سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :13

آواز ٻڌڻ سان سڀ ئي رپورٽر هڪٻئي کي ٿيلهيندا منهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويا. بس هڪڙو ڏٻرو ماڻهو باقي بچيو هو، جنهن موٽي عينڪ اکين تي لڳائي هئي. هن مون ڏانهن هڪ ڪاغذ وڌائيندي چيو: ”ميجر صاحب، آئون ايسوسئيٽيڊ پريس جو نمائندو آهيان. مان هن ڪمري ۾ ويهي خبرن تيار ڪرڻ جي اجازت وٺي چڪو آهيان. منهنجو نالو بولز آهي.“

اهو ٻڌي مون چيو ”چڱو ٻڌ! اوزارن کي نه ڇهجئين ۽ اسان کي تنگ نه ڪجئين. تعاون ڪندين ته فائدي ۾ رهندين. ان کان سواءِ هتي توکي هٿ سان لکڻو پوندو. ٽائيپ رائٽر جي گوڙ سان اسان جي پيغامات ۾ خلل پئجي سگهي ٿو سمجهيوَ؟“

هن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. مون ٽيليويزن هلائي ۽ راڪيٽ نظر اچڻ لڳو. ان وقت هر جڳهه تان هڪڙو ئي پروگرام اچي رهيو هو. هاڻي راڪيٽ جي آسپاس ڪوبه ماڻهو بيٺل نه هو ۽ ان تي چئن ئي طرفن کان روشنايون پکڙي رهيون هيون. مون مارڪ سان رابطو قائم ڪيو. ”مان ريڊيو روم مان ڳالهائي رهيو آهيان ــــ جواب ڏي ـــ ٻڌءِ؟ جواب ڏي ــ“ پوءِ مارڪ جو آواز آيو، جيڪو ڪجهه بي سُرو لڳي رهيو هو: ”هيلو، فرئنڪ، تنهنجو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پيو اچي. وقت ڪيترو ٿيو آهي؟

”ڏهه لڳي ٽيونجاهه منٽ ـــ ’وقت پيما‘ ڇا ٿو ٻڌائي؟“ ”بلڪل. ٺيڪ آهي، فرئنڪ، ٻڌ هاڻي مان آخري دفعو ٿورو اوزارن کي ٺيڪ ڪندس. راڪيٽ ڇُٽڻ کان ڏهه منٽ پوءِ مون کي آواز ڏجئين“ اهو چئي هن سلسلو منقطع ڪري ڇڏيو.

يا ته ڪمرو ڏاڍو گرم هو يا ته وري مون کي ڏاڍي گرمي لڳي رهي هئي. منهنجي قميص بدن سان چنبڙي وئي هئي ۽ ساهه ٻوساٽجي رهيو هو. ڪجهه اهڙي بي چيني طاري هئي، جو سگريٽ جو سرو چٻاڙي ورتم ۽ پوءِ وات ڪَڙو ٿيڻ سبب ٿڪ ٿڪ ڪندو رهيس. ايتري ۾ لائوڊ اسپيڪر ڦاٽون کائڻ لڳو.

”ڌيان سان ٻڌو. راڪيٽ ڇُٽڻ ۾ سٺ سيڪنڊ رهجي ويا آهن. سٺ سيڪنڊ.. جَهلي هٽايو... پنجاهه سيڪنڊ“ ٽيليويزن جي پردي تي جهلي راڪيٽ کي هٽيل نظر آئي ۽ راڪيٽ پنهنجي ٽن ٽنگن تي بيٺل رهجي ويو. ”چاليهه سيڪنڊ... ٽيهه سيڪنڊ“ روڊني جون اکيون ٽيليويزن تي ڄميل هيون. بولز پينسل گهمائيندو رهيو ۽ پوءِ يڪايڪ ان کي کيسي ۾ وجهي، سڌو ويهي رهيو. مان سوچي رهيو هوس ته مارڪ ائين محسوس ڪندو هوندو، ڄڻ ڪنهن جهٽ ۾ ڦاٽندڙ بم تي سوار ٿيو هجي. ”ڏهه... نَوَ... اَٺ.“

مان دم بخود ٽيليويزن ڏانهن ڏسي رهيو هوس. اوچتو راڪيٽ جي عقبي حصي مان شعلو نڪتو، ۽ اهو هڪ لمحي کان باهه جي ٿنڀي تي ٽڪيل نظر آيو ۽ تارن ڀريل آسمان تي هڪ اُبتي مشعل وانگر چڪميو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اها مشعل به تارن ۾ ڪٿي لڪي وئي.

مان خاموشيءَ سان ويٺو اهو سوچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته مارڪ هاڻي ڇا محسوس ڪري رهيو هوندو؟ ڇا مان هڪڙو سوال پڇي سگهان ٿو؟ بولز اوچتو ڳالهايو.

”ڇونه...“ مون جواب ڏنو.

”مان سمجهان ٿو ته، ميجر! هي راڪيٽ چنڊ تي ڪونه لهندو.“ ”اٽڪل ائين آهي. هي راڪيٽ چنڊ جي چؤگرد گهمي واپس اچي ويندو. چنڊ تي لاهڻ جو ڪم اسان آئيندي لاءِ رکيو آهي.“

”چڱو اهو ته ٻڌايو ته ان ۾ ڪيترو عرصو لڳندو؟“

”سفر جو پهريون مرحلو، چوويهن ڪلاڪن ۾ طيءِ ٿيندو. يعني ته سڀاڻي رات جو هن ئي وقت اهو چنڊ جي گهيري ڏانهن مڙڻ شروع ڪندو.“ هو لکندو رهيو ۽ پوءِ کيسي مان هڪ تصوير ڪڍي پڇڻ لڳو ”پائلٽ ته هيءُ ئي آهي نه؟ مون تصوير ڏسندي چيو: ”ها، مگر هي فوٽو ته ٻه سال پراڻو آهي. تو تعلقات عامه جي کاتي مان نئين تصوير ڇو نه وٺي ڇڏي؟“

بولز ڪنڌ لوڏيو ”نه مون کي اها تصوير پسند پيئي.“

اها تصوير اهڙي قسم جي هئي، جهڙيون اڪثر ڪاليج جي رسالن ۾ نظر اينديون آهن. مهانڊي تي الڙپڻو، لسي ۽ صاف چمڙي. چهري جا سنڌا فوٽوگرافر جي هٿان سنواريل هئا ۽ چپن تي پوري پني مسڪراهٽ.

پر ته به هن جون اکيون تمام گهڻو گنڀير ۽ متفڪر هيون، ڄڻ ته سندس مسڪراهٽ کي ڪوڙو ڪري سمجهيو هئائون! ”ميجر صاحب هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟“

ادا، ڇا ٻڌايان! هن جو ڪردار سمجهڻ مشڪل آهي. هو درمياني طبقي سان تعلق رکي ٿو. هاءِ اسڪول ۾ ته هو تمام گهڻو پڙهندو هو. هن کي وظيفو به ملندو هو. پاڙي جا ڇوڪرا ڪاؤبواءِ يا جاسوس بنجڻ جا خواب ڏسندا هئا، ته هو وري سائنسدان بنجڻ جي فڪر ۾ هو. هن جي شخصيت وغيره ڪجهه به ناهي. هن ۾ ڪابه ڪشش ناهي. مون کي پڪ آهي ته اخبارون ۽ پبلڪ هن کي هيرو بنائڻ جي ڪوشش ڪندا نه اجائي جک ماريندا.“

مون اڃا پنهنجي ڳالهه پوري مس ڪئي ته ريڊئي ٽَر ٽَر ڪري ٻوليو ”ڇا تون منهنجو آواز ٻڌي رهيو آهين، فرئنڪ؟ ٻڌي رهيو آهين؟ ڳالهاءِ... ڳالهاءِ...؟ هن جو آواز جهڪو ۽ گهٻرايل هو. مون جلديءَ ۾ جواب ڏنو:

”ها، ها تنهنجو آواز صاف اچي رهيو آهي. تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟“

”ٺيڪ ناهي. دل ڪچي ٿي رهي آهي، جيئن مان ڪنهن غباري ۾ بند هجان ۽ اهو تمام تيزيءَ سان هيٺ ڪري رهيو هجي اکيون بند ٿو ڪريان ته طبيعت اڃان ئي وڌيڪ بگڙندي وڃي ٿي.“ اها ڳالهه ٻڌي منهنجي دل ڪچي ٿيڻ لڳي، مگر مون پاڻ سنڀالي پڇو، ”اوزار ڇا ٿا ٻڌائين؟“

”ٻاونجاهه لک اسي هزار فوٽ اوچائي يعني هڪ هزار ميل. پهرين اسٽيج اجهو هينئر ڌار ٿي آهي. ڪشش ثقل به ساڳي اهڙي آهي. آئون راڪيٽ کي ٿورو ڦيرائيندو وڃان ٿو، جيئن گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو پاسو سج کان بچيل رهي. ڪئمرائون ٺيڪ طرح ڪم ڪري رهيون آهن. هينئر غلطيءَ کان سج جي پاسي واري دري کلي وئي هئي، پچي ڪباب ٿيندي ٿيندي بچيس. هتي ته سج جا ڪرڻا باهه کان گهٽ ڪونهن. جڏهن دنيا تي نظر پوي ٿي ته هوش اڏاميو وڃن. عجب منظر آهي. سارو آمريڪا نظر اچي رهيو آهي، ليڪن هوا جي تَههَ کان ڪجهه اهڙو ته ميٽجي ويو آهي. ڄڻ پاڻيءَ ۾ ٻڏل هجي. ڪٿي ڪٿي ڪڪر به  آهن.“

مون کي وقت ملائڻ جو خيال آيو. مون پڇيو، ”تنهنجي ”وقت پيما“ ۾ گهڻو ٿيو آهي؟“  ”هان! اهو ته ڏسجي ٿو ته بيهي رهيو آهي.“

اهو ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو. وقت پيما ڪا تمام وڏي اهم شيءِ ڪانه هئي، تنهن هوندي به ان کي بيهڻ نه کپندو هو. ان جو خاص خيال ڪيو ويو هو ته اهو بيهي نه رهي. جيڪڏهن اهو بيهي سگهيو ٿي ته پوءِ ڪا ٻي گڙ ٻڙ به ٿي سگهي ٿي.

مون چيو: ”ان کي ٺيڪ ڪري وٺ. يارهن ٽيٽيهه ٿيا آهن.“ پوءِ مون مارڪ جو ڌيان هٽائڻ جي خيال کان گفتگوءَ جو موضوع بدلائي ڇڏيو.

”ڪجهه طبيعت بهتر ٿي؟“ ”نه، ڪجهه حرارت محسوس ٿئي ٿي. مٿي ۾ سور به پئجي چڪو اٿم. هتي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ۾ ڏاڍو مزو ٿو اچي. ڪشش ثقل نه هئڻ ڪري، هيٺائين مٿائين جو ڪوبه وجود ناهي. هوا ۾ ترندو ڦرندو رهان ٿو. چڱو، ٻڌ! هاڻي مان ذرا ڪئمرائن جون فلمون بدلايان ٿو. اٽڪل هڪ ڪلاڪ کان پوءِ وري ملاقات ٿيندي!“

”ٺيڪ آهي، مان هت ئي آهيان.“ مون کيس اطمينان ڏياريو.

روڊنيءَ اسان جي سڄي گفتگو ٽيپ تي رڪارڊ ڪري ورتي هئي.

هوڏانهن بولز پيئڻ لاءِ ڪجهه ڪافي به کڻي آيو. چيائين: ”ميجر، مون سوچيو ته رات تائين جاڳڻو آهي. ٿورو ڪافيءَ جو شغل به ڪجي. ”هاڻي مون کي خبر پئي ته صحافين ۾ ڪجهه خوبيون به ٿين ٿيون.“

اسان ڪافي پيئڻ لڳاسون. بولز کيسي مان مارڪ جي تصوير ڪڍي ۽ غور سان ڏسڻ لڳو. ”سڀاڻي هي شخص هيرو بنجي چڪو هوندو.“ مان اهو ٻڌي چڙي پيس. ”هيرو! هون! اها به ڪا ڳالهه! هن کي هيرو بنجڻ جي ڪابه خواهش ناهي. هو بس هڪڙو اهم ڪم ڪري رهيو آهي. ڪولمبس پنهنجن ٽن پراڻن جهازن سميت داد حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ڪونه ٿيو هو. هن ڪجهه ثابت ڪرڻ چاهيو ٿي. مارڪ به ڪجهه ثابت ڪرڻ چاهي ٿو.“

”چڱو! ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاهي هو؟ ۽ اوهان کي اها ڪيئن خبر پئي ته هو ڪجهه ثابت ڪرڻ چاهي ٿو؟“

”مون کي ان جي اها خبر آهي، جو جيترو چڱيءَ طرح مان هن کي سڃاڻان ٿو، ٻيو ڪوبه کيس نٿو سڃاڻي. باقي اهو ته هو پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو. ته هو ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاهي. ان ڳالهه جي صفائيءَ لاءِ مون وٽ لفظ ڪونهن. خير هو محسوس ڪري ٿو ته انسان کي هڪ ننڍڙي سياري تائين محدود نه رهڻ گهرجي. هو... تارن کي ڇهڻ گهري ٿو.“

کليل دروازي مان سرد هوا جي لهر اندر آئي. ٻاهران واري اڏامي رهي هئي. جَهلي کڻي ويندڙ گاڏيون گڙگڙ ڪنديون لنگهي وڃي رهيون هيون. ائين ئي رات گذرندي رهي. صبح ويجهو پيو. تارا وسامڻ لڳا. مارڪ هاڻي تمام پري پهچي چڪو هو. بولز هڪ دفعو تمام آهستي، ڄڻ ته پنهنجو پاڻ کان پڇيو ته: ”مان حيران آهيان ته هو ڇا سوچي رهيو هوندو!“ مون چيو: ”ها! واقعي!“ مان خود حيران هوس.

پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ مارڪ سان هڪ ڀيرو وري گفتگو ٿي. چوڻ لڳو: ”دٻاءُ ۽ حرارت جو درجو نارمل آهي. رفتار ۽ آڪسيجن جي مقدار ۾ به ڪو فرق ناهي. ڪئميرائون ٺيڪ هلي رهيون آهن، ڪو خاص ڪم ڪرڻو نٿو پوي.“

بولز هڪڙي پرچي منهنجي سامهون رکي، جنهن تي لکيل هو: ”پڇوس ته چنڊ ڪيئن لڳي رهيو آهي؟“ مون پڇيو ته مارڪ جواب ڏنو: ”چنڊ تمام حسين ۽ روشن آهي. ان کان وڌيڪ حسين شيءِ منهنجي نظر مان ڪڏهن به نه گذري. سڀئي ننڍا وڏا ڀاڱا، واديون، جبل، ۽ صحرائون صاف نظر اچي رهيا آهن. هن چيو ته مان هاڻ پنجاهه هزار ميل پري آهيان. منهنجو خيال آهي ته مان رات جو نوين بجي چنڊ جي گهيري ڏانهن مڙڻ شروع ڪندس.“

”تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟“

”پهرين کان بهتر آهي. مٿي ۾ سور ناهي. بس ٿوري سستي آهي ۽...“

هو ماٺ ٿي ويو. مون کي تشويش ٿي، مون چيو: ”ها! ٻيو ڇا؟“

”مان پاڻ کي تنها محسوس ڪري رهيو آهيان. دنيا ۾ ته ٻين جو ساٿ به هوندو آهي. تنهائي کان بچڻ جون سوين تدبيرون هونديون آهن. اسين انسان جلوت پسند ثابت ٿيا آهيون. هتي مون سان اهو حال آهي، جو هينئر مان دنيا کان پنجاهه هزار ميل پري آهيان. پنجاهه هزار ميلن جي ارد گرد ڪوبه ڪونهي. اها اڪيلائي مون کي کائي رهي آهي. اگر توسان ڳالهائڻ جو آسرو نه هجي ته...“

مون جلديءَ ۾ هن جي ڳالهه ڪَٽي ڇڏي. ”مارڪ... مان هتي ئي رهندس. تنهنجي واپسيءَ تائين رات ڏينهن ڄؤر وانگر ريڊيو سان چهٽيو پيو هوندس. ياد رک مارڪ! تون تنها ڪونه آهين. اسين تو سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هتي موجود آهيون، سمجهئي!“

هن هڪ ٻه ڳالهيون ٻيون به ڪيون ۽ پوءِ سلسلو منقطع ٿي ويو. مون کي اهڙيءَ طرح پگهر اچي رهيو هو، جيئن ڪيترائي ميل ڊوڙون پائي آيو هجان. مون بولز کي چيو ”ذرا سوچ ته، هن کي ڇا محسوس ٿي رهيو هوندو؟ چئني طرفن کان انڌيرو ئي انڌيرو، سج ۽ تارا پکڙيل ۽ بس رڳو هڪ آواز جو ساٿ. هڪ آواز جو سهارو جو تمام پري کان اچي رهيو آهي. ڪيڏي نه خطرناڪ تنهائي آهي! بولز ڪنڌ لوڏيو. ”ها! مون کي ته ان جي تصور کان ئي وحشت ٿئي ٿي!“

پوءِ صبح ٿيو. اڏي تي چهل قدمي هئي. بولز ناشتو ڪرڻ ويو ته منهنجي لاءِ چاپون ۽ تريل بيدا وٺي آيو. دل خوش ٿي وئي منهنجي. هڪ اخبار به آندي هوائين، جيڪا مارڪ ۽ راڪيٽ جي خبرن سان ڀري پئي هئي. اسين اخبار پڙهندا رهياسون. مارڪ ڪابه ڳالهه نه ڪئي. منهنجو خيال هو ته ڪجهه دير تائين هو سمهي رهيو آهي. راڪيٽ ته تقريباً خودڪار هو. ان ڪري سمهڻ ۾ ڪوبه خطرو نه هو.

ٻن پهرن جو مارڪ رابطو قائم ڪيو، هن جو آواز سست ۽ مشڪل هو: ”هرڪا چيز نارمل آهي. بس راڪيٽ ۾ گهُٽَ گهڻي آهي. فاصلو آهي هڪ لک پنجهتر هزار ميل. منهنجو خيال آهي ته ٺيڪ وقت تي مڙندس.“

”تنهنجي طبيعت هاڻي ٺيڪ آهي؟“ مون پڇيو، ڪجهه کاڌو به اٿو!؟

”بک ئي ڪانه هيم. رڳو رس پيتو هوم. ويهڻ تي دل پئي چاهي. پگهر تمام گهڻو اچي ٿو پر ڪمبخت وهي ڪونه ٿو. هڪ ٻه ڀيرا مون اُگهي ڇنڊڪ ڏني ته ان جون بوندون هوا ۾ ترڻ  لڳيون. دنيا تمام خوبصورت لڳي رهي آهي، جيئن ڪو گول نيلو فوٽ بال هجي. دنيا کي ڏسي ڏسي، فرينڪ! مون کي تنهنجو ۽ ٻين جو خيال ٿو اچي. تون اندازو نٿو ڪري سگهين ته مان ڪيترو نه تنها آهيان. ائين لڳي ٿو، جيئن ڪو ماڻهو ٽب ۾ ويٺو ڪنهن ناپيد ڪنار واري بحر ۾ لڙهندو ويندو هجي. اگر آئيندي اسان ڪو راڪيٽ موڪليو ته ان تي ٻه ماڻهو ضرور موڪلڻ گهرجن.“

”ڪا ڳالهه هجي ته مون کي ٻڌاءِ؟“

”ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ اڙي ها، مون کي اخبار ته پڙهي ٻڌاءِ. پر بين الاقوامي ۽ سياسي خبرون نه ٻڌاءِ، بلڪ مقامي خبرون، جيئن ته فلاڻي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي زال جو مَٿو ڪوڙي ڇڏيو يا سمگلرن کي سندن معشوقه پڪڙائي ڇڏيو وغيره....“

اسين هن کي اخبار پڙهي ٻڌائيندا رهياسون. ٻه پهر اخبار ٻڌائڻ ۾ گذريا. شام جي وقت اخبار ختم ٿي ته مان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳس. هاڻي مارڪ ايترو ته هيسيل هو، جو ريڊيو کان هٽڻ جو نالو ئي نٿي ورتائين. تنها رهجي وڃڻ جو خوف مٿس بريءَ طرح سوار هو. مان هن لاءِ هڪ آواز ئي سهي، مگر اهو آواز به هن جي همت وڌائي رهيو هو.

خدا خدا ڪري ڏهه پنجونجاهه ٿيا. هاڻي هن جي راڪيٽ کي چنڊ جي گهيري ۾ مڙڻو هو. مارڪ جو آواز اچڻ بند ٿي ويو، ڇو ته چنڊ جي وچ ۾ حائل ٿي وڃڻ کان پوءِ، ڪجهه دير تائين ريڊيو تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي. اڃا چنڊ حائل ته ڪونه ٿيو هو، مگر مارڪ کي هاڻي ڪجهه ڪم ڪرڻو هو، اوزارن کي ڏسڻو وائسڻو هو.

اٽڪل يارهين بجي راڪيٽ ڪاريءَ جو مهتمم ڪرنل جانسن اوچتو ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن جو منهن رنگ رنگ ٿي رهيو هو.

”ڇا ٿيو؟“ مون گهٻرائجي پڇيو.

”ٿيو وري ڇا: آپريشن روم وارا چون ٿا ته راڪيٽ اڃا تائين مڙڻ شروع ڪونه ڪيو آهي. آءٌ مارڪ سان ڳالهائي ڏسان ٿو.“ مون جلديءَ ۾ ٻيو ايئرفون کڻي ورتو. ڪرنل چيو، ”هَلو، مارڪ. آءٌ ڪرنل جانسن ڳالهائي رهيو آهيان. منهنجو آواز تو تائين پهچي رهيو آهي؟“

”صاف پيو اچي. ڇا قصو آهي ڪرنل؟“

”منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ. ڪنٽرول روم کي پتو پيو آهي ته راڪيٽ مڙڻ شروع ڪونه ڪيو آهي. شايد خودڪار آلات ڪم ڪونه پيا ڪن. توکي راڪيٽ کي خود موڙڻو پوندو. منهنجون هدايتون غور سان ٻڌ. انهن کي دهراءِ ۽ پوءِ عمل ڪري ڏس...“

ڪرنل هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ مارڪ انهن کي لفظ به لفظ دهرايو. جڏهن ڪرنل کي اطمينان ٿي ويو ته هن هدايتن تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. منهنجي نڪ تان پگهر ٽپ ٽپ ڪري رهيو هو.

منٽ کان پوءِ ڪرنل پڇيو: ”ڪجهه ڪم ٺهيو؟ راڪيٽ جو رخ بدليو؟“ جواب ندارد.

ڪجهه دير کان پوءِ مارڪ جواب ڏنو. ”نه، ڪرنل معلوم ٿئي ٿو ته شروع ٿيڻ وقت پهرين ئي جهٽڪي ۾ ڪي تارون ٽٽي پيون. بٽڻ دٻايان ٿو ته ڪجهه ٿئي ئي ڪونه ٿو.“ ان جو مطلب ته راڪيٽ چڪر لڳائي موٽي اچڻ بدران سڌو هلندو ويندو.

ڪرنل پٺيان جهڪي ويو ۽ آه ڀريندي چيائين، ”مون کي تمام افسوس آهي مارڪ.“ هن پنهنجو ايئرفون لاهي ڇڏيو ۽ مون کي چوڻ لڳو، ”فرينڪ، مان ڪجهه به ڪري نٿو سگهان. مان سمجهان ٿو ته تون ساڻس ڳالهائڻ چاهيندو هوندين.“ ائين چئي هو هليو ويو.

مان پنجن منٽن تائين چپ چاپ ويٺو هوس. منهنجي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان ڪهڙيءَ طرح ڳالهه شروع ڪريان. ايتري ۾ مارڪ خود ئي ڳالهايو.

”فرينڪ، منهنجو خيال آهي ته مان ڪامياب نه ٿي سگهندس.“ مان جواب ۾ اهوئي چئي سگهيس: ”ها، تون ڪامياب نه ٿي سگهندين.“

ان کان پوءِ مارڪ چيو: ”فرينڪ، ڇا ڪجهه دير مون سان ڳالهيون ڪندو رهندين؟ مان اڪيلو آهيان. بلڪل اڪيلو آهيان. منهنجا خدا...“

”ڇونه، جيستائين چاهيندين، مان هتي ئي موجود رهندس.“

۽ پوءِ مان سڄي رات هن سان ڳالهيون ڪندو رهيس. گهر ٻار جون سنهيون ٿلهيون ڳالهيون، روزانه زندگيءَ جا معمولي حادثا، ۽ ٻيو اهو ته ننڍپڻ جا ڏينهن ڪيترا سٺا هئا ۽ اسين ڇا ڇا ڪندا هئاسون. گرمين جا ڏينهن ۽ سياري جون راتيون ڪهڙيون ٿينديون هيون ۽ سرءُ ۾ پن ڪيئن ڇڻندا هئا...“

هاڻي هو چنڊ کان اڳيان وڌي ويو هو ۽ سڌو هلندو پئي ويو. هن جو آواز جهيڻو پوندو ٿي ويو ۽ رابطو قائم رکڻ لاءِ نيٺ اسان کي مورس ڪوڊ کان مدد وٺڻي پئي. صبح تائين ته مورس ڪوڊ سان ڪم هليو، پوءِ اهو به رکي رکي جواب ڏيڻ لڳو. شايد ٻنپهرن جو وقت هو. مون کي هاڻي چڱيءَ طرح ياد ناهي ته ٻه پهر هئا يا شام هئي، مان لاڳيتو جاڳندو رهڻ باعث يڪايڪ سمهي پيس.

جڏهن روڊني مون کي جاڳايو ته رات ٿي چڪي هئي. هن چند ڪاغذ مون کي ڏنا، جن تي چند بي ترتيب پيغام لکيل هئا ۽ الله جي درٻار ۾ گهربل دعا جا ٻه نامڪمل جملا، چوڻ لڳو ته ”هاڻي هو ريڊيو جي پهچ کان ٻاهر آهي.“

بولز رپورٽ لکندي لکندي هٿ روڪي ڇڏيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو: ”ميجر توهان جي نالي ۾ به ليونز اچي ٿو ۽ مارڪ جي نالي ۾ به. توهان پاڻ ۾ مائٽ ٿيو ڇا؟“

مون حيران ٿي ڏانهنس نهاريو: ”ڇا تو تعلقات عامه وارن جو پرچو نه ڏٺو هو؟ مارڪ منهنجو ننڍو ڀاءُ هو...“ اهو چئي مان اٿيس ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويس.

هڪ ميل هلڻ کان پوءِ مان واريءَ جي ڊٻَ تي ويهي تارن ڏانهن ڏسڻ لڳس. پري پري تائين ڦهليل اڻ کٽ تاريڪيءَ ۾ مٿي ڪنهن هنڌ تي هڪ ڊنل ۽ اڪيلو نوجوان هو، جنهن کي اڄ رات کان اڳي مان ڪڏهن به نه سمجهيو هو. مان سوچڻ لڳس ته هو پنهنجي راڪيٽ ۾ تنها ۽ هيسيل ويٺو هوندو ۽ هن ننڍڙي نيري گرهه کي، جا ئي سندس دنيا هئي، لڳاتار روشنيءَ جي هڪ نقطي ۾ تبديل ٿيندو ڏسي رهيو هوندو. روشنيءَ جو هڪ نقطو، جنهن کي ڪجهه دير کان پوءِ، هو ٻين لکن لقطن ۾ سڃاڻي به نه سگهندو.

مون مارڪ کي ڪڏهن به نه سمجهيو هو. مگر ان رات کان اڳ ڪڏهن به خوابن ۽ آدرشن ۽ انهن تي مري مٽجڻ وارن کي نه سمجهيو هو، جن جي محنتن جا لايا سجايا آهن. هي مارڳ منجهه مري وڃن ٿا، ليڪن انسان ذات کي ڪنهن منزل مان همڪنار ڪري وڃن ٿا.

مون چنڊ ڏانهن ڏٺو، جو خوب چمڪي رهيو هو ۽ يڪايڪ مون کي خيال آيو ته اهو ڪو ضروري ناهي ته جواب، اُن جي ڏسڻ واري سان گڏ فنا ٿي وڃي. ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو ٻيو نوجوان ڪوشش ڪندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن هو ڪامياب ٿي ويندو. هڪ ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن مارڪ جهڙو نوجوان تارن کي ڇهي ايندو.

جهد وبقا جي واٽ ۾ فنا ٿيندڙ مارڪ، ٻين لاءِ نشان راه ڇڏي آهي، جتان هن جهڙا ٻيا باهمت هلندا، انساني نسل جي قافلي کي ڪاميابيءَ جي توڙ تائين وٺي ويندا!!

وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهه مئا!

غلام رسول پرهياڙ

ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ

آچو صفا غريب مسڪين هٿن کنيو ڦڦڙ هو. وٽس رات هوندي هئي ته ڏينهن ڪونه هوندو هو. هن پاڻ کي گروي رکائي به پنهنجي پٽ قاسم کي پڙهايو. قاسم به روح سان پڙهيو. هن ڪڏهن به منهن تان ڪتاب نه لاٿو. پڙهي پڙهي سندس اکيون سُڄي وينديون هيون. ڪوسي هجي يا ٿڌي، هن جا پير اگهاڙا، روزانو ٽي ميل پنڌ ڪري شهر پڙهڻ ويندو هو.

قاسم هڪڙي ڏينهن لاريءَ تي چڙهيو، ڪنڊيڪٽر کائونس ڀاڙو گهريو. هن وٽ ڀاڙو ڪونه هو. ڀاڙي نه ڏيڻ ڪري کيس لاريءَ مان لاهي ڇڏيو. اُهي ڏينهن اُهي شينهن. جيترو به وقت پڙهيو، لاريءَ تي نه چڙهيو. سڀڪو چئي ”واهه ڇوڪرا واهه، ڀلي توکي ماءُ ڄائو.“

آچوءَ کي هڪڙي ڌيءَ به هئي. سندس نالو ميرزادي هو. هوءَ ويچاري سدائين اٻالڙي هئي. ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪنهن ڇوڪريءَ کي ڪو نئون وڳو پاتل ڏسندي هئي ته منهن ڀلڪڙو ڪري روئي ماڻس کي چوندي هئي: ”امان! ابا کي چئو ته مون کي به اهڙو نئون وڳو وٺي ڏي.“ ماڻس سندس لُڙڪ اُگهي چوندي هئي: ”منهنجي ٻچڙيءَ کي ججها ڪپڙا.“ اهڙيءَ طرح سندس انگل ۽ کيٽي کي ٽاري ڇڏيندي هئي.

ماڻس ڄامان، جنهن جا هٿ پورهيا ڪري ڪري سُين مان ونڌجي ويا هئا. هن سڄي ڳوٺ جا پورهيا ۽ رئيس جو گولپو ڪري چار ڏوڪڙ ٽاريا هئا، جنهن مان پٽ جا ڪتاب ۽ ميرزادي جون والڙيون به ورتائين. ميرزاديءَ کي جڏهن سونيون واليون مليون تڏهن سندس انگ انگ جهومي اُٿيو. هوءَ ٽڙي پئي ۽ اُها سڄي رات ڪونه سُتي. صبح جو اُٿڻ سان ئي سڄي ڳوٺ کي پنهنجيون واليون ڏيکاريائين. ماڻهو سندس اٻالپڻي ۽ ٻالائي ڀولائيءَ تي کيس ڀائيندا هئا.

قاسم مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. آچوءَ جي دنيا ان ڏينهن روشن ٿي وئي. هو خوشيءَ مان جهلي نٿي جهليو. هر ڪنهن ڳوٺاڻي کي زوري کيرون ڏيندو وتيو.

قاسم به ماءُ ۽ پيءُ جي پيرين پيو ۽ وڌيڪ دعائون ورتيون. پنهنجي هڪجيڏن سان ڀاڪر پائي مليو. سندس دوست رمون کي چيائين ته: ”رمون يار! دعا ڪر ته نوڪري ملي، پوءِ دوستن جي دعوت ڪريان. هونئن به يار رُکا کائي پيٽ ڪڙهي پيا آهن.“

ماڻس ستين سڳورين جو سلام به ڀري آئي، هن پنهنجي مڙس  آچوءَ کي چيو ته ”هاڻ ڏولاوي جا ڏينهن ويا. هاڻي اچي لڪ لنگهيا آهيون، ڪنهن وٽ هٿ ٽنگڻ منهن جي ڪاتي آهي.“

آچو کيس چيو ته ”چري! واقعي هاڻي ويا لڙهه لهي. هاڻ اچي سُتڙ ٿيا آهيون. آءٌ اڄ ئي اڄ رئيس صاحب خان وٽ وڃان ٿو. کيس وڃيو ٿو سوال ڪريان ته رئيس، هاڻ قاسم لاءِ ڪا نوڪري وٺي ڏينم ته پنهنجي منٿ موٿاج ٿيون. آءٌ به ستن پيڙهين کان سندن ماڻهو رهندو پيو اچان، مون کي ڪوبه جباب ڪونه ڏيندو، پاڻ خوش ٿيندو.“

ڄامان کيس چيو ته ”مُئو کام کوسڙو آهي. ڪڏهن به سچو ڪونه ٿيندو، پاڻ ٽانڊو لڳي ويندس. شل ساڃاهه اچيس ۽ ڌڻي ڪا من ۾ وجهيس، آءٌ توکي منع ڪانه ٿي ڪريان، ڀلي وڃي ڏسينس.“

آچو اهو ڏينهن گذاري ٻئي ڏينهن رئيس صاحب خان جو در جهليو. هن رئيس کي چيو: ”رئيس! اصل مامل کان وٺي آنجا ماڙهو آهيون. ڪاري رات ۾ به ڪنڌ ڪونه ڪڍايو آهي. ابا ڏاڏا هتي کاڄي کپي ويا، ڪڏهن به تنهنجو در ڪونه ڇڏيئون، هاڻ مون سان ڪا ٽيڪ ڪر.“

رئيس چيس: ”ڊيگهه نه ڪر، پنهنجي مطلب جي ڳالهه ٻڌاءِ.“

آچو قاسم جي مئٽرڪ ۾ پاس ٿيڻ جي ڳالهه رئيس کي ٻڌائي کيس چيو ته ”هاڻي سرداري ڪري ڪا نوڪري وٺي ڏيوس. مون ۾ هاڻ ڪاڪت ڪانهي جو اڳتي پڙهايانس. جيڪو ڇِلُ ڇوڏو هو سو سندس پڙهائيءَ تي لاٿم. جي مون مشڪين تي وڙ ٿيندو ته هٿ کڻي دعائون ڪنداسين. آنجا هٿ وڏا آهن. الله ٻچن مان لک ڪندوئي.“

رئيس اها ڳالهه ٻڌي سڙي ويو، سندس رت ٽهڪي اُٿيو. هو پنهنجي هاريءَ جي پٽ کي امتحان ۾ ڪامياب ٿيندي ٻڌي ڇِتو ٿي پيو. کيس سندس انباري ۽ وڏائي ڪرندي ڏسڻ ۾ آئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com