هن منهن اُٿلائي آچوءَ کي رهڙ پٽيندي چيو ”مون
اوهان جو ٺيڪو ته ڪونه کنيو آهي، جو اوهان جا بُر
به ڀريان ۽ اوهان جي ڇورن کي نوڪريون به وٺي ڏيان.
چڱي کي مرين ته وڃي ٻنيءَ ٻاري سان لڳائينس.
هروڀرو ڇوري کي پاڙهي کاري ڇڏئي، اهو وري ڪهڙو
آفيسر ٿيندو. ڪانگ مور جي چال سکيو ته سندس هلڻ به
وسري ويس.“
آچو رئيس جو رخ سمجهي ويو. هُن مُٺي به ماٺ ۽ مِٺي
به ماٺ سمجهي پير پٺيرا ڪيا. هِن ايندي شرط ڄامان
کي چيو ته تون سچي هوئين. ڇِتو ٿيو ويٺو هو،
ماڳهين ظالم کاڌو هوس.“
ڄامان کيس چيو ”انهيءَ مرونءَ کي آءٌ اڳئي سڃاڻان.
اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، هاڻ دل نه لاهي، ٻئي
پيءُ پٽ گڏجي هافيسن مان پڇا ڪريو، من ڪٿي ڪو ڀيڻي
بلو ٿي پوي.“
پوءِ قاسم ۽ پڻس گڏجي آفيسن جا چڪر، آفيسرن جا
دڙڪا، وڏن ماڻهن جون ڇِڙٻون جهليندا، جُتيون
گَسائيندا رهيا. نيٺ هڪڙي ڏينهن هڪ آفيس ۾ هڪڙي
همراهه کيس چيو ”اوهان کي خبر آهي ته نوڪريون ائين
ڪونه ملنديون آهن. ميان! هروڀرو پيا کوٽي ٿيو،
باقي منهنجي صلاح وٺو ته ڪجهه نه ڪجهه ڪري
وجهندا.“
آچو پڇيس ”اها وري ڪهڙي صلاح آهي.“
تنهن تي اُن همراهه چيس ”اڄڪلهه زمانو ڏنو پٽ ڇُٽي
جو آهي، جي چار ڏوڪڙ وڃائيندا ته ڪو ڪم ڪندا نه ته
ٻيو ٿيو خير.“
آچو اها ڳالهه ويچاري هن سان ها ڪئي. نيٺ گهڻي ڇڏ
ڇوٽ ۽ منٿ ميڙ کان پوءِ ٽن سَون تي ڳالهه اچي
بيٺي. آچو اهي پئسا ٽئي ڏينهن تي کڻي اچڻ جو واعدو
ڪري موڪلائڻ لڳو.
انهيءَ همراهه آڇوءَ کي چيو ”ڪاڪا! تون پنڌ نه ڪج،
تون پيرسن آهين. باقي اُهي پئسا هِن تنهنجي پٽ کي
ڏج ته کڻي اچي، هونئن به نوڪري ته هيءُ ڪندو، ڀلي
آفيس ۽ آفيسرن سان اُٿي ويٺي ٿئيس.“
آچو ايندي شرط اها حقيقت پنهنجي زال ڄامان سان
ڪئي. هو ٻئي اڻهوند جي ڪُن ۾ ڦاسي پيا. سڃائي
مانگر مڇ بنجي کين کائڻ آئي. هنن جي ٻي ڪابه واهه
ڪانه هئي. خيال ۽ کٽڪا کين ڌونڌاڙڻ لڳا. قاسم ڪاٺي
کڻي زمين ويٺي کوٽي. ميرزادي ٽنهين کي گهورڻ لڳي.
هو ٽيئي خاموش هئا. نيٺ آچو ڪنڌ مٿي کنيو. سندس
نظرون خالي گهر جي ڪُنڊن تان ڦرنديون اچي ميرزادي
جي ڪنن تي کتيون. ميرزاديءَ پڻس کي چيو ”بابا! ڇا
ٿو ڏسين، تون ڳالهائين ڇو نٿو؟“
ڄامان ڪنڌ ورائي پنهنجي ور کي ڏٺو. آچوءَ جون
نگاهون اڃا به والين کي گهوري رهيون هيون. هن نٿي
چاهيو ته پنهنجي ٻچڙيءَ جا ڪَنَ ٻُٽا ڪري، پر غربت
جا واسينگ کيس وڪوڙي ويا هئا. ڄامان سندس من جي
مراد کي سمجهي ويئي. هن چيو: ”ٻيلي! ٻي ته ڪابه
شيءِ اهڙي ڪانهي جا وڪڻي اها رشوت ڏيون، باقي
ميرزادي جي ڪَنن جون والڙيون آهن، سي قاسم کان
مِٺيون ڪينهن، پوءِ جي نوڪري ملي وئي ته رنگ لڳي
ويندا.“
ميرزادي ماڻس جي اها ڳالهه ٻڌي يڪدم پنهنجي ڪنن تي
ٻئي هٿ رکي ڇڏيا. هن پنهنجون واليون لڪائي ڇڏيون.
هن اوڇنگار ڏيئي ماڻس کي چيو ”امان! آءٌ پنهنجون
واليون ڪونه ڏينديس.“
ماڻس جي اکين ۾ ڳوڙها تَري آيا. هن ميرزاديءَ کي
ڀاڪر وجهندي چُمي ڏيئي سمجهايو: ”ٻچڙي! ڀاڻين کي
نوڪري ملندي ته هو توکي انهن والين کان به وڏيون،
سٺيون ۽ ججهيون واليون وٺي ڏيندو.“
ڄامان جڏهن ميرزادي جي ڪَنن مان واليون لاهي رهي
هئي، تڏهن هوءَ سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. اهڙي طرح
هڪ ڀيرو وري ميرزاديءَ جا ڪَن ٻُسا ٿي ويا. آچو
اهي واليون سوناري وٽ اڌ موڙي ۾ وڪڻي آيو. باقي ٽن
مان کُٽل پئسا شهر ۾ پَنَ ٻولي پورت ڪري آيو.
قاسم ٻئي ڏينهن اُهي پئسا کڻي آڻي انهيءَ همراهه
کي ڏنا. انهيءَ همراهه جڏهن اهي پئسا ڏٺا، تڏهن
سندس واڇون ٽڙي پيون، گِگ ڳڙي پيس. هن جو ڇڪو
ڪامياب ٿيو هو. هن پئسا وٺي قاسم کي چيو، ”ٻن
ڏينهن کان پوءِ اچي پنهنجي نوڪريءَ جو آرڊر وٺج ۽
ها! پاڻ سان پنهنجو سرٽيفڪيٽ به آڻج.“
قاسم اهي ڳالهيون ٻڌي ٽڙي پيو. هن پنڌ کي جهڙي
ورتو ۽ گهر اچي اها ڳالهه ڪئي. آچو ۽ ڄامان حقيقت
ٻڌي سرها ٿي ويا. ٻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ قاسم وري
آفيس ويو. اُهو همراهه ڪونه هو. ڪلارڪن کيس گشو
هڻي موٽائي ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ قاسم هر روز
انهيءَ آفيس ۾ ويندو هو. کيس اهو ۽ ٻيا همراهه
ڪونه ڪو بهانو ڪري ٽاري ڇڏيندا هئا. اڄ نه سڀان
ڪندي کيس هڪڙي ڏينهن انهيءَ آفيسر سڏي چيو:
”ڇوڪرا! جايون خالي ڪونهن، اسان تو جهڙن ٻين کي
نوڪريءَ تان زوري لاهي ۽ توکي آرڊر ته ڪونه
ڏينداسين. جڏهن به ڪا جاءِ خالي ٿيندي ته توکي
گهرائينداسين. في الحال تون رُل نه، وڃي پنهنجي
ڌنڌي ڌاڙي سان لڳ.“
قاسم اها ڳالهه ٻڌي باهه ٿي ويو. سندس هيٺيون هيٺ
۽ مٿيون مٿي رهجي ويون. هن آفيسر کي چيو، ”تنهنجي
دل ۾ همدرديءَ جي بدران نانگ ۽ ڀٽون ويٺل آهن. وقت
ايندي اوهان پارن کان ضرور وير وٺنداسين.“ هن آفيس
کي مٿي تي کڻي کنيو.
آفيسر کي چيلاٽا چهٽي ويا. هن پٽيوالن کي سڏي چيو:
”هن ڇوري کي ٻاهر ڪڍو.“ پٽيوالا قاسم کي تريون هڻي
گهلي ٻاهر ڪڍي ويا. هو ڳرن ڳرن قدمن سان واپس
وريو. واپس ايندي هن کي ميرزادي ياد پئي، جيڪا کيس
روز چوندي هئي ته ”ادا! مون کي واليون وٺي ڏج.
ادا! جڏهن شهر مان اچين، تڏهن منهنجي لاءِ چوڙيون
۽ بُوندي به وٺي اچج.“
هوءَ روز سندس گس جهليو بيٺي هوندي هئي. قاسم جڏهن
گهر ايندو هو ته پوءِ وڃي ساڻس ملندي هئي ۽ گڏجي
گهر ايندي هئي. انهيءَ ڏينهن قاسم کي ماڻس ماني
پچائي پوتاري ۾ ٻڌي ڏني هئي ته جيئن کيس بک لڳي ته
ٽڪر پيٽ ۾ وجهي. هن کي اها ماني وِههُ ٿي آئي. هن
اها ٻڌل ماني ڪلهي تي رکي شهر ڏانهن لاڙو ڪيو. شهر
مان ميرزادي لاءِ چوڙيون ۽ بُوندي وٺي، ٻڌي ڳوٺ
ڏانهن واپس وريو. ميرزادي جون ليلڙاٽيون، آفيسرن
جون گوٿناٿون جڏهن کيس ياد پيون، تڌهن هن جو سينو
دکي پيو. سندس نس نس ۾ انهن ڪڌاين خلاف زهر اوتجي
آيو. هن جي ذهن ۾ ڪيترا اُڌما اٿي پيا. هو انهن
پورن ۾ جيئن رستو ٿي ٽپيو ته پوتاري واري ماني،
بُوندي ۽ چوڙيون اٿلي وڃي پريان ڪريون. هن جي رڙ
ڪار جي آواز ۾ گم ٿي وئي. سندس لاش پوليس اسپتال
کڻائي وئي. هن جو لاش ڪيترا ڏينهن لاوارث جي حيثيت
۾ اسپتال جي مرده خاني ۾ پيو هو.
آچو کي قاسم جو فڪر لڳو. کيس ڪيترا ڏينهن لڳي ويا
هئا. هن ڪنهن مهل سمجهيو ٿي ته کيس نوڪري جو آرڊر
مليو آهي. هو ڪنهن اسڪول تي چڙهي، ڊيوٽي ڏئي پوءِ
واپس ايندو ته ڪڏهن کيس ٻيا ڊپ ۽ کٽڪا کڻي ويندا
هئا. هن هڪ ڀيري اهو به سوچيو ته انهيءَ آفيسر کان
وڃي پڇا ڪري ته ’همراهه ڊيوٽي تي چڙهيو يا نه.‘ پر
پوءِ پنهنجيءَ دل کي ڏڍ ڏئي ويهي رهيو ته پويان
پوءِ به مڙس ماڻهو آهي، هروڀرو زال ڪانهي جا کاڄي
ويندي. پر جڏهن هن کي قاسم جي موت جي خبر پئي، هن
کي لڳو، ڄڻ هن جي ڪمزور هٿن مان لٺ ڇڏائجي وئي.
قاسم سندس لٺ ئي ته هو. هو ان جي سهاري تي زندگيءَ
جو جنڊ ڇڪي ها. هن جي پنڻ جو پيالو ڀڄي ڀور ڀور ٿي
پيو. هو چرين وانگر رڙيون ڪندو شهر واري اسپتال
ڏانهن ڀڳو.
قاسم جو لاش سڃاڻپ کان ٻاهر هو. هن سندس ڪپڙا
سڃاڻي وڃي مٿانس ڪريو. ڳوٺاڻن کيس سمجهايو ته:
”هتي شهر ۾ کيس دفن ٿا ڪريون.“ آچو ڳوٺاڻن جي چوڻ
تي پنهنجي ننڍڙيءَ دنيا، روح جي راحت ۽ اکين جي
ٺار کي پنهنجي هٿن سان شهر دفن ڪري موٽيو. ڄامان
پنهنجي جگر جي ٽڪري جو اهڙيءَ طرح منهن ڏسي نه
سگهي.
ميرزادي پنهنجي مائٽن کان روز پنهنجي ڀاءُ جو
پڇندي هئي. هو کيس چوندا هئا ته: ”امان! قاسم
نوڪري پيو ڪري. هو جڏهن ڳوٺ ايندو، تڏهن تولاءِ
چوڙيون، بُوندي ۽ ڪنن جون واليون وٺي ايندو.“
ميرزادي روزانو پنهنجي ڀاءُ جو گس نهاريندي هئي.
هيءُ شهر مان ايندڙ، هر ماڻهو کي ڀاءُ سمجهي
ڊوڙندي هئي. پر جڏهن اهي ماڻهو سندس ويجهو ايندا
هئا ته روئڻهارڪي ٿي آسرو لاهي وري گهر موٽندي
هئي. هو، هر روز ڪانون کي اڏاري چوندي هئي: ”اُڏر
ڙي ڪانگڙا اڏر! منهنجي مٺي ڀاءُ جي خبر آڻ ته
توکي مٺي لولي کارايان.“ اتفاق سان ڪو ڪانگ اُتان
ٽپڪي ڏئي وڃي ٻئي هنڌ ويٺو ته پوءِ هِن لاءِ عيد
ٿي ويندي هئي. هوءَ ڦيريون پائي ڳوٺاڻن کي چوندي
هئي ته اڄ منهنجو ڀاءُ ايندو، اڄ اسان جي گهر ڪانگ
ڳارا پئي ڏنا. هو منهنجي لاءِ واليون، چوڙيون ۽
بُوندي وٺي ايندو.
هڪ ڏينهن ميرزادي پنهنجي ڀاءُ جي اوسيئڙي ۾ گهر جي
گهٽيءَ تي بيٺي هئي. نما شام مهل هئي. ڳوٺ جا
ماڻهو شهر مان ڪم ڪار لاهي واپس وريا هئا ۽ ڌراڙ
مال چاري موٽيا هئا. هن شهر کان ايندڙ ڪمدار
کمونءَ کان پڇيو: ”ڪاڪا ڪمدار! منهنجو ڀاءُ آيو ٿي
يا نه؟“
کمون ميرزادي کي ڏسي جواب ڏنو: ”ڇا توکي خبر ڪانهي
ته تنهنجي ڀاءُ کي شهر ۾ موٽر چپي ماري ڇڏيو.“
ميرزادي ڳالهه ٻڌي سراپجي ويئي ۽ ريهه ڪري وڃي پٽ
تي ڪِري. ڪمدار کمون وڌي اچي کيس کنيو. کيس سڏ
ڪيا، چوريو ڦوريو ۽ اٿلايو، پر سندس هٿ پير ٺري
ويا. سندس اکيون اڃا به قاسم لاءِ کليون پيون
هيون. پوڙهي طاهر چيو: ”ابا! شيءِ وڃي ڌڻين کي
پهتي.“
آچو ۽ ڄامان اڃا تائين جيئرا آهن. آچو اولاد جي
وڇوڙي ۾ روئي روئي انڌو ٿي ويو آهي ۽ ڄامان چري ٿي
پئي آهي. هوءَ اڃا به روزاني گس تي قاسم ۽
ميرزاديءَ جو اوسيئڙو ڪندا آهن.
سروج ترويدي
(گجراتي ڪهاڻي)
ولي رام ولڀ
ممي نه هجي ته...؟
اڄ تاريخ... ڪئلينڊر جو پنو بدليو ناهي، انهيءَ
ڪري خبر ناهي. ائين ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿيندو آهي، جڏهن
مان ڪئلينڊر جو پنو بدلائڻ وساري ڇڏيندو آهيان.
سوير ننڊ مان اُٿيندي ئي مان پهريون ڪم انهيءَ پني
کي بدلائڻ جوئي ڪندو آهيان. ممي ـــ ڊئڊيءَ کي پني
بدلائڻ جي يادگيري ايندي ئي ناهي. مهينن جا مهينا
پَنا بنان بدلجڻ جي ئي رهجي ويندا آهن. انهيءَ ڪري
مون اهي پنا بدلائڻ شروع ڪيا آهن. مون کي اهو سٺو
لڳندو آهي، جيئن سج جو اُڀرڻ به مون کي سٺو لڳندو
آهي.
ممي موڊ ۾ هوندي آهي ته مون کي سوير اُٿندي ئي
سوادي نيرڻ کير سان گڏ ملندي آهي. جيتوڻيڪ اڄ نيرڻ
۾ کير سان گڏ ڪجهه به نه هو. مون جڏهن مميءَ کان
پڇيو ته مون کي ڇڙٻ ڏيئي چپ ڪرائي ڇڏيائين، ۽ مون
ماٺ ڪري کير پِي ڇڏيو. پهرين ممي ڪڏهن ڇڙٻيندي هئي
يا ناراض ٿيندي هئي ته مان سمجهي نه سگهندو هوس ته
ممي به ڇا ڪڏهن ناراض ٿي سگهي ٿي! پر مون ڏٺو ته
ممي اڄ ڪالهه بي سبب ئي هر هر ناراض ٿي ويندي آهي.
پر ڇا سڀني جون مائرون بي سبب ئي ههڙي طرح
ڇڙٻينديون هونديون؟
پوءِ دير تائين دريءَ کان ٻاهر باغيچي ۾ مُگري جي
ٻوٽي جي ڀرسان ٽِڙيل تازي سفيد گل تي چهنب هڻندي
ڦُرڙ... ڦُرڙ... اُڏامندڙ ۽ ٽونڪ... ٽُونڪ... گيت
ڳائيندڙ چمڪندڙ ڪاري ڪڪر جي رنگ وارن همنگ برڊ کي
ڏسندو رهيو هوس. ڊئڊي منهنجي لاءِ پکين جو
رنگبرنگي ڪتاب وٺي آيو آهي. منجهس اهڙا ئي همنگ
برڊ آهن. انهيءَ ڪري کين مان سڃاڻان ٿو. اسان جي
دريءَ کان ٻاهر باغيچي ۾ ڀانت ڀانت جا پکي ايندا
آهن ـــ همنگ برڊ، بلبل، مئنا، طوطو، ڪبوتر،
ڏياريءَ جو گهوڙو، ڪڏهن ڪڏهن ڪانءُ جي پويان لڳل
ڪالا ڪوسي به اچي ويندو آهي. ڊئڊي مون کي انهن
سڀني پکين جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي ــ ڪتاب جي
تصويرن وسيلي! ۽ مون کي اهي سڀ ڏاڍا وڻندا آهن.
پر آچر کان سواءِ ڊئڊي ڪڏهن گهر تي هوندوئي ناهي.
منهنجو انهن پکين کي ڏسندو رهڻ لاءِ دل ٿيندي آهي،
پر جيءَ ۾ ڊپ رهندو آهي ته اجهو مميءَ جو سڏ ٿيندو
ـــ ’نيلوُ، پڙهڻ کي دير پيئي ٿئي!‘
ڊئڊي ڪڏهن ائين نه چوندو آهي. پوءِ به ممي نه
ڄاڻان ڇو مون کي ڏاڍي پياري لڳندي آهي.
پوءِ سبق ياد ڪندو آهيان، ماني کائيندو آهيان،
اسڪول ويندو آهيان، ڪئين ڪلاڪن تائين بينچ تي ويهي
ويهي اوٻاسيون ڏيڻ ۽ مِس کان اک بچائي ڀرسان ويٺل
ڇوڪرن سان ڳالهيون ڪرڻ، ۽ شام جو واپس گهر موٽي
سبق ياد ڪرڻ جو حڪم ٻڌڻ... اهڙيءَ طرح اهو سڀڪجهه
ٿيندو آهي... ڊئڊي آفيس کان گهر آيو ته صوفي تي
ويهي ماٺ ميٺ ۾ ڪجهه پڙهڻ لڳو. اڄ ته ممي ڊئڊيءَ
جا بوٽ به نه لاٿا! ممي به ماٺ ۾ هئي. گهر ۾ اهڙي
خاموشي ڏسي مان به چپ ٿي ويندو آهيان.
رات جو نائيٽ ليمپ ٻرڻ کان اڳ مون کي ننڊ اچي ويئي
هئي.
2ـــ جنوري ـــ اڄ آچر آهي، ڇو ته ڊئڊي اڃا ستو
پيو آهي. مون کي جلدي اُٿڻ جي عادت آهي، جيتوڻيڪ
ڊئڊي ممي به لڳ ڀڳ مون کان اڳ ۾ ئي اُٿندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن کيس جاڳ نه ٿيندي آهي ۽ مان جاڳي پوندو
آهيان ته ڊئڊي اسان جي پلنگ تي سُتل هوندو آهي. پر
اڄ اٿيس ته ڏٺم ته ڊئڊي ٻئي پلنگ تي سمهيو پيو
آهي. شايد پڙهندي پڙهندي اتي ئي ننڊ اچي ويئي
هوندس... يا... پوءِ...!
سوير اٿندي ئي مون کي ڏندڻ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پوندو
آهي، پر ممي اڃا تائين جاڳي نه هئي ۽ سج به اڀريو
نه هو. انهيءَ ڪري هينئر کان بُرش وات ۾ ڪير وجهي!
مان دريءَ ڀرسان ٽيبل تي ويهي بوگن بُليا جي گلابي
ـــ سفيد گلن تي ڦيرا ڏيندڙ ڪارن ـــ ڳاڙهن، پوپٽن
کي ڏسڻ لڳان ٿو. اڄ ئي ته پوپٽن کي ڏسڻ تي دل ٿي
اٿم. پر پوپٽ به ته سج اُڀرڻ کان پوءِ ايندا آهن.
پر اڄ ته ڪاري ڪلنگيءَ واري بلبل آهي! واهه! ڪيڏو
مٺو ٿي ڳائي! مان مميءَ جي پلنگ ڏانهن نهاريان ٿو.
ممي اڃا ننڊ ۾ سمهي پيئي آهي، ٺيڪ ئي آهي، نه
نه... پوءِ بلبل گيت ڳائيندي اڏامي ويئي هئي.
24 ـــ جنوري ـــ اڄ مان سوير اٿي دريءَ مان ڏسان
ٿو ته ڊئڊيءَ جي ڏنل رنگبرنگي پکين جي ڪتاب ۾
ڏيکاريل ساڳيائي ٻه ڪارا چمڪندڙ همنگ برڊ هر هر
اڏري هر هر واپس اچي ڏاڙهونءَ جي وڻ جي پهرين
ٽاريءَ تي آکيرو جوڙي رهيا آهن. منهنجي دل چيو ته
اهو ڏسندو ئي رهان، پر ممي پاسو ورائي رهي آهي!
29 ـــ جنوري ـــ اڄ سوير سوير اٿي ڏسان ٿو ته
سنهڙين سنهڙين ڪَکن۽ ڌاڳن سان آکيرو ٺهي ويو آهي.
اهو اندران به ڏسڻ تي دل ٿي. شايد ممي ڊئڊي جاڳي
پوندا، انهيءَ ڀوَ کان پير پير ۾ پائي ڪمري مان
ٻاهر نڪري باغيچي ۾ ويس. اهي ٻئي پکي ڪيڏانهن
اُڏامي ويا هئا. ٽاري هيٺ جهڪائي آکيرو ڏٺم. ڪيڏو
سهڻو آکيرو! منهنجي ٻن آڱرين جي اندر وڃڻ جيترو
رستو هو. منجهس مون ٻه آڱريون وڌيون. اندر آڱريون
ڦيرايم، ڏاڍو مزو آيم. ٿورو ٿورو ڀؤ به ٿيو. اندر
ٻه ننڍڙا سهڻا آنا هئا. مان ماٺ ميٺ ۾ دريءَ ڏانهن
هليو آيس، پر ممي ڊئڊي جاڳي پيا هئا. ڊئڊي وهنجڻ
جي جاءِ ۾ برش ڪري رهيو هو ۽ ممي بورچيخاني ۾
چانهه ٺاهي رهي هئي. شايد مون کي انهن آکيرو ڏسندي
ڏسي ورتو هجي، تڏهن به ممي ڊئڊي ڪجهه نه چيو. خبر
ناهي ڇو؟
10 ـــ فيبروري ـــ هاڻي ته انهي همنگ برڊ جا ٻچا
آکيري مان چهنب ٻاهر ڪڍي هوريان هوريان ٽونِڪ...
ٽونِڪ... به ڳالهائڻ لڳا آهن، ۽ پنهنجي ممي ڊئڊي
جي چهنب مان داڻا به وات مان جهٽي ٿا وٺن، منهنجا
ممي ڊئڊي ائين ڇو نٿا ڪن؟
ممي نه ڄاڻان ڇو، هاڻي گهٽ ڳالهائي ٿي. سارو ڏينهن
منهن چاڙهي ڪم ڪري ٿي. مون ته کيس منهن چاڙهڻ واري
اهڙي ڪا ڳالهه به نه چئي هئي. ڊئڊيءَ سان ته ٺيڪ
آهي، پر هن مون سان به ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏيو آهي!
پهرين ته ممي مون کي اسڪول جي دروازي تائين ڇڏڻ
ايندي هئي ۽ مون کي چمي ڏيندي هئي، پر هاڻي ته ڄڻ
هن بلڪل واري ڇڏيو هجي. مان پيار وچان سندس هنج ۾
ويهڻ چاهيندو آهيان ته چوندي آهي ـــ تون هاڻي وڏو
ٿي ويو آهين. مون کي پنهنجي وڏي ٿيڻ جي ڳالهه ذري
به نٿي وڻي، پر امي چوندي آهي ته... شايد...
مان....
پر انهيءَ پکيءَ جا ٻچا ڪڏهن وڏا ٿيندا! سندن ممي
ڊئڊي کي ته مون ڪڏهن بيزاري وچان پنهنجن ٻچن کي
چهنبون هڻندي نه ڏٺو! ڊئڊي کي به، هاڻي مان ڪو
ڪتاب پڙهڻ لاءِ ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ چوندو آهيان ته
مون کي ’پري ٿي، منهنجو مٿو نه کاءُ‘ ـــ چئي
هٽائي ڇڏيندو آهي. پهرئين ۽ هاڻي جي ممي ڊئڊي ۾
ڪيترو فرق آهي! اهي ائين ڇو ٿا ڪن، اهو ئي ته مان
سمجهي نٿو سگهان.
انهن پکين کي شايد ڪاوڙجڻ نٿو اچي، انهيءَ ڪري اهي
سارو ڏينهن بس ڳائيندا رهندا آهن. سندن ٻارن لاءِ
به ڪيڏي مؤج آهي! نه برش ڪرڻو پوي، نه سوير وهنجڻو
پوي، نه ئي سبق ياد ڪرڻ لاءِ مٿاماري ڪرڻي پوي.
اسڪول به نه وڃڻو پوي! منهنجا به هنن ٻچن جيئن
کنڀ هجن ها ته... ٽُوِنڪ... ٽُوِنڪ... ڪندي ڪڏهن
جو اُڏامي ويو هجان ها... پر...
13 ـــ فيبروري ـــ آچر، اڄ به ڊئڊي ٻئي پلنگ تي
ننڊ ۾ سمهيو پيو هو. هونئن اهو سمورو هفتو ائين ئي
گذريو.
ڊئڊي چانهه پيتي ۽ اخبار پڙهندي، مميءَ کي چيائين،
”مارننگ شو جا ٽڪيٽ وٺي آيو آهيان، تون ۽ نيلو
تيار ٿي وٺو.“ تڏهن مميءَ چيو ”مون کي فلم ناهي
ڏسڻي، اوهان ئي ڏسي اچو.“ ڊئڊي عينڪ جي صاف شيشي
مان مميءَ کي ڪيتري ئي دير تائين ڏسندو رهيو هو، ۽
پوءِ هن فلم جا تڪيٽ ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري دريءَ کان
ٻاهر اُڏائي ڇڏيا.
20 ـــ فيبروري ـــ مان ٻه ــ ٽي ڏينهن اڳ جي
ڳالهه لکڻ ته ڀلجي ئي ويو آهيان. انهيءَ رات ٽيبل
ـــ ليمپ جي ”ٽِڪ...‘ آواز ٿيڻ سان مون کي ننڊ نه
آئي هئي. مان ته سَوڙ ۾ منهن وجهي ماٺ ۾ پيو هوس.
ممي ـــ ڊئڊي کي ائين لڳو ڄڻ مان ننڊ ۾ هجان،
انهيءَ ڪري هنن ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون کي ته ڪجهه
به سمجهه ۾ نه آيو. پر ڪڏهن غصو نه ڪندڙ منهنجو
ڊئڊي به اڄ غصي ۾ هو، سند آواز مان ائين لڳي رهيو
هو. پوءِ به منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو، پر هاڻي
ڊئڊي مميءَ تي غصي ـــ ’هيءُ گهر منهنجو آهي،
سمجهيئه!“ ائين ڪجهه چيائين، تڏهن کيس ٻڌي مون کي
عجيب لڳو. هي گهر اڪيلو ڊئڊيءَ جو ڪيئن ٿو ٿي
سگهي! ڊئڊي شام جو اچي ٿو ۽ سوير هليو وڃي ٿو! ممي
سارو ڏينهن هن گهر ۾ رهي ٿي، منهنجي لاءِ نيرڻ ـــ
ماني، ڊئڊيءَ لاءِ ٽفن، منهنجا ۽ ڊئڊي جا ڪپڙا
ڌوئڻ ۽ اِستري ڪرڻ، مون کي اسڪول تائين ڇڏي اچڻ.
اڙي! ڊئڊي جي آفيس وڃڻ کان اڳ سندس قلم، رومال،
عينڪ، پيسن جو ٻَٽون سنڀالي بريف ڪيس ۾ رکڻ ۽ شام
جو ڊئڊي جي گهر اچڻ تي سندس بوٽ ۽ جوراب لاهي رکڻ
ـــ اهي سڀ ڪم هوءَ بنا وسارڻ جي ڪندي آهي! ته
پوءِ اهو گهر اڪيلي ڊئڊيءَ جو ڪيئن ٿي سگهي ٿو،
اهوئي منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي!
مون کي وري ٻن ٽن ڏينهن کان ڪئلينڊر جو پنو بدلائڻ
وسري ويو آهي.
هاڻي هميشہ رات جو ممي ـــ ڊئڊي مون کي ننڊ ۾
سمهيل سمجهي وڙهندا آهن. ممي ـــ ڊئڊي ٽي ـــ وي
ڏسڻ ته ڪيترن ئي ڏينهن کان بند ڪري ڇڏيو آهي!
پهرين اسان ٽي ـــ وي گڏجي ويهي ڏسندا هئاسين، پر
هاڻي ته مون کي به نٿا ڏسڻ ڏين!
اڄ ممي مون کان به جلدي اُٿي آهي. ۽ پنهنجا ڪپڙا
ماٺ ميٺ ۾ سوٽ ڪيس ۾ وجهي رهي آهي. ڊئڊي صوفي تي
ويهي ماٺ ميٺ ۾ کيس ڏسي رهيو آهي. ممي سوٽ ڪيس ۾
ڪپڙا رکندي هر هر ساڙي جي پلؤ سان لڙڪ اُگهي رهي
آهي. شايد رات جو دير تائين جاڳي آهي، انهيءَ ڪري
سندس اکيون ٻرنديون هونديون. ڊئڊي به هرهر عينڪ
لاهي اکيون ڇو ٿو اُگهي؟ مان دريءَ مان ڏسان پيو،
پر نه ڄاڻان ڇو اڄ مون کي بلبل، همنگ برڊ، توڙي
درجيڊو کي ڏسندو رهڻ سٺو نٿو لڳي.
پوءِ ممي منهنجا ڪپڙا به سوٽ ڪيس ۾ رکڻ شروع ڪيا،
تڏهن مون کي لڳو، ته چڱو ئي ٿيو، مون کي به مميءَ
سان گڏ مامي جي گهر وڃڻو پوندو. پر اهو ڏسي ڊئڊي
ميميءَ کان پڇيو ”نيلوُ جا ڪپڙا ڇو ٿي کڻين؟“ پوءِ
به ممي منهنجا ڪپڙا رکندي چيو ”نيلو منهنجو
آهي.... منهنجي زندگي4 جو سهارو آهي، مان کيس پاڻ
سان گڏ وٺي وينديس.“ پر مميءَ جو چيل جملو
’زندگيءَ جو سهارو آهي‘... منهنجي سمجهه ۾ نه آيو.
جيتوڻيڪ اهو ٻڌي ڊئڊي جڏهن چيو ”مان به سندس ڊئڊي
آهيان، نيلوُ مون سان ئي گڏ رهندو.“ ۽ بعد ۾ هن
اُٿندي مميءَ جي سوٽ ڪيس مان منهنجا ڪپڙا ڪڍي پلنگ
تي کڻي اُڇليا ۽ چيائين ”مان توکي نٿو روڪي سگهان،
توکي وڃڻو آهي ته تنهنجي مرضي آهي...“ تڏهن مون کي
خبر پيئي ته مون کي مميءَ سان گڏ وڃڻو ناهي. ڊئڊي
اهو ڇو نٿو سمجهي ته مميءَ کان سواءِ ڀلا مان
ڪيئن رهي سگهان ٿو!
مون ڏٺو ته ممي به مون وانگي روئي سگهي ٿي. هيڏي
وڏي مميءَ کي ڇو روئڻو پوي ٿو؟
مان دريءَ مان انهيءَ همنگ برڊ کي ڏسڻ جو بهانو
ڪريان ٿو. پوءِ مون کي ٿوري دير کان پوءِ مميءَ جي
سوٽ ڪيس بند ٿيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
ممي ـــ ڊئڊي مان ڪوبه ڪجهه به نٿو ڳالهائي. ممي
پنهنجي رومال کي منهن تي دٻائي رکيو آهي، پر سندس
اکين مان لُڙڪ پيا وهن! اڙي ڊئڊي...! ڊئڊي به
اکيون جهڪائي عينڪ کي صاف ڪري رهيو آهي. پر مون کي
خبر آهي، هو به روئي رهيو آهي! وڏا ماڻهو شايد مون
وانگي نٿا روئي سگهن.
ممي مون ڏانهن ڏسي رهي آهي، انهيءَ ڪري مان دري
مان ٻاهر ڏسي رهيو آهيان. ڇو ته مميءَ کي مون ڪڏهن
رئندي نه ڏٺو، انهيءَ ڪري مان کيس روئندي نٿو ڏسي
سگهان، ۽ شايد مون کي به...
ٻاهر اهوئي همنگ برڊ پنهنجن ٻچن جي گلابي چهنبن ۾
پنهنجي چهنب وجهي ڪجهه کارائي رهيو آهي. ٻيو پکي
آکيري جي دروازي جي ٻي ڪنڊ تي ماٺ ڪري اهو ڏسي
رهيو آهي. اهو ڏسي منهنجي دل ۾ امتحان جي هڪ سوالي
پيپر جو ڀؤ ويهي ٿو رهي. انهيءَ سوالي ـــ پيپر ۾
اهو همنگ برڊ، ممي ڊئڊي وانگي ڇو نٿا وڙهن؟ پنهنجي
ٻچن لاءِ ڇڪتاڻ ڇو نٿا ڪن؟ پهريون ٿلهي چهنب وارو
همنگ برڊ ٻئي همنگ برڊ کي ڊئڊي وانگي ـــ ’هي
منهنجو آکيرو آهي، تون اُڏري وڃ‘ ـــ چئي کيس ڇو
نٿو اُڏاري ڇڏي؟ اهڙا ڪئين ڏکيا سوال مون کي
منجهائي ڇڏين ٿا. اهو سوال ئي منهنجي سمجهه ۾ نٿو
اچي، انهيءَ ڪري مون کي روئڻ اچي ٿو وڃي. ۽ پوءِ
مان به دريءَ جي سيخن جي وچ ۾ منهن رکي ممي ـــ
ڊئڊي وانگي ماٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙي روئڻ لڳان ٿو.
روئندي روئندي منهنجي خواهش ممي ڏانهن نهارڻ جي ته
ٿئي ٿي، پر مون کي ڊپ آهي ته... شايد... ممي اُتي
نه هجي ته...!...ته...؟!
مـقـالا
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
سنڌ جو عطار ـــــ حضرت آشڪار
اها حقيقت آهي ته سچل سائين جهڙو ڪثير الاشعار
شاعر، ان کان اڳ يا پوءِ برصغير ۾ ورلي ڪو گذريو
هوندو. هن بزرگ شاعر جو ڪلام ننڍي کنڊ جي ڪنهن هڪ
ٻوليءَ سان مخصوص نه آهي، پر هن هتي جي مختلف
ٻولين کي پنهنجي شهپارن سان نوازيو آهي. ان مان هن
جي وحدت الوجود واري عقيدي جا اُهڃاڻ نروار ٿين
ٿا، جو وٽن تعصب ۽ دوئي بنهه ناپيد آهي. اسان جي
هن دعويٰ جي صداقت لاءِ سنڌ جي هڪ عظيم محقق ۽ سچل
سائين جي ڪلام جي پارکو مرزا علي قلي بيگ جي هيءَ
تحقيق بس آهي، ته سچل سائين پنهنجي وفات وقت جيڪو
مختلف ٻولين ۾ چيل ڪلام ڇڏي ويو، ان جو تعداد نو
لک ڇٽيهه هزار، ڇهه سؤ ڇهه بيت آهن.
فارسي ڪلام ۾ سچل جو تخلص گهڻو ڪري ”آشڪار“ ملي
ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي پڌرو ـــ تحقيق اهو تخلص،
سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سچل بابت
بشارت کي پڌرو ڪري ٿو ته هو هر مخفي ۽ سلوڪ جي
باريڪ نڪتن کي لِڪڻ نه ڏيندو ۽ نه وري مام ۾
ڳالهائيندو، پر کولي کولي حق جو نعرو هڻندو.
حضرت آشڪار جا وڏا، قديم عرب ۽ سلف جي دستور مطابق
اسلام جي واضح ۽ آسان تعليم جا پوئلڳ هئا. اهي
طريقا سڀ پوءِ جي پيداوار آهن. سنڌ ۾ جڏهن ته سڀ
کان اڳ سهروردي طريقت هئا. اهي طريقا سڀ پوءِ جي
پيداوار آهن. سنڌ ۾ جڏهن ته سڀ کان اڳ سهروردي
طريقت کي فروغ مليو، جنهن جو پهريون باني سنڌ ۾
مخدوم نوح بکري هو، جيڪو شيخ شهاب الدين سهروردي
جو وڏو خليفو هو، جنهن جي مزار روهڙي جي درياءَ
واري پل تي بکر ۾ هڪ ننڍي سائي گنبذ جي صورت ۾ اڄ
به موجود آهي. حضرت غوث بهاءالحق ملتاني جڏهن
پنهنجي مرشد شيخ شهاب الدين سهروردي بغداديءَ کان
خرقو خلافت جو وٺي واپس وطن وريو ته مرشد کيس اها
تلقين ڪئي، ته هو سنڌ ۾ وڃي مخدوم نوح بکري کان به
روحاني فيض جو روبرو استفادو ڪري. غوث صاحب مرشد
جو چيو مڃي بکر سنڌ ۾ پهتو. پر افسوس جو مخدوم نوح
ٿورا ڏينهن اڳ پنهنجي رب ڏانهن راهي ٿي چڪو هو ۽
غوث صاحب مزار جي زيارت ڪري ملتان روانو ٿيو.
سهروردي طريقت کي سنڌ ۾ ڦهلائڻ جي سعادت ڪا غوث
بهاءالحق ملتانيءَ لاءِ مقدر هئي، جنهن سنڌ کي
تصوف جي هن طريقت ۾ اهو فيض ڏنو، جو هتي سوين سندن
فيض يافته خليفا پيدا ٿيا. حضرت شهباز قلندر به ان
دؤر ۾ هتي سڪونت اختيار ڪئي. حضرت آشڪار درازيءَ
جا وڏا به اُن دور ۾ مخدوم غوث بهاءالحق ملتانيءَ
کان سهروردي طريقت ۾ فيض يافته ٿي خليفا مجاز
بڻيا.
اڳتي هلي جڏهن هتي غوث اعظم سيدنا عبدالقادر
جيلاني جي طريقي قادريءَ کي فروغ حاصل ٿيو ته سنڌ
جو هي نجيب خاندان قادري طريقي مان فيضياب ٿي
سڪايلن کي سلوڪ جو سبق ڏيندو رهيو، حضرت آشڪار
درازي به انهيءَ طريقت جو مرشد ڪامل هو.
حضرت آشڪار جي فارسي شاعريءَ مان اسان کي ڪن اڳين
فارسي گو شاعرن جا نالا ملن ٿا، جن جي شاعري
مولانا جلال الدين رومي وانگر مقصديت واري شاعري
هئي ۽ اُهي پنهنجي ڪلام جي ذريعي همه اوست جي
فلسفي ۽ ٻين تصوف جي اسرارن کي سمجهائي ويا آهن.
حضرت آشڪار درازي به انهن اوليائن، صوفين ۽ شاعرن
کان متاثر ٿو ڏسجي، اهي شاعر هي آهن: شمس تبريزي
خواجه احمد جام ۽ شيخ فريد الدين عطار. انهن سڀني
مان سچل سائين تي شيخ فريد الدين عطا جو رنگ غالب
ٿو ڏسجي، ان ڪري کيس سنڌ جو عطار به سڏيو ويندو
آهي.
حضرت آشڪار پنهنجي فارسي شاعريءَ ۾ شيخ عطار لاءِ
فرمائي ٿو:
راز وحدت نامه خواندم، رمز ”منطق طير“ را،
اين چنين فرموده ست آن خواجهء عطار ما.
شيخ فريد الدين محمد عطار نيشاپوري (537-627)، شيخ
نجم الدين ڪبريٰ 540-618 هه ۽ ٻين اوليائن جي صحبت
۾ رڱجي وڏو ولي ۽ وحدت وجودي بزرگ ثابت ٿيو.
مولانا جلال الدين روميءَ جو والد اُن سان مليو
هو، جڏهن رومي ننڍي ڄمار جو هو، جيئن اسان جو
ڀٽائي صاحب، سچل سرمست سان اُن جي ننڍاپئ ۾ مليو
هو. شيخ عطار، روميءَ لاءِ اهڙي
ئي خوشخبري
ڏني هئي، جهڙي ڀٽائي صاحب سرمست لاءِ ڏني
هئي. اڳتي هلي مولانا جلال الدين، شيخ عطار لاءِ
فرمائي ٿو:
هفت شهر ـــ عشق را عطار گشت، ماهنوز اندر خم يک
کوچه ايم.
حضرت آشڪار درازي ٻئي جنهن صوفي فارسي گو شاعر کي
ياد ڪيو آهي، سو آهي شيخ احمد جام. فرمائي ٿو:
من شدم عاشق به نام آشفتگان، ره رفيق خواجه
احمد جام ماست.
ٽيون بزرگ شمس تبريزي آهي، ان جو ذڪر خير همه
اُوست جي نظريه مطابق ڪري رهيو آهي:
گر کسيي ديوان شمس الحق بخواند باليقين،
از خودي آزاد گردد از من ومائي بدل.
آشڪار، ديوان شمس تبريز مان خوديءَ کي ڇڏڻ جو سبق
پرائي ٿو، ۽ عشق ۾ الهوٽ رهڻ کي پسند ڪري ٿو. هن
جو اظهار هن طرح ڪري رهيو آهي:
ما سبق خوانديم از ديوان عشق، هست در هر دوجهان
سلطان عشق،
رمز الانسان سري گوش کن، باليقين دان صورتِ انسان
عشق.
مقطع ۾ فرمائي ٿو:
سربنده اي آشڪارا خود مبين، آمده برعاشقان فرمان
عشق.
حضرت آشڪار ساڳي وقت شاهه حسين بن منصور حلاج
244-309 کي به نٿو وساري، پر ان وانگر سندس
پيرويءَ ۾ ڦاسي ماڻي ان تي رقص ڪرڻ گهري ٿو.
فرمائي ٿو:
وقت حالت ما مقدر تاندا نم کي شود،
آشڪا راهم چوشه منصور کن بردا رقص |