شمس صابر
نظم
ڪنهن کي پنهنجو ڀانئي ويٺين؟
ڪنهن سان لَنۡوَ لڳائي ويٺين؟
دلڙي نيٺ ڦُرائي ويٺين!
پاپ نگر جا پاپي ماڻهو!
پاگل انگ اڙائي ويٺين؟
دلڙي نيٺ ڦُرائي ويٺين!
آشائن جا ديپ اڌورا،
جوڀن ۾ ته جلائي ويٺين؟
دلڙي نيٺ ڦُرائي ويٺين!
جهول تنهنجي ۾ ساوا ڳاڙها،
گُڻن جا گُل گنوائي ويٺين؟
دلڙي نيٺ ڦُرائي ويٺين!
ٻهروپي سنسار ۾ ’صابر‘،
پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺين؟
دلڙي نيٺ ڦُرائي ويٺين!
غلام مصطفيٰ مشتاق
غزل
جدا ٿي اسان کان گذاري ڏسين ها،
ڏسان دل ها تنهنجي وساري ڏسين ها.
ڪيان ها مان حاضر اچي دل جي دنيا،
جي هڪ وار مون کي پڪاري ڏسين ها.
ڏسي بيرخي هن جهان جي او ساٿي!
دردِ دل جي اندر نهاري ڏسين ها.
ملائڪ به توتي ڀرين ها سلامي،
دکي دل جي دنيا اُجاري ڏسين ها.
غزل، گيت، وايون لکي ڇا پرايُئه،
اکر ڪو وفا جو اُچاري ڏسين ها.
زمانو به توکي سڏي معتبر ها،
گهڙي هڪ اسان سان جي گهاري ڏسين ها.
نئين دوستي مان نه ڪجهه ٿيندو حاصل،
پراڻي ڪا چاهت سنڀاري ڏسين ها.
وسائي ڪو ’مشتاق‘ دل ۾ اڪيلو،
سَوَن جي غلامي وساري ڏسين ها.
ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ
ڪافي
بي وفا سان وفا ڪري ويٺس،
درد کي لا دوا ڪري ويٺس.
جاءِ هر ڪنهن تي يار مون ڳولهيو،
مون کي پنهنجي نصيب ئي روليو،
نينهن لائي خطا ڪري ويٺس.
پيچ اُلفت جا يار سان پاتم،
درد کي پنهنجي سيني سان لاتم،
عشق جي اِنتها ڪري ويٺس.
رات هڪڙي نه پيار جي آئي،
ڄڻ ته هن سان نه هئي شناسائي،
پنهنجي دل سان دغا ڪري ويٺس.
چؤطرف ٿا نظر اچن بادل،
ياد تنهنجي ستائي ٿي بلبل،
پنهنجي حالت ته ڇا ڪري ويٺس.
پاڻ کي عشق جو سخي ڄاڻي،
خاڪ دنيا ۾ مون ڇڏي ڇاڻي،
پاڻ کي بي نوا ڪري ويٺس.
درد دل ۾ هزار هِن ’عادل‘
عشق جي مون کي ڪانه پيئي ڪل،
جان پنهنجي فدا ڪري ويٺس.
بخشڻ مهراڻوي
آزاد نظم
تون ساگر هجين،
مان دريا بنجي،
تو وٽ ڇيهه ڪيان.
نيڻن ۾ تنهنجي ويهي،
سارو ڏيهه پَسان.
توکي ـــ تو کان کسيان؟
توتي سُندر گيت لکان.
تنهنجا سڀئي سور کڻان.
خوشيون، پنهنجون،
توکي ارپيان.
۽، او! بس!!
منهنجي دنيا جي سموري سونهن.
تنهنجي جهولي منجهه مَران!!
الطاف حسين آگرو
آزاد نظم
تون ۽ مان،
سالن کان وٺي،
هڪ ٻئي جي آمهون سامهون،
ائين بيٺا آهيون،
جيئن ڪي ٻه وڻ.
سڀ ڪجهه ڄاڻندي، محسوس ڪندي،
به وڻن وانگي،
ساڪت ۽ بي حس.
نواز سومرو
وائي
تو ريءَ پيارا پنهل جبل ۾،
جهوريءَ جيءُ جُهري،
منهنجو ڏيل ڏري
پنڌ پراهون آهي ڏاڍو،
دل ٿي دانهن ڪري،
منهنجو ڏيل ڏري
محبن ساڻ ٿئي ڪو ميلو،
شل ڪو واءُ وري،
منهنجو ڏيل ڏري
رات ڪُٺيءَ جو پنهل کڻي ويا،
ڪيڏا ڪِيس ڪري،
منهنجو ڏيل ڏري
مسرور سومرو
غزل
ٽڙي پيا دل جي ڌرتي تي جيئن ڪيئي ڪنول يارو،
جنونِ عشق ۾ ڪيئي لکي ويٺس غزل يارو.
شبابِ جاودان تي اڄ حجابن جو اثر ٿيو آ،
نظر بيتاب گهوريندي مليو دردِ اجل يارو.
ڪريا ٿي شبنمي قطرا سندس زلفن منجهان يارو،
ويا ڀرجي ڪي پيمانا اکين کاڌي اُٿل يارو.
جبين روشن چمڻ خاطر قريب آ بوالهوس آيو،
لڳي مندر ۾ ظاهر ٿو ڪوئي ڪافر ڪٺل يارو.
جڏهن گلشن ۾ مکڙين کي مليو وارو کلڻ جو آ،
معطر ٿيو جهان سارو فضا ٿي بي بدل يارو.
جمالِ يار جو جلوو، ڏٺو اڄ عشق وارن ڀي،
تڏهن ئي دير تائين آ، سڄي محفل متل يارو.
بهارن جي به هوندي اڄ خزان وارو آ گلشن ۾،
رَسي اهڙي ا پت جهڙ جو نه مُکڙي آ نه گل يارو.
دل ’مسرور‘ ٿي مغموم آهي ڇا ڪجي آخر،
کڻي اک ڀي ڏسي ٿو ڪينڪي هو سنگدل يارو.
شوڪت علي ڌماچ
غزل
اسان جي ڏس وفا جاني،
نه ٿي هيڏو جدا جاني،
ستايو من ڀلي هر هر، اسان جو آ خدا جاني.
خبر ناهي سڄڻ سچ پچ، ٿيم ڪهڙي خطا جاني.
سدا توکي سڄڻ سچ پچ، ڏنم روئي صفا جاني.
سڄڻ فرهاد مجنون ڀي، ڏسي مون کي رُنا جاني.
خيالن ۽ خوابن ۾، رهين ٿو تون سدا جاني.
سڄڻ تنهنجو ته ’شوڪت‘ آ، ڀلي پيو ڪر جفا جاني.
معصوم سانگهڙائي
غزل
نه سونهن حُسن تي جفائون او سائين،
توهان کي ته سونهَن وفائون او سائين.
ڏئي قربت پنهنجن کي پنهنجو ڪندؤ جي،
اسان جون ٿي پونديون شفائون او سائين.
ازل کان توهان کي ئي ساريون سنڀاريون،
صدين کان اوهان لئه صدائون او سائين.
توهان جي ڪري ئي اسان هت جيئون پيا،
سدا خوش رهو بس دعائون او سائين.
ڏسي پنهنجو ’معصوم‘ مرڪي ڏيو بس،
نه طاقت سهڻ جي ـــ سزائون او سائين.
مومن مليرائي
لڳيون باغ ۾ اڄ بهاريون سڄڻ،
ڪيون سين ٿي جنهن جون تياريون سڄڻ.
سدا شال وسندا رهن سي وٿاڻ،
ڏسان جت ٿو ڳاڙهيون ۽ ڪاريون سڄڻ.
کڻي هر ٿو هاري هلي صبح چو،
وڃيو ٺاهي ٻنا ۽ ٻاريون سڄڻ.
مکڻ کائي ۽ کير پي شوق سان،
وطن دشمنن کي پڪاريون سڄڻ.
منهنجي ڳوٺ وارا سڀيئي قربدار،
گهڙي قرب جي تن سان گهاريون سڄڻ.
وطن جي محبت ۾ جي ٿا مرن،
سدا سڪ سان تن کي ٿا ساريون سڄڻ.
اٿئي ڳوٺ وارن سان ’مومن‘ جو عشق،
ٿا ڳولين ٻوليون جي پياريون سڄڻ.
امر جليل
ٽئين دنيا
[تنهنجو غم، ۽ منهنجو غم ساڳيو آهي. نه تون مون
کان سواءِ مڪمل آهين، ۽ نه مان توکان سواءِ مڪمل
آهيان.]
مان ٽئين دنيا ۾ پنهنجي ٽئين درجي جي مسواڙي جاءِ
جي نهايت سوڙهي ۽ واهيات اڱڻ ۾ ويٺو هوس، ۽ ٽئين
دنيا جي هڪ ٽئين درجي جي سياسي، سماجي، فلمي ۽
فيشني رسالي مان هڪ معمو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هوس. معمو مشڪل هو، ۽ مشڪل ڪشا جي مدد کان سواءِ
حل ٿيڻ جوڳو نه هو. مان معمو حل ڪري هڪ لک رپيا هٿ
ڪرڻ جي چڪر ۾ ذري گهٽ چريو ٿي پيو هوس. ڇِت
ڪُتائيءَ سبب مان ٽئين دنيا جي سياسي، سماجي، فلمي
۽ فيشني رسالي کي خارن مان چڪ پائي رهيو هوس.
ٽئين درجي جي مسواڙي جاءِ جي واحد ڪمري مان پنهنجي
زال جو آواز ٻڌو. وڏي واڪ چيائين، ”ٻڌين ٿو.“
ان وقت صبح جو وقت هو، ۽ هڪ پاڙيسري ريڊيو تان
اڱڻن ۽ عجيبن جو ڪلام ٻڌي رهيو هو. مون پنهنجي زال
کي چيو، ”اڱڻن ۽ عجيبن کان وڌيڪ عجيب هيءُ معمو
آهي، جيڪو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٽئين دنيا کان
چوٿين دنيا ڏانهن سفر ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو
آهيان.“
نهايت ناگوار لهجي ۾ چيائين، ”معمو حل ڪندي چريو
ته نه ٿي پيو آهين.“
”ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگهان ته چريو ٿي پيو
آهيان، يا سڄو آهيان.“ چيم، ”پر، ياد رک بختاور،
هيءُ معمو حل ٿيڻ کان پوءِ اسان جا وارا نيارا ٿي
ويندا.“
”چوانءِ ٿي هڪدم اندر آءُ.“ سخت ڪاوڙ وچان دريءَ
مان منهن ڪڍندي چيائين، ”دودي جي نڙيءَ ۾ ڪجهه
اٽڪي پيو آهي، ڳالهائي نٿو سگهي.“
مون کي ان شيءِ تي سخت ڪاوڙ آئي، جيڪا بيوقت دودي
جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي هئي. دودو منهنجو پٽ آهي.
پنجن سالن جو آهي.
چيم، ”بختاور، ٽئين دنيا جي هڪ رسالي مان معمو حل
ڪري رهيو آهيان. چرچي جي ڳالهه ڪونهي.“
”پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.“ منهنجي زال، جيڪا
مون کان ٿلهي آهي، رئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ”اچي
ڏسينس ته سهي. دودو ڳالهائي ڇو نٿو.“
”آچار کارائي ضرور سندس ٽراسميٽر خراب ڪري ڇڏيو
اٿئي.“ معمي تي ڌيان ڏيندي چيم، ”في الحال دودو هڪ
هفتي تائين ڳالهائي نه سگهندو. هفتي کن کان پوءِ
ٽرانسميٽر ٺيڪ ٿيندس ته انشاالله تعاليٰ وري
ڳالهائڻ شروع ڪندو ۽ ابراهيم کير واري کي ست سريون
ٻڌائيندو.“
”خبردار جو بابا جو نالو کنيو اٿئي.“ منهنجي زال
هڪدم جذباتي ٿي ويئي. ابراهيم سندس والد صاحب جو
نالو آهي، ۽ سندس والد صاحب کير جو واڙو هلائيندو
آهي. چيائين، دودو ست سريون ٻڌائيندو ٿلهي محمودان
کي ـــ بابا ويچاري کي ڇو ٻڌائيندو.“
محموده جو نالو ٻڌي مان ڇرڪي پيس. ٽئين دنيا جو
سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالو عجيبن بنا اڱڻ ۾
رکي مان ٽئين دنيا ۾ مسواڙ تي ورتل ٽئين درجي جي
جاءِ جي واحد ڪمري ۾ داخل ٿيس، جيڪو اسان لاءِ
ڊرائينگ روم، ڊائننگ روم، بيڊ روم، ڪچن ۽ باٿ روم
جو ڪم ڏيندو آهي.
ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيم، ”توکي لک دفعا چيو اٿم ته
دودي کي ڪڪڙ نه کارائيندي ڪر. نڙيءَ ۾ ضرور ڪڪڙ جي
هڏي ڦاسي پئي اٿس. ايلزبيٿ ٽيلر کي به نڙيءَ ۾ ڪڪڙ
جي هڏي اٽڪي پيئي هئي.“
”اها رن به توسان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي ڇا!“
اکيون ڦوٽاريندي چيائين، ”محمودان کان اڳ هئي، يا
پوءِ!“
ڊڄي، وک کن کانئس پري ٿي بيٺم. چيم، ”ايلزبيٿ ٽيلر
انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪندي آهي.“
دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺم. بختاور کي چيم، ”هيءُ ته
کلي پيو“!
”ها، کلي پيو.“ بختاور چيو، ”پر ڳالهائي نٿو
سگهي.“
مون دودي کان پڇيو، ”يار دودا، نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي
ته نه ڦاسي پئي اٿئي.“
بختاور چيو، ”گذريل پنجويهن ڏينهن کان گهر ۾ دال
چڙهي آهي. ڪڪڙ جي هڏي وري ڪٿان ڦاسندس!“
دودو وري کلڻ لڳو ـــــ پر عجيب نموني.
بختاور روئڻ لڳي.
”نڙيءَ ۾ ڇا ڦاٿو اٿئي دودا.“ دودي کان پڇيم، ”يار
ڳالهائين ڇو نٿو!“
دودو عجيب نموني کلڻ لڳو.
بختاور کي چيم، ”سمجهان ٿو، دودي جي نڙيءَ ۾ هاٿي
پاسي پيو آهي.“
”هاٿي!“ بختاور کان رڙ نڪري ويئي. چيائين، ”ٽئين
دنيا جو معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو
آهين!“
”اڙي سچ پچ جو هاٿي نه.“ چيم، ”مون دودي کي ڪالهه
پلاسٽڪ جو هاٿي آڻي ڏنو هو“.
بختاور هيٺ جهڪي، هٿ وڌائي کٽ هيٺان پلاسٽڪ جو
هاٿي ڪڍي ورتو. چيائين، ”اچي، وٺ پنهنجو پلاسٽڪ جو
هاٿي.“
معاملي جي نزاڪت اوچتو گنڀير ٿي ويئي. مون دودي کي
چيو، ”يار دودا، تون ڳالهائين ڇو نٿو! فقط کلين ڇو
ٿو! ۽، کلين به اهڙي نموني ٿو ڄڻ اسان تان ٺٺولي
ڪري رهيو آهين!“
بختاور چيو، ”هڪدم دودي کي ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وٺي
وڃ.“
”اڄ جمعي جو ڏينهن آهي.“ چيم، ”جمعي بازار ۾
سڀڪجهه ملندو آهي، پر ڊاڪٽر ۽ قسمت جو حال
ٻڌائيندڙ پروفيسر نه ملندا آهن.“
بختاور چيو، ”جمعي ڏينهن ڊاڪٽر خادم حسين منجهند
تائين مريضن کي مفت ڏسندو آهي، ۽ دوا ڏيندو آهي.“
”“هو نه مفت مريضن کي ڏسندو آهي، ۽ نه مفت دوا
ڏيندو آهي.“ چيم، ”ڊاڪٽر خادم حسين وڏو پلستر آهي،
هو علاج معالجي لاءِ ماڻهن کان واعدو وٺندو آهي.“
”ڇا جو واعدو!“ بختاور پڇيو.
.ته جڏهن به چونڊون ٿينديون، اسين ووٽ کيس ئي
ڏينداسين.“ چيم، ”۽ مان ان قسم جو ڪوبه واعدو ڪرڻ
لاءِ تيار نه آهيان.“
”ڇو!“ بختاور اکيون ڏيکاريندي چيو، ”تون پنهنجو
ووٽ ٿلهي محمودان کي ڏيندين!“
”ڪير محموده؟ ڪهڙي محموده!“ چيم، ”مان ڪنهن به
محموده کي نه سڃاڻان.“
”هاڻي ٺهيو! معصومڙو نه ٿيءُ.“ بختاور چيو، ”اهائي
ٿلهي محمودان، جيڪا توسان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي
هئي، ۽ جنهن سان تون.....“
ان کان اڳ جو بختاور پنهنجو جملو پورو ڪري، دودو
ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
”ٻار جي سامهون اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.“ چيم،
”محموده چونڊن ۾ حصو نه وٺندي. يونيورسٽي ڇڏڻ کان
پوءِ هوءَ تيزي سان ملڪ جي آباديءَ ۾ اضافو ڪري
رهي آهي، ۽ هن وقت تائين پندرهن ٻار ڄڻي چڪي آهي.“
”هوءَ رن چونڊن ۾ حصو وٺي، يا نه وٺي، تون پنهنجو
ووٽ ٿلهي محمودان کي ڏيندين.“ بختاور چيو، ”وٺي
وڃ، دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن. دل ۾ قوم جو
درد رکندو آهي.“
دودو وري کلڻ لڳو ـــ پر بلڪل ٻي نموني! منهنجي
لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. مون بختاور کي چيو،
”مان دودي کي خادم حسين ڏانهن وٺي ٿو وڃان. دودي
جي حالت ڪا چڱي نه آهي. معاملو سيريس آهي.“
دودي کي هنج ۾ کڻي مان ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال
پهتس. اسپتال جي ٻاهران ۽ اسپتال جي اندر مريضن جو
هجوم هو. هرڪو مريض زنده رهڻ جي آرزوءَ ۾ طرحين
طرحين قسم جا واعدا ڪري رهيو هو.
ڊاڪٽر خادم مون کي سڃاتو، ۽ هٿ جي اشاري سان هڪ
ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي
رهيس.
ڊاڪٽر خادم حسين پڇيو، ”تنهنجي انجمن جو ڪهڙو حال
آهي؟“
”انجمن جي شادي ٿي ويئي آهي، ڊاڪٽر صاحب، ۽ هينئر
هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي.“ مون ٿڌو ساهه کڻندي
چيو، ”مون به شادي ڪري ورتي آهي ــــ ابراهيم کير
واري جي ڌيءَ سان. هيءُ منهنجو پٽ دودو آهي. هن جي
نڙيءَ ۾ ڪجهه اٽڪي پيو آهي... ڳالهائي نٿو سگهي.“
ڊاڪٽر خادم حسين دل آويز مرڪ منهن تي آڻيندي چيو،
”ڀاءُ، مان تنهنجي انجمن شال روٽي زنده باد جي
باري ۾ پڇا ڪري رهيو آهيان.“
دودو کلڻ لڳو.
مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هڪدم چيم،
”اُها انجمن ولايتي دالين جي قيمت معلوم ڪرڻ کان
پوءِ ڪالعدم ٿي ويئي آهي.“
دودو وري کلڻ لڳو.
ڊاڪٽر خادم حسين چيو، ”تنهنجو پٽ ته ڏاڍو کلڻو
آهي.“
”ها، ڏاڍو کلڻو آهي.“ چيم، ”پر اڄ ڪلهه بولتي بند
اٿس.
دودو وري کلڻ لڳو.
”هوبهو مون تي ويو آهي.“چيم، ”مان به جڏهن پنجن
سالن جو هوندو هوس تڏهن ڏاڍو کلندو هوس. هينئر مان
کلندو آهيان ته ماڻهو روئندا آهن؛ ۽ جڏهن روئندو
آهيان ته ماڻهو کلندا آهن.“ |