سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :16

انهيءَ قديم سانڱري واهه جي ڪناري تي ٻين بستين سان گڏ هڪ پراڻي بستي ”تورڪي“ جي نالي سان آباد هئي. فارسي تاريخن ۾ هن بستيءَ جو ذڪر تمام گهڻو اچي ٿو. ڪن جو چوڻ آهي ته انهيءَ بستيءَ جو نالو ”تورڪي“ انهيءَ ڪري سڏجڻ ۾ آيو، جو اتي تُرڪ قوم گهڻي رهندي هئي ۽ تورڪي يعني ترڪن جو ڳوٺ (3).

اسان پڻ انهيءَ راءِ جا آهيون ته تورڪيءَ جي بستيءَ ۾ ترڪ يا مغل قوم رهندي هئي، جا زماني جي ڪن انقلابن سبب اتان لڏي وڃي ”ڪوٽڙي مغل“ جي نالي سان نئون شهر ٻڌي ويٺا. سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر ۾ اهو ڳوٺ وسندڙ هو ۽ پاڻ اتي اچي ويٺا هئا. اهوئي ڪوٽڙي مغل جو ڳوٺ هو، جتي شاهه صاحب کي مجازي چوٽ لڳي هئي، جنهن کيس حقيقت جي منزل تي رسايو (4).

سيد حسام الدين راشدي صاحب جي قول موجب ته ”تورڪيءَ“ جي اهائي قديم بستي هئي، جنهن کي هن وقت ”ميون ونهين“ جو قبرستان ڪري سڏجي ٿو. اڳئين زماني ۾ هن بستيءَ کي چوڌاري هڪ وڏو  شاهي قلعو هو، ليڪن وقت گذرندي هن وقت انهيءَ قلعي وغيره جا ڪي به نشان باقي نه رهيا آهن (5)، ايتريقدر جو اتان جي رهندڙ قديم باشندن کي پڻ ”تورڪي“ جي نالي وغيره جو ڪوبه پتو نه آهي. ليڪن سنڌ جي تاريخ جي مختلف بيان ڪيل احوالن مان اها خبر پوي ٿي ته تورڪيءَ جي قلعي اندر ارغون ۽ ترخان حاڪمن جي وڏن اميرن ۽ سردارن جون حاويليون تعمير ڪرايل هيون، مگر هن وقت اهي رهائشي حاويليون سڀ ڊهي زمين دوز ٿي ويون آهن. وک وک تي حسرت ۽ عبرت جو مرقع آهي. تورڪيءَ جي بستي ان قديم زماني ۾ نصرپور شهر جي بچاءَ لاءِ هڪ اهم فوجي چونڪي هئي.

هن وقت جڏهن باريڪ بينيءَ سان اتان جي جاءِ وقوع جو مشاهدو ڪجي ٿو ته اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته واقعي اها تباهه ۽ برباد ٿيل بستي سانڱري واهه جي ڪناري تي آباد هئي. اڄ به انهيءَ قبرستان جي ڀرسان انهيءَ ڦٽل سانڱري واهه جا قديم آثار صاف طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

سنڌ جي فارسي تاريخن جهڙوڪ: تاريخ طاهري (6)، ۽ بيگلارنامه (7) ۽ تحفة الڪرام (8) ۾ هن بستيءَ کي ”تورڪي“ جي نالي سان بيان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ، بيگلارنامي جي سنڌي ترجمي ۾ هن بستيءَ جو نالو ”تورڪي“ بدران ”ٺوڙڪي“ قائم رکيو آهي (9).

سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿي ته جڏهن هندوستان جو شهنشاهه همايون، تخت ۽ تاج کان محروم ٿي، سنڌ جي حاڪم مرزا شاهه بيگ ارغون جي پٽ مرزا شاهه حسن (جو ان وقت سنڌ جو حاڪم هو) سان منهن مقابل ٿيو ته انهيءَ ويڙهه ۾ شاهه قاسم بيگلار قتل ٿي ويو. اهو جنگي معرڪو سن 950هه ۾ ”جوڻ“ جي آس پاس ٿيو هو (10). جيئن ته جوڻ وارو علائقو نصرپور جي ويجهو هو ۽ لاش جي خراب ٿيڻ جي ڊپ کان شاهه قاسم بيگلار جو لاش ”جوڻ“ مان آڻي اچي ”تورڪي“ جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون. اهڙيءَ طرح ان وقت کان وٺي هيءُ قبرستان ”بيگلارن جو قبرستان“ پڻ سڏجڻ لڳو. تاريخي لحاظ کان شاهه قاسم بيگلار جي شهادت جو واقعو سن 954 هه ۾ واقع ٿيو آهي. انهيءَ مان اهو پتو پوي ٿو ته ”ميون ونهيو“ ان وقت اڃا ننڍيءَ ڄمار جو هوندو. (11)

هن قديم ۽ برباد ٿيل بستيءَ جي کنڊرن ۽ قبرستان جي ويجهو ”درس“ قوم جي ماڻهن جا گهر آهن. انهن رهواسين جو چوڻ آهي ته اُهي قديم زماني کان وٺي اصل هن بستيءَ جا رهاڪو آهن. هتان جي قديم آثارن کي نظر مان ڪڍڻ کان پوءِ، اهو گمان قوي ٿئي ٿو ته واقعي ”تورڪي“ جي قديم بستي اڳئين زماني ۾ ڪا وڏي آباديءَ واري بستي هئي. هتي ”سينهڙا“ قوم جا ماڻهو رهندا هئا ۽ هن موجوده دؤر ۾ به انهيءَ قوم جا ماڻهو انهيءَ ايراضيءَ جي آسپاس رهن ٿا. برباد ٿيل بستيءَ جي وڏن دڙن جي کوٽائي ۽ صاف ڪرائڻ وقت اُتان ڪافي نادر شيون هٿ آيون آهن مثلاً: سڪا، ٺڪر جا ٿانو، جنڊ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي گهريلو شيون وغيره. (12)

تورڪيءَ جي خفتگانِ خاڪ جو سڀ کان وڏو تاريخي اهميت وارو قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ ڪيترائي پنهنجي وقت جا وڏا جيــد عالم، فاضل، اديب، شاعر، حڪيم مشائخ، سياح، مؤرخ، مصنف، امير ۽ غريب مطلب ته هر درجي ۽ هر طبقي وارا ماڻهو علائقِ دنيا کان پاڪ ٿي مٽيءَ جي بستري تي مادر ڳيتيءَ جي آغوش ۾ روز محشر جي انتظار ۾ ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن. هن وقت سمورو قبرستان ڪنهن حد تائين تلف ٿي ويو آهي، سواءِ ڪن ٿورين قبرن ۽ مقبرن جي ٻين جو احوال اڃا گمناميءَ جي ڪُنَ ۾ غرق آهي. هن وسيع شهر خموشان جو سلسلو هن دؤر تائين ڦهليل آهي. سارو قبرستان اٽڪل ڏهن ٻارهن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ٿيندو، جنهن ۾ سفيد ۽ زرد پٿرن ۽ پڪين سرن جون مزارون آهن. اهي مزارون، مقبرا، چبوترا، مسجدون ۽ مدرسا ڪافي حد تائين ڊهي مٽيءَ جا ڍير ٿي ويا آهن. اڪثر وڏن اميرن ۽ صاحبِ اقتدار ماڻهن جون مزارون پڪي پيلي پٿر جون جُڙيل آهن، جن جي منبت ڪاري زبانِ حال سان ٻڌائي ٿي ته اسان ذي مرتبه بزرگن ۽ شخصيتن جون ابدي آرامگاهون آهيون. ان هوندي به ڪيترن بزرگن جي مزارن ۽ مقبرن جي ڏاڍي بيحرمتي ڪئي وئي آهي. باقي جيڪي زماني جي حادثن ۽ انقلابن کان بچيل آهن، تن جي پيشانين ۽ پاسن تي قرآن پاڪ جون آيتون ۽ تاريخي ڪتبا جلي خط ۾ نقش ڪيل آهن.

هن قبرستان کي اڳئين زماني ۾ شايد هڪ پڪين سرن جي ديوار نڪتل هئي، جنهن جو هن وقت ڪوبه نشان نظر ڪونه ٿو اچي. شايد زماني گذرندي اها ديوار ڊهي زمين دوز ٿي ويئي آهي. ان برباد ٿيل ديوار جا ڪجهه نشان چوڌاري پڪين سرن، ٽُڪرن ۽ ٽوٽن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. آسپاس جي ڳوٺاڻن به هن قبرستان سان چڱي جُٺ ڪئي آهي. قبرستان مان چُن ۽ پٿر جون سرون ۽ پڪيون سرون کڻي وڃي ڪتب آنديون اٿن. خدا ڄاڻي ته اڳتي هلي سنڌ جي ماضيءَ جو هيءُ تاريخي قبرستان ناس ٿي ويندو ۽ صرف ڪتابن ۾ ماضيءَ جي داستانن وانگر ان کي پڙهيو ويندو!

هن قبرستان ۾ مسجدن، چبوترن، مقبرن ۽ مزارن جي اڏاوت کي ڏسي مسلمانن جي فن، عمارت سازي ۽ مهارت جو پتو پوي ٿو. اسلام جي عروج سان گڏ فن عمارت سازيءَ به تيزيءَ سان ترقي ڪئي هئي. عربن جنهن به ملڪ ۾ قدم رکيو، اتي پنهنجي تمدن ۽ معاشرت جا اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏيا آهن، اهوئي سبب آهي جو مختلف مفتوح ملڪن ۾ قومن جي طرزِ تعمير جو نمونو هر ڪنهن ملڪ ۾ الڳ الڳ نموني ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مسلمان فاتح هن برصغير ۾ گهڻي ڀاڱي ايران کان آيا ۽ انهن پاڻ سان گڏ عربي ــ ايراني مخلوط تعمير جو فن به آندو. ساڳئي وقت انهن حاڪمن، اتان جي ماهر ڪاريگرن ۽ صاحبِ فن هنرمندن کي به هتي آندو، جن هتان جي ڪاريگرن سان رابطو رکي، ايراني طرزِ تعمير کي رائج ڪيو.

سنڌ ۾ خاص ڪري ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر جي فن عمارت سازيءَ جو جڏهن باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺجي ٿو، ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن ملڪ ۾ انهيءَ دؤر ۾ فنِ عمارت سازيءَ جي وڌيڪ ترقيءَ ۾ گجرات جو هٿ آهي. پٿر تي گهاڙ ۽ نقش نگاريءَ جو ڪم به زرد پٿر جون مزارون آهن، تن جي ڏسڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اصل ۾ پهريائين زرد پٿر جو بوتو تيار ڪري، ان تي نقش نگاري، منبت ڪاري جو سهڻو ۽ نفيس ڪم ڪري، قرآني آيتون ۽ تاريخي ڪتبا اُڪيري، پوءِ ان کي ڪچين قبرن جي مٿان رکيو ويو آهي. اڪثر اهي سڀ مزارون پڪين ۽ ڪاشيءَ جي سرن جي ٺهيل وڏن ٿلهن تي آهن. مزارن واري پٿر تي اهڙو ته نفيس ۽ عمدو ڪم ٿيل نظر اچي ٿو، جو ڪٿي به ڪو ڳنڍُ يا جوڙ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته ان زماني ۾ نقش نگار، رازا، ڪاريگر ۽ ٽُڪَ جو ڪم ڪندڙ گجرات جا هئا، جن اچي سنڌ جي مرڪزي شهرن ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ٺٽي جي مڪليءَ جي قبرستان وانگر زرد پٿر جون جُڙيل قبرون، تورڪيءَ جي قبرستان ۾ اڪثر بيگلارن جون آهن.

انهيءَ دؤر جي عمارتن ۾ اڪثر، چُن، گچ گارو ۽ چپتريون سرون استعمال ڪيون ويون آهن، جي پٿر کان به وڌيڪ مضبوط نظر اچن ٿيون. زرد پٿر جي باري ۾ مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته اهڙي قسم جو پٿر اڄ به سنڌ جي روهڙيءَ جي ٽڪرين مان گهڻو ملي ٿو، ۽ روهڙيءَ جي قديم زماني جي ٺهيل ڪيترين عمارتن ۾ اهڙي قسم جو پٿر استعمال ٿيل  ڏسڻ ۾ اچي ٿو (13). هتي انهيءَ تاريخي قبرستان جو سير حاصل بيان قدري وضاحت سان ڏنو وڃي ٿو، جيڪو اسان جي سنڌ جي تاريخ جو هڪ بهترين سرمايو آهي.

1ـــ ميون ونهين واري جامع مسجد

تورڪيءَ جي قبرستان ۾ داخل ٿيڻ شرط سڀ کان پهريائين اڀرندي طرف هڪ مسجد ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا ”ميون ونهين“ واري مسجد سڏجڻ ۾ اچي ٿي. هيءَ مسجد شريف ترخاني دؤر جي تعميرات جو نمونو آهي. ائين کڻي چئجي ته مسجد شريف جي اڏاوت مغل آرٽ جو نادر نمونو آهي. هيءَ مسجد چبوتري  وانگر گنبذ نما ٺهيل آهي. سندس ٻاهريون رنگ وقت گذرندي زوردار برساتن پوڻ ڪري ڳري لهي ويو آهي ۽ اڇو گچ جو گارو، ڪاري رنگ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. مسجد شريف جي محراب جي ٻاهرئين پاسي جي ديوار جو رنگ پڻ ڪارو دونهاٽيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻاهرئين چوديواري ڊهي مِٽي ۽ سِرن جو ڍير ٿي پئي آهي. مسجد جي اندروني حالت پڻ خسته آهي. مسجد شريف جي ٻاهرين احاطي ۾ ”ميون ونهين“ درويش جو مدرسو قائم هو. هن وقت انهيءَ مدرسي جي جاءِ ڊهي برباد ٿي ويئي آهي. صرف هڪ سنهين چپترائن پڪين سِرن جو دروازو قائم بيٺو آهي، جنهن مان لنگهي اڳتي ”ميون ونهين“ جي مقبري ۾ داخل ٿجي ٿو. مسجد ۾ اندرين چئني ڪُنڊن ۽ ديوارن تي عربي ۽ پارسيءَ ۾ ڪافي عبرت انگيز شعر خط نسخ ۽ خط شڪسته ۾ لکيل نظر اچن ٿا، جي شايد زائرين جا لکيل معلوم ٿين ٿا. مسجد شريف جي محراب جي اندرين پاسي پوري وچ تي پارسيءَ ۾ هڪ شعر لکيل نظر آيو، جنهن جو لکندڙ ”عثمان ولد احمد فقير ساڪن موسيٰ کٽياڻ. تاريخ ششم ماهه شوال 1144 هه“ آهي. مسجد شريف اندر ڪافي ڪشادي آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت اٽڪل پنجاهه کن ماڻهو نماز ادا ڪري سگهن ٿا. مسجد جي اندر ڪٿي به ڪو تاريخي ڪتبو وغيره لڳل ڪونه آهي، جنهن مان تعمير جي سنه وغيره جو پتو پئجي سگهي. مگر جيئن ته هن مسجد شريف جي باري ۾ روايت آهي ته هن مسجد شريف ۾ ”ميون ونهين“ جو مدرسو هو ۽ خود مسجد سندس نالي سان منسوب آهي، تنهن صورت ۾ هيءَ مسجد شريف سنه 1001 هه کان اڳ ۾ تعمير ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته اهو سنه ”ميون ونهين“ جي وفات جو آهي.

2ـــ ميون ونهين جو مقبرو

”ميون ونهين“ جي مدرسي واريءَ مسجد کان اٽڪل ويهارو کن قدمن تي ”ميون ونهين“ درويش جي درگاهه آهي. هن وقت انهيءَ بزرگ جي نالي سان ئي هيءُ سڄو قبرستان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. ”ميون ونهيه“ پنهنجي زماني جو هڪ وڏو باڪمال بزرگ ۽ وقت جو مشائخ ٿي گذريو آهي ۽ وڏي ڪانيءَ ڪرامت جو صاحب هو. بزرگ ذات جو چانهيو هو. هن وسيع قبرستان ۾ سڀ کان زيادهه هن بزرگ جي مزار عوام ۽ خاص جي زيارتگاهه آهي. سندس ڪيترائي معتقد ۽ مريد اچي حاضر ٿيندا آهن. هن بزرگ جو مفصل احوال ڪٿان به ڪونه ٿو ملي. باقي سندس ڪماليت ۽ بزرگيءَ جي باري ۾ ڪافي روايتون مشهور آهن. هن بزرگ جي باري ۾ ”تحفة الڪرام“ وارو صاحب لکي ٿو ته:

”وقت جو مشائخ، حال ۽ قال جو صاحب ۽ وڏو ولي ٿي گذريو آهي. هو حضرت رسالت ماب جي مجلس ۾ ويندڙ هو. سندس ڪرامتون بيان کان ٻاهر آهن. سندس وفات سنه 1001 هه آهي. عربي تاريخ ’مات في عشق‘ ۽ ان جو فارسي ترجمو ’درِ عشق جان بسيرد‘ سان موافق. سانڱره جي ڪناري تي تورڪي جي ڳوٺ ۾ دفن آهي“ (14).

ميون ونهيه عربي ۽ فارسي سان گڏ ان وقت جي مروج سنڌي ٻوليءَ جو به وڏو عالم هو. سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪندو هو. تازو سندس هڪ بيت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڪنهن جهوني ڪتاب جي ورق تان هٿ لڳو آهي. اهو بيت هن ريت آهي:

  ڏُکن سين (مــر) گهار، نيباهو نه سُکڙا،

  جهڙي تهڙي حال، لنگهي ويندا ڏينهڙا. (15)، (16).

هن درويش جي مزار جي مٿان قُبو تعمير ڪيل آهي. هن قبي جي اَڏاوت مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو پوئين دؤر غالباً ٽالپرن جي زماني جو ٺهيل آهي. قبي کي ٻاهران اڇي چُن جو ليپو ڏنل آهي. مزار، قبي جي وچ ۾ پَڪين سِرن جي فرش ٻڌل ٿَلهي تي آهي. هيءَ مزار فنِ تعمير جو هڪ نهايت ئي نادر نمونو آهي. قُبي ۾ اندر داخل ٿيڻ واري دروازي جي چوڪنڊي زرد پٿر جي آهي، جنهن تي پڻ عمدي ۽ نفيس نقش نگاري ٿيل آهي. ميون ونهين جي مزار سفيد پٿر جي آهي. نقاشي ۽ چٽساليءَ جو اهڙو ته ڪم ٿيل آهي، جو ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ ڪنهن هوشيار ڪاريگر سانچي ۾ وجهي پلٽيو آهي. ساڳئي ٿَلهي تي هن بزرگ جي ڀرسان اڀرندي کان هڪ ٻي به مزار گڏ آهي، جا ڪنهن معتقد يا مجاور جي معلوم ٿئي ٿي. اها مزار بلڪل سادي آهي ۽ مٿس ڪوبه ڪتبو وغيره لڳل نه آهي. ميون ونهين جي مزار واري تعويذ جي پيرانديءَ کان هي ڪتبو نقش ٿيل آهي. ڪتبي جي پهرئين حصي ۾ هن طرح عبارت آهي:

”تاريخ رحلت فطب زمان دردويش وهيه عليہ رحمة.“

ڪتبي جي ٻئي حصي ۾ بزرگ جي تاريخ وفات جو سنه ڄاڻايل آهي:

”مات في عشق 1001 هه در عشق جان بسيرده“ (17)، (18).

ميون ونهين جي باري ۾ سنڌ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون، جن کي اسان حاشئي ۾ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ بيان ڪريون ٿا (19)

3ـــ بخاري سيدن جو گورستان

”ميون ونهين“ واري مسجد شريف جي ڀرسان، الهندي طرف ۽ بزرگ جي قُبي جي ويجهو، بخاري سيدن جو گورستان آهي. هڪ ڊٺل چوڪنڊيءَ اندر بخاري سيدن جون مزارون پَڪين ڪاشيءَ جي سِرن تي ٺهيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. وقت گذرندي چوڪنڊيءَ اندر سڀ مزارون ڊهي ڍير ٿي ويون آهن. اڳئين زماني ۾ انهيءَ چوڪنڊيءَ جي چوڌاري عالم پناهه پڻ ڏنل هئي، جا هن وقت ڊهي ويئي آهي. مزارن مان ڪنهن به مزار تي ڪوبه تاريخي ڪتبو وغيره لڳل ڪونه آهي.

4ــــ چبوتري واريون مزارون

”ميون ونهين“ جي مقبري جي بلڪل سامهون هڪ چوديواريءَ اندر ڇٽي نما چبوتري ۾ خوبصورت پيلي پٿر جون مزارون آهن. هن چبوتري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ ۾ دروازو آهي. چبوتري جي ڇت وارو مٿيون حصو هن وقت زوردار برساتين پوڻ ڪري، ڪِري ڊهي قبرن جي مٿان ڍير ٿي پيو آهي. مزارن تي خوبصورت منبت ڪاريءَ جو ڪم ٿيل آهي. ڪنهن به مزار تي ڪوبه تاريخي ڪتبو لکيل نظر ڪونه ٿو اچي.

5ـــ زنانو قبرستان

”ميون ونهين“ واري مسجد شريف جي ڏکڻ ۾ ڏهن ٻارهن قدمن جي مفاصلي تي هڪ پڪين سرن جو چبوترو آهي. چبوتري جي تعمير جو نمونو ارغوني ۽ ترخاني دؤر جي مغل آرٽ جو نمونو آهي. مٿان چُن ۽ گچ جو گارو ٿيل آهي. هن چبوتري ۾ اندر وڃڻ لاءِ ڏکڻ ۾ صرف هڪ دروازو آهي. هن چبوتري ۾ زنانيون قبرون آهن ۽ تاريخي ڪتبن کان خالي آهن.

6ـــ مرزا مغل بيگ بن مرزا جان بيگ جي مزار

مرزا مغل بيگ، مرزا جان بيگ ارغون جو فرزند هو. مرزا مغل بيگ سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو سهرو هو. مرزا مغل بيگ اصل ۾ ڪوٽڙي مغل جو رهاڪو هو. شاهه عبداللطيف رحه هالا حويليءَ مان لڏي اچي ڪوٽڙي مغل ۾ رهيو، جتي مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ سان سندس مجازي لنؤ لڳي. ان کان پوءِ مغلن شاهه صاحب کي ڏاڍو ستايو. آخر شاهه صاحب لاچار ۽ مجبور ٿي ”ڪوٽڙي مغل“ مان لڏي، جدا ڳوٺ ٻڌي ويٺا، جنهن جا پڻ نشان اڄ تائين باقي آهن.

هڪ دفعي دَل قوم جا ماڻهو، مغلن کي ڌاڙي هڻڻ لاءِ ڪوٽڙيءَ ۾ آيا ۽ اچي مرزا مغل بيگ جي حويليءَ کي لٽڻ لڳا. سارو مال اسباب لٽي کڻي ويا. انهيءَ ويڙهه ۾ مرزا مغل بيگ مارجي ويو. شاهه صاحب، مرزا بيگ جي باري ۾ اڳ ئي چيو هو ته:

بيگ تنهنجي بيگي، هوندي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانَ،

اٿم آس الله ۾، دَلَ مارينئي مان!“ (20)

ميون ونهين واري جامع مسجد

ميون ونهين درويش جو مقبرو

ميون ونهين جي مزار جو تعويذ

بخاري سيدن جو گورستان

چبوتري واريون مزارون

 

مرزا مغل بيگ جي مزار جو ڪتبو

امير شاهه قاسم خان زمان جي مزار جو ڪتبو

 

اسماعيل شاهه بخاريءَ جو مقبرو

ميان ٻُڍي درس جو مقبرو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com