سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :2

2ـــ ڪهاڻيون

1. ٽئين دنيا                _ امر جليل

2. ڳالهه وئي وسري         _ انيس انصاري

3. وڃايل راهون                    _ ملڪ آگاڻي

4. لاشي جي ڊوڙ           _ واجد

5. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه   _ محمود مغل

6. آڪهه سوڌو گم         _ روشن علي تُنيو

7. ڪي ڏور به اوڏا سپرين   _ ڪوثر ميمڻ

8. ديسي سيڻ ڪجن              _ رضيه کوکر

9. آئيڊيل                  _ نسرين جوڻيجو

10. جي مارڳ منجهه مئا          _ فرينڪ رابنسن

سنڌيڪار: شمس الدين عرساڻي

11. ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ       _ غلام رسول پرهياڙ

12. ممي نه هجي ته... سروج ترودي _ سنڌيڪار: ولي رام ولڀ

3ـــ مقالا

1. سنڌ جو عطار حضرت آشڪار

_ علامہ مصطفيٰ قاسمي

2. تورڪيءَ جو قديم تاريخي قبرستان   

_ قريشي حامد علي خانائي

3. سنڌي ديني عالم       

_ پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻي

4. ريڊيو ڊراما                     _ مراد علي مرزا

5. ادبي اُهڃاڻ                     _ ڊاڪٽر نواز علي شوق

6. فلسطيني شاعر محمود درويش _ ولي رام ولڀ

7. سنڌي غزل                     _ ڊاڪٽر اياز قادري

8. هيوسانگ جو برصغير ۾ سير سفر    _ ابراهيم خشڪ

-- ادبي خبر نامو

ڊاڪٽر انيمري شمل جي حيدرآباد ۾ آجيان _ نفيس احمد شيخ

 

شاعري

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ڪافي

(روپ ڀيروين – تار دادرو)

او منهنجي پيار وارا!

او منهنجي پيار وارا!

مون ڏي سڄڻ نهاريئي، پهرين نظر سان ماريئي، ڄڻ مئي جو جام پياريئي،

اوّل پري بهاريئي، ڳڻتين ۾ خوب ڳاريئي، پو دل اندر وهاريئي،

۽ قرب ۾ قراريئي، سهڻا سڄڻ سچارا،

او منهنجي پيار وارا!

توتي نظر جا پيئي، دلڙي هٿن مان ويئي، گذري ويا ڏينهن ڪيئي،

چاهيم ته پاڻُ نيئي، توکي اچان مان ڏيئي، ڳالهيون ڳڻيم سڀيئي،

پوريون ٿيون مڙيئي، محبوب من موچارا،

او منهنجي پيار وارا!

اي دل جا يار جاني! منٺار ساهه ثاني! دل درد ڪئي ديواني،

هي نينهن جي نيشاني، ڪئي قرب ڪامراني! ورتيئي جا ميهماني،

ڪر ڪين بدگماني، منهنجي اکين جا تارا!

او منهنجي پيار وارا!

سهڻا! هجين سلامت، تنهنجي ڪيم اطاعت، ٿيو عشق ئي عبادت،

هي قرب جي ڪرامت، محڪم رهي محبت، جا تو ڪئي عنايت،

سو تنهنجو شان شوڪت، اي جاني جيءَ جيارا!

او منهنجي پيار وارا!

اڄ يار عيد آهي، ڏاڍي سعيد آهي، محبت! مزيد آهي،

شوقئون شديد آهي، حاصل ٿي ديد آهي، هڪ خوش نويد آهي،

قربي ڪليد آهي، طالب جي دل جا دارا!

او منهنجي پيار وارا!

ڪافي

(روپ تلنگ – ٽيڪو تين تال)

عشق ته لا مذهب،

پوءِ به رهي ٿو هر مذهب ۾.

ڪونه ڏکوئي ڪنهن دل کي، ڪونه ڪري ڪو غضب.

شاهَنِ تي به ٿو حڪم هلائي، عالي اٿس منصب.

حَنفي مالڪي حنبلي وغيره، هرڪو کائي عجب.

طالبَ مولا عشق سيکاري، اعليٰ، خوب ادب.

ڪافي

(روپ کنڀات – تار ڪلواڙو)

تنهنجي لَکن جي لوڏ،

هرهر ماريو مشتاقن کي.

بيگانن جِي جانب جِيءُ کان، ٻهڳڻ تنهنجا ٻوڏ.

لاکيڻا ڪو لطف ڪجائين، اسين سندءِ ڄڻ اوڏ.

دمدم دلبر موهيو موهِن، تنهنجا لاڏ ۽ ڪوڏ.

طالب مولا وٽ نه اچڻ جي، حاڪم ڇڏ تون هوڏ.

تنوير عباسي

هونءَ ته جَلوَن جي ٿو هردم جوت جلائي آئينو،

پنهنجي ليکي هڪڙو ڀي ڪِرڻو نه اُپائي آئينو.

سڀني حسينن جي اکين سان اکيون ملائي آئينو،

جي هو شرمائن ٿا، خود ڀي ٿو شرمائي آئينو.

هر ڪنهن جي اوگهڙ کي ٿو هو ان جي آڏو پيش ڪري،

سڀ ڪجهه اڳيان آڻي رکي ٿو، ڪجهه نه لڪائي آئينو.

ميڪ اپ وقت ٿو رنگ روپ جو جادو لائي آئينو،

رات جو اوندهه ۾ ٿو انڌن جان پڇتائي آئينو.

ڳالهائڻ واري جي آڏو هردم هي آهي گونگو،

چپ ڀي چوري ٿو، پر ڪين سگهي ڳالهائي آئينو.

شيش محل ۾ هڪ ڏيئي سان جڳ مڳ لائي آئينو،

چمڪڻ واريءَ شيءِ کي تيئن ئي وڌ چمڪائي آئينو.

نه ڪي بيت مون وٽ نه ڪي آيتون،

رڳو پيار ۽ پيار جون ساعتون.

رهياسون سڄي عمر معصوم ته به،

اسان تي لڳيون عشق جون تهمون.

نه ڪي صورتون ۽ نه ڪي مورتون،

نه ڪي خلوتون ۽ نه ڪي جلوتون.

اسان طورسينا اکين ۾ رکيو،

نگاهن کي ٻيون ڪي ڏيو دعوتون.

اوهان چپ ڪري دل ۾ ويهي رهيؤ،

۽ هر هنڌ اوهان کي سڏيندا وتون.

اسان جي محبت جي آڏو ڪڏهن،

نه رهنديون اُهي نفرتون نفرتون.

۽ مانجهاندڙين جان سندءِ قامتون.

بردو سنڌي

گيت

منهنجي روح جا راڻا، مون وٽ رات رهي وڃ.

مون وٽ رات رهي وڃ، سائين! منهنجي سار لهي وڃ.

لڇندي ڪسندي رات گذاريان،

تنهنجي راهه ۾ اکيون ٻاريان،

آس جا ديپ اُجھاڻا، مون وٽ رات رهي وڃ.

ويندي ويندي ڪَرڪيون ڪونجون،

ويتر وڌ ٿيون مَنَ ۾ مونجهون،

ڪورا ڪنول ڪُماڻا، مون وٽ رات رهي وڃ.

ڏنگ ڏکن جا جيءُ جلائن،

اکيون سانوڻ وانگ وسائن،

لاکا، لڙڪن داڻا، مون وٽ رات رهي وڃ.

هجر جا هاڃا، سوز سوايا،

ڇُلڪيا سي مون پاندَ ۾ پايا،

درد نه دل ۾ ماڻا، مون وٽ رات رهي وڃ.

تنهنجون جايون جيءَ ۾ جاني،

سانڍيم سمجهي نينهن نشاني،

هنڌ، اجهي تو هاڻا، مون وٽ رات رهي وڃ.

چاهه جي چيڙهي ڳنڍ نه کلندي،

قرب جي ڪاڪ ڪَپر کان ڇُلندي،

ڀِڄندا ڦاڪ ۽ ٿاڻا، مون وٽ رات رهي وڃ.

مون وٽ ڏانءُ نه ڏاهپ، ’بردا‘،

ريت پريت، رُسامون آ ڇا؟

آءٌ غريب، نه ڄاڻا، مون وٽ رات رهي وڃ.

 

ذوالفقار راشدي                       (آزاد نظم)

ساندهه شڪ جو عذاب

يقين جيڪڏهن اچي

ته اي مري وڃڻ وارؤ!

مُئي پُڄاڻان ڀي مون کي

پيار سان ملي سگهندؤ،

ته مان اوهان سان گڏ رهي،

گوڏي ـــ گڏ ويهي سگهندس،

۽ اوهان جي سيني تي

ڪنڌ رکي روئي سگهندس،

ته مان هينئر ئي هيءُ سڀ

اِتي هِتي ڦٽي ڪري،

مري وڃڻ جي واسطي

تيار ٿي وڃان جيڪر،

اڙي وڇوڙيل يارؤ،

اچي جي دل کي اعتبار

ته مان اوهان کي جيڪڏهن

ملي سگهان،

ڏسي سگهان،

ته مون کي منهنجي موٽ ۾

اُها نهار ڀي ملي،

ته ساڳيو پيار پئي پلئه

ساڳيو جذبو،

ساڳي پنهنجائپ،

ساڳي قربت ۽ ساڳي گهُّر هاڻي

مون کي آڇي سگهو ٻيهر،

ته مان اُنهيءَ دم ئي،

هڪ تکي بي تحاشا ڊوڙ ڀري،

۽ اچي پڄان جيڪر

پنهنجي وڇڙيل، ڇڳل وٿاڻن تي،

اي اڄوڪا ساٿيو!

جيڪڏهن اوهين به اڄ

ڪنهن حسين حيلي سان،

اهاني يا بهاني سان،

پيار ۽ خلوص سان،

مون کي اهڙي پڪ ڏيڻ جي لاءِ پِرسِڌ ٿي سگهو

”(ته اي وياڪل، نراس، نامراد ڪوي!)

اسين ته ساڳيا آهيون

اُهي، جي تنهنجا پنهنجا هئا،

جنم جنم جو هيڻپو،

ازل ابد جي مائٽي

مرڻ ـــ جيئڻ جي سلسلي ۾ ساڻ ساڻ، منسلڪ،

اسان ته اڄ به تنهنجي لئه

ذهن جي سچائين سبب،

دلين جي ويڪراڻ سان،

اٿاهه روح جي عميق،

گهري گهري سمنڊ جي

ڪاري ڪاري آخري،

هيٺ هيٺ تهه منجهان،

توکي آجيان چئي

بهشت پنهنجي هوند جو،

آءٌ، پيش ٿا ڪريون

ته ڀل ته تنهنجون ايتريون ۽ نڌر تمنائون

ڪي ”چار پل سڪون ۽

قرار ڪو لهي سگهن“

(جي وڄائي ناد اهڙو اسرافيل)

ته مان وري اُٿي پوان

ته مان وري جي پوان.

مگر پري پري به ڪو

ترورو به ڪونه آ،

۽ اوهين اچڻ وارؤ!

جڏهن اچو جهان ۾،

ته پنهنجي ڌيان گيان سان

منهنجا پيرا ڳولجو،

ائين نه مون کي رولجو،

۽ منهنجي ڳوري لاش کي

ڏاڍي پيار سان کڻي،

ڪنهين سرنهن جي کيت ۾،

هورڙيان دفن ڪجو،

۽ ائين ڀانئجو

ته ڪونج جهڙي روح وارو رعبدار هي جسم،

پنهنجي وڳرن کان وڇوڙيل،

ڪَرڪَندڙ

ڪا ڪونج هو يا گونج هو

ڪنهن اڻ ٻُڌي آواز جي،

جنهن کي ڪوئي حال ـــ ڀائي، ڪوئي انتر چامي

گڏيو ڪونه ڪو،

۽ نه ڪنهن هن کي ڏٺو ـــ

عين اليقين!

حق اليقين!

سليم ڳاڙهوي

سنڌڙيءَ کي سلام

سنڌڙيءَ جي سرزمين توکي سلام!

اي محبت جي امين توکي سلام!

تنهنجو نقشو، دل جو نقشو، سُوڌ، سُوڌ،

اي دلاور، دل نشين توکي سلام!

سُونهن ۽ سُرهاڻ جي تون کاڻ خاص،

حُسن ۾ ڪامل حَسين توکي سلام!

تو ۾ ڪيئي مہ جبين ۽ نازنين،

مہ جبين اي نازنين توکي سلام

ڏيههُ تون ڏيهن ۾ بيشڪ بي مثال،

بي شمار ۽ بهترين توکي سلام!

نينهن جا تو ۾ وسن ٿا مينهڙا،

سُونهن ۽ سچ جي زمين توکي سلام!

آه هرهڪ دل ۾ تنهنجو احترام،

ٿي ڪري هرهڪ جبين توکي سلام!

موه تنهنجي ۾ مڪان، طالب مڪين،

ٿا چون تنهنجا مڪين توکي سلام!

سنڌڙي اي سنڌڙي تنهنجو ’سليم‘،

ٿو چوي سر ساهه سين توکي سلام!

فيض بخشاپوري

غزل

قاتل شهيدِ تيغ ناز و ادا کي ڳولي،

رحمت بروزِ محشر گلگون قبا کي ڳولي.

زنجير پا چوي ٿو موجِ صبا کي ڳولي،

ڪر تون گره ڪشائي زلفِ دوتا کي ڳولي.

دلِ شيخ، خلد کي ٿي، دل دلربا کي ڳولي،

هر دل ٿي پنهنجي پنهنجي دارون دوا کي ڳولي.

آغازِ زندگي ڇا؟ انجامِ ڪار ڇاهي؟

ڪو ابتدا کي ڳولي، ڪو انتها کي ڳولي.

اِهو نالهء شبانه، اِها آهِ صبح گاهي،

تاثير پُراثر کي، آهِ رسا کي ڳولي.

سجدو ڀي سنگِ در ڀي، سر ڀي ويو آ مٽجي،

هو سنگِ در کي ڳولي، سجده سرا کي ڳولي.

زاهد ريا ۾ حيران، صوفي مڪر ۾ غلطان،

يزدان ٿيو بندگانِ صدق و صفا کي ڳولي.

ساقي ڏي جامِ عرفان رندانِ تشنه لب کي،

ٿو زمره وليٿان آب بقا کي ڳولي.

عاشق جي دل ۾ خواهشِ زلف و نگاهه جي آه،

دارو رسن کي ڳولي، تير قضا کي ڳولي.

اِسلام کي وري آ شبير جي ضرورت،

ابنِ علي کي ڳولي، ٿو ڪربلا کي ڳولي.

حسن و جمال کي آ صيد افگني جي خواهش،

عشقِ نبرد پيشه، تيغ جفا کي ڳولي.

رزقِ فنا ويم ٿي، جور و جفا کان هُن جي،

هو بي وفا ٿو هاڻي اهلِ وفا کي ڳولي.

ڪوئي گناه فرسا محشر ۾ آ فرشتؤ!

ذوقِ عطا ۾ رحمت، اهلِ خطا کي ڳولي.

ڇڏ خُلد جي تمنّا، زاهد خدا خدا ڪر!

هُو ڪوچهء صنم جي آب و هوا کي ڳولي.

يا رب بغير جانان جنت ديارِ ويران،

ٿو ’فيضِ‘ مستِ خسته خيرالوريٰ کي ڳولي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com