙيل آ، الله جي دنيا ڪيتري نه وسيع
آهي.“
۽ پوءِ مون هڪ ٻن دفعن جي انڪار کان پوءِ، هن سان
هلڻ شروع ڪيو، اسان روز شام جو، هاسٽل جي گئلريءَ
۾ ويهي چانهه پيئڻ لڳاسين. پوءِ ملاقاتون وڌيون ۽
منهنجي وجود جو سخت ٿوهر نئين ۽ سائي ٿوهر کي جنم
ڏيڻ لڳو. هن مون کي ڏاڍو بدلائي ڇڏيو. هاڻي مون کي
به وقت ۽ صحيح قدرن جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هڪ شام ته
هن ڄڻ مون کي ڇرڪائي وڌو.
”هي، ڳالهه ٻڌ. هوءَ شيرين آ نه. او اهائي،
انگريزن جهڙي سهڻي ڇوڪري“ هن ڳالهه ڪئي پر مون کي
ته ان ڇوڪريءَ ته ڇا، ڪنهن جي به خبر ڪونه هوندي
هئي. مان بيوقوفن جيان هن جو منهن ڏسڻ لڳس.
”اڙي گڏهه، اهائي جيڪا اپر سنڌ مان ايم. ايڊ ڪرڻ
آئي آ، ڪڪن وارن واري.“ هن مٿي تي هٿ هڻندي مون کي
گهوريو.
”ها، ڇا ٿيو ان کي“ مون جان ڇڏائڻ چاهي. مڙئي
ڳالهه ختم ڪرڻي هئم.
”ان کي عشق ٿي پيو آ“ هن وڏو ساهه کنيو.
”چڱو ٿيو، ڀلي ڪري عشق، ٿئي خوار.“ مون ڪنڌ ڦيرائي
دريءَ کان ٻاهر ڏٺو.
”پر منهنجي ڳالهه ته پوري ٻڌ“ انجم رڙ ڪئي ”پڇ ته
سهي ڪنهن سان ٿيو اٿس!“
”ڇو پڇان“ مون کليو ”منهنجو ڪهڙو ڪم، جو پراين
عشقن جا قصا، تو وانگر رپورٽنگ لاءِ پڇندو وتان.“
”سائين جن جي اطلاع لاءِ عرض ته، توسان عشق ٿيو
اٿس.“ هن چيونگم زور سان ٻاهر ٿُڪي ڇڏيو.
”دماغ ته خراب ڪونه ٿيو اٿئي، اجايو...“ مون ڳالهه
ڪٽي ڇڏي.
”مان بلڪل صحيح پيو چوان، اڄڪلهه تون ۽ مان هرهنڌ
گڏ هوندا آهيون نه، ته هن جون نظرون رڳو پنهنجي ڪڍ
هونديون آهن، توکي ته خبر آ، مان ته نگهت ۾
انٽرمٽيڊ آهيان، بچيل آهين تون، سو پڪ توسان...“
هن کلندي ڳالهه ڪري ڇڏي.
”اڙي هل اتان“ مون هن کي ڌڪو ڏئي ٻاهر ڪڍيو ۽ در
ٻيڪڙي ليٽي پيس.
”منهنجي ڳالهه تي غور ڪجانءِ.“
هن ويندي ويندي وري دريءَ مان جهاتي پاتي. مان
اٿيس ته ڀڄي ويو، مون کي کل اچي وئي.
”چريو، ڪير چوندو ته ايم. ايڊ پيو ڪري، هي ته ڪو
اسڪول اسٽوڊنٽ ٿو لڳي.“
مون ڀڻڪيو ۽ ليٽي پيس. ليٽيس ته وري شيرين ذهن ۾
اچي ويم. هوءَ اسان جي ڪلاس جي سڀ کان حسين ڇوڪري
هئي، اپر سنڌ جي ڪنهن گرلس اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي.
مون کي اها ڳالهه ڏاڍي عجيب لڳي، هوءَ بيحد حسين
هئي ۽ مان ڀولي ٽائپ ماڻهو. ’ائين ڪيئن ٿو ٿي
سگهي‘ مون ڀڻڪيو ۽ پاسو ورائي سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ
لڳس.
۽ ٻئي ڏينهن مون يونيورسٽيءَ ۾ شيرين تي غور پئي
ڪيو. سڄو ڏينهن هو جيڏيءَ مهل به اسان ڏانهن ڏسي
رهي هئي، ته انجم مون کي ٺونٺ پئي هنئين. شام جو
جڏهن، اسان هاسٽل ۾ آياسين ته سڄو وقت هن ويهي مٿو
کاڌو هو.
”ڏس امجد، هوءَ عورت آ، پهل ته پاڻ کي ئي ڪرڻي
پوندي نه، هوءَ ويچاري توکي ڏسي پئي، اڃا ڇا ڪري،
هن سان ڳالهاءِ.“
”اڙي بابا، پر ڇو ڳالهائيان“ مون اکيون پوري پلنگ
کي ٽيڪ لڳائي ڇڏي هئي. ”خواهه مخواه، بس. فضول هن
سان ڳالهائيندو وتان.“
”هن کي توسان محبت آ امجد. هوءَ...“
”تو وٽ ڪهڙو ثبوت آ ته هوءَ مون سان محبت ٿي ڪري“
مون ڳالهه ڪٽي مانس.
”ييس ماءِ ڊيئر، ييس. عقل استعمال ڪر، تون صفا ڪو
ڀُوش آهين. محبت کي نٿو محسوس ڪري سگهين.“
”چڱو منهنجي جان ڇڏ“ مون هن کي دڙيو.
”في الحال ڇڏيان ٿو، پر غور ڪر، سوچ سمجهه.“ هن
ڳالهه بدلائي ڇڏي هئي.
۽ پوءِ الائي ڪيئن مون محسوس ڪري ورتو. ها، هوءَ
ڄڻ مون سان محبت ڪندي هجي. هن جو ڏسڻ، اسان کي ڏسي
سهيلين سان گڏ مرڪڻ ۽ هڪ ڏينهن ته هن مون سان
ڳالهايو به.
”امجد صاحب، توهان وٽ ڊاڪٽر اقبال جن جي ريسرچ
ٽيڪنڪ آف ايڊيوڪيشن واري اسائنمنٽ لکيل آ. ٿوري
ڏجو ته.“
ان مهل منهنجو سڄو وجود لرزش ۾ هو. مون ڪجهه به
ڪونه ڪڇيو هو. ماٺ ڪري، ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ
ئي، اسائنمنٽ ڪڍي، هن ڏانهن وڌائي هئم. لرزش جي
ڪري، پنو ڏڪيو پئي. هن وٺي، مون ڏانهن مرڪي ڏٺو هو
۽ هلي وئي هئي. ۽ ان شام انجم مون کي جٺين سان
کنيو هو.
”موڳا، گيدي. مرد آهين يا عورت. ڪيئن نه هن همٿ
ڪري توسان ڳالهايو. تون اڃان چؤ، خوامخواهه، فضول،
اجايو.“
هن منهنجا تال ڪڍيا هئا.
”انجم مان...“ مون ڪجهه ڪڇڻ چاهيو، هن ڳالهه ڪٽي
هئي.
”ڪجهه ڪونهي، مان ٻان. هاڻي پنهنجو وارو آ، اها
اسائنمنٽ ڀلي هوءَ لکي توکي واپس ڪري، تون کڻي ٻي
لکجانءِ. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ هن کان نوٽس
وٺنداسين. ’ڪريڪيولم آف ٽيچرس ايڊيوڪيشن‘ جا، پوءِ
ڏسجان مزا.“
”انجم مان...“ مون وري ڪجهه چوڻ چاهيو هو.
”اڙي هاڻي ٺهيو. گهڻي ٿي ويئي. تون رئو پائجانءِ،
مان ئي سڀ ڪم ڪندس.“ هن کي الائي ڪهڙي ڪم سان وڃڻو
هو. ويو ته مون کي الائي ڇا محسوس ٿيڻ لڳو. مون
ڀڻڪيو ’شيرين، ڇا سچ پچ مان توکي پسند آهيان‘ ۽
ائين لڳو هئم، ڄڻ هن اقرار ڪري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو
هجي.
ان ڏينهن جڏهن شيرين اسائنمنٽ واپس ڪئي، مان چاهڻ
جي باوجود به هن سان ڳالهائي نه سگهيو هئس هن
Thank you
۽ مون
It`s all right
چئي پنهنجو پنهنجو رستو ورتو هو. هوءَ اڃا به مون
کي ڏسندي هئي. منهنجا شڪ وڌڻ لڳا، پڪ ٿيڻ لڳم ته
هوءَ مون ۾ انٽريسٽيڊ آهي. ۽ هڪ شام انجم هن کان
’ڪريڪيولم آف ٽيچرس ايڊيوڪيشن‘ جا نوٽس وٺي، جڏهن
منهنجي ڪمري ۾ آيو هو ته جمالو نچڻ شروع ڪيو
هئائين.
”ڏس امجد. نوٽس وٺي آيم خير سان هو جمالو.“ هن ٽپ
ڏئي ڪرسيءَ تي ويهندي چيو هو.
“Be a teacher”
مون هن کي گهوريو.
”هاڻي، پاڻ، هڪ ڏينهن اهي نوٽس رکي، پوءِ ان جي
بئڪ پئج تي هڪ خط لکنداسين. هوءَ پڙهندي ته پوءِ
تنهنجا ٿيندا وارا نيارا. پاڻ کي گهرجي به ته
اهوئي ڪم.“ هن خوش ٿيندي چيو هو.
منهنجي دل چيو ته روڪيانس. پر الائي ڇو روڪي نه
سگهيو مانس ۽ هن خط لکڻ شروع ڪيو. رف لکي، پنو مون
ڏانهن اُڇلي چيائين ”پڙهي ڏس، ڪيئن آ.“ پڙهيم لکيل
هو:
”مس شيرين، توهان ڏانهن منهنجون هي سٽون، منهنجو
پهريون عرض آهن. سمجهه ۾ نٿو اچيم ته ڇا لکان.
توهان جيڪڏهن ناراض نه ٿيو ته عرض ڪيان ته ڇا،
منهنجي اڪيلي حياتيءَ ۾ ڪو هٿ منهنجي هٿ کي پڪڙڻ
لاءِ تيار آهي. ڇا، مان توهان جي هٿ کي جهلي،
زندگيءَ جي شاهراهه تي اڳتي وڌي ٿو سگهان؟ فقط
اوهان جو امجد.
”ٺيڪ آ.“ هن مون ڏانهن ڏسندي مون کان پڇيو.
”الائي. مون کي ڪهڙي خبر، مون ڪو اڳ ۾ ڇوڪرين کي
خط لکيا آهن ڇا.“ مون کلندي منهن ڦيري ڇڏيو.
دل اڃان به اُٿل پٿل ۾ هئي. اوچتو الائي ڪهڙو خيال
اچي ويم، انجم کي چيم ”ان مان نالو ڪٽي ڇڏ.“
”پر ڇو؟“ هن اچرج مان مون ڏانهن ڏٺو.
”پهرينءَ سَٽ نالو ته نه لکينس. متان ڪاوڙجي وڃي
ته مان غريب اچي وڃان آزار ۾.“
”پوءِ هن کي خبر ڪيئن پوندي. تون به وڻ ـــ پڪو
آهين.“ هن ٽوڪ ڪئي.
”اڙي نه يار، صاف الف ٿا لکي ڇڏيونس. فقط خيرخواهه
الف، اهو پهرين سَٽ ۾ ئي اوهان جو وغيره نه لکبو.
سٺو نٿو لڳي.“
”چڱو ٺيڪ آ.“
هن ويهي خط فيئر ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ مون دل جي ڌڙڪي
کي پاسي ڪرڻ لاءِ ڪمري جي دريءَ کان هيٺ ڏٺو هو.
دريءَ تي الائي ڪيترا ٽانڊاڻا، روشنيءَ جي ڪري اچي
مِڙيا هئا، مان هڪ هڪ ڪري انهن کي ڏسڻ لڳس. ائين
لڳم، ڄڻ خود به ٽانڊاڻو هجان.
ٻئي ڏينهن انجم، شيرين ڏانهن نوٽس وڌائيندي، هلڪو
مرڪيو هو، مرڪي چيو هئائين:
“Something in side”.
”ڇا هي؟“ هوءَ نوٽس کولڻ لڳي هئي، منهنجي سڄي
پيشاني آلي ٿي ويئي هئي. هي انجم به عجيب هو. ڪلاس
جي هر ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ سان مذاق ۽ مستي ڪندو هو.
هينئر به ڪا مهل هئي.
منهنجي حالت ڏسندي، انجم چيو ”نه نه، هينئر نه ڏس،
پوءِ ڏسجانءِ.“
”چڱو ڀلا.“ هن فائل بند ڪندي پڇيو ”ڀلا رائيٽنگ ته
سمجهه ۾ آئي هُئَو نه.“
”مون کي ته ڪونه آئي، باقي امجد خوب پڙهيو ۽ لکيو
پئي.“
هن ’لکيو‘ تي زور ڏيندي ڳالهه مون تي ورائي ڇڏي
هئي.
”ها، امجد صاحب“ هن وري مون ڏانهن ڪنڌ ڦيريو. مون
ڏانهن ڏٺائين ته الائي ڇا ٿيڻ لڳو هئم.
الائي ڪيئن چئي ڏنم ”ها، بلڪل بلڪل، صفا سمجهه ۾
اچي ويئي.“
”ڇا“ هاڻي انجم پڇيو. مان سڄو گڙٻڙائجي ويو هئم.
”رائيٽنگ، رائيٽنگ.“
انجم وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا هئا ۽ شيرين صرف مرڪيو هو.
ان وچ واري وقت ۾ حياتي بيحد حسين ٿي ويئي هئم.
مون کي به ڪو چاهي ٿو، ڪير مون سان به محبت ڪري ٿو
سگهي. هي انجم به عجيب هو، منهنجو سڄو سارو نمونو
ئي بدلائي ڇڏيو هئائين. هاڻي ته مون کي کلڻ، ٽوڪون
ڪرڻ ۽ ڍنگ جو فيشن ڪرڻ به اچي ويو هو. حياتيءَ ۾
اهڙا خوشيءَ جا ڏينهن اڳ ته ڪونه آيا هئا.
۽ ائين ئي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شيرين مون ڏانهن
جواب لکيو هو. حياتيءَ جي شدتن سان اڪير ان مهل
موجود هئي. ان لفافي کي جيڪو ڊپارٽمينٽ جو هڪ
پٽيوالو ڏئي ويو هو، الائي ڪيتري دير نه پئي
کوليم. الائي ڇا لکيو هجيس. الائي ڪيئن لکيو هجيس
۽ پوءِ جڏهن همٿون ڪري کوليم ته لکيل هو.
’امجد صاحب سلامت باشد‘.
توهان به الائي ڇا سوچيندا هوندا ته ڇو خط لکيو
اٿم. ان ڪري ئي پاڻ نه ڏيڻ آيم، پٽيوالي هٿان
موڪليان پئي اصل ۾ توهان کي شايد خبر هجي الائي
نه. انجم صاحب مون ڏانهن ڪجهه لکيو هو. مان کيس
سنئون سڌو نه چئي ٿي سگهان ۽ نه لکي. توهان جي
معرفت ڪجهه لکان پئي، کين عرض ڪجو مون کي سندن ساٿ
قبول آ، مان...“
ان کان وڌيڪ پڙهڻ جي مون ۾ همٿ ڪانه هئي.
انجم... مان... شيرين ۽... |