ڪوثر ميمڻ
ڪي ڏور به اوڏا
سپرين
جڏهن پوپٽ هٿن مان ڇڏائجي وڃي ته هٿن تي ڪي سهڻا ۽
انوکا رنگ رهجي ويندا آهن. وقت به گذري ويندو آهي،
پر پنهنجي انڊلٺي جنسار جا ڪي انڊلٺي رنگ پويان
اُڇلائيندو ويندو آهي ۽ اهو وقت ۽ اسان جو شعور
جڏهن موٽ کائيندو آهي، ته پاڻ سان گڏ سوين راز ۽
سوين آواز آڻيندو آهي، جيڪي اسان کي سُک گهٽ ۽ ڏک
وڌيڪ ڏيندا آهن.
”اکين ۾ اٿليل ساگر جي ڇولين جي چهري کي ذرا ذرا
ڪري ڇڏيو، ائين جيئن ننڍي هوندي ڪنهن ويڪري ٿانوَ
۾ چنڊ جي ڇايا
ڏسندا هئاسين ته پاڻيءَ جون پتڪڙيو لهرون چنڊ کي
ڀڃي ڀور ڪري ڇڏينديون
هيون. اڄ به ائين ڀانيم، ڄڻ منهنجي آنراڳ جو چنڊ
ڀور ڀور ٿي ويو هجي، ونود! اڄ مان ڀور ڀور ٿي ويو
آهيان.“
هڪ ننڍڙي ڪاڳر تي لکيل يوسف جو اهو خط منهنجي
ڪتابن ۾ اڄ به ائين ئي پيو آهي. جيئن ڏهه ٻارنهن
سال اڳ رکيو هيم. انهيءَ خط کان پوءِ مون سان مليو
ناهي. الائجي ڪٿي گم ٿي ويو آهي. ڪهڙن حالن ۾
هوندو. منهنجو هن سان ڪو رت جو رشتو نه هو، پر
پوءِ به هو منهنجي تمام ويجهو هو. اسان جي وچ ۾
ڀائپيءَ جو هڪ مضبوط ٻنڌڻ هو. هن مايا روپي دنيا ۾
هڪ ڀيڻ، مان ۽ سيما هن جي ڪُل ڪائنات هئاسين. هن
جي جيون جون خوشيون ڄڻ اسان سان هيون. ڀيڻ جي شادي
ٿي ويس، سا پنهنجي گهر جي، سو پنهنجي جيون ڪٿا مون
سان ويهي اوريندو هو. سيما، يوسف ۽ مان ٽيئي گڏ
هئاسين. جيتوڻيڪ مان هنن جي مذهب جو نه هوس، پر
پوءِ به هو مون کي ڏاڍو مانُ ڏيندا هئا ـــ هنن جا
ذهن ۽ دليون، هنن جي مذهب جيان وسيع هئا. ڀائيندو
هيم، ڄڻ اسان سڀ هڪ آهيون. اهڙن سچن جذبن ۽ پرين
جي پانڌيئڙن مون کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ نه ڏنو. هيءَ
ڌرتي، جنهن جي مٽيءَ ۾ منهنجو ڀٽائي ستل آهي، جنهن
جي رسالي جو هڪ هڪ لفظ اسان جي ويچار ڌارائن ۾
سمايل آهي، ۽ وري يوسف جهڙو دوست ڇڏي ڪيئن وڃان ها
ڪيڏانهن ـــ هڪٻئي جا راز اڄ به اسان جي سيني ۾
ائين دفن آهن، جيئن ڌرتيءَ جي سيني ۾ ڀٽائي، سچل،
۽ سامي. انهن ڏينهن جو حُسن وڃائجي ويو آهي، جن جو
ساکي مان اڄ به آهيان، چؤواٽي تي ريڻ ئي ريڻ آهي،
منهنجا ٻيئي ساٿي مون کان وڇڙي ويا آهن.
اڄ يوسف جو پراڻو خط ڏسي ائين خوش ٿيو آهيان، ڄڻ
هڪ ٻار کي پنهنجي وڃايل ماءُ جي محبت ملي ويئي. ۽
ان ريڻ مان انهن چهرن کي ڏسان پيو، جيڪي يوسف ۽
سيما جا آهن، ڄڻ چئي رهيا هجن:
”ونود! تون بي سُکيو نه ٿيءُ ـــ اسان تو وٽ اچون
ٿا. وري وڻ ساوا ٿيندا. ڊاک جون وليون وري اسان
لاءِ ڇانوَ ڪنديون. رابيل سان گهڙا_منجيءَ تي رکيل
مٽڪن کي وري سنوارينداسين. اسان جا سر ٻاٽ سانت کي
وري چيريندا. انڊلٺي سُپنن سان پنهنجي الوڻي جيون
کي وري جوت ڏينداسين ـــ!“
اهي آواز ڄڻ ورهين جو فيصلو طئي ڪري ويا. جڏهن
اسان گڏيا هئاسين، پهريون ڀيرو، ائين ڀانيو هيم،
ڄڻ هو منهنجو ماءُ ڄائو ڀاءُ هجي ــــ هڪ ڏينهن
ويٺي ويٺي چيائين:
”هڪ ٻي دوست سان به ملندينءَـــ!“
”ها ڇو نه ـــ نالو ڇا اٿس؟“
”پاڻهي پڇجانس ـــ“
”تون نٿو ٻڌائين.“
”اهو راز رهڻ ڏي.“
”ڪيستائين؟“
”جيسين تون ان سان ملين.“
”ڀلا تنهنجو دوست آهي ڪيئن؟“
مون کي ڏاڍي آتر ويلا هئي ته اهو ڪهڙو دوست اٿس،
جنهن لاءِ ايڏي چاهه مان چيو اٿئين.
”ڏسندينءَ ته خلقيندڙ جي بزرگيءَ جو توکي به احساس
ٿيندو.“
”توکي ايڏو ناز آهي ان تي.“
”ها“. هن جي اکين ۾ هڪ چمڪ هئي، اها چمڪ تڏهن
ڏسندو هيومانس، جڏهن هو پنهنجي ڪنهن عزيز دوست جو
ذڪر ڪندو هو.
۽ جڏهن مان سيما سان مليس ته مون کي اُهو ئي احساس
ٿيو، جيڪو يوسف سان ملڻ تي ٿيو هو.
سيما جن جي يوسف سان پراڻي مائٽاڻي نڇ هئي، جيڪا
اڄ تائين نيڀن پيا. هنن جي ڪچهريءَ ۾ هاڻي مان به
شريڪ ٿيندو هوس. اسان جي فليٽ جي سامهون ئي هنن جو
گهر هو، جنهن جي ٻاهريان هڪ سهڻو باغيچو هو، جتي
ڊاک جي ولين جي ڇانوَ ۾ ويهي اسان ڪچهري ڪندا
هئاسين. هن جي مهربان ماءُ اسان کي ڏاڍو ڀائيندي
هئي.
ٿورن ڏينهن ۾ ئي احساس ٿي ويم ته هوءَ ڏاڍي اَسٿر
اڏول ۽ سُندر سوڀيا وان ڇوڪري آهي، جنهن تي شايد
ڪوبه سوڀ پائي نه سگهي. هن ۾ وهندڙ پاڻيءَ جو شور
به هو ته سانتيڪي سمونڊ جو سڪوت به ـــ هن ۾ سڀ
سچائيون هيون. جنهن سان ملي منهنجو مَنُ به شانت
ٿي ويندو هو.
هڪ شام جو، جڏهن آڪاس سج جي ڳاڙهاڻ ۾ وهنتل هو،
اُتر جون هوائون پئي هليون، اسان سمونڊ ڪناري
وياسين. پاڻيءَ ۾ لهندڙ سج جا پاڇولا ائين پيا
لڳن، ڄڻ سمونڊ ۾ سون پلٽيل هجي. يوسف جي مُنهن تي
ٿڪ جا ڪي آثار پي نظر آيا، ڄڻ زندگيءَ هن جي
ڪُلهن تي ڪي وڏا بار وجهي ڇڏيا هئا، ايڏو اُجهاڻل
چهرو ڏسي آخر مون کان رهيو نه ٿيو.
”تون ايڏو ماٺ ڇو آهين، هت اچي خوش نه ٿيو آهين
ڇا؟“
هو ڄڻ ڪو خواب ڏسندي ڇرڪي پيو.
”نه ـــ مان ڏاڍو خوش آهيان، پاڻيءَ ۾ سج جا
تِرورا پيو ڏسان اڄوڪي شام ڏاڍي وڻندڙ آهي ونود.“
”ها، پر ايڏي به نه، جو ماڻهو آپگهات ڪري وجهي.“
سيما ڏانهنس نهاريندي چيو. سندس منهن تي هڪ وڻندڙ
مُرَڪ هئي.
يوسف ماٺ ئي رهيو، الائي ڪهڙي احساس هن کي ماندو
ڪري ڇڏيو هو. اڳ ڪڏهن ايڏو ملول نه ڏٺو هيومانس.
هو مون کان ڪجهه به ڳجهو نه رکندو هو، ان ڪري جو
اسان ٻيئي هڪ ٻئي جا غمگسار به هئاسين. هن نگريءَ
۾ منهنجو هن کان سواءِ ڪو عزيز ڪونه هو. کيس ڏسي
ڄڻ مون کي سرت ۽ سمڪ ملي هئي ۽ مان بنا ڪنهن هٻڪ
جي پنهنجو سامان کڻي اچي هن وٽ رهيس.
”يوسف! ٻڌائين ڇو نٿو، ايڏو ملول ڇو آهين اڄ
ـــ!!“ سيما کان به رهيو نه ٿيو:
”مان هن سمونڊ کي پيو ڏسان، جنهن مون کي گهڻو ڪجهه
سيکاريو آهي.
جيڪڏهن ڪو هن سمونڊ جا راز ڄاڻي وٺي ته شايد
ڪائنات جو ڪوبه راز راز نه رهي.“
”هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين، اڄ ته اسين هت
انجواءِ ڪرڻ آيا آهيون.
اهي ڳالهيون ته پوءِ به ڪري سگهنداسين.“
”پر اهي گهڙيون ورلي نصيب ٿينديون. اڄ الائي ڇو
منهنجو مَنُ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري. سيما! مون کي
وهندڙ وهڪرن جي شور ۾ انهن سڀن جا آواز ٻڌڻ ۾ ٿا
اچن، جيڪي مون کان وڇڙي ويا آهن. ڪو وقت اڳ، ۽
انهن جا به جن کي مان ڏٺو به ناهي ڪڏهن.“
هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي. يوسف جي ڳالهين جو هن
وٽ ڪوبه جواب نه هو. اهڙي وقت هوءَ ماٺ ئي رهندي
هئي ـــ ڇو ته جيترو هوءَ يوسف کي ڄاڻندي هئي،
اوترو شايد مان به هن کي نه ڄاتو هجي. هنن جا پاڻ
۾ ڪي ازلي ناتا هئا، جو هڪٻئي جي ڳالهه بنا ڪجهه
چوڻ جي سمجهي ويندا هئا. ڪو نازڪ ناتو هو هنن ٻنهي
۾.
”سيما!“ يوسف ڏاڍي پريت مان هن کي سڏيو. اهڙي پريت
جيڪا هڪ ماءُ جي ٻار لاءِ هوندي آهي ـــ هڪ ڀاءُ
جي ڀيڻ لاءِ ـــ ۽ پنهنجي ڪنهن پيار لاءِ ـــ ڪڏهن
ڪڏهن مان دوکو کائيندو هوس ته آخر هنن جو پاڻ ۾
ڪهڙو ناتو آهي.
”مان جڏهن به توسان گڏ هت ايندو آهيان ته اهي
گهڙيون منهنجي لاءِ اَمر ٿي وينديون آهن. مون کي
ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪن بلندين تي پهچي ويو
آهيان، ۽ ڪائنات جا سڀ راز مون تي کلي ويا هجن ڄڻ
ـــ تون ڇا محسوس ڪندي آهين؟“
”مان به توسان گڏ ئي هوندي آهيان.“
”ها شايد ان هستيءَ تائين پهچڻ لاءِ اسان سڀن کي
هڪ ٻئي جي ضرورت آهي.“
”پر تنهنجي آواز ۾ ايڏو ڏک ڇو آهي اڄ؟“
”اهي ڏک مون کي پيارا آهن سيما. انهن جي پيڙا ته
مون کي جيئڻ سيکاريو آهي.“
غم گاڏڙ کل کلندي ويٺي اهڙيون ڳالهيون ڪيائين پئي.
منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي ته اڄ ضرور ڪجهه ٿيو
آهي جو ايڏو اُٻاڻڪو آهي.
*
آڪٽوبر جي هلندڙ هوائن ۾ ڊاک جي وَلين جا پَن ڇڻي
ويا هئا. رابيل جا گُل ڪومائجي ويا هئا، جيئن
وڇڙيل چهرا ڪومائجي ويندا آهن. اها من دمن کي ڪيڏو
نراس ڪري ڇڏيندي آهي. اسان سڀ پنهنجي مخصوص جڳهه
تي ويٺا هئاسين. سيما جي ننڍي ڀيڻ چانهه ٺاهي
ڏيندي پئي وڃي. ننڍڙي پتڪڙي پياري ڀيڻ هئي سيما
جي، مون سان هن جو ڏاڍو چاهه هوندو هو. هاڻي هوءَ
به وڏي ٿي ويئي هوندي. هن جي نيڻن به ڪي سُپنا ڏٺا
هوندا، نرمل نازڪ سُپنا!!
”سيما!!“ يوسف هن کي ائين سڏيو، ڄڻ ڪا ڳالهه اوچتو
ياد اچي ويئي هيس.
”تنهنجي وارن ۾ سينڌ ائين ٿي چمڪي، جيئن ٻاٽ رات
جي آسمان تي کير ڌارا.“
هوءَ کلي پئي ۽ هوريان هوريان پنهنجو هٿ سينڌ تي
ڦيرڻ لڳي، ڄڻ کير ڌارا کي هٿن سان ڇُهڻ پئي
چاهيائين. چنڊ جي چانڊاڻ ۾ هن جي سينڌ سچ پچ چمڪي
رهي هئي. هو ڏانهنس گهور ڪري نهاري رهيو هو. لڳي
پيو، پنهنجي آنراڳ جي اُتم سوکڙي سندس جهول ۾
وجهندو، پر مان ات ويٺو هوس.
ڊسمبر جي ٿڌين ۽ ڊگهين راتين ۾ هو سمهندو گهٽ هو.
پاڻ ننڊ نه ايندي هيس يا نه سمهندو هو، اهو ڪڏهن
محسوس نه ڪرايائين. متان مان به هن سان اوجاڳا
ڪيان. هڪ رات جڏهن سڀ نيڻن ۾ ننڊ سموئي سانت هئا،
هو جاڳي رهيو هو. شايد مَن جي پيڙا وڌي ويئي هيس.
پڇڻ تي ڪجهه چيائين ڪين، هڪ خط ڏنائين، جيڪو سندس
ڀيڻ جو هو. لکيل هو:
”هڪ ڀيرو اَچ. منهن ڏيکاري وڃ. ڪيڏا ورهيه ٿي ويا
آهن توکي ڏٺي. اڪيلو زندگي الائجي ڪيئن پيو
گذارين.“
ٻيون به گهڻيون ئي ڳالهيون لکيل هيون. خط پڙهي
ائين ڄاتم، ڄڻ ڇاتيءَ تي مڻ بار جا رکجي ويا هجن.
هر استريءَ جي من ۾ خواهشون لِڪل رهن ٿيون. ممتا
لڪل رهي ٿي، سو انهن جا دُک سهڻ لاءِ پنهنجو گهڻو
ڪجهه وڃائي ويهندي آهي. هوءَ به انهن مان هئي.
”شاديءَ کان پوءِ مان پنهنجي ڀيڻ کي نه ڏٺو آهي.
هوءَ الائي ڪيئن هوندي.
ٻڌو هيم ته ڏاڍي بيمار ٿي پيئي آهي.“
هو ڳالهائيندو رهيو، ڄڻ لفظ هن لاءِ وڏو سهارو
بنجي ويا هئا.
”ڀيڻ جي شاديءَ کان پوءِ سوچيو هيم ته مان ڪڏهن
اها زندگي نه قبوليندس. اسان مردن کي عورت جي پرک
ناهي. تڏهن شادي کان پوءِ يا ته عورت آڏو مجبور ٿي
پوندا آهيون، يا وري ڪمزوري سمجهي دکن جي ڇايا سان
هن جي صورت کي ئي ڌنڌلو ڪري ڇڏيندا آهيون. اسان
الائي ڪيئن آهيون.“
ڪجهه ترسي چيائين:
”هاڻي جڏهن سيما سان ملندو آهيان ته هن ۾ انهن سڀن
جي محبت ڳوليندو آهيان، جيڪي مون کان تمام گهڻو
پري آهن. جنهن لاءِ سوچيندو به نه هوس، اڄ ان آڏو
مجبور ٿي پيو آهيان، ائين ڇو ٿيو!“
”پيار ۾ وڏي شڪتي آهي يوسف ـــ ڪهڙي به روپ ۾ هجي،
انسان کي ڏاڍو ڪمزور ٿو ڪري ڇڏي. شل تون ۽ سيما
جيون ساٿي بنجي اوچي عرش جي پريت ماڻيو.“
جيون ۾ اهي ڏينهن ايندا آهن ته من ڏاڍو شانت ٿي
ويندو آهي، ڏکن جي پيڙا گهٽ ٿي ويندي آهي. اکين جي
آلاڻ ۾ سونهري رنگ ڀرجي ويندا آهن. پر جڏهن اهي
رنگ کسجي ويندا آهن ته جيوت جي جوت جهڪي ٿي ويندي
آهي.
پنهنجي ڳالهه جي مڃتا لاءِ جڏهن هو اسان کان ڌار
ٿي ويو هو ته ڪيترا ڏينهن مان اڪيلو ئي سيما ڏانهن
ويندو رهيس. هوءَ ڏاڍي اُجهاڻل هوندي هئي، پر هڪ
آشا جو ديپ هن جي اکين ۾ ٻرندڙ نظر ايندو هو ته اڄ
جي انڌڪار مان ڪيڏا ديپ روشن ٿيندا، جن جي روشني
ڪڏهن به نه مرندي. پر هو پنهنجي من جي انڌڪار ۾ ڪو
ديپ روشن ڪري نه سگهيو. ورهين جو پيار ۽ سڪ لمحن ۾
ڇڄي پوي ته جيون ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
هو موٽي آيو، پر لفظ هن جي نصيب جو فيصلو بنجي ويا
هئا. جڏهن سيما جن وٽ ويس ته سندس ماءُ کي ڏاڍو
خوش ڀانيم. چيائين:
”يوسف ڄڻ منهنجو پيٽ ڄائو هو جنهن منهنجي ڌيءَ کي
پيءُ ۽ ڀاءُ جو پيار ڏيئي پرديس اُماڻيو. ڌيئرون
پرائو ڌنُ هونديون آهن پٽ ـــ ڪيستائين ماءُ ـــ
پيءُ جي در جي چانئٺ چمنديون.“
ڪي ترسي چيائين:
”هو ڪيڏن ڏينهن کان آيو ناهي. ڀيڻ جو ڏک هوندس نه.
چئجانس ته امڙ جي سار لهڻ ايندو ڪر.“
ويچاريم، هاڻي هن لاءِ جيون ۾ ڇا رکيو آهي. ڪنهن
جي ڪاڻ هو اچي. آسائتا مَن موٽ ۾ ڇا ڏيندا آهن.
ڪير ٻڌائيندو! ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته جنهن کي هن ڀيڻ
چئي اُماڻيو، سا ته هن جي جيون ساٿي هئي. پر سيما
جون پوڙهيون نظرون شايد انهيءَ جذبي کي سڃاڻي نه
سگهيون، جنهن جي فيصلي آڏو هوءَ به ڪجهه ڪُڇي ڪين
سگهي. جيوت جي جوت ته جهڪي ٿي وڃي، پر اوجل جذبن
جي اوجر ڪڏهن مات نه ٿيندي آهي.
هو هليو ويو، بنا موڪلائي. ڀانئجي پيو، سڀ آواز هن
سان گڏ هليا ويا هجن. هڪ ڏينهن ڪيڏن ڏينهن کان
پوءِ هن جو خط آيو. جيون جا سڀ دک هڪ ننڍڙي ڪاڳر
تي ڀيٽي ڇڏيا هئين. پر منهنجي من جي تمنائن جي هن
کي ڪهڙي ڪل، ته منهنجي رَتنا به مون کان ائين ئي
وڇڙي ويئي هئي.!
رضيه کوکر
ديسي سيڻ ڪجن...
ڪمري جون سڀ بتيون بند هيون. پڙدا هوا جي زور سان
هيڏي هوڏي اُڏامي رهيا هئا. هوا ائين سيٽيون
وڄائيندي اندر اچي رهي هئي، ڄڻ ٻاهر ڪو وڏو طوفان
آيل هو.
پر طوفان ته دراصل فهمد جي اندر ۾ آيل هو. هن جي
ڪَنن ۾ هوا جا آواز ائين لڳي رهيا هئا، ڄڻ ته پري
ڪو چنگ وڄائي رهيو هو ۽ سِرن مان هي آواز آُڀري
رهيا هئا ”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.“
ايڏي هوا ۾ به فهد پنهنجي ئي پگهر ۾ ٻُڏي ۽ تَري
رهيو هو ۽ سوچي رهيو هو ته سنڌ جي سردار شاهه
ڀٽائي اسان تي ڪيئي صديون اڳ ۾ اهو انڪشاف ڪري
ڇڏيو هو ۽ خبردار ڪري ويو هو ته پنهنجن پکن ۾ خوش
رهجو، پر پرديسين جي پريت کان پاسو ڪجو. ڇو جو اهي
جڏهن توهان کي ڌوڪي ڏيڻ تي ايندا ته انهن سان گڏ
پنهنجن کي به منهن ڏيکارڻ جي قابل نه هوندؤ.
فهد به جيڪڏهن پنهنجا ڇڏي پراون سان ناتا جوڙڻ جي
ڪوشش نه ڪري ها، ته اڄ ائين تَريون نه مهٽڻيون
پونس ها. پنهنجن هن سان ڪهڙي نيڪي نه ڪئي هئي، جو
هو هنن کي اهي بهرا ڏيئي رهيو هو. سياڻن سچ چيو
آهي ته ”جيڪي ماڻهو پنهنجن کي ڇڏي پراون تي اعتبار
ڪندا آهن، سي هميشہ خطا کائيندا آهن.“ پر ان
معاملي ۾ فهد ته صفا ناڪام ثابت ٿيو هو. پنهنجن
ڪيڏو نه سمجهايو هيس مائٽن جهليس، دوستن روڪيس، پر
اها ڳالهه هن جي پِتي تي ئي ڪونه پيئي، ۽ آخرڪار
اهڙو انجام ٿيس، جو اچي منهن لڪائي پنهنجي ڪمري ۾
قيد ٿي ويهي رهيو هو.
ڪجهه ماڻهو احساس ڪمتريءَ ۾ اهڙا ته ڦاٿل هوندا
آهن جو پنهنجي محسن تي ئي ڪهاڙي کڻي بيهڻ لڳندا
آهن ۽ انهن کي ائين ڪندي ڪوبه شرم محسوس ڪونه
ٿيندو آهي. پر ان مهل شايد خبر ئي ڪانه پوندي اٿن،
ته ڪو اهو ڪهاڙو سندن ئي پير تي لڳڻ وارو آهي.
فهد به انهن ئي ماڻهن مان هڪ، جيڪي پراون درن تي
پلي وڏا ٿيندا آهن ۽ سڄي ڄمار ٻين تي بار هوندا.
هن جا ماءُ ـــ پيءُ ننڍي هوندي ئي مري ويا هئا ۽
هن جي پرورش سندس چاچي ڪئي، جو هڪ معزز شخص هو.
سڄي زندگي هن جيڪو چاهيو، اهو چاچي هن کي ميسر ڪري
ڏنو ۽ چاچيءَ به وسئون ڪونه گهٽايو. پر تڏهن به هو
الائي ڇو پاڻ کي انهن جي گهر جو فرد نه سمجهندو
هو. هنن جي ٻارن سان مٿئين دل سان ته ڳالهائيندو
ٻولهائيندو هو ۽ گڏجي رهندو هو، پر اندر ۾ ڏاڍو
ساڙ ۽ جل هوندو هيس. خاص طور سان چاچي جي ڌيءَ
رميسا، جيڪا عمر ۾ هن کان ٽي ـــ چار سال ننڍي هئي
سا ته اصل ڪونه وڻندي هيس. ۽ جڏهن هن کي ايم ـــ
بي ــ بي ــ ايس ۾ داخلا ملي ته هن کي ويتر باهه
وٺي ويئي، ڇو ته ٽي چار سال اڳي هن کي مارڪن گهٽ
هئڻ سبب داخلا ڪانه ملي هئي.
اڄڪلهه ايم ـــ اي پاس وارن کي پڇي ڪير ٿو؟ پر
تڏهن به هن کي چاچي چئو آک ڪري هڪڙي سٺي نوڪري وٺي
ڏني هئي ۽ هن کي پنهنجي گهر ۾ بالڪل پنهنجي ڀاتيءَ
وانگر جاءِ ڏني هئائين. ان کان وڌيڪ هن تي ٻيو
احسان ڇا ڪري ها، جو پنهنجي پياري ڌيءَ رميسا جو
مڱڻو به هن سان ننڍي هوندي ئي ڪري ڇڏيو هئائين ۽
ارادو هيس ته جيئن ئي ڌيءَ آخري سال جو امتحان پاس
ڪندي ته فهد جي ساڻس شادي به ڪري ڇڏيندس.
هوڏانهن وري سندس ڀائيٽيو جڏهن پنهنجن پيرن ڀر ٿيو
ته اهي خيال سوچڻ لڳو ته ڪهڙي نموني رميسا کي شڪست
ڏيان ۽ هن جي بيعزتي ڪيان. پنهنجي عقل ۽ سوچ مطابق
هن جو اهو خيال هو ته هن کي جيڪو مقام اڄ حاصل
آهي، تنهن جي هوءَ ڪنهن به طرح سان لائق نه آهي.
پر رميسا ته اهڙن ۽ ان جهڙن ماڻهن کي خاطر ۾ ئي نه
آڻيندي هئي. هن کي ته ننڍي هوندي کان ئي فهد جون
عادتون ۽ ڳالهيون بالڪل پسند نه هونديون هيون.
هوءَ پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ته لائق هئي ئي، پر ڏسڻ جي به
ڏاڍي سٺي هئي. ويتر وري پيءُ جي وڏي مرتبي ڪري
هوءَ پاڻ کي رزرو رکندي هئي ۽ هر ڪنهن کي لفٽ ڪونه
ڏيندي هئي. هروڀرو مغرور به ڪونه هئي، بس چڱي هئي.
جڏهن کان وٺي فهد جي چاچي هن سان شاديءَ جي ڳالهه
چوري هئي، تڏهن کان وٺي هن پنهنجي آفيس جي
سيڪريٽريءَ سان وڌيڪ فري ٿيڻ شروع ڪيو. جڏهن رميسا
جي رزلٽ به نڪري ويئي ۽ چاچي جو اصرار به وڌڻ لڳو
ته پوءِ هڪڙي ڏينهن هن صاف صاف پنهنجي چاچي کي چئي
ڇڏيو ”مان توهان جي ڌيءَ سان شادي نه ڪندس.“ اها
ڳالهه جڏهن رميسا جي ڪن پيئي ته هن کي ته اصل باهه
وٺي ويئي ۽ رميسا جي ماءُ ته هن جي پيءُ سان اهڙي
جُٺ ڪئي جو اصل ٺپ ئي ٺاري ڇڏيائينس. چوڻ لڳس ته:
”ڏس تو پنهنجي نياڻيءَ تي نالو به رکيو ۽ هن ٽَڪي
جي ڇوري تنهنجو اهڙو مان ڪرايو. تنهن کؤن ته هاڻي
وڃي ٻُڏي مَر اهڙي جيئڻ کؤن.“
هوڏانهن رميسا کي به پيءُ کان نفرت ٿي ويئي. چئي:
”تو سڄي زندگي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ ڀانئيس.
هميشہ پنهنجن کي ڇڏي پراون جو مان رکيو، جنهن جنهن
سان نيڪي ڪيئه، تنهن تنهنجو اهو مان رکيو. ٻين کي
ته کڻي ڇڏ، پر تون فهد تي ته خاص طور تي مهربان
هوندو هئين. هو توکي جيڪو ڪجهه چوندو هو سو تنهنجي
لاءِ ڄڻ پٿر تي ليڪ مثل هوندو هو. تو پنهنجن ٻچن
کئون کسي، ان کي ڏنو، تنهن ئي اڄ توکي زماني ۾ ڪنڌ
کڻڻ جهڙو به نه ڇڏيو. مون کي ته اڳيئي اهو اصل
ڪونه وڻندو هو. پر تنهنجي سوچن جو خيال اچي ويندو
هو، تنهنڪري چپ هوندي هيس. ڪلهه جيڪڏهن مان انڪار
ڪيان ها ته تون گهر ۾ الائي ڪيڏي قيامت برپا ڪري
ڇڏين ها. پر هاڻي ته توکي الائي ڪهڙي چپ وٺي ويئي
آهي. مئي کي مون سان ته الائي ڪهڙو ساڙ هوندو هو.
جڏهن تو مون کي ڪار وٺي ڏني هئي، ته اهڙو ته جل
وٺي ويو هيس جو اسان جو گهر ئي ڇڏي هليو ويو هو.“
هوڏانهن فهد به پنهنجي دل ۾ سوچيو ته متان اچي
چاچو ايلاز منٿون ڪري. سو هن پنهنجي بدلي ٻئي شهر
ڪرائي ڇڏي، ته جيئن رميسا جي بيعزتي به ڪريان،
پنهنجي سيڪريٽريءَ سان شادي به ڪري سگهان. ٻن ـــ
ٽن مهينن کان پوءِ ٻڌائين ته رميسا جي هڪڙي
انجنيئر سان شادي ٿي رهي آهي. اهو ٻڌي جو پنهنجي
سيڪريٽريءَ سان شادي ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. جڏهن
سندس اها مرضي دوستن ۽ مائٽن ٻڌي ته سڀني هن کي
سمجهايو: ”ميان هوش ڪر، پاڻ تي اهو ڪهڙو پيو ظلم
ڪرين! نه هن جي خاندان جي توکي خبر نه اصليت جي
ڄاڻ، هروڀرو غيرن سان رشتا ناتا ٿورئي ڳنڍبا آهن.
اجايو انهيءَ هوڏ کي ڇڏ، هاڻي به اسان جي مڃ ۽ وڃي
چاچي کان معافي وٺ.“ پر هن جي دل تي ڪوبه اثر نه
پيو.
هڪڙي ڏينهن تيار ٿي پنهنجي پراڻي سيڪريٽريءَ وٽ
ويو ۽ وڃي هن کي شاديءَ لاءِ چيائين. پهرين ته
انهيءَ به نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر جڏهن ڏٺائين ته
هو ائين ڪونه مڙندو، تڏهن چوڻ لڳس: ”جڏهن تون
منهنجو باس هوندو هئين ته مان توکي خوش رکندي هيس،
هاڻي ڪو ٻيو منهنجو باس آهي ۽ ان کي خوش رکڻ
منهنجو فرض آهي. مهرباني ڪري هتان هليا وڃو.“
فهد پنهنجي وجود کي پراڻي سيڪريٽريءَ جي لفظن جي
برف هيٺيان دٻجندي ڀانيو. فهد جهرندڙ جيءَ سان وک
وک آفيس کان ٻاهر نڪري آيو ۽ گوڙ ڀريل روڊ تي بيهي
سوچڻ لڳو، ’مون جنهن کي منزل سمجهيو هو، سو ته رڻ
جو سراب هو. منزل ته مان گهڻو اڳي پُٺ تي ڇڏي چڪو
آهيان.‘ پوءِ هن کي ائين لڳو، ڄڻ هو هن مصروف
شاهراه تي ماڻهن جي هجوم ۾ پنهنجون سڀ سڃاڻپون
وڃائي ويٺو آهي.
نسرين جوڻيجو
آئيڊيل
هوءَ بيحد حسين ۽ وڻندڙ هئي، ڪنهن گلاب جي ٽڙندڙ
گل جيان، سندس حسن جي عظمت اُتم هئي، ڪنهن ديويءَ
جيان. سندس ڪاريون ڪجليون اکڙيون خوبصورت هيون،
ڪنهن هرڻيءَ جي اکين جيان.
سندس خوبصورت گلابي ڳلن تي سدائين سرخي ڇانيل
هوندي هئي، شفق جيان ۽ هن جا گلاب جي پنکڙين جهڙا
نازڪ چپ هميشہ مرڪندا ئي رهندا هئا.
هوءَ هڪ شاعره هئي. جڏهن به نيري اُڀ تي ڪڪر
ڪارونڀار ڪري مڙي ايندا هئا، ۽ مينهن جي ڦُڙ ڦُڙ
چِيڪي مِٽيءَ مان سرهاڻ ڪڍندي هئي، تڏهن شعر هن جي
لبن تي رقص ڪري ڪاڳر تي ٽپڻ لڳندا هئا ۽...
انهيءَ ئي گهڙيءَ هوءَ هڪ هٿ سان قلم ڏندن ۾
جهلي، ٻئي هٿ جو رحل ٺاهي کاڏي ان تي رکي ڪجهه
سوچڻ لڳندي هئي.
هوءَ ڇا سوچيندي هئي؟ شايد پنهنجي آئيڊيل متعلق...
سندس آئيڊيل به ته سندس وانگر ئي حسين هئو.
خوبصورت هو. نيرين اکين ۽ سونهري گهنڊيدار وارن
وارو شاعر، جيڪو هن جي من مندر جو ديوتا هو...
جيڪو سندس تخيل جي دنيا جو مالڪ هو.
سندس سونهري وارن جي هڪ پريشان ۽ آواره چڳ هميشہ
نرڙ کي چمندي رهندي هئي ۽ هوءَ خيالن ئي خيالن ۾
نهايت پيار ۽ عقيدت وچان اها چڳ نرڙ تان هٽائيندي
هئي، ۽ پوءِ سپنن ۾ به هن کي اهائي چڳ نظر ايندي
هئي.. ڪشادي پيشانيءَ تي وري ايندڙ سونهري وارن جي
آواره چڳ. شايد کيس پنهنجي آئيڊيل کان وڌيڪ، وارن
جي ان آواره. چڳ سان پيار هو. آخر هڪ ڏينهن خوابن
حقيقت جو روپ ورتو، هن کي هڪ مشاعري ۾ غزل پڙهڻ
لاءِ وڃڻو پيو. اڃا هوءَ هِتان هُتان جي ڳالهين ۾
ئي رُڌل هئي ته اعلان ٿيو ته: ”هاڻي ملڪ جو مايه
ناز شاعر بادل اوهان کي پنهنجو ڪلام ٻڌائيندو.“
اعلان ٻڌي، هن هڪدم اسٽيج ڏانهن نهاريو. پر ان ئي
پل سپنن کي ساڀيان ٿيندي ڏٺائين ته اعتبار نه آيس.
اسٽيج تي سندس آئيڊيل، نيرن نيڻن ۽ سونهري وارن
وارو بادل پنهنجا شعر پڙهي رهيو هو.
هوءَ حيران ٿي وئي. هن کي پنهنجا اڳوڻا هڙئي شعر
ڦِڪا ۽ ٻُسا محسوس ٿيا. هن کي ائين لڳو ڄڻ سندس
ذهن جي ڪاوش، سوچ جو سوزمن جي پيڙا سڀڪجهه رلجي
ملجي بادل ٺهي پيو هجي. ڄڻ هيءُ سندس سڀ کان
خوبصورت شعر هجي.
دل چيس ”وڃي سندس وارن کي نرڙ تان پري ڪري.“ دماغ
چيس ”چري، اهو ڇا ٿي سوچين، ايڏي پيهه ۾ ڪنهن
ڌارئي مڙد جي وارن ۾ هٿ وجهندينءَ، توبهه توبهه“ ۽
انهيءَ ئي گهڙيءَ هوءَ پنهنجو پاڻ کان شرمائجي
وئي.
هوءَ سوچي رهي هئي ۽ بادل هڪ ٽڪ سندس چهري جي
زنجيرن کي پڙهي ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
هن جي خوبصورت لڄاري انداز ۾ مرگهه نيڻ بادل کي
گهائل ڪري وڌو ۽ ٻئي ڏينهن هو سندس مائٽن وٽ ڪجهه
گهرڻ ويو.
آخر... تقدير هڪ ڀيرو وري مهربان ٿي، فضائن ۾
شرنائين جي مڌر موسيقيءَ پنهنجو رنگ ڄمايو ۽ هوءَ
هميشہ لاءِ بادل جي ٿي وئي.
انهيءَ ڏينهن هوءَ پاڻ کي ضبط ڪري نه سگهي. حجاب
جي پردن جي لهڻ کان پوءِ هن جا هٿ ڪنهن ديرينه
جذبي جي تڪميل لاءِ بادل جي نرڙ طرف وڌيا، پر ٻيءَ
گهڙيءَ ئي فضا ۾ هڪ هانءُ ڏاريندڙ پڙلاءُ ٿيو ۽
هوءَ هيٺ ڪِري پئي.
ويچارو بادل... ڪجهه حيران، ڪجهه پريشان ڪجهه به
ته سمجهي نه سگهيو. هُنَ هڪ نظر هن ڏانهن ڏٺو ۽
پوءِ فرش تي پيل سونهري گهنڊيدار وارن واري وِگ
کڻي پنهنجي ٺوڙهي ٽڪڻ تي ڄمائي ڇڏيائين.
فرينڪ رابنسن
(سائنسي ڪهاڻي)
سنڌيڪار: شمس الدين عرساڻي
جي مارڳ منجهه مئا
اسان پاڻ ۾ هٿ ملايو: هڪ منٽ تائين هڪٻئي جو هٿ
جهليو بيٺا رهياسين. پوءِ مارڪ موڪلائي، راڪيٽ
ڏانهن هليو ويو. چؤطرف چانڊوڪي ڦهليل هئي. مون دل
۾ چيو ته مارڪ ڏاڍو ڊنل آهي، پر پنهنجي ڊپ کي ظاهر
ٿيڻ نٿو ڏئي.
هو پري هليو ويو هو ۽ ننڍڙو ڏيکائي ڏئي رهيو هو.
پوءِ هو راڪيٽ جي چؤگرد گڏ ٿيل مسترين ۽ سامان جي
ٽرڪن ۾ گم ٿي ويو. راڪيٽ هڪ چمڪيلي نيزي وانگر،
نوڪ سان تارن ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو. چوڏهينءَ
جو چنڊ هو ۽ صحرا جي گهري خاموشي پري پري تائين
پکڙيل هئي. مون کي اوچتو سردي محسوس ٿي. رات جو
ٿڌي هوا جو جهونڪو چرڻ لڳو هو. مون سوچيو ته هاڻ
ته مارڪ راڪيٽ ۾ ويهي رهيو هوندو. پوءِ پنهنجي
آفيس ڏانهن وڃڻ لڳس.
ڪمري ۾ قدم رکندي ئي سارجنٽ روڊني مون ڏانهن مڙيو.
هن جي پيشانيءَ تان پگهر ڳڙي رهيو هو. ”ميجر! هنن
ماڻهن سان اوهان ئي سمجهو. صاحبو ڪجهه ماٺ ڪري
بيهو! ميجر صاحب اوهان سان ڳالهيون ڪندو.“
ڏسان ڇا ٿو ته، جنهن ڪمري ۾ ڇهن ماڻهن جي بيهڻ جي
جاءِ هئي. اُتي ٻه درجن رپورٽر ڳاهٽ ٿيل آهن آئون
ڏاڍو گهٻرايس، ڇو ته ڪمري ۾ ريڊيو ۽ راڊر جو تمام
نازڪ سامان گڏ ٿيل هو ۽ ٿوري به ضرب لڳڻ سان خراب
ٿي سگهيو ٿي. ايتري ۾ هڪ رپورٽر پڇيو: ” ميجر صاحب
هن راڪيٽ جي اُڏام سان اوهان جي ڪهڙو تعلق آهي ۽
سارو ساز وسامان ڪمري ۾ ڇو گڏ ڪيل آهي؟“
”اهي ڳالهيون ته اوهان کي تعلقات عامه جي کاتي مان
به معلوم ٿي سگهن ها“ مون چيو ”بهرحال ٿوري ۾
اوهان ائين کڻي سمجهيو ته هنن اوزارن جي مدد سان
سمورو وقت اسان راڪيٽ سان رابطو قائم رکنداسين.
”يعني ته توهان سڄو وقت پائلٽ سان ڳالهيون ڪري
سگهندا. تمام سٺو!“ تمام سٺو!“ هڪ ٿلهيءَ عورت خوش
ٿيندي چيو. هڪ ٻيو نامه نگار اُڇل کائي چوڻ لڳو:
”چڱو سائين، پائلٽ متعلق ڪجهه ته ٻڌايو“ وچ ۾ وري
ٻئي شخص ڳالهايو. ”پائلٽ فوج جو ماڻهو ته آهيئي
ڪونه پنهنجو ڪم ته صحيح طرح ڪري سگهندو.“
اهي سوال ٻڌي مان چِڙي پيس. ”اهي ڳالهيون اوهان
تعلقات عامه کاتي مان ڇو نه معلوم ڪري ورتيون؟
هاڻي ٿورو وقت رهجي ويو آهي، مان بس رڳو ايترو
ٻڌائي سگهان ٿو ته...“
ميدان ۾ هر هنڌ لڳل لائوڊ اسپيڪرن مان ايندڙ آواز
منهنجي جند ڇڏائي: ”راڪيٽ ڇُٽڻ ۾ هاڻ ڏهه منٽ رهجي
ويا آهن. سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي مقرر جاين تي
پهچي وڃن.... راڪيٽ ڇُٽڻ ۾ هاڻ... |