سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 3.4- 198

نفيس احمد ناشاد

خطبهء استقباليه

عزت ماب گورنر سنڌ، معزز مهمان، خواتين و حضرات!

اسلام عليڪم:

”سنڌ آرڪائيوز“ جي نئين عمارت جي پيڙهه واري پٿر رکڻ جي هن موقعي تي، توهان سڀني کي خوش آمديد چوندي آءٌ نهايت فخر ۽ مسرت محسوس ڪري رهيو آهيان. آءٌ خاص طرح سان ليفٽيننٽ جنرل جناب ايس. ايم. عباسي، گورنر سنڌ، جو نهايت شڪرگذار آهيان، جو پاڻ انهيءَ عمارت جي پيڙهه واري پٿر رکڻ جي دعوت قبول فرمائي اٿن. حقيقت اها آهي ته انهيءَ منصوبي جي تڪميل سندن ذاتي دلچسپي ۽ توجهه جي ئي مرهون منت آهي. جيڪڏهن اسان کي موصوف جي سرپرستي ۽ اعانت حاصل نه هجي ها ته ان منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ ممڪن نه بنجي ها. آرڪائيوز سان سندن هيءَ دلچسپي، هن ملڪ جي تاريخ، ثقافت ۽ پنهنجي قوم جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان سندن شغف ۽ تعلق جي مظهر آهي.

صاحب موصوف جي هٿان اڄ سنڌ آرڪائيوز جي هن عمارت جي پيڙهه وارو پٿر رکجڻ، دراصل هن ملڪ جي تهذيب وثقافت جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ڇا لاءِ جو ملڪت خداداد پاڪستان جو هي حصو، جنهن کي صوبه سنڌ چيو وڃي ٿو، پنهنجي تهذيبي قدامت ۽ شاندار ثقافت جي لحاظ سان سڄي دنيا جي تاريخ ۾ عموماً ۽ برصغير جي مسلم تاريخ ۾ خصوصاً هڪ امتيازي حيثيت جو حامل آهي. سرزمين سنڌ جتي هڪ طرف قديم تهذيبن جو گهوارو آهي، اُتي ان کي ”باب الاسلام“ هجڻ جو پڻ شرف حاصل آهي، ڇو ته برصغير ۾ اسلام جي روشني انهيءَ ئي دروازي مان داخل ٿي ۽ اسلامي تعليم جو فروغ پڻ انهيءَ ئي خطي مان ٿيو. برصغير ۾ اسلام جو پيغام، ڪفر ۽ شرڪ مان پيدا ٿيل بُراين ۽ سماجي ناانصافيت جي خاتمي جو پيغام هو، جنهن جي نتيجي ۾ صرف پٿر جا بت ئي نه ٽُٽا، پر جهالت جا بُت پڻ پاش پاش ٿي ويا. اسلام، جهالت جي ڪاري رات ۾ علم جي روشن باک بنجي ڦُٽو، ان ڪري اسلامي تعليم جي شروعات ئي لفظ ”اقراء“ سان ٿئي ٿي، جنهن جو مطلب آهي ”پڙهو“. اِقۡراء بِاسِمِ رَبڪ الــّذِي خَلَقَ...

دراصل سنڌ ۾ اسلام جي آمد برصغير ۾ اسلام جي فروغ جي شروعات آهي. برصغير ۾ هڪ آزاد مسلم مملڪت، يعني پاڪستان، جو قيام انهيءَ ئي تاريخي تسلسل جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن جي ابتدا سنڌ ۾ اسلام جي آمد ۽ فروغ جي صورت ۾ ٿي. قرآن ڪريم جو سڀ کان پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو. اها اسان جي بدقسمتي آهي، جو اسين ان عظيم ڪارنامي جي تاريخي رڪارڊ کي محفوظ نه رکي سگهياسين. ان طرح سان سنڌ جي قديم ترين تاريخ، جا عربيءَ ۾ لکي ويئي، ان جو پڻ اصل مسودو محفوظ ٿي نه سگهيو آهي. البته، ان عربي ڪتاب جو فارسي ترجمو ”چچ نامہ“ جي نالي سان اسان وٽ ضرور محفوظ آهي. ان طرح سان ٺٽي جي تباهي ۽ اتان جي ڪتبخانن کي باهين لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪيترو ئي قيمتي ۽ نادر تاريخي مواد ۽ نهايت ڪارآمد دستاويزات ضايع ٿي ويا. اهي نقصان اگرچه ان دؤر سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي تاريخ ۾ ”ماضي“ سان تعبير ڪيو ويندو آهي، ليڪن ستم ظريفي ته اها آهي جو خود ”حال“ جي تاريخ پڻ ”ماضي“ کان ڪا گهڻي مختلف ناهي. چنانچه، پاڪستان ٺهڻ وقت جتي اسان سان ٻيون گهڻيون ئي ناانصافيون ٿيون آهن، اُتي هڪڙو ظلم اهو به ٿيو آهي، جو اسان کي آرڪائيوز جي تاريخي رڪارڊ جو جيڪو حصو ملڻ کپندو هو، ان کان محروم ڪيو ويو. نتيجي ۾، اسان کي بلڪل نئين سر ان ڪم جي شروعات ڪرڻي پيئي.

آرڪائيوز مان واسطو رکندڙ رڪارڊ جو تعلق سرڪاري شعبي سان به آهي ۽ خانگي شعبي سان پڻ. اهو رڪارڊ سنڌ جي مختلف حصن ۾ وکريو پيو آهي، ۽ مناسب سنڀال نه هئڻ جي صورت ۾ ان جي ضايع ٿي وڃڻ جو گهڻو خطرو موجود آهي. ان قيمتي ۽ تاريخي رڪارڊ کي سائنسي طريقن سان ئي محفوظ ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪم لاءِ هڪ منظم ۽ فعال اداري جي ضرورت آهي، جتي انهيءَ رڪارڊ کي گڏ ڪري، جديد دؤر جي سائنسي طريقن جي ضرورت آهي، جتي انهيءَ رڪارڊ کي گڏ ڪري، جديد دؤر جي سائنسي طريقن مطابق سنڀالي سگهجي. ”سنڌ آرڪائيوز“ جي اداري اهڙن تاريخي مسودن ۽ دستاويزن جي ابتدائي فهرست ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن جو تعلق سرڪاري شعبي سان آهي. ليڪن، اڃا تائين تمام گهڻو قيمتي مواد سنڌ جي پراڻن خاندانن وٽ نوادرات جي شڪل ۾ موجود آهي. لهذا، هن موقعي تي، آءٌ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته سنڌ جي قديم تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت متعلق جيڪو نادر مواد فردن ۽ خاندانن وٽ موجود آهي، اُهو فقط انهن جو ئي ذاتي سرمايو نه، پر قومي سرمايو پڻ آهي؛ ان ڪري ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ ضروري آهي. ورنه، ان ڳالهه جو پڪو امڪان آهي ته خاطرخواه نظرداري ۽ ضروري حفاظتي اُپاءُ نه وٺڻ جي صورت ۾ اهو قيمتي تاريخي قومي سرمايو ضايع ٿي ويندو ۽ اگر ائين ٿيو ته علمي ۽ تحقيقي لحاظ کان اهو هڪ قومي الميو هوندو. ان ڪري آءٌ هن موقعي تي عالي جناب گورنر صاحب جي توسط سان، اهڙن سڀني محترم فردن ۽ خاندانن کي اپيل ڪندس ته اهڙي قيمتي مواد جي حفاظت لاءِ مائڪرو فلمنگ ۽ ٻيا جديد طريقا اختيار ڪن، ۽ اگر پنهنجو علمي سرمايو حڪومت جي حوالي ڪرڻ تي آماده نه ٿين ته گهٽ ۾ گهٽ ”سنڌ آرڪائيوز“ ۾ ان جي داخلا ضرور ڪرائين.

آءٌ اها به تجويز ڏيندس ته حڪومت اهڙن واسطيدار فردن جي لاءِ ريفريشر ڪورس منعقد ڪري، جيئن انهن کي دستاويزن کي محفوظ رکڻ جي جديد ٽيڪنڪ کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ ان ڏس ۾ جن ڪيميائي ۽ ٻين شين جي ضرورت پوي ٿي، سي انهن کي وقتاً فوقتاً فراهم ڪيون وڃن. ان طرح سان اهو رڪارڊ، جنهن جو تعلق سرڪاري شعبي سان آهي، ۽ جيڪو مختلف ضلعي ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ناگفته به حالت ۾ پيو آهي، تنهن کي ”سنڌ آرڪائيوز“ ۾ منتقل ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جيئن اهڙو سمورو رڪارڊ باقاعده طريقي سان محفوظ ڪري سگهجي.

جناب گورنر صاحب!

اڄ اوهان سنڌ آرڪائيوز جي جنهن عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکي رهيا آهيو، ان منصوبي تي مجموعي لاڳت جو تخمينو هڪ ڪروڙ پنج لک رپيا آهي. جڏهن ته ان خطير رقم مان اسان وٽ ڪم شروع ڪرڻ لاءِ اٺاويهه لک رپين جي رقم موجود آهي. ان منصوبي جي تنظيم ۽ ترتيب جديد ۽ سائنٽيفڪ بنيادن تي ڪئي ويئي آهي. هي عظيم منصوبو هيٺين شعبن تي مشتمل هوندو:

1- نجي شعبو.

هي شعبو تحريڪ آزاديءَ ۾ حصي وٺڻ وارين اهم شخصيتن ۽ سياسي و ثقافتي تنظيمن جي قديم مواد تي مشتمل هوندو. ان شعبي ۾ لکت واري رڪارڊ سان گڏوگڏ تقريرن، انٽرويوز ۽ دستاويزي فلمن جي صورت ۾ زباني رڪارڊ پڻ محفوظ ڪيو ويندو.

2- سرڪاري شعبو.

هن شعبي ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي ”اي“ ڪيٽيگري فائيلن کي محفوظ ڪيو ويندو. انهن فائيلن مان تحقيقي ڪم ڪرڻ وارا اسڪالر، حسب قاعده استفادو ڪري سگهندو. هن شعبي ۾ مختلف سرڪاري ۽ خودمختيار ادارن طرفان شايع ڪيل مواد ـــ مثلاً: گزيٽ، هئنڊ آئوٽ ۽ اسيمبليءَ جون ڪارروايون وغيره ـــ پڻ محفوظ ڪيو ويندو.

3- اخبارن ۽ رسالن جو شعبو.

هن شعبي ۾ سنڌ مان شايع ٿيندڙ قديم ۽ جديد اخبارن ۽ رسالن کي محفوظ ڪيو ويندو. ان سان گڏوگڏ، انهن اخبارن ۽ رسالن جون ڪٽنگس پڻ محفوظ ڪيون وينديون، جن ۾ سنڌ متعلق مواد شايع ٿيل هوندو.

4- آرڪائيوز لئبرري.

هن شعبي ۾ واسطو رکندڙ سمورا ڪتاب، فرمان، سَندون ۽ دستاويز جمع ڪيا ويندا.

5- حفاظت ۽ نظرداريءَ جو شعبو.

اهو شعبو، قيمتي ۽ نادر دستاويزن، ڪتابن، اخبارن، رسالن ۽ ٻئي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد جي نظرداري ۽ حفاظت جو ذميدار هوندو.

6- ريپروگرافڪ شعبو.

اهو شعبو، مائيڪرو فلمنگ، مائيڪرو فِش، فوٽو اسٽئٽ ۽ فوٽو گرافيءَ جي ساز و سمان تي مشتمل هوندو.

7- اشاعت جو شعبو.

اهو شعبو، قديم رڪارڊ جي چونڊ حصن کي شايع ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ سماهي رسالي جي ڇپائيءَ جو انتظام ڪندو. ان کان علاوه سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾، جتي جتي به مواد موجود آهي، ان جي باقاعده فهرست تيار ڪري شايع ڪندو.

ان طرح سان جمع ٿيندڙ تاريخي رڪارڊ، سرڪاري عملدارن ۽ تحقيق ڪرڻ وارن عالمن لاءِ ضروري حوالن ۽ معلومات فراهم ڪرڻ جو ذريعو ٿي سگهندو. سنڌ آرڪائيوز، قومي آرڪائيوز ۽ ٻين صوبائي ادارن سان رابطي ۽ تعاون جي وسيلي، ضروري مواد جي تبادلي ۽ معلومات جي فراهمي جو ذريعو ٿيندو. ۽ ان طرح سان، قومي سطح تي پاڪستان جي قديم تهذيب و ثقافت جي اڀياس ۽ پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي اهميت ۽ حيثيت کي سمجهڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي، جنهن سان قومي ڪردار جي تعين ۽ پاڪستاني قوميت جي تشخص ۾ خاطرخواه مدد ملي سگهندي.

جناب عالي:

آرڪائيوز جهڙي اداري لاءِ موجوده دؤر ۾، جنهن ساز و سامان جي ضرورت پوي ٿي، اهو هڪ حد تائين ته اسان هٿ ڪري ورتو آهي. سنڌ جي مختلف حصن ۾ وکريل تاريخي مواد مائيڪرو فلم جي ذريعي محفوظ ۽ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي پروگرام تي عمل درآمد شروع ڪيو پيو وڃي. جناب والا جي هٿان، ان عمارت جي پيڙهه واري پٿر رکڻ ساڻ گڏ، ڪجهه رڪارڊ منتقل ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. خدا جي فضل و ڪرم، توهان جي تعاون ۽ سرپرستيءَ جي نتيجي ۾ هاڻي اسان پنهنجي ڪم کي منظم ڪرڻ ۽ سائينٽيفڪ بنيادن تي اڳتي وڌائڻ جهڙا ٿيا آهيون.

آخر ۾، آءٌ انهن چند تجويزن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو، جن کي توهان جي منظوري ۽ سرپرستيءَ ۾ عملي روپ ڏنو پيو وڃي.

-- سمورن ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ صاحبن کي هڪ سرڪيولر وسيلي توجهه ڏياريو ويندو ته انهن جي نظرداريءَ هيٺ ضلعي ۽ تعلقه هيڊ ڪوارٽرن ۾ جيڪو آرڪائيوز رڪارڊ خراب حالت ۾ پيو آهي، اُهو فوري طور تي، ”سنڌ آرڪائيوز“ ڏانهن منتقل ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن، جيئن اهو سمورو رڪارڊ محفوظ ڪري سگهجي.

-- سمورن کاتن ۽ ادارن کي، ان ڳالهه جو پابند ڪيو ويندو ته اهي پنهنجي ”A“ ڪيٽيگريءَ وارا پراڻا فائيل آرڪائيوز ڏانهن موڪلين، ۽ اهو پڻ ته پراڻو رڪارڊ ردي جي حيثيت ۾ وڪڻڻ کان اڳ محڪمي کان ان رڪارڊ جي وڪري لاءِ هڪ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو وڃي، ۽ جيستائين آرڪائيوز سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪري، ڪوبه رڪارڊ وڪرو يا ضايع نه ڪيو وڃي.

-- پريس انفرميشن ڊپارٽمينٽ کي، صوبي ۾ شايع ٿيندڙ ڪتابن جون جيڪي چار ڪاپيون وصول ٿين ٿيون، انهن مان هڪ ڪاپي آرڪائيوز لئبرريءَ لاءِ فراهم ڪئي وڃي.

-- جهڙيءَ طرح قومي سطح تي هڪ صلاحڪار ڪائونسل قائم ٿيل آهي، ان طرح صوبائي سطح تي پڻ هڪ صلاحڪار ڪائونسل قائم ڪئي وڃي، جيڪا تاريخ جي ماهرن، آرڪائيوز جي ڄاڻُن ۽ ٻين عالمن تي مشتمل هجي.

پنهنجي تقرير جي خاتمي تي، آءٌ هڪ دفعو وري به انهن سمورن معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن هن تقريب ۾ شرڪت جي زحمت ورتي آهي. آءٌ پنهنجي کاتي جي تمام متعلقه آفيسرن ۽ عملدارن جي محنت ۽ جدوجهد کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ۽ سڀني کان وڌيڪ آءٌ جناب گورنر صاحب موصوف جو ممنون آهيان، جو هُن صاحب هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي دعوت قبول فرمائي.

خدا، اسان جي ڪوششن ۾ برڪت ۽ ڪاميابي عطا ڪري. آمين.

  [اردوءَ تان ترجمو]

گذارش

 

”سنڌ آرڪائيوز“ ۽ ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو قيام

هلندڙ سال جي هن پوئين اڌ واري عرصي ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ٻن اهم علمي ادارن جو قيام عمل ۾ آيو. سنڌ جي گورنر، ليفٽيننٽ جنرل ايس. ايم عباسي صاحب، 28 آگسٽ 1982ع تي، ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ آرڪائيوز“ جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو. جسٽس غوث علي شاهه صاحب، وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ پنهنجي استقباليه خطبي ۾ سنڌ آرڪائيوز جي اهميت، ان جي ترقياتي پروگرامن ۽ مستقبل جو خاڪو پيش ڪيو. چنانچه اسان شاهه صاحب جو خطبو مهراڻ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. ساڳيءَ طرح، ڪراچيءَ ۾ ويجهڙائيءَ ۾ ٿي گذريل ميٽنگ ۾ سنڌ جي نامور عالمن ۽ محققن، اديبن ۽ مورخن، ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ کي نئين سر برپا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آزاديءَ کان اڳ، ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي قائم ڪري، جيڪا تاريخي خدمت انجام ڏني هئي، سا موجوده نئين قيادت ۽ ڪارڪنن کي چڱيءَ پر معلوم آهي. اسان کي توقع آهي ته سوسائٽي پنهنجي سابقه يادگار روايتن کي قائم رکندي، پنهنجي نئين قيام جو مقصد حاصل ڪري سگهندي.

اسان ”سنڌ آرڪائيوز“ ۽ ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي قيام تي مسرت جو اظهار ڪندي، اهل سنڌ کي اپيل ڪنداسون ته مٿين ٻنهي ادارن جي گهربل مدد ۽ تعاون جي ڏس ۾ پاڻ ملهائين، جيئن اهي ٻيئي ادارا علمي دنيا ۾ نالو روشن ڪري سگهن.

”مهراڻ“ جو پير حسام الدين راشدي نمبر“

سنڌ جي ممتاز عالم ۽ محقق مرحوم پير حسام الدين راشدي جي ياد ۾، مهراڻ جي خاص پرچي شايع ڪرڻ جو اطلاع، اخبارن وسيلي لکندڙ ۽ پڙهندڙ معلوم ڪري چڪا آهن. اهو خاص نمبر هن وقت ترتيب جي آخري مرحلن ۾ آهي. مهربان لکندڙن کي، هڪ ڀيرو وري به گذارش ڪنداسين ته 15  فيبروري 1983ع کان پوءِ پهتل مواد کي مذڪور خاص نمبر ۾ شامل ڪرڻ اسان لاءِ ڏکيو ٿيندو، ان ڪري مهرباني ڪري پنهنجا مضمون جلد مڪمل ڪري موڪلين.

وٽان تن نه آئيو، ڪو پهنوارن پهي!

مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جي دکدائڪ رحلت کان پوءِ، اهل سنڌ ڪيترن ئي برک اديبن ۽ شاعرن، صحافين ۽ مخلص علمي ڪارڪنن جي وفاتيءَ جون خبرون نهايت ڏک مان ٻڌايون آهن. بيشڪ سندن جُدايون سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهن. پراڻو قومي ڪارڪن ۽ هفتيوار ”صبح صادق“ نواب شاهه جو ايڊيٽر مولوي محمد صالح ”عاجز“، مخلص ادبي خدمتگذار ۽ صحافي نُور عباسي، ٿر جي ماروئڙن جي ديرينه ترجمان هفتيوار ”سرتاج“، ميرپورخاص جو ايڊيٽر سيد غلام رسول شاهه، سڄاڻ ليکڪ ۽ هجري پندرهين صدي جشن تقريبات قومي ڪميٽي جو سيڪريٽري غلام صديق گهانگهرو، مقبول ڪهاڻي نويس لال جوڻيجو، سنڌ جو عاشق ۽ برک اهل قلم قاضي فيض محمد، بيباڪ ۽ دلير قومي ڪارڪن ۽ صحافي ڪامريڊ غلام محمد لغاري ميرپورخاص وارو، سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو ۽ بين الاقوامي شهرت يافته اسڪالر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، قادر الڪلام، ڪهنه مشق ۽ بزرگ اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ ۽ مثالي اهل قلم ۽ موسيقيءَ جو ماهر رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي ماتلي وارو اسان وٽان، هڪ هڪ ڪري، چئن ڇهن مهينن جي عرصي اندر موڪلائي ويا، پر انهن سمورن بزرگن جون سنڌي ادب، ٻولي، تاريخ، شعر، صحافت، موسيقي ۽ سماجي سجاڳيءَ جي ڏس ۾ ڪيل بي لوث خدمتون سدائين ياد رهنديون.

اسان سندن رحلت تي نهايت ڏک جو اظهار ڪندي، سندن پوين سان تعزيت ڪريون ٿا.

 

اضافي ڄاڻ

هن پرچي ۾، ص 145-164 تي محترم قريشي حامد علي خانائي جو تحقيقي مضمون ”تورڪي – سنڌ جو قديم تاريخي قبرستان“ ڏنل آهي. مضمون جي اشاعت کان پوءِ، مانائتي ليکڪ وٽان جيڪا اضافي ڄاڻ اداري کي موصول ٿي آهي، سا هِت نقل ڪجي ٿي، جنهن کي مضمون سان متلق تصور ڪرڻ فرمائيندا.

-- ”اسان کي تحقيق ڪندي نصرپور شهر جي مقامي روايتن مان اهو معلوم ٿيو آهي ته امير شاهه قاسم بيگلار ۽ سندس پٽ شاهه قاسم خان زمان جو خانوادو اڄ به نصرپور شهر ۾ ڪاشيگرن جي محلي ڀرسان سيدن جي حويليءَ لڳ آباد آهي ۽ قديم دؤر ۾ به اتي ئي آباد هو. ارغونن جو جڏهن به ڪو ماڻهو فوت ٿيندو هو ته ان جو لاشو کڻائي، تورڪي (ميون ونهيون) جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو هو، مگر بعد ۾ پنڌ جي دشواريءَ سبب بيگلار پنهنجا لاشا نصرپور جي سول اسپتال جي ويجهو عبدالله شاهه غازيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لڳا ۽ اڄ سوڌو سندن اهوئي قبرستان آهي. هن وقت خاندان جا گهڻا فرد لڏي وڃي ٻين هنڌن تي وسيا آهن، باقي ٿورا ڪي گهڻا نصرپور ۽ انهيءَ ڪاشيگرن جي محلي ۾ رهن ٿا. سيد غوث علي شاهه ولد سيد پيرل شاهه جا مُريد آهن. مرزا محمد حسن مغل انهن بيگلارن مان آهي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ رهي ٿو. وٽس خانداني شجرو پڻ موجود آهي. بروايت محترم خير محمد مغل، نصرپور.“

-- نفيس احمد شيخ

فهرست

1ـــ شاعري

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

تنوير عباسي

بردو سنڌي

ذوالفقار راشدي

سليم ڳاڙهوي

فيض بخشاپوري

شبير هاتف

عنايت بلوچ

تاجل بيوس ۽ احمد خان آصف

محبوب سروري

محمد خان مجيدي

ا. ح. جئسنگهاڻي سام ۽ آثم ناٿن شاهي

وفا ناٿن شاهي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ميوو خان موج

انيس انصاري

رشيد ارشد ۽ عاجز اُڄڻ

احمد خان مدهوش ۽ ادل سومرو

اياز گل

مختار ملڪ ۽ زيب سنڌي

واجد ۽ ج. ع. منگهاڻي

مريم مجيدي ۽ نور شاهين

مهر پروين ۽ سوز هالائي

غلام حسين رنگريز ۽ منير سولنگي

پير بخش پياسي

مظهر جلباڻي

مقصود گل

قاضي عبدالحي قائل، نظام زائر ۽ سرفراز راڄڙ

بشير احمد شاد ۽ ناظم منگي

اسحاق راهي ۽ بيوس بازيد پوري

ساجد لعلپوري

مختار گهمرو

مسافر عباسي ۽ منظور مگسي

مشاهد منگي، سميع لنڊ ۽ حيدر شاهه

عزيز بروهي ۽ بسمل راڌڻائي

سيد ماڪن شاهه رضوي

شاهه زمان شير ۽ فياض بلوچ

پيرل پرديسي سيتائي

محمد رمضان ڪمبوه زلفي ۽ شمس صابر

غلام مصطفيٰ مشتاق ۽

ارباب علي عادل چوهاڻ

بخشڻ مهراڻوي، الطاف آگرو ۽ نواز سومرو

مسرور سومرو ۽ شوڪت علي ڌماچ

معصوم سانگهڙائي ۽ مومن مليرائي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com