ڊاڪٽر خادم حسين منهنجي پٽ دودي جو معائنو ڪيو.
لوهي چمٽو دودي جي نڙيءَ ۾ لاهڻ کان پوءِ، هن ٽارچ
ٻاري دودي جي نڙيءَ جو معائنو ڪيو. ڪافي دير کان
پوءِ ڊاڪٽر خادم حسين چيو، ”تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾
ڪجهه به ڦاٿل نه آهي.“
دودو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. ڊاڪٽر خادم حسين کي دودي
جو کلڻ پسند نه آيو. مون کي چيائين، ”تنهنجو پٽ
ٺٺولي پيو ڪري ڇا!“
چيم، ”مان سمجهان ٿو هيءُ تاريخ تان ٺٺولي ڪري
رهيو آهي.“
”تون پنهنجي پٽ کي وٺي وڃ.“ ڊاڪٽر چيو، ”تنهنجو پٽ
بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي.“
چيم، ”منهنجو پٽ فقط ٺاڪ آهي. ٺيڪ نه آهي.“
”نيڪسٽ!“ ڊاڪٽر ٻئي مريض کي اشاري سان سڏ ڪيو.
دودي کي هنج ۾ کڻي مان ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال
مان مايوس ٿي ٻاهر نڪتس. اسپتال جي ٻاهران وليداد
ملي ويو. هن مون کان حال احوال ورتو. ڪو وٺيس يا
نه وٺيس، وليداد صلاح مشورو جام ڏيندو آهي.
چيائين، ”تون پنهنجي پٽ کي ڪنهن ماهر نفسيات ڏانهن
وٺي وڃ. مون کي ته تنهنجو پٽ نفيساتي مريض ٿو
لڳي.“
دودي هٿ وڌائي وليداد جي ٺوڙه تي ٺونگو هنيو.
”تنهنجو پٽ بدتميز قسم جو نفسياتي مريض آهي.“
وليداد چيو، ”هن کي هڪدم ماهر نفسيات ڏانهن وٺي
وڃ.“
چيم، ”ماهر نفسايت کي ڏين لاءِ مون وٽ ڪجهه به نه
آهي ــــ نه چمڙي، نه دمڙي!“
”ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.“ وليداد چيو، ”تون پنهنجي
بدتميز پٽ کي دماغي مرض جي ڊاڪٽر عبدالجبار ڏانهن
وٺي وڃ. تازو تازو آمريڪا مان ڊاڪٽري ڪري آيو آهي،
۽ دماغي ۽ نفسياتي مريضن جي آمد جو انتظار ڪندي
ڪندي پاڻ به نفسياتي مريض ٿي پيو آهي.
چيم، ”پر في ته وصول ڪندو هوندو.“
”اهو ئي ته ڪمال آهي جو في نه وٺندو آهي.“ وليداد
چيو، ”هو پنهنجو علم آزمائڻ لاءِ مريضن جو منتظر
رهندو آهي ــــ ۽ في وٺڻ بدران مريضن کي ٻه ــ ٽي
رپيا خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي.“
دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڏس
پتو وٺي مان دودي کي ڪڇ تي کڻي، سڌو عبدالجبار جي
اسپتال پهتس. هو ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو جوان هو، پر پيٽ
بيحد وڏو هوس، ۽ ٽڪڻ جا چڱا چوکا وار لهي ويا هئس.
نهايت تفصيل سان مون عبدالجبار کي دودي جي باري ۾
ٻڌايو ته ڪيئن هو ڳالهيون ڪندو هو ـــ ٺٺوليون
ڪندو هو ـــ ماڻهن، خاص ڪري پوڙهين عورتن جي اهل
ڪندو هو ـــ ۽ سڄو ڏينهن کلندو رهندو هو ـــ ۽
پنهنجي ناني ابراهيم کير واري سان ته بِنهه نه
ٺهندو هو ـــ پر اڄ صبح کان خاموش ٿي ويو آهي ـــ
ڳالهائڻ بند ٿي ويو اٿس ـــ بس، کلڻ تي زور اٿس.
عبدالجبار ڏاڍي پاٻوهه مان دودي کان پڇيو، ”يار،
ڪيئن آهين؟“
دودي وات کولي، آڱر سان پنهنجي وات ڏانهن اشارو
ڪيو.
عبدالجبار مون کان پڇيو، ”ڇا ننڍپڻ ۾ دودي کي ڪو
سخت ذهني صدمو پهتو هو.“
”ڪهڙي قسم جو صدمو!“ مون عبدالجبار کان پڇيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار چيو، ”ڪو اهڙو صدمو، جيڪو دودي جي
تحت الشعور مان ٿيندو سندس لاشعور ۾ شامل ٿي ويو
آهي.“
”مان دودي جي تحت الشعور ۽ لاشعور کان بنهه بيخبر
آهيان.، چيم، ”مون کي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجو
پٽ ڏاڍو باشعور آهي.“
دودو زور زور سان کلڻ لڳو ۽ هاڪار ۾ مٿو ڌوڻڻ لڳو.
ڊاڪٽر عبدالجبار پڇيو، ”تون ڪيئن ٿو چوين ته
تنهنجو پٽ باشعور آهي.“
چيم، ”منهنجو پت ٽيليويزن تي سگريٽ جي اشتهار ۾
سيٽسفيڪشن سان نظر ايندڙ ڇوڪري تي عاشق ٿي پيو
آهي.“
دودو هاڪار ۾ مٿو ڌوڻڻ لڳو.
ڊاڪٽر پڇيو، ”ڇا تنهنجو پٽ ان ڇوڪريءَ سان شاديءَ
جو خواهشمند آهي؟“
چيم، ”شايد، ها.“
ڊاڪٽر پڇيو، ”هڪ سخت ۽ جابر پيءُ وانگر ڇا تون ان
شاديءَ جي حق ۾ نه آهين!“
”منهنجي حق ۾ هئڻ، يا نه هئڻ جو مسئلو نه آهي.“
چيم، ”اها شادي نه ٿي سگهندي.“
”ڇو نه ٿي سگهندي!“ ڊاڪٽر ڇڙٻ ڏيندي مون کان پڇيو.
مون دودي ڏانهن ڏسندي چيو، ”دودو هينئر پنجن سالن
جو آهي. دودو جڏهن شاديءَ جي لائق ٿيندو، تڏهن
سيٽسفيڪشن واري ڇوڪري پوڙهي ٿي چڪي هوندي، ۽ سنڌن
جي سور ۽ مٺن پيشابن جي مرض ۾ مبتلا هوندي ــــ يا
ان وقت تائين وڃي مالڪ حقيقي کي ملي هوندي.“
”اوهه! آءِ سي!“ ڊاڪٽر جبار سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه
دير کان پوءِ هن پڇيو، ”هيءُ جڏهن ننڍو هو، تڏهن
سندس ماٽيجي ماءُ جو ساڻس ڪهڙي قسم جو رويو هوندو
هو.“
”هيءُ ته هينئر به ننڍڙو آهي ـــ فقط پنجن سالن جو
آهي.“ چيم، ”هن جي ماءُ ابراهيم کير واري جي ڌيءَ
آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي مرڻ جو ته سوال
ئي پيدا نٿو ٿئي. دودي لاءِ ماٽيجي ماءُ ڪٿان
ايندي!“
دودو ڏاڍي زور سان کلڻ لڳو ۽ کلي کلي کيرو ٿي پيو.
عبدالجبار جي منهن تي گهُنڊ پئجي ويو. هن غور سان
دودي ڏانهن ڏسندي پڇيو، ”هيءُ ڪٿي ڪو ڄامڙو پوڙهو
ته نه آهي، جيڪو ناڪام محبت جا صدما سهندي سهندي
تحت الشعور ۽ لاشعور جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو
آهي!“
جهٽ ڏيئي مون دودي کي کڻي ورتو. ان کان اڳ جو
ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال مان نڪري وڃان، ڊاڪٽر
عبدالجبار منهنجي کيسي ۾ ڏهن رپين جو نوٽ وجهي
ڇڏيو.
دودي کي هنج ۾ کڻي، مايوسيءَ جي عالم ۾ مان
هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. ۽ پوءِ، هيڏانهن
هوڏانهن ڀٽڪندي بي انداز ڏينهن گذري ويا، ۽ بي
انداز راتيون گذري ويون. دودي جي نڙيءَ ۾ بدستور
ڪا پُراسرار شيءِ ڦاٿل رهي ۽ هن جو ڳالهائڻ بند
رهيو. بظاهر کيس ڪا به تڪليف نه هئي. بس، هن
ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. دودي جي خاموشيءَ سبب مان
پريشان رهڻ لڳس.
هڪڙي ڏينهن منهنجي پهلوان سهري، ابراهيم کير واري
چيو، ”اڙي ڀولا، بيمار ڇو ٿي پيو آهين! ڪهڙي وڏي
ڳالهه آهي جو پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.“
”تمام وڏي ڳالهه آهي، سائين بابا.“ چيم،
”ڳالهائيندو نه، ته پوءِ راڳ درٻاريءَ جو وڏو
ڳائڻو ڪيئن ٿي سگهندو!“
”اڙي ڀولا!“ منهنجي سهري اُلر ڪندي پڇيو، ”دودي کي
ڳائڻ وڄائڻ ۾ هڻندين ڇا!“
”ڳائڻ وڄائڻ نه، سائين بابا.“ چيم، ”مان دودي کي
فقط راڳ درٻاريءَ جي تربيت ڏياريندس.“
منهنجي سهري کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. چيائين،
”اڙي ڀولا، مٿو ته نه ڦري ويو اٿئي!“
”منهنجو مٿو جائيتو آهي، سائين بابا.“ چيم، ”دودو
راڳ درٻاريءَ کان سواءِ دنيا ۾ ترقي ڪري نه
سگهندو.“
”وڏو ٿي ڦاڙها ماريندو ڇا!“ منهنجي سهري پڇيو.
”جيستائين دودو وڏو ٿيندو، تيستائين ملڪ مان ڦاڙها
ختم ٿي ويندا.“ چيم، ”تڏهن دودو پاڻ ڦاڙهو ٿي
پوندو، ۽ شڪاريءَ کان جان بچائڻ لاءِ کيس راڳ
درٻاري ڳائڻو پوندو.“
منهنجو سهرو، ابراهيم کير وارو، کير جو دٻو کڻي،
مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هليو ويو.
مون دودي کي پيار ڪندي چيو، ”پيارا پٽ دودا، ٽئين
دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ توکي راڳ درٻاريءَ جو فنڪار
ٿيڻو پوندو. اهو لازمي آهي. هينئر راڳ درٻاريءَ
کان سواءِ، اسان جهڙن انسان لاءِ دنيا ۾ جيئڻ ممڪن
نه آهي.“
دودو کلڻ لڳو.
۽ پوءِ، دودي جي خاموشيءَ جي خبر اوڙي پاڙي ۾
پکڙجي ويئي. ڪجهه ڪراڙين، جن کي وات ۾ ڏند نه هو،
فتويٰ ڏيندي چيو ته دودي تي جنن جو واسو آهي، ۽
جنات سندس نڙيءَ ۾ ڪا پُراسرار شيءِ اٽڪائي سندس
ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
پاڙي جي کنڊين پوڙهين جي صلاح تي مان دودي کي هڪ
بنگالي پروفيسر ڏانهن وٺي ويس، جنهن جو جنن سان
سڌو اڻ سڌو واسطو هو. بنگالي پروفيسر سنهڙو سيپڪڙو
هو، ۽ هوبهو سُڪل ڇوهاري جهڙو نظر پئي آيو. مون
کان دودي متعلق سربستو احوال وٺڻ کان پوءِ هن دودي
کي هڪ ميز تي سمهاري ڇڏيو، ۽ پوءِ سمجهه کان ٻاهر
جملا وات مان ڪڍڻ لڳو. اوچتو ڪڏهن ٻانهون آسمان
ڏانهن ڪري، ۽ ڪڏهن دودي جي اکين ۾ اکيون وجهي هو
بي معنيٰ جملا وات مان ڪڍندو رهيو.
بنگالي پروفيسر جون حرڪتون ڏسي دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ
لڳو.
بنگالي پروفيسر جنتر منتر پڙهڻ کان پوءِ چيو،
”تنهنجي پٽ تي ڪوهه ڪاف جي هڪ پري عاشق ٿي پيئي
آهي. هن پنهنجي مٺ تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ وجهي ڇڏي
آهي.“
”وڏي ڪا بيوقوف آهي، ڪوهه ڪاف جي پري.“چيم، ”مون
کي ڇڏي منهنجي پٽ تي عاشق ٿي پيئي آهي!“
”اِها ڪا چرچي جهڙي ڳالهه نه آهي.“ بنگالي پروفيسر
چيو، ”ڪجهه پريون اصل ۾ جنن کان وڌيڪ خطرناڪ
هونديون آهن.“
چيم، ”پر دنيا جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي
ڌيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ نه هوندي.“
بنگالي پروفيسر پڇيو، ”ابراهيم کير واري جي ڌيءَ
ڪير آهي، ۽ تنهنجو هن ساڻ ڪهڙو تعلق آهي؟
”ابراهيم کير واري جي ڌيءَ منهنجي زال آهي.“ چيم،
”هوءَ منهنجي پٽ دودي جي ماءُ آهي. پروفيسر صاحب،
دنيا جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي پٽ
تي قبضو ڪري نه سگهندي.“
بنگالي پروفيسر سان وڌيڪ مٿو مارڻ بيڪار سمجهيم.
دودي کي هنج تي کڻي سندس آفيس مان نڪري ويس.
پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته شهر ۾ هڪ درويش آيو آهي، جيڪو
دلين جي راز تان پڙدو کڻندڙ، ۽ ماضي، حال ۽ مستقبل
تي دسترس رکندڙ آهي. پهتل ۽ الله لوڪ شخص آهي. مان
دودي کي درويش ڏانهن وٺي ويس.
درويش جون اکيون بند هيون. هو گَهري سوچ ۾ گم هو.
معتقد ۽ سوالي ڪنڌ جهڪائي خاموش بيٺا هئا.
ڪجهه دير کان پوءِ درويش اکيون کوليون ۽ پنهنجون
نگاهون دودي جي چهري تي اٽڪائي ڇڏيون. دودي تان
نگاهون پري ڪندي، ۽ مون ڏانهن ڏسندي درويش چيو،
”تنهنجو پٽ سڄي عمر هڪ عورت جي چاهت ۾ ڦٿڪندو
رهندو، پر ان عورت سان پنهنجي بيپناهه محبت جو
اظهار ڪري نه سگهندو.“
مون تعجب وچان اول دودي ڏانهن، ۽ پوءِ درويش ڏانهن
ڏٺو.
”تنهنجو پٽ ڪُل جڳ ۾ عشق جو امان ٿيندو.“ درويش
چيو، ”هو سڄي عمر فرهاد وانگر خوابن جا جبل ٽڪيندو
رهندو، پر تعبيرن ۾ پنهنجي شيرين کي حاصل ڪري نه
سگهندو.“
مون ڏٺو، دودو تمام غور سان درويش جون ڳالهيون ٻڌي
رهيو هو.
درويش چيو، ”سَت سُر تنهنجي پٽ جي وجود ۾ سنگيت جي
ڪائنات کي جنم ڏيندا؛ پر دنيا جو ڪو شخص تنهنجي پٽ
جا آلاپ ٻڌي نه سگهندو. پيار جا گيت تنهنجي پٽ جي
چپن تي اچڻ کان اڳ خاموش ٿي ويندا.“
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون دودي کي هنج ۾ کڻي پيار
ڪيو.
مون درويش کان پڇيو، ”پر، هن ڳالهائڻ ڇو ڇڏي ڏنو
آهي؟“
درويش پنهنجو منهن مونن ۾ وجهي ڇڏيو. ڪجهه دير کان
پوءِ هن منهن مٿي ڪيو، ۽ چيو، ”تنهنجو پٽ جڏهن
جوان ٿيندو تڏهن دنيا جو رنگ ڍنگ نرالو هوندو. هو
معاشري جي روش مطابق ڪوڙ جا ڪوٽ کڙا ڪري نه سگهندو
ـــ هو اوندهه کي روشني ۽، ظلم کي انصاف چئي نه
سگهندو.“
درويش ٻانهون وڌائي دودي کي منهنجي هنج مان کڻي
ورتو. هن دودي کي پيار ڪيو، دودو خاموشيءَ سان
درويش ڏانهن ڏسڻ لڳو.
درويش، دودي کي منهنجيءَ هنج ۾ ڏيندي چيو، ”تنهنجي
پٽ پيار جي پيالي مان خاموشيءَ جي زهر جو ڍُڪ ڀري
ورتو آهي. هو سڄي عمر درد جي علامت تي جيئندو، ۽
خاموش رهندو.“
دودي پنهنجو منهن منهنجي سيني تي رکي ڇڏيو.
انيس انصاري
ڳالهه وئي وسري
”گڙ... گڙ...“ حقي مان آواز نڪتو. ٿوري کنگهڪر ڪري
ڏاڏي سائينءَ ڳالهه شروع ڪئي.
”هِڪڙو هو بادشاهه،“ وري حقي جي گڙ گڙ ٻڌڻ ۾ آئي.
مان چيو، ”جيءُ“.
جواب مليو. ”مٺو کير پيءُ. ڳالهه تي لڳا آهن ٽڪا.
ٽڪو ڏي ته ڳالهه مزو ڪري.“
اسان کي کلندي کلندي پيٽ ۾ سور پئجي ويو. شانو، جو
اسان سڀني ۾ ڦڙت ۽ چالاڪ هو، تنهن کيسي مان ٽڪو
ڪڍي ڏاڏي جي هٿ تي رکيو. وري نئين سر ٽهڪڙو مچي
ويو.
سياري جون راتيون، الله جي پناهه. غصب جي سردي
هئي. هوا سوساٽ ڪندي، درين جي وٿين مان لنگهي
سوڙين مان پار ٿي، بدن ۾ وڍ وجهي رهي هئي. مون
باهه کي سوريو. ڳالهه شروع ٿي:
”بادشاهه پاڻ الله آهي، پر هو زماني جو بادشاهه
هو. سندس راڄ ۾ شينهن ۽ ٻڪري گڏ چرندا هئا.“
مان خيالن ۾ پئجي ويس. هڪ وڏو ميدان هو، جنهن ۾
ڀانت ڀانت جا جانور چري رهيا هئا. ڀرسان، هڪ ئي
گهاٽ تان بگهڙ ۽ رڍون پاڻي پي رهيا هئا. ٿورو
پريان وري ڳجهون ميڙ ڪري، هنداڻن جا وڏا وڏا ٽڪر
ڳڙڪائي رهيون هيون. شينهن ۽ ٻڪري گاهه چري رهيا
هئا. دل ۾ خيال ٿيو ته شايد ان بادشاهه جي ڏينهن ۾
سڀ جانور ڀاڄي خور هئا، نه ته ائين ممڪن ڪونه هو
ته ڪو شينهن ۽ ٻڪري گڏ چرن يا بگهڙ ۽ رڍ هڪ گهاٽ
تان پاڻي پين.
خيالن جو سلسلو حقي جي گڙ گڙ سان ٽٽي پيو. ڳالهه
شروع ٿي:
”ان زماني ۾ شاهوڪار غريب هئا ۽ غريب شاهوڪار.“
اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ڪين آئي، ائين ڪيئن ٿي
سگهيو ته ان زماني ۾ امير فقير هجن ۽ فقير امير!
زميندار هاري هجن ۽ هاري زميندار. ڳالهه کي سمجهڻ
لاءِ مون ڏاڏي کان پڇيو: ”ڀلا، ڏاڏا سائين! ان
زماني ۾ ماستر ڇا ڪندا هئا؟“
”شاگرد!“ شاني وچ ۾ جواب ڏنو.
”۽ شاگرد؟“ مون پڇيو.
”استاد“ جواب مليو. شاني جي منهن تي آيل مُرڪ جو
مطلب مون ڪونه سمجهيو.
منهنجي اکين اڳيان پنهنجي اسڪول جي تصوير ڦري
ويئي. اڇن ڀتين ۽ سيخن لڳل درين واري اسڪول ۾ هڪ
ڇنل ڪرسيءَ تي پاڻ کي ويٺو ڏٺم. سِنواريل هڪ دلو
ڀرسان رکيل هو، جنهن جي مٿان پراڻو چٿيل جستي گلاس
اونڌو ٿيو رکيو هو. اهو آبِ حيات، جنهن مان اسان
جو استاد ڍڪ پيو ڀريندو هو. سندس وڃڻ کان پوءِ، هڪ
ڏينهن مون کي کنيو کٽيءَ، ان دلي مان، انهيءَ گلاس
۾ پاڻي پيتم. چغل ته اڳي ئي تيار. ٻئي ڏينهن تي
نبوءَ، سائينءَ سان سموري ڳالهه ڪئي. ان ڏينهن جي
مار مون کان اڃا نٿي وسري! مار کان خيال منهنجا
اسڪول ڏانهن وري ويا. مون ڏٺو ته ڪرسيءَ تي ويٺو
آهيان. هٿ ۾ بيد جو لڪڻ آهي، جنهن کي استعمال ڪرڻ
لاءِ دل ۾ چورا کورا ٿي رهي آهي. سامهون بينچن تي
وڏيءَ عمر وارا ماستر ويٺا آهن، جن جي هٿن ۾ ڪتاب
کُليل آهن. اسان وارو سائين پڻ انهن مان هڪ هو.
مون ڏانهس اشارو ڪيو. هو ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳو.
”ڇو اڄ سبق ڪچو آهي؟“ مون رڙ ڪري چيو.
سائين ڏڪي ويو هو. مون ۾ پئي نهاريائين، ۽ هر ڪتاب
۾. مان ڏانهنس وڌڻ لڳم.
”پوءِ سائين،“ ڏاڏي ڳالهه شروع ڪري منهنجن خيالن
جي سلسلي کي ٽوڙي ڇڏيو.
”ان بادشاهه کي هڪ خوبصورت راڻي هئي، جنهن مان کيس
چنڊ جهڙو پٽ پيدا ٿيو.“
”چنڊ جهڙو پٽ؟“ مون دل ۾ دهرايو، ”پوءِ ته بادشاهه
کي بتي ٻارڻ جي ضرورت ئي نه پوندي هوندي.“ منهنجو
خيال گهر ۾ رکيل چمنيءَ ڏي تبديل ٿي ويو، جنهن جي
هلڪي لاٽ چئن فوٽن تائين روشنيءَ جا هلڪا ڪرڻا پي
اڇليا.
”پوءِ شانا خان! اهو ڇوڪرو اڄ ننڍو، سُڀان وڏو،
تان جو اچي جوان ٿيو.“
”اڄ ننڍو ۽ سُڀان وڏو!“ مون چپن ۾ ڀڻڪيو، ”وري
جڏهين سڀاڻي اڄ ٿئي تڏهن؟ پڪ ئي پڪ ننڍو. پوءِ آخر
شهزادو جوان ڪيئن ٿيو؟“ ان حساب سان کيس ننڍو ٿيڻ
گهربو هو، ڇو ته اڄ به اڄ آهي. ”خير“ مون سوچيندي
چيو ”اڄ آيو ئي ڪونه هوندو، سڀ سڀاڻي ئي سڀاڻي آيا
هوندا.“
”شهزادي کي شڪار جو ڏاڍو شوق هو.“ ڏاڏي ڳالهه جو
سلسلو ڳنڍيندي چيو.
مون کي پنهنجي کانڀاڻي ياد اچي وئي، جنهن سان هڪ
ڏينهن اڳ مون جهِرڪي ماري هئي. مون دل ۾ سوچيو،
شهزادو پڻ جهِرڪيون ماريندو هوندو.
”بادشاهه شهزادي کي چيو ته ٽي طرف گهمجانءِ، چوٿين
طرف نه وڃجان“. ڏاڏي ڳالهه ٻڌائي.
چوٿين طرف پڪ ئي پڪ ڪو واهه هوندو. مون سوچيو. مون
کي اهو ڏينهن ياد اچي ويو، جو منهنجي پيءُ مون کي
واهه تي ڏٺو هو، ڏاڍي مار ڏني هئائين. چيو هئائين
”اڳتي واهه تي وئين ته پُٺيءَ تي کل نه ڇڏيندو
مانءِ.“
مون پٺيءَ تي هٿ گهمايو. باوجود واهه تي وڃڻ جي،
پُٺيءَ تي کل اڃا قائم هئي.
”خميسا! جلدي حقو ٺاهي وٺ“، ڏاڏي جو آواز آيو.
خيالن جي دنيا مان مون کي زوريءَ حقيقي دنيا ۾
آندو ويو، ۽ اتي سيءَ جو به احساس ٿيو ڀُڻ ڀُڻ
ڪندو اُٿيس. سيءَ ۾ سوڙ ڇڏڻ به سور. ڏاڏي تي ڏاڍي
ڪاوڙ لڳي. ڀلا شانو به ويٺو هو، اڪرم به ويٺو هو،
انهن کي ڇڏي مون کي ڇا لاءِ حقي ٺاهڻ لاءِ حڪم ڏنو
ويو. اُٿي حُقي تان ڦل لاٿم، صاف ڪري منجهس نئون
تماڪ ڀريم ۽ اُن تي ٽانڊا رکي حقو تازو ڪيم.
”گڙگڙ“ حقي مان آواز آيو، ”پوءِ خميسا خان! الله
جو ڪيو اهو ٿيو، جو شهزادو شڪار ڪندو وڃي چوٿين
طرف نڪتو. اتي هن هڪ سونو محل ڏٺو، جنهن ۾ هڪ
جادوگر رهندو هو.“
سونو محل ۽ جادوگر! اعتبار نه پئي آيو. جادوگر ته
غريب ٿيندا آهن. ڪالهه اڃا هڪ جادوگر گهٽيءَ ۾ پئي
کيل ڏيکاريا. کيلن بعد هن پيسو پيسو ڪري پِنيو.
پاڻ ئي چيو هئائين، ”بابا! اسان جو ڪم آ پنڻ، ۽
کائڻ. اوهان کي بازي ڏيکاري پيا پيٽ پاليون. هڪ هڪ
پيسو ڏيندا ته منهنجي منجهند جي ماني نڪري پوندي.“
پر نه! ان وقت امير غريب هئا، ۽ غريب امير. ان سبب
اهو جادوگر شاهوڪار هوندو.!
ڳالهه اڳتي هلي، ”جادوگر جي نظر شهزادي تي وڃي
پيئي. ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هن شهزادي کي پاڻ
ڏانهن سڏيو. سندس ويجهي اچڻ تي جادوگر جادوءَ جي
زور تي هوا مان ڪا شيءِ جهٽي کيس کائڻ ڪاڻ ڏني.“
واهه! ڪاوڙ! اڳئين زماني ۾ ماڻهو ڪاوڙجي شيءِ کائڻ
ڪاڻ ڏيندا هئا. يا الله اهڙا ڏينهن وري واپس اچن.
حقي جي دستوري آواز منهنجن خيالن جو سلسلو ٽوڙي
ڇڏيو.
ڳالهه شروع ٿي، ”ٻارو! اوهان کي معلوم آهي، ته اها
ڪهڙي شيءِ هئي؟“
”نه ڏاڏا سائين!“ اسان گڏجي جواب ڏنو.
”بابا! اها هئي مصري“، ڏاڏي وراڻيو.
”مصري؟“ اسان عجب مان پڇيو.
”ها بابا، اها هئي مصري. مون کان ڳالهه وئي وسري.“
ملڪ آگاڻي
وڃايل راهون
اڄ وقت جي وڏي وٿيءَ کان پوءِ ٻنهين جو ملڻ ٿيو
آهي. ثريا ڪال بيل جي آواز تي وڌي دروازي تي اچي
ٿي. پريان راشد کي ڏسي ڇِرڪي وڃي ٿي، ائين ڄڻ
اعتبار ئي نه ايندو هجيس.
”اچو اچو... خبر ناهي اڄ الائي ڪيئن ڀلجي پيا
آهيو!؟“
”ها ڀلجي پيو آهيان... پر هي ڀلجڻ توهان کي تڪليف
پهچائي ٿو...!“
(پر پوءِ به اڱڻ آئي جو سواگت واجبي آهي) ”اچو
اچو“ هن صوفي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”ڇو!؟ ڇا ڳالهه آهي؟ طبيعت مڙئي بگڙيل ٿي
ڏيکارجي!!؟“
”ها.“
”خير ته آهي“
”ها، پر اهي پوءِ جون ڳالهيون ـــ پهريان گهر آئي
جي تواضع ـ ـــ ترسو مان...“ هن اٻهر وچان ڪمري
کان ٻاهر نڪرندي چيو.
هن کي تنهن وقت ياد آيو، ائين ئي هڪ ٻئي ڏينهن به
ثريا کيس ترسائي، اڪيلو ڇڏي ڪمري مان نڪري وئي
هئي. پوءِ جڏهن موٽي هئي تڏهن سندس هٿن ۾ چانهه جو
ٽِري هو. هڪ ڪپ راشد ڏانهن وڌايو هو ۽ ٻيو پنهنجي
اڳيان رکيو هو، تنهن بعد ائين ئي ٽيبل تي جهڪندي
ٻانهن ڊگهيريندي چيو هئائين، ”ڪيئن کنڊ کپي؟“
”ايڏي ساري عرصي کان پوءِ“ ثريا ڪپ کڻندي مرڪندي
پڇيو هو.
”ها، ايڏي ساري عرصي کان پوءِ،“ راشد سندس جملو
دهرائيندي چيو هو.
”ٻڌاءِ ڪٿي هئين“ هن ٻيهر مرڪندي پڇيو هو.
”اونداهن غارن ۾“ ڇڙي پيو هو.
”پوءِ وساري ويٺين؟،
”نه، وساري نه پر گم ڪري“ هن ڳيت ڏيندي چيو هو ـــ
کن جي خاموشيءَ کان پوءِ ٻيهر ثريا سوال ڪيو هو.
”ڪڏهن اچڻ ٿيو آهي؟“
”ڪيترن مهينن کان پوءِ“ هن جي آواز ۾ چِڙ نه پر
روسامو هو.
”پوءِ ايترا سارا ڏينهن...؟“ ثريا سندس غصي کي
ٽارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي چيو هو.
”ها“ هن وڌيڪ رکائيءَ مان چيو هو، هن جي لهجي ۾ جا
ڪَڙاڻ اوتجي آئي هئي سا ثريا کي ڪيئن وڻي هئي. هن
کي لڳو هو؛ سندس سڀاءَ ۾ ڪو فرق ڪونه، اڳ جيان
شوم، رُکو اَن سوشل، تڏهن به هن مرڪندي ٻيهر سوال
ڪيو هو.
”ڪيئن آهين؟“
”ٺيڪ ئي ته آهيان، پر تون ٻڌاءِ، هِن هيڏي ساري
فليٽ مان ڀؤ نٿو ٿيئي.؟“
”ڀوءُ!؟ ـــ توهان کي ڀؤ ٿيندو آهي ڇا؟“ هن پهريان
حيرت پوءِ تجسس مان پڇيو هو.
”ها، تڏهن جڏهن اڪيلائپ ۾ پاڻ ته ڇوڪري هئڻ جو
گمان ٿيندو آهي، تڏهن پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ جي
ڀرپور ڪوشش ڪندو آهيان، ته متان ڪنهن راوڻ کي سيتا
هجڻ جو گمان نه ٿئي.“ هن سگريٽ دکائيندي چيو هو.
”هر سيتا کڄندي آهي ڇا؟“ ثريا ڪجهه سنجيده ٿيندي
پڇيو هو.
”ها، اڳ سيتا کڄندي هئي، پر اڄ جي سيتا پنهنجو پاڻ
پئي راڪش جون وستيون وسائي.“
”مان نه سمجهيو!“ ثريا اڻ ڄاڻائي ڏيکاريندي چيو
هو.
”تون ڪا سمجهندينءَ ڇا، توکي ته...“
”سچ! پر ڪڏهن کان؟“
”دل ته گهڻو ئي ٿي چوي.“
”ڇا ٿي چوي؟“ هن مرڪندي پڇيو هو.
”اهو ئي ته...“ |