حضرت آشڪار درازيءَ جي فارسي ڪلام جي مطالعي مان
معلوم ٿئي ٿو ته هو وحدت وجودي صوفين مان جيترو
خواجه فريدالدين عطار نيشاپوريءَ کي ياد ڪري رهيو
آهي، ايترو ڪنهن ٻئي کي ياد نٿو ڪري، اهو ئي سبب
آهي جو دولهه درازيءَ کي سنڌ جو عطار سڏيو ويندو
آهي. ديوان آشڪار جي هڪ صفحي تي ٻه غزل اچن ٿا، هڪ
جي مطلع ۾ زماني جي زاهد کي هوشيار رهڻ جي تلقين ۽
پنهنجي هست ۽ نيست کان خبردار رهڻ لاءِ چئي رهيو
آهي:
اي زاهد ـــ زمانه تو هشيار باش باش، از هست و
نيست خبردار باش باش.
مقطع ۾ فرمائي ٿو:
مارا هوا گرفت نشاپور آشڪار، باصدق تو غلام ـــ
عطار باش باش.
هن ۾ سنئون سڌو خواجه عطار جي شهر نيشاپور سان
محبت جو اظهار ۽ پاڻ کي شيخ عطار جي غلام رهڻ جي
تلقين ڪري رهيو آهي.
هن سان متصل هڪ ٻئي غزل ۾ پاڻ کي هڪ ئي وقت جسم ۽
جان کان پري پري رهڻ جي وصيت ڪري فنائيت کي ياد
رکڻ لاءِ چئي رهيو آهي. ساڳئي وقت منصور جي شراب
وحدت جي پيالي مان نوش ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويئي آهي
۽ ظاهري رياڪاريءَ کان پري رهي، ملامتي صوفي بنجڻ
لاءِ خطاب ڪري رهيو آهي. اشعار ملاخطه فرمايو!
يکبارگي زجسم و جان دور باش باش،
ديگر مدان تو ذاکر مذکور باش باش
پر از شراب پيالهء منصوري اَن بنوش،
سرمست شو درين ره مخمور باش باش
شيخي وچه پيري وچه بزرگي ازو گريز،
ورنام ملحدي تو مشهور باش باش،
هن غزل جي مقطع ۾ پنهنجي مسلڪ بابت صافَ ٻڌائي
رهيو آهي ته اي آشڪار! جيڪڏهن تون هدايت واري واٽ
جو طالب آهين ته حضرت عطار جي شهر نيشاپور جي سڙڪ
جي خاڪ ۽ مٽي ٿي رهه!
اي آشڪار گر طلبي ره هدايتش، تو خاکراه نيشاپور
باش باش.
خواجه فريد الدين عطار يا مولانا جلال الدين
روميءَ جو پنهنجي ڪلام ۾ اهو دستور رهيو آهي ته
تصوف جي اسرارن تي گفتگو ڪندي جتي شريعت حقه جي
خلاف ڪنهن غلط فهميءَ جو انديشو هوندو آهي، ته ان
کي جلدي دور ڪندا ايندا آهن ۽ شريعت جي اتباع جي
تلقين ڪئي ويندي آهي. اسان جي سنڌ جو عطار حضرت
آشڪار درازي به پنهنجي پيشرو بزرگن جي پيرويءَ ۾
اهڙي غلط فهميءَ کي درو ڪندو آهي، جيئن ڪنهن ڪچي
صوفيءَ کي شريعت جي خلاف لب ڪشائي جي جرئت نه ٿئي.
جيئن باب عين جي هڪ غزل ۾ خبردار ٿو ڪري ته جيڪڏهن
تون مرد آهين ته شريعت کان منهن نه موڙ. دنيا جا
غوث ۽ قطب سڀ شريعت جو سلام ڪندا ويا آهن دنيا جا
مسلمان امير، وزراءِ ۽ سلطان سڀني تي شريعت جو حڪم
غالب رهيو آهي. جيڪو به موحد، دل جو درد وارو آهي،
سو شريعت جي نالي تي پنهنجو سر قربان ڪندو. شريعت
جي واٽ کان ڪڏهن به پير ٻاهر نه رک، ڇو ته شريعت
واري واٽ هميشہ سڌي رهي آهي. اي آشڪار، تون هي ٻه
اکر ٻڌي وٺ، تون شريعت جو نوڪر ۽ غلام ٿي رهه.
ابيات هن طرح آهن:
از شرع رو متاب گر مردي، غوث و قطب کند سلام شرع
گرچه مير و وزير سلطان است، برهمه غالب است حڪم
شرع
آن موحد که صاحب ـــ درد است، سر تصدق کند بنام
شرع
از شريعت قدم برون نه لِهي، مستقيم است ره علي الد
وام شرع
بشنو آشکار اين دو حرف، باش تو چاڪر و غلام شرع.
عام طرح تصوف جا اهي مدرسا ۽ اسڪول، جن ڪتاب ۽ سنت
کي آڏو رکيو، اخلاق محمديءَ مان سبق پرايو، جن جو
فلسفي افڪار سان گهٽ واسطو پيو. ساڳي ريت انهن کان
ظاهر ۾ غير اسلامي ٻولن يا شطحيات جو صدور نه جهڙو
ٿيو. اهي ٻه مدرسا ڳڻيا ويندا آهن. هڪ ابوالقاسم
جنيد جو بغداد ۾، جنهن پنهنجي فڪر جي تبليغ لاءِ
مسجدن جي ميمبرن کي مرڪز قرار ڏنو ۽ اُتي تصوف جا
حلقا قائم ڪيا ويا. ٻيو مدرسو هو ابونصر سراج
طوسيءَ جو شهر نيشاپور ۾، هن مدرسي ۾ تصوف جي فڪر
کي فروغ ڏيڻ لاءِ تصنيف تاليف کي پنهنجي دعوت لاءِ
ممبر بنايو. تحقيق ابونصر سراج طوسي سڀني مؤلف
صوفين جو استاد آهي، جنهن عربيءَ ۾ ڪتاب لکي علم
تصوف جي ابتدا ڪئي. داتا گنج بخش هجويري لاهوري
(465) ڪشف المحجوب ڪتاب ۾ امام ابونصر سراج طوسيءَ
جي ڪتاب اللمع جي پيروي ڪئي، ڪتاب طبقات جو مؤلف
ابو عبدالرحمان سلمي (412) پڻ هن تاليف ۾ ابو نصر
سراج طوسيءَ جو شاگرد آهي. رسالي قشيريه جو مؤلف
عبدالڪريم ابن هوازن ابوالقاسم قشيري (465) سلميءَ
جو شاگرد آهي.
هنن ٻن تصوف جي مدرسن کان سواءِ جنيد بغداديءَ
(207-297) جي وڏي همعصر بايزيد بسطاميءَ جون ٽيون
مدرسو به هو، جنهن جو وڏو مدار حُب الــٰهي تي هو.
بيشڪ اهي ظاهر شريعت جا به پيروڪار هئا. پر
رياڪاري کان ايترو پري ڀڄندا هئا جو پاڻ کي ملامتي
بنائي ڇڏيو هئائون. انهن کي قلندريه فرقو سڏيو
ويندو آهي، انهن ڪتاب ۽ سنت سان گڏ فلسفي آراءِ کي
به پنهنجي تصوف ۾ ڀري ڇڏيو. امام ابونصر سراج طوسي
ڪتاب اللمع جي ٻن جاين ص 235 ص 401 تي بايزيد
بسطاميءَ (261 وفات) جو ذڪر ڪندي شيخ ابوعلي
سنڌيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جو سنڌ جو نومسلم هو ۽ وڏو
وحدت وجودي صوفي هو. ان کي بايزيد بسطاميءَ جو
اُستاد ٻڌايو ويو آهي. حسين بن منصور حلاج
(244-309) شيخ ابن عربي، مولانا جلال الدين رومي
(604-672) خواجه فريد الدين عطار ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ
هن گروهه جا فرد ۽ انهيءَ فلسفي جا مبلغ آهن. اسان
جو سنڌ جو عطار درازي آشڪار تيرهين صديءَ ۾ هن فڪر
۽ فلسفي جو وڏو مبلغ آهي. هو منصور کي ياد ڪندي بي
ڌڙڪ منصوري نعرو هڻندو ويو آهي ۽ هن گروهه جي
اڳواڻ بايزيد بسطاميءَ کي پڻ پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح
ياد فرمائي ٿو:
گفت سبحاني زبان ـــ بايزيد، هست اين قولش بعالم
منتشر،
تاکه نوبت عشق آن حلاج زد، درميان ـــ عاشقان شد
نامور.
هن کان پوءِ واري غزل جي مطلع ۾ حضرت آشڪار درازي
ايڏو ته محويت ۽ مستيءَ ۾ اچي ويو آهي، جو منصور
وارو نعرو هڻندي پاڻ کي هن زماني ۾ ان جو نائب
خيال ڪري ٿو. فرمائي ٿو:
ميزنم نعره انا الحق آشڪار، اندرين آخر زمان منصور
وار،
کوس آن حلاج مارا داره اند، ميزنم اندر جهان ـــ
پرنگار.
صوفين جي هن گروهه جو وڏو مدار محبت الاهي ۽ عشق
خداونديءَ تي آهي. سارو ديوان آشڪار عشق ۽ مستيءَ
جي بيان سان ڀريل اهي. خواجه فريد الدين عطار جي
ڪلام ۾ عشق ۽ محبت جو وڏو مظاهرو ڪيو ويو آهي. خود
عطار عشق کي گهري رهيو آهي.
ذره از عشق ده عطار را.
اسان جو سنڌ جو منصور ۽ عطار جڏهن ته انهن عاشقن
جو پوئلڳ آهي ۽ عطار سان ته ان جو خاص اُنس آهي،
تڏهن ان جي رنگ ۾ رتل آهي. خواجه فريد الدين عطار
سان اهو عشق سندس مرشد خواجه عبدالحق صاحب جي
تلقين ۽ عقيدتمنديءَ ڪري آهي. هڪ غزل جي مقطع ۾
سرمست اهو ٻڌائي ٿو ته شيخ عطار جو مون کي عشق
واري شراب جي پيالي پيئڻ جو حڪم فرمايو، ان ۾ ڪنهن
به لڪ لڪاءُ کان ڪم نه ورتو وڃي. جيئن فرمائي ٿو:
عطار چنان گفت بخور جام مئي عشق، پنهان و آشڪار
بشب و روز صفاداد.
هن کان پوءِ واري غزل ۾ حضرت آشڪار واضح لفظن ۾
اهو ٻڌائي ٿو ته منهنجي جان ۾ عطار کان هٻڪار
پهتي، ان جو اهو اثر ٿيو جو مون ۾ رڳو عشق وڃي
رهيو. نيشاپور جيڪو خواجه عطار جو شهر آهي سو سارو
عشق واري درد سان ڀريل آهي. ان جي دروازي ۽ ڀتين
مان عشق محبت جي واڌاري جو نعرو لڳي رهيو آهي.
مولانا جلال الدين رومي يا جامي جهڙا عاشق سڀ
خواجه فريد الدين عطار جا خادم آهن. اهڙي خواجه
عطار بابت تعريف مون پنهنجي پير ۽ مرشد خواجه
عبدالحق کان ٻڌي.
ابيات هي آهن:
اي دلا خوشبو ز شه عطار درجانم رسيد،
آنز مان يکبارگي از کفردين مارا کشيد،
شهر نيشاپور پر درد است گرپرسي زما،
از در و ديوار آيد نعره ـــ هل من مزيد،
چه جلال الدين چه جامي غاشه بردار او،
اين چنين تعريف ما از پير عبدالحق شنيد،
حق موجود سدا موجود.
ــــ (سچل نئشنل سيمينار ۾ پڙهيل)
قريشي حامد علي خانائي
تورڪيءَ جو قديم تاريخي قبرستان
[نوٽ: گهڻو وقت اڳ محترم سيد حسام الدين راشدي
صاحب جو تاليف ڪيل سنڌيءَ ۾ ڪتاب ”تذڪره اميرخاني“
سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ٿيو هو. انهيءَ ڪتاب
جي ماخذن مان ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ به هڪ هو.
”تذڪره اميرخانيءَ“ ۾ پير صاحب سنڌ جي ڪيترن شهرن،
ڳوٺن، واهڻن، وستين ۽ قلعن وغيره جي نالن جي
پوئتان سوال (؟) جي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، محض
انهيءَ خيال کان ته انهن تي ڀلي ڪوبه سنڌ جو اهل
قلم روشني وجهي. ان کان پوءِ ”تاريخ مظهر
شاهجهاني“ جو خود سنڌيءَ ۾ ترجمو عزيزم نياز
همايوني صاحب ڪيو، جو پڻ بورڊ ڇپرايو. انهيءَ سنڌي
ترجمي جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ مون سائين حسام
الدين شاهه کي هڪ خط لکيو ته آءٌ ”مظهر شاهجهاني“
جي جاگرافيءَ تي ڪجهه لکڻ گهران ٿو. پاڻ ڏاڍو خوش
ٿيا ۽ خط جي موٽ ۾ (تاريخ 16 ڊسمبر 1979ع) لکيائون
ته ”تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي جاگرافيءَ تي ضرور
مضمون لکندا.“ ان سلسلي ۾ مون سڀ کان اول
”وينجهرو“ جو انتخاب ڪيو ۽ ان تي هڪ مضمون لکيو،
جيڪو مهراڻ جي اڳئين پرچي (1-2/1982ع) ۾ شايع ٿي
چڪو آهي.
سال 1979ع ۾ ”نصرپور ــــ سنڌ جو قديم تاريخي شهر“
جي عنوان سان منهنجو هڪ مضمون ”سنڌالاجي“ طرفان
شايع ٿيندڙ رسالي ”سنڌي ادب“ ۾ ڇپيو. سائين حسام
الدين شاهه راشدي صاحب کي اهو مضمون ڏاڍو وڻيو.
پاڻ مون ڏانهن هڪ خط ۾ لکيائون ته ”نصرپور تي
توهان چڱو ڪم ڪيو آهي. خدا توهان کي همت ۽ سگهه
ڏيندو نصرپور وڃڻ کان اڳ مثنوي ”چنيسر نامہ“ جو
مقدمو نظر مان ڪڍو ها ته بهتر ٿئي ها. پاڻ وڌيڪ
اوسو پاسو ڏسڻ ضرور سمجهو ها. آءٌ اهي آثار ڏسي
آيو آهيان، ليڪن انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ جواني گهرجي،
اسان پوڙهن جو ڪم نه آهي.“ انهيءَ کان پوءِ مون
نصرپور شهر ۽ ان جي آسپاس جي ڪافي خاڪ ڇاڻي آهي.
ڪافي قيمتي ۽ ناياب حقيقتون هٿ لڳيون آهن. انهيءَ
سلسلي ۾ هي مقالو ”تورڪيءَ جو قديم تاريخي
قبرستان“ حاضر آهي.
افسوس! ”وينجهرو“ ۽ ”تورڪي“ ٻنهي مقالن ڇپجڻ کان
اڳ ئي منهنجو پيارو ۽ شفيق سائين حسام الدين راشدي
صاحب اسان کي هميشہ جدائيءَ جو داغ ڏيئي، انهيءَ
ڏيهه ڏي اُسهيو آهي، جتان ڪوبه وانگي وريو نه آهي.
الله تعاليٰ مرحوم کي جوار رحمت ۾ جايون ڏئي. پاڻ
زندهه هجن ها، ته هي ٻئي مقالا ڏسي ۽ پڙهي ڪيڏو نه
خوش ٿين ها!
بنده راقم جا هي ٻئي مقالا، اگرچه تحقيقي لحاظ کان
ڪنهن عظيم الشان معيار جا حامل ناهن، هڪ ابتدائي
پرشوق ڪوشش آهي، پر جيئن ته انهن جي تياريءَ جا
محرڪ پير صاحب جن پاڻ هئا، ان ڪري يقيناً پاڻ بنده
جي مزيد حوصله افزائي ۽ رهنمائي ڪرڻ فرمائين ها.]
ـــ ق. ح. خ
ٽنڊي آدم کان ٽنڊي الهيار ڏانهن ويندڙ پڪي رستي جي
بلڪل وَٽِ سان اترئين ۽ اولاهين ڪُنڊ تي تُورڪي جي
قديم بستيءَ وارو قبرستان واقع آهي. قبرستان جون
ميرانجهڙي رنگ جون مسجدون، پٿرائون قبرون ۽ سفيد
اوچا قبا. پري کان هر ڪنهن ڏسندڙ لاءِ حيرت ۽
دلچسپيءَ جو باعث بڻجن ٿا. اهو قبرستان هن موجوده
دؤر ۾ ”ميون ونهين“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو.
نصرپور جو قديم تاريخي شهر، هن قديم قبرستان جي
اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ تي اٽڪل ڇهن ستن ميلن جي مفاصلي
تي آهي.
سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته
”تورڪي“ قديم زماني ۾ هڪ وڏي شان ۽ مان واري بستي
هئي. هيءَ بستي، سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور جي اتر
۾ ”سانڱري واهه“ جي ڪناري سان لڳ آباد هئي. سانڱري
درياهه جو وهڪرو، سنڌو درياهه جي قديم وهڪرن مان
هڪ آهي. هن وهڪري کي اڳئين زماني ۾ ”واهه“ به ڪري
چوندا هئا، اها خبر پئجي ڪانه ٿي سگهي ته سانڱري
جي حالت ”واهه“ واري هئي يا درياهه مان نڪرندڙ هڪ
وهڪرو آهي، جنهن جي ڀِڪَ سان نصرپور جو قديم شهر
آباد هو. انهيءَ اوائلي زماني ۾ ٺٽي خواهه سموريءَ
سنڌ جو واپار، ملتان ۽ ٻين شهرن سان هلندو هو ۽
واپاري ٻيڙا نصرپور جي درياهي بندر کان لنگهندا
هئا.
”چچنامي“ ۾ پڻ هن درياهه جو احوال اچي ٿو. فارسي
تاريخدانن ان کي ”سانڪره“ ڪري ڄاڻايو آهي، جنهن کي
ڪن مؤرخن ”ساڪرو“ به ڪري لکيو آهي. هن وقت هن قديم
درياهي وهڪري جا نشان نصرپور شهر جي اوڀر ۽ ٽنڊي
الهيار جي اولهه ۾ ملن ٿا. اصل ۾ هن درياهي وهڪري
جو نالو ”سائو وهڪرو“ هو، جو پوءِ ”ساڱرو“ ۾ تبديل
ٿي ويو. موجوده دؤر ۾ نصرپور جي اولهه ڏکڻ ۾ پڻ
وڏو درياهي نشان موجود آهي. نصرپور جي وڏي عمر
وارن جو چوڻ آهي ته اهو قديم سنڌو درياهه هو، جو
پوءِ رخ ڦيرائي موجوده هالن جي اولهه ۾ وهڻ لڳو.
چون ٿا ته 1752ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دؤر ۾
درياهه پنهنجو رخ ڦيرايو هو (1)، (2). |