سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4-  1982ع

مضمون

صفحو :3

شبير هاتف

غزل

مون کي ملندو مزده صبح بهاران عنقريب،

بام تي ايندو سڄڻ سائين خرامان عنقريب.

ايندو ايندو غيرتِ چشم غزالان عنقريب،

رشڪِ صحرا آه دل، ٿيندي گلستان عنقريب.

چيلهه تي ڇوڙي ڇڏيندو زلفِ پيچان عنقريب،

منهنجي بربادي جو پيدا ٿيندو سامان عنقريب.

هو به ضد آهي ته گهر ٻاري ڪبي ڏياري ضرور،

روشنيون ٿينديون سيه بختن لئه ارزان عنقريب.

خار وخس کي جن ڪيو ريحان وسوسن جو بدل،

سي سڏائيندا هتي جانِ بهاران عنقريب.

جي نگاهِ ناز جون هي فتنه سامانيون رهيون،

پاڻ کان ويندا ڇڏائي امن و ايمان عنقريب.

منهنجا سانگيڙا وري پيا سانگ جو سانباهو ڪن،

آگمين اکين ۾ اُٿندا ڪيئي طوفان عنقريب.

جن جي جلوي ساڻ ٻهڪي ٿو جهانِ رنگ و نور،

دل جي خس خاني ۾ شايد ٿيندا مهمان عنقريب.

حسن وارن ۾ اسان جي حوصلن جي هاڪ آه،

قتلِ گاهِ عشق ۾ ٿينداسون قربان عنقريب.

عشق جا بيمار آهن اهڙي منزل تي رسيا،

درد دل ئي درد دل جو ٿيندو درمان عنقريب.

”هاتف خسته ٿو چورائي حسينن جون دليون“

شاعري ۾ هي به هڪڙو ٿيندو عنوان عقريب.

عنايت بلوچ

ڪافي

اڄ ڪيچ ۾ برسات پئي،

وه واهه وسڪارا ڪري!

پَر ڪيئن ڪيان، قسمت ڪيا،

پيارا پرين، مون کان پري.

ڇو سڪ ڏني دل کي ڇڪي،

اڄ چاڪ دل جا پيا چڪي،

روئان رڙان لوڪان لڪي،

ساعت نه سڄڻ ريءَ سري.

بوندون وسن، پنبڻيون ڀڄن،

اکڙيون ٽِمن، ڳوڙها ڳڙن،

ديدون سڪن، راهون ڏسن،

ساٿي سنڀاري دل ڳري.

جذبا جهڄن، ٻانهون کڄن،

آهون اُٿن، باهيون ٻرن،

وارا وَرن، ميلا مچن،

آهيان اُميدن آسري.

مونجهون رهان، جهوري ججهان،

ڪاڏي وڃان، ڪنهن کي چوان،

پيارا پَسان، سَرهو ٿيان،

مارؤن ملان، ڀاڪر ڀري!

تاجل ”بيوس“

وائي

 

لکين سج لهي ويا، کيڙيندي کارو

آيل! انگ نه ڍڪيو!

جوٽيءَ چنڊ فراق جا، آندم اڌوروـــ

آيل! انگ نه ڍڪيو!

آءٌ به هڪ آسائتي، سانوڻ سيارو

آيل! انگ نه ڍڪيو!

سڙه ڏٺا مون سامهان ڏريندي ڏارو

آيل! انگ نه ڍڪيو!

احمد خان ”آصف“

 

غزل

عقل و خرد کان بس اڙي عاقل ڪئي اٿئون،

عشقِ حبيب ۾ ته چري دل ڪئي اٿئون.

سچ پچ ته قيد هن کان رهائي نٿا گُهرون،

دل دامِ زلف سان کڻي شامل ڪئي اٿئون.

جنهن ڏينهن کان ڏٺوسين سندءِ رخ اي ماه رخ،

پنهنجي نظر نه چنڊ ڏي مائل ڪئي اٿئون.

هن سنگدل کي دل سان اسان دل ڏئي ڇڏي،

طوفان ساڻ شمع مقابل ڪئي اٿئون.

مجنون جو من مثال جهان کي وري ملي،

صحرا ۾ تنهنڪري وڃي منزل ڪئي اٿئون.

دل کي دلاسا ڏيئي اسان دل جهلائي آه،

مس مس سان ڪنهن جي پيار جي قابل ڪئي اٿئون.

چرخ ڪُهن جي ڪجروي جو ڪوبه ڏک نه آه،

دلگير ناهيون پاڻ وڏي دل ڪئي اٿئون.

حسن و جمال من ڪو وفا جو اکر سکي،

آصِف! اپيل عشق جي داخل ڪئي اٿئون.

محبوب سروري

غزل

سچ! منهنجي چپن ساڻ شب و روز لڳل آ،

يا جام شراب آهه يا معشوق جو ڳل آ.

منتر نڪو جنتر نڪو جادو يا رمل آ،

سهڻن جو سدا منهنجي اڳيان ميڙو متل آ،

هروقت حسينن جي مان جهرمٽ ۾ رهان ٿو،

هي پاڪ نظر، پاڪ محبت جو عمل آ.

هر شيءِ کي ڏسي نيٺ نظر ٿڪجي پوي ٿي،

جنهن کان نه نظر ٿڪجي سو معشوق جو ڳل آ.

قاتل به وڏي سوچ ۾ ويو گم ٿي گهڻي دير،

هُن منهنجي هٿن تي جو ڏٺي ميندي لڳل آ.

هر قسم جو ميوو ٿو پچڻ بعد ڪِنو ٿئي،

هر وقت سٺو جو رهي سو پيار جو ڦل آ.

ڇا عشق فقط آهه شهنشاهه جو ميراث؟

ڇا پيار جو اُهڃاڻ فقط تاج محل آ؟

ڪعبي کي چمي آيون سڄڻ سائينءَ جون اکيون،

ماڻهن جو خيال آ ته پرينءَ پاتو ڪجل آ!

ديوار جي هُن پاسي چيو پرده نشينن،

محبوب جو هي خوب! غضب جهڙو غزل آ!!

محمد خان مجيدي

نظم

لاڙ جو ماڻهو لاباري تي

هُو لاڙ جا ماڻهو لوه کان ڏاڍا گرمي سردي پاري ۾،

هُو لاڙ جا ماڻهو خوبين وارا يارو خاص خساري ۾،

هُو ڏينهن به ڏُکن ڏولائن ۾ ۽ رات به ڳڻتي ڳاري ۾،

هُو ويٺي ويٺي پُوريون ڪن ٿا راتيون پوه سياري ۾،

هُو پنهنجي پگهر ۾ ٿا وِهنجن واهوندي وسڪاري ۾،

هُو ڇانڀ اُتر ۾ پاڻي ڇوڙيو ڇاٽا ڪن ڇَٽڪاري ۾،

سڀ ماکي چُوسِي مکــَّن باقي ميڻ رهي ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دِل سان وانگين جي واڌاري ۾.

هُو پيٽ جي ڪارڻ پنڌن ۽ پَرديسن جي پٽڪاري ۾،

هُو ٻارن ٻچن وارا ماڻهو روز مصيبت ماري ۾،

هُو ڏُکن واري ڏرڻي ۾ ٿا ڏرجن گڏجي ڏاري ۾،

هُو پيٽ جي باهه اُجهائڻ خاطر اَٽڪن لٽڪن آري ۾،

هُو وَهٽن وانگر روز وهن ٿا ٻني ٻاري گاري ۾،

هُو ڪنهن کان ڪين گهُرن ٿا ڪنهن پرڪائي چيز اُڌاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکّن باقي ميڻ رهي ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

هُو ڪکّ اباڻا لکّن وارا ڇوٽ ڇڏي ويا ڇاري ۾،

هُو باقي بچت ڏيئي ويٺا سيٺين جي سانداري ۾،

هُو واڻيئي وانگر ڳؤرا آهن ڀَرتو ٻيڙي ساري ۾،

هو پاليل پکّي وانگر آهن ڪنهن جي اوٽ اشاري ۾،

هُو نظرون پايو ويٺا آهن قِسمت واري تاري ۾،

هُو هرڪا چيز لُٽائي ويٺا جوڳي واري ڍاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکّن، باقي ميڻ رهي ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

هو پاڻي پوک جو پورو ناهي ڪيٽي بندر کاري ۾،

هُو لاڙ جون کاريون ناليون ڏس لهواري ۾ اوڀاري ۾،

هو پورهيت تن لاءِ پورهيو ناهي ٺٽي گُجي گهاري ۾،

هو ڍڳا ڊانڍا ڏيئي ويٺا ڪُڙمت جي ڪاٻاري ۾،

هو لائي ڪارڻ لالڻ نڪتا لڏن سان لاباري ۾،

هو چيٽ چتائي نڪتا آهن ڪَڻڪن جي ڪاٽاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکّن، باقي ميڻ رهي ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

هو لاڙ جا موتين جهڙا ماڻهو ڪالهه رَسيا ڪاماري ۾،

هو ڏوٿي ڏاٽن وارا پهتا ڊگهڙي ۽ ساماري ۾،

ڪي مير وڏي جي لانڍي وٽ ڪي پهتا ڍوري ناري ۾،

هو ڀَر ۾ ڀونگا ٺاهي ويٺا ٽاري جي اوٽاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکّن، باقي ميڻ رهي ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

 

هو ڪَلها ڪَچا نازڪ ٻچا ڪڙهيا ڪاڙهي ڪاري ۾،

هو پيٽ جي ڪارڻ پني آيا پاڻک لَهسي پاري ۾،

ڪي ماني کائن مِرچن سان ڪي چٽڻي ۽ ٿوماري ۾،

ڪي پورهيو ڪن هِن نمبر ۾، ڪي لابارو ڀَر واري ۾،

ڪن تڪّ سچا هُو والاريا ـــ ڪي پکڙيا ٻاري ٻاري ۾،

ڪن ماڻهن مال چرڻ لاءِ آنديون ڀَريون ڀاڪر چاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکّن، باقي ميڻ رهي ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

 

ڪن لوڊون آنديون لائي مان ڪن داڻا آندا کاري ۾،

ڪن ڪڻڪون آنديون مَڻين مُنهين ڪن ڳارو آندو ڳاري ۾،

هُو لائي وارا لائي وارا ڏاڍي نينهن نظاري ۾،

هو لائي وارا مَهل تي پهتا موٽي گُنگڙي ڪاري ۾،

هي آهه لکيو مون ٿورو ڪوئي وڌ لکي هن باري ۾،

شل موليٰ تن جو ماڳ وَسائي کيٽ کِڙن ڪي کاري ۾،

سڀ ماکي چوسي مکّن، باقي ميڻ رهي ماناري ۾،

ڪو آهي ڪم ڪري جو دل سان وانگين جي واڌاري ۾.

ا. ح. جئسنگهاڻي ”سام“

غزل

ديد تنهنجي جي تلاش آهي سندم فڪرات ۾،

ياد جا تارا ٽڙن ٿا غم جي ڪاري رات ۾.

تنهنجي ٿي هرهڪ ادا طوفان بڻي مون لئه اچي،

آس آ طوفان بدلجي من پوي برسات ۾.

هر قدم تي هر سهارو ٿو بڻي ڪربل پوي،

راز تنهنجو ڪو لکي آ قرب تنهنجي ڪات ۾.

سڀ لٽي تن من ڦٽي بي واهه ۽ بيوس ڪري،

چؤطرف پنهنجي ڇڪين ٿو واڳ ڏيئي وات ۾.

من کي گهيري ٿو جڏهن ڪو خام خوشين جو فريب،

غم ڏئي پختو ڪرين دل کي تڏهن هر بات ۾.

ڏينهن ڏوريان ۽ پتوڙيان پاڻ ڪوشش ۾ گهڻو،

تون ملين دنيا جڏهن چپ ٿي وڃي اڌ رات ۾.

عقل مقصد کان پري آسُن جي رڃ ۾ ٿو ڦري،

غور غم سان ’سام‘ کي ڏين سڪ گڏي تون گيات ۾.

آثم ناٿن شاهي

غزل

ڌوڙِ برابر سارو ڌَنُّ

ماڻڪ جهڙو تُنهنجو مَنُّ.

جوڙُ نه تُنهنجو، ڪابه جواني، سونهن نه ڪائي تُنهنجو سَنّ.

تُنهنجي آڏو منهنجي هَستي، آنڌيءَ ۾ جيئن اُڏري پنُّ

منهنجو ساهه سڄڻ تون آهين، تو ريءَ منهنجو سکڻو تَنُّ.

اهڙو منهنجو ڀاڳُ ڪٿي آ!؟ جهڙو تُتنهنجو آ جوڀَنُّ!

ڪنهن جي سوچ سَرنۡهن جو داڻو، ڪنهن جو ’آثم‘ اڻکُٽُ فَنُّ.

وفا ناٿن شاهي

غزل

اوڀاريون، لهواريون آهن،

ڦِرڻيون گِرڻيون ٻاريون آهن.

اڇيون آهن، ڪاريون آهن، سڀ ڀالا تلواريون آهن.

هن گهر ۾ دروازو ڪونهي، هر پاسي ديواريون آهن.

تنهنجون نظرون، تنهنجون مرڪون، سڀ دل جون بيماريون آهن.

پنهنجو پاڻ به وس ۾ ناهي، اهڙيون خودمختياريون آهن.

لاباري جي مُند اچي وئي، سَٽ ڪُٽ آهي، ساريون آهن.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

وائي

جيڪو آيو سور ڏئي ويو،

پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.

ڪورا هئاسين، ڇورا هئاسين، نينهن سندو ڪو نور ڏئي ويو.

پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.

من کي ٽوڙي موڙي ڪوئي، محبت جو هي مُور ڏئي ويو.

پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.

من پرڀائي چاڪ چڪائي، دلڙي چوران چور ڏئي ويو.

پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.

دل جي دارونءَ بدران ڪوئي، ڪهڙو هي ڪافور ڏئي ويو.

پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.

هنجون هاري ڪوئي روئي، محبت جو مذڪور ڏئي ويو.

پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.

پرت سندو ڪو پيالو پياري، منڙو هي مخمور ڏئي ويو.

پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.

ميوو خان ”موج“

جوانيءَ جي جدائي

اي جواني! توکي پنهنجي جند جان سمجهو ٿي مون،

پنهنجي خاطر توکي دولت بيڪران سمجهو ٿي مون.

شاد شامل تون ته خود کي شادمان سمجهو ٿي مون،

ساٿ رهندو تنهنجو مون سان هر زمان سمجهو ٿي مون.

خود کي تنهنجي ڏاڍ، ڏڍ، ڏاڍو جوان سمجهو ٿي مون،

خانمان برباد ويري رائگان سمجهو ٿي مون.

بيوفائي جو نه تو ۾ ڪو گمان سمجهو ٿي مون،

تنهنجي منهنجي دوستيءَ کي جاودان سمجهو ٿي مون.

هر دلي خواهش کي دل جو ترجمان سمجهو ٿي مون،

ٻيون صلاحون نيڪ ڀي، بارِگران سمجهو ٿي مون.

تو جيهو ڪنهن کي نه خود تي مهربان سمجهو ٿي مون،

توکي پنهنجو پاسخاطر، پاسبان سمجهو ٿي مون.

تنهنجي شفقت پنهنجي سر تي سائبان سمجهو ٿي مون،

پاڻ تي رب العليٰ کي مهربان سمجهو ٿي مون.

هيچ هر خورد و ڪلان، منهنجي اڳيان سمجهو ٿي مون،

ڪٿ نگاهن ۾ ڪوئي، پير و جوان سمجهو ٿي مون.

ڪونه مَٽ پنهنجو ڪنهين کي بي گمان سمجهو ٿي مون،

پنهنجي سامهون هر توان کي ناتوان سمجهو ٿي مون.

پنهنجي ليکي پاڻ کي ڪوهِ گران سمجهو ٿي مون،

پنهنجي عظمت اوج کي بر آسمان سمجهو ٿي مون.

هٺ، وڏائي کي سڪونِ قلب و جان سمجهو ٿي مون،

پنهنجي ڪروفر جو طره کي نشان سمجهو ٿي مون.

منهنجي ٻولي، مان ۽ مئين ۽ خود کي مان سمجهو ٿي مون،

گفتگو ٻي هر مقالِ جاهلان سمجهو ٿي مون.

پنهنجو مٽ دنيا ۾ آهيان پاڻ مان، سمجهو ٿي مون،

اُف! بنڀلجي تنهنجي بل! ڪيڏو نه ڀان سمجهو ٿي مون.

اي جواني! ساٿ ٽوڙيو تو!! توکي ساريان پئو!!!

خاڪ ۾ وئين! خاڪ ڇاڻيان!! خاڪ سر واريان پئو!!!

انيس انصاري

ڪلارڪ

بانس جي لڪڙين جو ٺهيل هڪ ماڻهو

خون جنهن ۾ ذرو ڀي ناهي

شام جو پنهنجي اٿيو دفتر مان

نور نچوئي ڪاغذ ٺاهي.

 

ٿڳڙين پوش پيرين اگهاڙي ٻچڙي

پيءُ کي موڙ تان ايندي جو ڏٺو

ڊوڙندي ڊوڙندي وڃي ماءُ کي هن ڳالهه ڪئي

بُوٽ منهنجو نئون بابا آ آندو شايد

ڳنڍ هڪ بابا جي هٿن ۾ آهي.

 

چُوپيل چُوسيل هو ڪمند جو چوپو

رس نه رهي جنهن ۾ ڪا حلاوت باقي

پيٽ خالي ۽ انگ اُگهاڙي عورت

خود نسائيت کي شرم جنهن تي آهي

مُرڪندي پٽ کي چيو بُوٽ نه آهي ٻچڙا

ان ڳنڍ ۾ بُک دور ڪرڻ جو سامان آهي

ڪجهه اٽو ۽ چانور ٿورا.

 

۽ هو فاقه ڪش زرد رو انسان

انسانيت به جنهن کان وهلور وڃي

ڳنڍ کي کوليو اچي پنهنجي گهر ۾

هن کي اڃا ڪجهه ڪم ڪرڻو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com