سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :11

ٽوڪ بڻجي چوندو هو ”پلوءَ اڳاڙيندو، رشوتين سان وڙهي عدل آڻيندو، هي ته ابا انهن جو به ڏاڏو نڪري پيو، اصل ميرا ڌوئي رکيا اٿائين سڀني جا، فيصلي جي خبر به ڪانه ٿي پئيس، چور ريل ۾ ڀاڳيو جيل ۾. جنهن جي گنديءَ ۾ ڏسي ٿو داڻا، تنهن جا ڪڍي وٺي ٿو ڌاڻا. اسان جي دشمن رشوتين سان جوڙ لڳو پيو آهي. غريب ڦري، سندن گيدا ڀري، پاڻ به ان چوڳي مان ويٺو موجون ڪري. کنڊ جي  ڊيپو، ڀاڻ جي گدام تي، غيرت وڪڻي آيو ٿَوَ. دشمنن جو دلالُ، سَوَ رپئي واري ٻوري، ٻن سَوَن ۾، هارين جي مغز ۾ هنيون ويٺو آهي. اڙي شهر وارا سڀ حلوائي هن وٽان کنڊ کڻندا آهن يا نه؟ ڏيو جواب؟“

هٿ کي گولائي ۾ ڦيرائي ڇڏيندو هو ”ٽِڪريون ته ڳڻيو جُوا جون، ڪيترو ٿو نال آڳڙي؟ ڪاڏي ٿو وڃي، اهو حرام جو مالُ؟ ڪير ٿو بوٽن ۾ چرس ڀرائي، ستن سمنڊن ڏانهن موڪلي؟ لُچنِ لفنگنِ تي هٿ رکي ڪيون ويٺو آهي، رهي ٿَوَ ڪا ڳوٺ ۾ عزت ۽ اشرافت ذري؟

سڄو ڏينهن شودا گهٽين گهيڙن تي وتن ٿا سينڍون وڄائيندا... ڪنن تي هٿ رکي ڇڏيندو هو ”توبهه، توبهه، نه خدا جو خوف نه رسول جي ساڃاههَ...“

آواز کي ڌيمون ڪري ڇڏيندو هو ”بڙي ميان کي ڀلاين جا ڪهڙا بدلا ڏنائين؟ جنهن جا ٽُڪر اڃا سوڌو نڙيءَ ۾ اٽڪيا بيٺا اٿس، نمڪ حرام کي. وجهه ڏسي سدا واههَ واريون سڀ زمينون ڳڙڪائي، روڪڙ به رڙڪي ويس، پڇاڙيءَ لٺين هڻائڻ کان به نه مُڙيس. ويچارو ساههُ مُٺ ۾ ڪري، ڀڄي وڃي ڪراچيءَ ڀيڙو ٿيو نه ته جيڪر مارائي ڇڏڻ کان به نه هٽيس هان...“

ساهي کڻي وٺندو هو ـــ

”منهن ڪارو ٿيو طانۡهَرِ تپيدار جو، جنهن کاڌا کائي، ڪوڙن ڪاڳرن تي ٺپا هڻي، کاتا ٺاهي، ملڪيت وارو بڻائي ڇڏيس. هاڻي ته رڌيءَ پڪيءَ جو مالڪ بڻجي ويٺو آهي، پرائي گهوڙي تي لانگ ورائي.

اڙي بڙي ميان جي املاڪ تي، ڪنهن جو حق  هو؟ موسي ماڇيءَ، خمون ڪوريءَ جو يا هن بئوش، ممڙي، ڪٿون دي بلا جو؟

ٽيڙو ٿي بيهندو هو...

”پر اهي ته هئا واڻڪا، لُٽِ جا مال، مومنن ۽ مسڪينن سان وري ڪهڙا ڀال ڀلايا اٿئين؟ سندن ترا ترايون به تڪيون، قبضي ڪيئون ويٺو آهي. دروءَ پارا بڇي، مسڪينن کي مارون ڪڍرائي، غريبن جون گوڏيون لهرائي...“

ٿڌو شوڪارو ڀري ڇڏيندو هو.

”هاڻي هن ست پيڙهئي سيد جي پٺيءَ پيو آهي. روز روز پاڻي بند ڪرايون بيٺو اٿس ته جيئن بيزار ٿي اهي اَٺ جريب به هن معتبر کي وڪڻي ڏئي، ويچاري سان کڻي آزار مچايو اٿائين.“

سيد متل شاهه جو نالو وٺي سينو تاڻي، ڇاتي ٺوڪي ڇڏيندو هو.

پر جيسين رمون حيات آهي، تيسين ٿس آڱوٺو. اک سان ڇوڏو ٻڌي ڇڏي...

هٿ ڳنڍيو ويٺو آهي، چڱن ڀلن جي پڳُن ۾. ڪلهوڪو ڏينهن آ، ڪانهيون ڪٽي ڪندو هو گذر سفر. ماڻس وتندي هئي مِٽي چَٽيندي. رات جو سدائين هوندو هوس نوڙُ ڪلهي تي. جڏهن ڳاهن جي ڳئون چورائيندي بروقت پڪڙيو هو تڏهن ڪيڏي نه جُٺِ ٿي هيس، پوليس  آڪہ کي به ڇڪي آڻي ٿاڻي تي ڪڍيو هو. اڄ تيس مار خان ٿو سڏائي پاڻ کي، بي نوسو. سيٺئي جي آڱر جو اچي ويئي اٿس وات ۾...

توبهه، توبهه، خدا ڏئي ته ويهي کائجي، پر ڍءُ جهليندي آهي هڪ مينهن، ٻيو واڻيو. ههڙا ڇا ڄاڻن ڏني مان، ههڙا ته ڏنو ڪِنو ڪري ڄاڻن...“

غيرت جو نشان بڻجي پوندو هو.

”سيدن جي چوري ڪيائين، ملان سان مسيت ۾ وڙهيو، پنهونءَ جو لوڙهو لتاڙيائين، آئي ٿَوَ ڪا غيرت ذري؟ ڪيو ٿَوَ سيٺئي، ڪو اَچارُ، ويچارُ؟“

ڳوٺ وارن کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو.

”اڃا ٻيهر به اهڙي کي مِمۡبر بڻائي، وَٽَ کان چاڙهي ڇڏجوس“ پوءِ ڀڻڪندو اچي متل شاهه جي اوتاري تي ويهندو هو ۽ پهرن جا پهر ويٺو ڳِٽيون ڳڻيندو نظر ايندو هو.

رمونءَ جي ڳالهين ۾ سچ جي بوءِ سمايل هوندي هئي. ڪيترا ٻُٽيل ارواح اوٻاڪَ کائي، سندس اکرن سان، اکرن وارا اکر! ملائي ڇڏيندا هئا. ڪيترا ڪن کولي چَپَ ٻيٽي رکندا هئا. ڪيترا اهڙين ڪچهرين مان اٿيا هليا به ويندا هئا، ڪيترا ته سيٽجي کيس بدشدِ به ڳالهائي ڇڏيندا هئا. هر ڪچهريءَ جو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ هوندو هو. ڳڻ وارا ته سڀئي ڳوٽون ڀڃيون ويٺا هوندا هئا. گذريل ڏهن ٻارنهن سالن جي سياسي چڪر، نڪمي نعره بازي، هڻ هڻان ۽ وٺُ وٺان جي پاليسيءَ تي عمل، اهڙا ڪيترائي وقت جا پٽ پيدا ڪري ڇڏيا هئا. معتبر مٽي ٿي ويندي نظر اچڻ لڳا هئا، ڌوڪيباز دهل کڻي اڳتي وڌي پيا هئا. جن وٽ نه هو اصولُ نه ايمان. ماستر ڪريمڏنو اهڙن سانڊن لاءِ ئي چوندو هو.

”سنڌ سنۡئين، وڻ ڏنگا، ماڻهو منجهس خامَ ــ جيڪو هڻي موچڙو، تنهنجو ڪن سلامُ.“

سيٺئي جي سياسي حيثيت به ساڳي طرح جي هئي. اُڀري آيل سج جي پوڄا، مفت جي ملڪيت ۾ حرام جي ڪاروبار ڪري، ڏينهون ڏينهن واڌارو، دولت جو نشو ۽ لاٺڙين جي فوج وڏي ڳالهه ته، نااهل ۽ بي غيرت ڪاموري جي اڳا پيشي، ۽ سندن پٺڀرائي، سڄي تعلقي جي طاقت کيسي ۾. ٻڌ ڇوڙ تي پورو پورو اختيارُ.

سندس آڏو ڪابه مشڪل، مشڪل نه هئي. ها، جي هئي ته سندس خلاف رمونءَ جي ٽيڙي رفتار!

جنهن کي هو دروءَ پارن هٿان پادر هڻائي به سنۡوت ۾  آڻي نه سگهيو هو.

”رمونءَ کي نيٺ مڃائي نه سگهيئن، دُرل..“ سيٺ هڪ ڏينهن دروءَ سان شڪايت ڪئي هئي.

”نه سيٺ، ڪتي جو پُڇُ، آخري علاج اٿس گولي، چئهُ ته ٺا ڪڍائي، هميشہ لاءِ ڀئنــۡڪڻ کان بند ڪري ڇڏيانس.“

سيٺ ويچاري جواب ڏنو هو ”ائين به ڪنداسين، پر ڪي ڏينهن ترس.“

”ڪي ڏينهن ترس، ڪي ڏينهن ترس، اِهي تنهنجا ڪي ڏينهن الائجي ڪڏهن ختم ٿيندا، مون کي جي جُلبو اچي ويُئي ته سدا واهه ۾ لڙهندو پيو ٻڌندين، هڪ ڏينهن....“

درو خار کائي، ڊُولُ سڄائي اٿي کڙو ٿيو هو. پٺيان سيٺ تاڪيد ڪيو هوس ”نه نه، تڪڙ نه ڪجانءِ..“

پوءِ جلد ئي ڪو تڪڙو فيصلو ڪري سيٺ، سڳداسي چوپ چانوري جي ٻوري، ثابت ڇيلو ۽ ٻيون ڪجهه عجيب و غريب سوکڙيون کڻائي، گنج چمڪائيندو ڊويزنل آفيسر سان ملڻ هليو ويو هو.

ڏينهن ئي نه گذريا هئا جو پوليس جي هڪ سپيشل اٽالي، ڳوٺ کي گهيري ۾ آڻي، رمونءَ کي علائقي جو خطرناڪ ڊاڪو ظاهر ڪري، دٻدٻي سان  ٻڌي (نئين قلم هيٺ) جيل اماڻي ڇڏيو هو.

ويچارو متل شاهه ڏاڍو ڦٿڙيو هو، پر ننهن چوٽيءَ جو زور لائي به رمونءَ جو ضامن ڪرائي نه سگهيو هو. پٺيان ٻنيءَ ۾ بيٺل ڇولن جو فصل، لٽجي ناس ٿيڻ لڳو هو.

ڪافي ڏينهن کان پوءِ جڏهن رمون جيل مان نڪري آيو هو، تڏهن گهڻو بدليل نظر اچي رهيو هو. هن جي رفتار ۾ ٽيڙائي ته موجود هئي، مُڇُن کي تاءُ به ڏيئي وٺندو هو، پر سيٺ ۽ دروءَ خلاف سچ ڳالهائڻ واري عادت وڃائي ويٺو هو. وڏي ڳالهه ته سيٺ جي بنگلي ۾ به اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڏنو هئائين.

هن ڦيري جو سبب ڇا هو؟

جيل جون سختيون، متل شاهه جي بيوسي يا مفلسي؟

ٿي سگهيو پئي، هي جانو جُڳتيءَ جي صحبت جو اثر هجي، جو جيل اندر سڀني قيدين کي، سياست ويڙهائڻ جا سبق سيکاريندو رهندو هو، باريڪ جو مُکپڻو جو مليل هوس.

رمون کي جيلخانو اوتارو نظر آيو هو. هن اُت ڀنگ به پيتي هئي ته چرس به ڇڪيو هو.

رمونءَ جيل ۾ نه ٻڌل ڳالهيون ٻڌي ۽ نه ڏٺل شيون ڏسي، گويا هڪ ٽئين دنيا جو مشاهدو ڪيو هو، اها سياست به جانوءَ جي ئي ويڙهايل هئي، جنهن سيٺ سان رمونءَ جون ٻه اسپيشل ملاقاتيون ڪرائي، رمونءَ کي نئين قلم جي ڪارنهن کان بچائي ڇڏيو هو ۽ آزاديءَ کان پوءِ، رمون جڏهن ڳوٺ آيو هو، تڏهن سيٺ وٽ اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڏنو هئائين. ا‎ڄ به اوتاري کان ٿيندو سڌو اچي بنگلي ڀيڙو ٿيو هو، جت ٿاڻيدار ٺٺ سان دعوت پئي اڏائي.

سيٺ جي ٿاڻيدارن سان ڏاڍي لڳندي هئي. چوندو هو ”ٿاڻيدار راضي ته ڇا ڪندو قاضي.“

رنگ لڳا پيا هئا، بنگلو ٻهڪيو پئي، سيٺ ٽهڪيو پئي، اندر گهڻو ڪجهه وهيو واپرايو پئي، ٻاهر به موج متل هئي. رمونءَ وڏي هال ۾، لاٽڙين کي ڏسندو اچي، خاص ڪمري جو پردو هٽائي ليئو پاتو هو. ٿاڻيدار جي وات ۾، ڪڪڙ جي ٽنگ سان گڏ ٻيو ڪجهه به هو... اهڙي طرح، ٻيا به سڀيئي، کاڌي پيتي ۾ مست و مگن ٽهڪن ۾ ٻڏا پيا هئا.

سيٺ رمونءَ کي سڃاڻي، هڪدم ٻاهر اچي، ساڻس سُسُ پُسُ ڪئي هئي. پوءِ، خاص نوڪر ڌرپاليءَ کي سڏي، ڪجهه سمجهايو هو، جنهن رمونءَ کي بنگلي جي ڪنڊائتي ڪوٺيءَ ۾ آڻي ويهاريو هو.

ٿوري دير ۾ رمونءَ آڏو به اهيئي طعام رکيل هئا، جي ٿاڻيدار صاحب پئي اوباريا.

شيشي جي جڳ ۾ سبز رنگ جو پاڻي به موجود هو. هي پاڻي شربت هو؟ يا بادامين ۽ مصريءَ مليل ڀنگ جو ست؟ يا ان کان به اُچيرو ڪو کارو، کٽو، تيزابي پاڻيٺُ؟

رمونءَ ماني ڏسي درهڙي کاڌي هئي، سندس آڏو دروءَ جي شڪل ڦري آئي هئي جو تتل لوهه جيان ٻرندو، باهه جو بمگولو بڻيو گهر پهچڻ وارو هو. رمونءَ چاهيو پئي ”جو ڪجهه ٿيڻو آ، خدا ڪري جلد ئي ٿي وڃي.“ انهيءَ اڻ تڻ هيٺ هن مانيءَ سان هٿ ڳنڍي رکيا هئا.

دروءَ گهر پهچي پهرين نگاهه ڏاندن جي جوڳ تي وڌي هئي، مينهن جي واڙي کي تڪيو هو. گڏهه بيٺي گاهه چنو، ٻڪريءَ چَڙي وڄائي، اوڳَرُ پئي ڪڍيو، ڪڪڙيون ٻچڙا ڪوڙي ڪيئون ٿڌڙيءَ جاءِ تي ويٺيون هيون، ڪتو گنُنرجي پڇ لٽڪائڻ لڳو هو...

هن جي ٻي نگاهه گهر جا پاسا پلوءَ جاچڻ لڳي هئي، مَنَهُن ۽ موريز ڏٺي هئي. ماڻس نِمُ جي ڇانوري هيٺ ويٺي سانجڻ ڪئي، گهڙانوجيءَ ڀرسان ڪئنرو پيو هو جت اچي نگاهه کي کٽايو هئائين.

”گُليءَ کي ڪاڏي ڪيو ٿي؟“ هن ماءُ کي ڪرڙين اکين سان ڏسي پڇيو هو.

”ڌياڻيءَ گهر ويئي آهي بصريءَ کي سِيرَ ڏيڻ، ڇو روز روز نه ويندي آهي ڇا؟“ ماڻس ڏانهُس خيال ڏئي ڏٺو هو.

ڌياڻيءَ جي نالي تي، دروءَ جي بُتَ جو وار وار کڙو ٿي آيو هو. ڌياڻي پنهونءَ ۽ بصران جي ماءُ هئي. هو منهن ۾ گهنڊ وجهيون ڪوٺي اندر هليو ويو. اکيون جي اڳيئي رت سان ڀريون پيئون هيس، سي هيڪاري وڌيڪ رتو رتِ ٿي آيون هيس. جڏهن ٻاهر نڪتو هو تڏهن ڪهاڙيءَ کي هٿن تي نچائيندي آيو هو. ماڻس هيسجي وئي هئي ”مارئي جو الائي ڇو اڄ، ڦرڪو ڦريل ٿو ڏيکارجي.“

دروءَ دِلن وٽ اچي پاڻيءَ جا ٻه ٽي ڇنڊا منهن تي هڻي، هڪ ٻه گُرڙي ڪري شورُ پيل اکين سان ماءُ کي تَڪي، ٻيهر پڇيو هو ”ٻڌاءِ، گليءَ کي ڪاڏي اُماڻي ڇڏيو اٿئي...“

”مئا، ڪَلَ ته نه ٿڙي اٿئي، پِهرَ تان ليئو هڻي ڏس ته، بصريءَ کي سيرَ ٿي ويٺي ڏئي نه، پنڌ ته ڪينهئي؟“

ماڻس ويچاري وائڙي ٿي ويئي هئي. هوءَ جيتر ڪُڇي ئي ڪُڇي، تيتر دروءَ جي ٻه هٿياڙي ڀَرُ ڪڍايل ڪهاڙيءَ جي ڌڪ سسي لُڻي پٽ تي ڪيرائي ڇڏي هيس. اتيئي ڦٿڪڻ لڳي هئي، رت جا گرم گرم ڦوهارا، ٻوڙ جي ديگڙيءَ مٿان پوڻ لڳا هئا.

هن ٻيا به ٻه زبرا ڌڪ ماءُ جي ڦٿڪندڙ بت مٿان وهائي ڪڍيا هئا. پوءِ لاش کي، ٽنگ کان وٺي گهليندو آڻي ڪوٺي ۾ ڦٽو ڪيو هئائين. ڪهاڙي بوڇڻ سان اُگهي، پٽ تي پيل رَتُ مٿان چلهه جي رَکَ هاري، ڪوٺي جي در واري چانُٺِ مٿان چڙهي ويٺو هو ٻاهرئين در ۾ اکيون کپائي. گُلي اڃا سوڌو غائب هئي. هي آنڌ مانڌ ۾ هو بت ائين پئي سڙيس کاميس جيئن ٻرندڙ کورو.

گُلي ماڻس جي ڀاڻيجي، ڇوري ڇني، لاوارثِ ۽ نڌڻڪي ڇوڪري هئي. ڀيڻ مرڻ ويل، ڀيڻ کي بخشيش ڪري ويئي هئي. درو ماءُ جي زور ڀرڻ تي پرڻيو هوس نه ته هي ته اڄ به بصريءَ جو سر مڙيو عاشق بڻيو وتندو هو سينڍ ۾ مارئي ڳائيندو.

بصريءَ سان ڪڏوهڪو پرڻجي به وڃي ها، پر پنهونءَ پرچاءُ نه پئي ڪيس، ڇو ته لوڙهي لتاڙڻ واري بيواجبيءَ سبب کُنڊو ٿيل هو. ٻيو سيٺ به ان معاملي ۾ نَٽ نٽاءُ ڪيون ويٺو هو. بصران، سيٺ جي گهر، گهرو ڪم ڪار لاءِ بي حجاب ايندڙ ويندڙ هئي. هونئن هي ڳوٺاڻا، هڪٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ عيبُ نه سمجهندا آهن.

دروءَ هڪ دفعي، بصران متعلق سيٺ جا ڪن کڙڪائي ڇڏيا هئا ”سيٺ، خبرڙي هجئي، بصريءَ تي نه جي ڪنهن ٻئي هٿ رکي ڪئي ته پوءِ پنهنجو به خبر نه سمجهجانءِ، هي غيرت جو مسئلو اٿئي، غيرت جو...“ پوءِ اکيون ڦوٽاري، سيٺ کي تارا ڏيکاري ڇڏيا هئائين.

اوچتو گلان ظاهر ٿي هئي، ڳاڙهي ڇُريل لباس ۾ هوءَ جنسي ڪنوار بڻي اچي رهي هئي، در ٽپي هئي ته نگاهون اچي هن تي، کپيون هيس.

”هي ڇو ڪُمهلو موٽي آيو آهي، ويٺو به ڇِريو آهي. خدا خير ڪريس، ڪنهن سان پاڻيءَ ڪانجهيءَ تي جهيڙو ته نه ڪري آيو آهي.“

هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳي هئي، ڪڪڙين ۾ ڦڙڦوٽ پيل ڏٺي هئائين. ڏاند مينهون زور زور سان رنڀيا پئي، ٻڪري ٽٺي بيٺي هئي، گڏهه رسي ڇنائڻ جي پئي ڪئي. ماسيءَ کي چلهه تي نه ڏسي هڪي ٻڪي ٿي اچي هن اڳيان بيٺي هئي. هن جي هٿ ۾ ڪهاڙي ڏسي ڊني به هئي.

”ڪاڏي ويئي هئينءَ.“

”بصران کي سير ڏيڻ“ هن جهٽ پٽ وراڻيو هو. دروءَ جي ٻرندڙ اکين سان اکيون ملائي رکڻ جيتري جرئت ڪانه هيس، ڪنڌ کي ڪيرائي ڇڏيو هئائين.

”سيرَ ڏيڻ يا...“

درو اُٿي بيٺو هو، ڪهاڙي ڦيرائي، ڪنڌ جي پٺيان آڻي ڇڏي هئائينس. ڪهاڙيءَ جي آڻي گلان جي ڪنڌ ۾ چڀندي پئي ويئي. هوءَ زور زور سان ڏڪڻ لڳي هئي، ڪنڌ مٿي کنيون هئائين، چهرو ائين ٻهڪي رهيو هوس جيئن آئينو، مٿس پگهر جون بوندون موتين جيان ٺهي آيون هيون ـــ هوءَ، اڇي هئي.

دروءَ ڪهاڙيءَ کي سٽ ڏني هئي. آڻي گلان جي ڪنڌ ۾ چڀي وئي هئي، دروءَ سندس ٻئي گُتون جهلي، ڪنڌ واريون ٻه چار مڪون ڦهڪائي، ڪوٺي اندر ڌِڪون ڏئي، زور سان تاڪ ٻيڪڙي ڪنڍو چاڙهي ڇڏيو هو.

اندر هڪٻئي پٺيان ڪئي دردناڪ دانهون اُڀريون هيون. پر ڳو‎ٺ ۾ ان وقت ڪوبه ڪَنُ اهڙو ڪونه هو جو هنن کي ٻڌي سگهي ها. پوءِ اهڙي ماٺ ٿي ويئي هئي، جهڙي ڪنهن ويران مقام ۾ آڌيءَ وقت هوندي آهي.

رمون اڃا ماني کائي پوري نه ڪئي هئي ته ڌرپالي ڀڄندو آيو هو ۽ اچي ٻڌايو هئائينس ”ٻڌئي ڙي رمون، دروءَ جوءِ کي پنهونءَ سان ڪارو ڪري ماري وڌو آهي. اِجهو رَتُ لڳل ڪهاڙيءَ سان اچي ٿاڻيدار صاحب وٽ پيش ٿيو آهي، غيرتي پٽ، واهه جو غيرت ڏيکاري آهي.“

رمون ٻهڪي پيو هو، جيئن مٿائنس وڏو بار لهي ويو هجي. هن مانيءَ جا آخرين گِرهه چِتُ سان اُڪلائي، سبز پاڻيءَ وارو جڳ منهن تي چاڙهي ڇڏيو هو.

سج ٽامڻي ڇڏي پاسيرو ٿي هليو هو، لُڪ لڳي پئي، پر ڪانوَ اکيون ڪڍي ٻاهر نڪري آيا هئا. 1928ع ۾ تعمير ٿيل، ڳاڙهسري جاءِ جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ ٿاڻيدار صاحب دروءَ جي فرياد درج ڪري رهيو هو. دور هٿڪڙيءَ ۾ پٽ تي ويٺو هو. ڀرسانس، سيٺ رحميداد به ڪرسيءَ تي موجود هو. وڏي منشيءَ، اڇي پني تي فرياد جو مَتن پئي تيار ڪيو هو. منجهيو ته ڪونه پئي پر ٿاڻيدار به مدد ڪري پئي ورتس. ڪٿي ڪٿي ڪي ڪم جا اکر سيٺ به اُچاري پئي ڇڏيا.

”مون کي زال تي شڪ هو ته هوءَ پنهونءَ سان لڳل آهي.“

”اڙي... جوءِ جو نالو به اٿئي ڪين؟“ وڏي رهڙ سان گڏ هڪ ڪامورڪي فئشن واري گار ڏئي ڪڍيس. سيٺ يڪدم ”مسمات گُلبري سائين“ چئي دروءَ کي سرڪار جي دهشت ۾ اچڻ کان بچائي ورتو.

”ڄٽ جا پٽ چئهُ ته منهنجي زال مسمات گُلپري، پنهون... سان ڪاري ٿيل هئي...“

”ها سائين ڪاري ٿيل هئي.“

دروءَ جو ٻوٿ سڪل پادر جيان ٿي ويو. وڏو منشي ڪاغذ تي، قلم جو گهوڙو ڊوڙائڻ لڳو.

”مون کي پنهنجي زال مسمات گلپريءَ تي شڪ هو ته هوءَ، پنهونءِ سان ڪاري ٿيل آهي. اڄ رمضان ٻئي تي تڪڙو اچي ٻڌايو ته مان تنهنجي زال کي، چرچا ڪندي، تنهنجي گهر ويندي ڏسيو ٿو اچان...“

”اعتراض جوڳا چرچا لکجوس.“ ٿاڻيدار تصحيح ڪئي.

”مون کي غيرت مان ڪاوڙ اچي وئي، اتان ئي موٽيم، گهر آيم، منهنجي زال مون کي گهر ۾ نظر ڪانه آئي. منهنجي ماءُ، ڪوٺيءَ جي در تي مَنجي وجهيو ويٺي هئي. جا مون کي ڏسي هيسجي وئي، پڇيومانس ”گلي ڪٿي آهي؟“ منهنجي ماءُ جواب ڏيڻ بجاءِ، اٿي وٺي ڀڳي...

”بدحواس ٿي، وڏا...“ سيٺ ڪُڇي ويٺو.

”مون کي پڪ ٿي ته ڪوٺيءَ ۾ اندر ضرور ڪجهه آهي، مون در کي ڌڪ هڻي کوليو.

”لت جو ڌڪ هڻي...“

”در کلنديئي، ڏٺم ته پنهون... مون کي ڏسي تڪڙو ٿي وٺي ٻاهر ڀڳو...“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ وڏي، متن جي پوئين سِٽَ زور سان پڙهي، دروءَ کان سوال ڪيو... دروءَ جواب ڏيڻ بجاءِ، سيٺ جي منهن کي تڪڻ لڳو.

”چئي ڏي نه بابا، جيڪا حقيقت آهي، سرڪار ماءُ ـــ پي آهي، ان کان ڪهڙو حجاب.“ سيٺ دلداريءَ واري لهجي ۾، اشارو ڏئي، ڪا سيکاريل ڳالهه ياد ڏياريس.

”سائين، ڪهاڙي ڪليءَ تي ٽنگيل ڏيکاريانس يا هٿ ۾؟ وڏي، ٿاڻيدار کان پڇيو.

”هٿ ۾ ٺيڪ ٿيندي يا ڪِليءَ تي؟ ساڳيو ئي سوال ٿاڻيدار سيٺ کان ڪيو.

”هٿ ۾ سائين، ڪڙمي ماڻهوءَ کي هٿيار سدائين هٿ ۾ هوندو آهي.“ سيٺ ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي، اڃا به شانائتو ٿي ويو.

وڏي، ڪجهه ڊاهي، ٻيهر لکيو، ”مون کي ڪهاڙي هٿ ۾ هئي، جوش مان منهنجا هٿ اٿيا ۽ غيرت ۾ اچي..“ وڏي، غيرت جي لفظ کي زور سان اُچاريو.

”مون زال کي، ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي ڪڍيا. ان وقت منهنجو هوش سالم نه هو. هوءَ پٽ تي ڪري ڦٿڪڻ لڳي... ان وچ ۾ منهنجي ماءُ...“

”اڙي ڇا ٿي نالو ماڻهين جو...“

”وسندي، سائين، وسندي....“

”مسمات وسندي، ڀڄندي اچي، منهنجي زال کي بچائڻ لاءِ، مٿانئس ڪري. ڪهاڙيءَ جا ڌڪ، جي زال مٿان وهايم پئي، سي سمجهان ٿو ته منهنجي ماءُ کي به لڳي ويا آهن. منهنجو، ماءُ کي مارڻ جو ڪوبه خيال يا ارادو ڪونه هو، هي سڀڪجهه غيرت جي جوش ڪري ٿي ويو آهي. ثابتيءَ لاءِ رت لڳل ساڳي ڪهاڙي آندي اٿم، فريادي  آهيان، داد ٿئي...“ وڏي، متن مڪمل ڪري زور سان پڙهيو. سيٺ ۽ ٿاڻيدار جي ٿورڙي اصلاح بعد ٿاڻي جي اصلي رجسٽر ۾ درج ڪري ٽائيم هڻي، دروءَ کان کٻي آڱوٺي جو نشان ورتو.

سيٺ دروءَ کان موڪلايو. موڪلائڻ مهل، دروءَ رُنو ۽ رمونءَ دل ئي دل ۾ کلي ڏنو. دروءَ گگهي آواز ۾ ليلائي چيو، ”رحيمداد ابو ٿجانءِ. منهنجا ڏاند ٿي، مينهون ٿي، گهر ٿي، فصل ٿي، سڀ وڪڻي، ڪيس تي لائجان، ڇٽي ايندس ته تو بابي جا سڀ ٿورا هڪ ـــ هڪ ڪري اچي لاهيندس...“ ۽ پوءِ مونن ۾ منهن هڻي سڏڪين ۾ پئجي ويو. سيٺ، سيني لائي، دلداري ڏنسِ، ٿاڻيدار سان خلاصي گفتگو ڪئي. وڏي کي، فرياد لکراڻي ڏني ۽ پوءِ رمونءِ کي ساڻ ڪري ڳوٺ موٽيو. ٿاڻي جي دروازي تي سپاهين اهڙيءَ طرح سلامي وٺي ڇڏيس، جيئن ڪنهن سٽي ۾ کٽندڙ واپاريءَ کان، اُرَههَ زورا فقير زوريءَ خيرات وٺي ڇڏين.

اهو ئي سج، اهيئي ڏينهن، پر پاڇا بدليل هئا. هاڻي لُڪَ ڪانه پئي لڳي. ڪانو اَلُ اٿاري آيا هئا، سدا واهه ۾ پاڻيءَ جا پويان لَڙها پئي اُڙها. سارين جا سنگ سونن گهنگهرن جيان ٿي پيا هئا، متل شاهه جو فصل دروءَ جي فصل سان گڏجي پچي راس ٿي بيٺو هو. جهرڪين چهچها لائي ڏنا هئا.

رمون واهه تي پنهنجي ٽيڙي رفتار ۾ موجود هو. هو مڇون تائيندو پئي وتيو. درو اکين کان اوجهل ٿي ويل هو.

سندس نئين اڏاوت ٿيل ڪوٺيءَ ۾ سيٺ سيمنٽ جي ايجنسي کولي ڇڏي هئي.

اڄ سيٺ گهمندو متل شاهه جي سنئين وٽ پهتو هو. رمونءَ وڌي اچي سلام ڪيو هوس. سيٺ ڏندڙا ڇِڪي کِلي پيو هو. رمون به خوش هو. سيٺ رمونءَ جي ڪلهي تي هٿ رکي پيار سان چيو هو، ”رمضان خان، مان پنهنجو انجام پاڙي توڙ نباهي ڇڏي، هاڻي تون پنهنجو وعدو پورو ڪري ڏيکار...“

رمونءَ نِوڙِي سيٺ جي مهربانين مڃڻ جو اظهار ڪيو هو ۽ هيٺاهين وٺي چيو هو، ”ڳڻتي نه ڪريو سيٺ، رڳو ٻاريون ٿيڻ ڏيو، اِجهو چور پيا، متل شاهه جي ٻار ڀڳي. پاڻهي سڏي اچي سودو ڪندوَ...“

سيٺ جون واڇون ٽڙي پيئون هيون. رمونءَ به بغليون هڻي ورتيون هيون. هن جانوءَ جڳتيءَ کي ياد ڪيو هو، جنهن جيل ۾ سياست ويڙهائڻ جو هُنر سيکاري ڇڏيو هوس.

رمون هلندو اچي متل شاهه جي اوتاري وٽ پهتو هو، ان وقت مسجد مان تلاوت ڪندي متل شاهه جو آواز ڪن تي پيو هوس. سندس قدم، هڪ گهڙيءَ لاءِ هڪ هنڌ ڄمي بيهجي ويا هئا. سندس ذهن ۾ متل شاهه جا هي پراڻا اکر اڀري آيا هئا. ”پاڻهي هڪ ڏينهن وڃي نيت لوڙيندو، تون صبر ڪر، بابا...“

رمونءَ جو مغز چڪر ۾ اچي ويو هو. هن جو خيال سيٺ جي بنگلي ۾ هليو ويو هو ۽ قدم خودبخود متل شاهه جي اوتاري ۾ گهڙي پيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com