هيءُ هڪ اهڙو علائقو آهي، جتي اسلام جي اچڻ کان اڳ
”شاردا“ نالي هڪ عظيم يونيورسٽي موجود هئي. اهڙيءَ
طرح علم الانسان جي مورخين ۽ آرڪيالاجي
(Archaeology)
جي ماهرن ۽ ٻين علمن جي شاگردن لاءِ زمين جو هيءُ
خطو وڌي ڪشش رکي ٿو، جنهن جو اندازو اهي ماڻهو ئي
لڳائي سگهن ٿا، جن جو انهن موضوعن سان عشق هوندو.
واديءَ ڪشمير ۽ واديءَ سنڌ جا علمي، ادبي، تهذيبي
۽ تمدني، تجارتي ۽ لساني رشتا صديون پراڻا آهن. هن
سلسلي ۾ تمام گهڻي تحقيق ۽ تفتيش (جاکوڙ) جي ضرورت
آهي. معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽي وقت کان عالم ۽ اڪابر
واديءَ سنڌ مان واديءَ ڪشمير ڏانهن هميشه ايندا
رهيا آهن. اهڙيءَ طرح واديءَ ڪشمير مان ماڻهو
روزگار سانگي واديءَ سنڌ ۾ ويندا رهيا آهن ۽
اهڙيءَ طرح واديءَ ڪشمير ۽ واديءَ سنڌ ۾ ثقافتي،
تهذيبي، معاشي ۽ معاشرتي ناتا رشتا هميشه جڙيا
رهيا. هن دعوى جو هڪ ثبوت عرب سياح بزرگ بن شهريار
جي سفر نامي ”عجائب الهند“ ۾ ڏنل معلومات مان ملي
ٿو. بزرگ بن شهريار جي مذڪوره ڪتاب مان پتو پوي ٿو
ته سنڌ مان اسلام جي تبليغ جي شمع جا ڪرڻا واديءَ
ڪشمير تائين پهچي چڪا هئا، سنڌ جي ماڻهن جي ذهانت
۽ علم و فضل جي شهرت جي باعث ڪشمير جي راجا مهروڪ
883ع (270 هجري) ۾ منصوره جي مير عبدالله بن عمر
بن عبدالعزيز هباري (883ع – 792ع) ڏانهن هڪ پيغام
موڪليو، جنهن ۾ هن امير عبدالله کي گذارش ڪئي هئي
ته هن کي سنڌي ۽ هندي ٻولين ۾ اسلامي احڪامات ۽
قانون جو تفسير ۽ تشريح لکرائي ڏياري موڪلي.
منصوره جي حاڪم امير عبدالله، منصوره جي هڪ عراقي
عالم کي راجا مهروڪ ڏانهن موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو، جو
هڪ ذهين عالم ۽ سڄاڻ شخص هو ۽ شاعر پڻ هو. سنڌ ۾
پليو نپنو هو. هو مختلف ٻولين ۾ مهارت رکندڙ هو.
هن هڪ قصيدو ٺاهيو، جنهن ۾ اهي سموريون ڳالهيون
چيون، جن لاءِ راجا مهروڪ گذارش ڪئي هئي. مذڪوره
عالم راجا مهروڪ وٽ ٽي سال رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾
قرآن شريف جو ترجمو ڪيو.
ڪشمير پنهنجي سر سبز ۽ شاداب وادين، برف پوش
پهاڙن، جبلن، گهاٽن ٻيلن ۽ فلڪ بوس وڻن، دريائن،
آبشارن ۽ قسمين قسمين باغات جي سبب قديم زماني کان
آسپاس جي مختلف قومن لاءِ ڪافي ڪشش رکي ٿو. هڪ
اهڙي علائقي جي ٻولي ۽ ثقافت جا بنياد تلاش ڪرڻ
سولو ڪم نه آهي، جنهن ۾ مختلف قومون اچي آباد ٿيون
هجن ۽ هر هڪ قوم هن ٻوليءَ جي تخليق ۽ ترقيءَ ۾
حصو ورتو، تنهن ڪري ڪشميري ٻوليءَ جي اصل نسل جي
باري ۾ محقق جا ڪيترائي مختلف رايا آهن ۽ هي
اختلاف ايترو ته گهڻو آهي، جو محقق هن ٻوليءَ کي
آريائي ٻولي قرار ڏين ٿا، جڏهن ته ڪي ٻيا هن
ٻوليءَ جو شجرو سامي زبانن سان ملائين ٿا. البت
هيءُ ڳالهه چڱي ريت ڄاتل سڃاتل آهي، ته قديم زماني
۾ مذهبي ۽ علمي ضرورتن جي پورائي لاءِ سنسڪرت جو
رواج هو ۽ ڪشميري معاشري جا معزز طبقا هندي
ڳالهائيندا هئا، پر ڪشمير جو جاگرافيائي تعلق هڪ
طرف بلتستان، لداخ، گلگت ۽ چترال سان آهي ته ٻئي
طرف ٿٻيٽ، چين، نيپال ۽ ڀوٽان سان پڻ آهي. سندس
ڏکڻ ۾ پنجاب ۽ سنڌ جا علائقا آهن. انهن سڀني
علائقن جا ماڻهو مختلف ٻوليون ڳالهائيندا هئا، اهي
وقت بوقت ڪشمير جو رخ ڪندا هئا، انهن ماڻهن جي پاڻ
۾ لهه وچڙ هڪ نئين ٻوليءَ کي جنم ڏنو، جنهن جو
بنيادي ڍانچو لسانيات جي ماهرن جي نظرن ۾ غالبا
دار دي زبان تي قائم ٿيو، جا واديءَ گريز، بلتستان
۽ گلگت وغيره جي ٻولي هئي، پر اوائلي دور ۾ ان ۾
سنسڪرت جا تمام گهڻا لفظ موجود هئا. ماهرن جي راءِ
آهي ته داردي ٻولي آريائي خاندان جي هڪ شاخ آهي.
ڪن عالمن جي راءِ آهي ته ڪشميري ٻوليءَ ۾ اهڙا
آواز اڃا تائين موجود آهن، جيڪي صرف شينا، بلتي،
چيني ۽ پشتو ٻولين ۾ آهن، جهڙوڪ ”ز“ آواز، جيڪو
آريائي ٻولين جي علامت آهي.
ڪشميري ٻولي هڪ ڊگهي عرصي تائين محض ڳالهائڻ ۽
رابطي جي ٻولي هئي، ڇو ته ڪشميري ۾ تصنيف ۽ تاليف
جو ڪم گهڻو بعد ۾ شروع ٿيو. ڪشمير جي قديم ترين
تاريخ راج ترنگني ۾ ڪشميري ٻولي ۽ ادب جو ڪوبه ذڪر
ڪونهي.
قديم زماني ۾ ڪشميري ٻولي غالباً شاردا
يونيورسٽيءَ ۾ مروج رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي،
جنهن کي شاردا صورتخطي جو نالو ڏنو ويو آهي، پر
فارسي ۽ عربي جي اثر هيٺ هيءَ صورتخطي تبديل ٿيندي
وئي ۽ هاڻ ان کي نسخ يا نستعليق ۾ لکيو وڃي ٿو.
الف بي جي لحاظ کان ڪشميري ٻولي اردو کان ڪو گهڻو
مختلف ڪونه آهي، البت هن ۾ گهه ۽ ڌ جا وسرگ آواز
(Aspirated Voices)
ڪونه آهن، ۽ ڪشميري ٻوليءَ ۾
وينجنن
(Consonants)
جو تعداد ٽيتاليهه آهي. ماهرين جي راءِ موجب
ڪشميري ٻوليءَ ۾
Vowels
جو مسئلو بيحد ڏکيو آهي، منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن
ڪشميري ٻوليءَ جو سائنسي بنيادن تي اڀياس ڪيو وڃي
۽ لسانيات جي اصولن مطابق
Vowels
کي پرکيو وڃي ۽ انهن جو تعداد مقرر ڪيو وڃي ته
شايد تعداد ۾ ڪمي بيشي ٿي سگهي ٿي، تاهم اڄ تائين
ٿيل تحقيق مطابق ڪشميري ٻوليءَ ۾ 17
(Vowels)
آهن. مختلف لفظن ۾ سر يا حرف علت
Vowel
يا حرڪت جي معمولي فرق سبب معنى بدلجي وڃي ٿي.
Vowels
جي جهجهائي ۽ اهميت جتي ٻوليءَ جي داخلي حرڪت
پذيري ۽ ٽڪنيڪي ارتقا جي علامت سمجهي وڃي ٿي، اُتي
هيءُ پڻ حقيقت آهي ته اهڙيون ٻوليون بحيثيت
Foreign Languages
تعليم ۽ تدريس دوران ڏاڍيون ڏکيون هونديون آهن.
ڪشمير ۾ علم جي واڌاري ۽ ڦهلاءَ لاءِ سلطان زين
العابدين بڊ شاهه بلڪل ساڳيو طريقو اختيار ڪيو هو،
جيڪو کانئس ڇهه سئو ورهيه اڳ عباسي خليفي المامون
اختيار ڪيو هو. بڊ شاهه نوشهري جي شاهي محلات ۾
ڪتابن جو هڪ تمام وڏو ذخيرو گڏ ڪيو ۽ پوءِ
دارالترجمه ۽ دارالتاليف قائم ڪيا ۽ ساري ملڪ مان
عالم ۽ فاضل جمع ڪري کانئن سنسڪرت ۽ ٻين ڏيهي
ٻولين مان فارسيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪرايا. هن جي
دارالترجمه سان جيڪي شخصيتون لاڳاپيل هيون، انهن ۾
سيد امين منطقي اويسي، ملڪ الشعراء ملا احمد
ڪشميري، ملا نديمي، ملا فصيحي، ملا مليحي، ملا
جميل، ملا محمد شاعر، ملا احمد رومي، ملا نور
الدين، ملا علي شيرازي، ملا نادري، مولانا حسين
غزنوي جا نالا شامل آهن. بادشاهه جي ترغيب ۽ قدر
دانيءَ سبب ڪيترن پنڊتن فارسي لکي حڪومت جا اعلى
عهدا حاصل ڪيا. پنڊتن مان جنهن گروهه سڀ کان
پهريائين فارسي ٻولي ڏانهن ڌيان ڏنو، انهن کي سپرو
سڏجي ٿو. سپرو جي معنى آهي، ”پڙهڻ ۾ ٻين کان
اڳڀرو“
فارسي ٻولي ۽ ڪشميري ٻوليءَ جو تعلق ٻطرفو آهي. هڪ
طرف ملڪ جي سرڪاري ٻولي فارسي هئي ۽ ساڳئي وقت
مقامي ٻولين جو علمي ۽ ادبي ذخيرو فارسيءَ ۾ ترجمو
ٿي رهيو هو، ته ٻئي طرف ڪشميري ٻوليءَ، فارسيءَ
مان نه رڳو الفاظ ۽ محاورا ورتا، پر فارسي رسم
الخط پڻ اختيار ڪئي، ڪشميري شاعرن ۽ اديبن فارسي
رسم الخط ۾ لکڻ شروع ڪيو، نه صرف ايترو، پر
فارسيءَ جا منظوم قصا مثلاً: يوسف زليخا، شيرين
خسرو، ليلى مجنون ۽ شاهنامه فردوسي کي ڪشميري
ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو ويو. مطلب ته فارسي
ٻوليءَ ۽ ايراني تهذيب ۽ تمدن جو ڪشمير تي ايتري
قدر اثر پيو، جو ڪشمير تي نالو ئي ”ايران صغير“
پئجي ويو.
ڪشميري لوڪ ادب:
ڪشميري ٻوليءَ ۾ ٻين ڏيهي ٻولين جيان علم ادب جي
ابتدا لوڪ ادب سان ٿي آهي. ڪشميري لوڪ ادب ۾ منظوم
ڪهاڻين کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. فارسيءَ مان
ترجمو ٿيل ڪيترائي قصا ڪهاڻيون، اصل ته عربي قصا
هئا، جي پهريائين عربيءَ مان فارسيءَ ۾، پوءِ
فارسيءَ مان ڪشميري ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. انهن
قصن مان محمود گامي، يوسف زليخا، شيرين خسرو، ليلى
مجنون، قصه محمود غزنوي، قصه هارون الرشيد ڪشميري
ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. ولي الله مَتوُ نه صرف ٻين
ٻولين جا ڪيترا قصا منظلوم ڪيا، پر پاڻ به هڪ
مشهور ڪهاڻي ”هيه مال“ تاليف ڪئي. سيف الدين وامق
و عذرا کي ڪشميري روپ پهرايو. عبدالوهاب شاهنامه
فردوسي جو ترجمو ڪرڻ سان گڏوگڏ هفت قصه مڪر زن،
هفت قصه، هفت اعمار، چهاردرويش، قصه نونهال گلبدن
۽ قصه بهرام گور به منظلوم ڪيو. مقبول شاهه،
گلريز، گريست نامه، رهبر نامه، مله نامه، بهار
نامه، منصور نامه ۽ ايوب نامه منظوم ڪيا. ان کان
علاوه اڪيچار لوڪ ڪهاڻيون، مثلاً: ٽي شهزاديون،
گيشراري ۽ ويسٽروان، اڪه نندن، قصه حاتم طائي، قصه
امير حمزو وغيره. هي قصا اهڙا آهن، جن کي، سياري
جي سرد ۽ برفاني راتين ۾، جڏهن ٻاهريون ڪم ڪار
بنهه بند ٿيو پوي، تڏهن ٻار توڙي ٻڍا، مرد چاهي
عورتون چلهه جي چوڌاري اچي ويهن، ۽ سڄي سڄي رات
قصا پڙهندا رهن، ٻڌندا رهن.
هيءَ ڳالهه پڻ فخر لائق آهي ته ڪشميري ٻولي جي
ترقي ۽ واڌاري لاءِ ۽ ڪشمير جي ماڻهن ۾ علمي ادبي
ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪشمير جي نه رڳو مردن پر عورتن
پڻ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هتي سڀ کان پهريائين
مان الله عارفه جو ذڪر ڪندس، جنهن کي مسلمان هڪ
عارفه ۽ ولي سمجهن ٿا ۽ غير مسلم ديوي، لله اُها
خاتون هئي، جنهن جي ذڪر سان ڪشميري ادب جي تاريخ
جو آغاز ٿئي ٿو. لله مائيءَ شاهه همدان جي هٿان
اسلام قبول ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجن صوفياڻن خيالن سان
عوام کي روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪشميري ٻوليءَ جو
انتخاب ڪيو ۽ سندس چيل دوها ايترا ته مقبول ٿيا جو
ڪشمير جي ننڍي توڙي وڏي جي زبان تي آهن. لله عارفه
فلسفئه وحدت الوجود جي قائل هئي، ۽ جڏهن هن جي
دوهن کي غالب جي ڪلام سان ڀيٽجي ٿو ته حيرت انگيز
انڪشاف ٿين ٿا. ڪٿي ڪٿي ته مرزا غالب لله عارفه جي
دوهن جو لفظ به لفظ ترجمو ڪيو آهي، مثلا:
لله عارفه چوي ٿي: ترجمو، تو بِکاري بڻجي پنهنجي
سر پاڻ خيرات گهرڻ آيو آهين،
جڏهن تون پاڻ ئي مالڪ به آهين ته پوءِ هيءُ چڪر ڇا
جو آهي.
غالب اِها ڳالهه هيئن چئي آهي:
بدل ڪر فقيرون ڪا هم ڀيس غالب،
تماشائي اهل ڪرم ديکتي هين.
لله جي لفظن جو ترجمو: هيڏانهن به هو آهي ۽
هوڏانهن به هوئي آهي، هو ڪٿي به پوئتي نه پيو آهي،
هو خودئي باطن ۽ خود ئي ظاهر آهي، هو ڪڏهن به فنا
نه ٿيندو. غالب چوي ٿو:
اصل شهود و شاهد و مشهود ايڪ هي،
حيران هون ڦر مشاهده هي ڪس حساب هين.
جهڙيءَ طرح لله عارفه ڪشمير جي ادبي روايتن جي
باني آهي، اهڙيءَ طرح ڪشميري غزل جي باني پڻ هڪ
خاتون آهي، حبه، ڪشميري ٻوليءَ ۾ اهڙا ته يادگار
غزل چيا آهن. جيڪي اڄ سوڌو پيا ڳائجن، حبه جوانيءَ
جي شروعات ۾ پنهنجن ساهرن جي ڏاڍاين خلاف احتجاج
ڪيو، جن ۾ هوءَ ناناڻن کي واهر ڪرڻ لاءِ دانهون
ڪري ٿي. ٻئي دور ۾ جڏهن هوءَ هڪ آزاد رياست جي
راڻي آهي ته حسن و عشق جا نغما ڳائيندي آهي، ۽
ٽئين دور ۾ جڏهن هن جي خاوند يوسف شاهه چڪ کي اڪبر
بادشاهه جي حڪم سان گرفتار ڪري بنگال ۾ نظربند ڪيو
ويو هو ته هوءَ هجر ۽ فراق ۾ تڙپندي رهي ۽ سترهن
سالن تائين ڪشمير جي ماٿريءَ ۾ چرين جيان ڀٽڪندي
ٿي وتي ۽ شعر چوندي رهي.
ڪشمير جي اديبائن ۽ شاعرائن مان رويه ڀواني سنسڪرت
آميز ڪشميري ٻوليءَ ۾ صوفيانه شاعري ڪندي هئي، ۽
ارني مال، جيڪا ڪشميري پنڊتن جي خاندان مان هئي،
حبه خاتون جيان درد ۽ سوز ڀريل غزل ۽ گيت لکيا.
ارني مال شاعريءَ سان گڏوگڏ موسيقيءَ جي به ماهر
هئي، هن پنهنجن ئي گيتن کي موسيقيءَ جي راڳن ۾ آڻي
نئون حسن ۽ نکار پيدا ڪيو، نه معلوم ته پوءِ جي
دور ۾ ڪشميري عورتن ۾ تخليقي ادب جو رجحان ڇو
گهٽجي ويو.
تازو ئي ڪشمير جي فاضل محقق محمد يوسف فاروقي رياض
يونيورسٽيءَ سعودي عربيه ۾ ايم اي جو ضخيم مقالو
پيش ڪيو آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي تفسيري رجحانات تي
لکيل آهي. ان ۾ مقاله نگار ڪشميري ٻوليءَ ۾ ٿيل
قرآن شريف جي ترجمن ۽ تفسيرن تي پڻ بحث ڪيو آهي،
جنهن ۾ مير واعظ محمد يوسف شاهه جي تفسير بيان
القرآن، ميرڪ شاهه اندرابي جي تفسير القرآن،
ضياالحق بخاري جي ترجمه قرآن ۽ تفسير کان علاوه
ڪيترن ئي ناممڪن ترجمن ۽ تفسيرن جي نشاندهي ڪئي
آهي، ۽ منهنجو خيال آهي ته هن موضوع تي اڃا وڌيڪ
ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اهڙيءَ طرح ادب جي ٻين شاخن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جي بيحد
گهڻي گنجائش آهي. هيءَ پڻ بيحد خوشيءَ جي ڳالهه
اهي ته هاڻ ڪشميري علماءِ ۽ محققين ان طرف ڀرپور
توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي، تنهن ڪري گذريل سال
ڪشميري ٻوليءَ ۾ لکيل سيرت طيبه جي هڪ ڪتاب کي
حڪومت پاڪستان طرفان انعام جو مستحق قرار ڏنو ويو
آهي.
مون کي اميد آهي ته آزاد ڪشمير يونيورسٽي جي اداره
ڪشمير شناسي جي اهتمام هيٺ تاليف ۽ تحقيق جو شعبو،
ٻولين سيکارڻ جو شعبو ۽ ميوزم وغيره قائم ڪري
ڪشميري ٻولي ۽ ثقافت جي اڀياس ڪندڙن لاءِ وڌيڪ
سهولتون مهيا ڪيون وينديون.
آخر ۾ علاوه اقبال جي هڪ خط جو ذڪر ڪريان ٿو، جيڪو
هن ڪشمير جي مشهور شاعر غلام احمد مهجور کي لکيو
هو، جڏهن هو ”تذڪره شعرائي ڪشمير“ لکڻ جو ارادو
ڪري رهيو هو.
علامه صاحب لکي ٿو:
”مون کي هيءَ معلوم ڪري بيحد گهڻي خوشي ٿي آهي ته
اوهان تذڪره شعرائي ڪشمير لکڻ وارا آهيو. مان
ڪيترن ئي سالن کان اهو لکرائڻ لاءِ تحريڪ هلائي
رهيو آهيان، مگر افسوس ته ڪنهن به ان طرف ڌيان نه
ڏنو، خدا شال اوهان جي نيڪ ارادن ۾ برڪت ڏئي.
افسوس ته ڪشمير جو لٽريچر تباهه ٿي ويو. ان
تباهيءَ جو باعث گهڻو ڪري سکن جي حڪومت ۽ موجوده
حڪومت جي لاپرواهي، ساڳئي وقت ڪشمير جي مسلمانن جي
غفلت آهي، ڇا اها ممڪن نه آهي ته ڪشمير جي ماٿري
جا تعليم يافته مسلمان هاڻ ئي موجوده لٽريچر جي
تلاش ۽ حفاظت لاءِ هڪ سوسائٽي قائم ڪن. منهنجو
هيءُ عقيدو آهي ته ڪشمير جي قسمت عنقريب جاڳڻ واري
آهي.“
اداره ڪشمير شناسي جي قائم ٿيڻ سان ۽ آزاد ڄمون
ڪشمير يونيورسٽي جي هن قدم سان يقيناً علامه اقبال
جي روح کي تسڪين حاصل ٿي هوندي. مان آزاد ڄمون ۽
ڪشمير جي حڪومت جي صدر، وزيراعظم ۽ آزاد ڄمون ۽
ڪشمير يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر طاهر
حسين صاحب کي هن عظيم ڪم جي آغاز تي هڪ ڀيرو وري
مبارڪون ڏيان ٿو، ۽ اميد ڪريان ٿو ته هيءُ ادارو
سڀني موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو. هن اداري
لاءِ هيءُ هڪ وڏو چئلينج آهي، هن چئلينج جو مقابلو
ڪرڻو پوندو. اداره ڪشمير شناسي جي ڪلهن تي هڪ وڏو
ڀاري بار رکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ جي
ضرورت آهي.
ڪشمير شناسي جي سلسلي ۾ هڪ لائبريري قائم ڪرڻ جي
ضرورت آهي.
Documentation
جي ضرورت آهي. ڪشمير شناسي تي ڪتابن جي ببليو
گرافي
Bibliography
تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪشمير جي لوڪ ثقافتي ورثي
تي تحقيق ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ڪشمير جي تاريخ،
ڪشميري ادب، ڪشمير جي تهذيب و تمدن، ثقافت، ڪشمير
۾ رهندڙ قوميتون، ڪشمير جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي،
ويس وڳا، هنر ۽ فن، ڪشمير جون نديون ۽ نالا وغيره
وغيره تي تحقيق جي ضرورت آهي، ليڪن سڀ کان اهم
ڳالهه هيءَ هي آهي ته ڪشمير جي متعلق هڪ اهڙو جامع
ميوزم ٺاهيو وڃي، جنهن کي ڏسڻ ساڻ يا ان جي هڪ
جهلڪ پسڻ ساڻ ڪشمير شناسيءَ جي متعلق سڄي معلومات
اڳيان اچي وڃي. مون کي اميد آهي ته ڊاڪٽر طاهر
حسين جهڙي پُرڪشش، متحرڪ ۽ فعال وائيس چانسلر جي
رهنمائي ۽ نگرانيءَ ۾ هيءُ ڪم ترت ئي شروع ڪيو
ويندو. آخر ۾ آءٌ پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ۽ پنهنجي
يونيورسٽيءَ (علامه اقبال اوپن يونيورسٽي) طرفان
اوهان صاحبن کي ۽ اداره ڪشمير شناسي جي سڀني
ميمبرن کي هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياريان ٿو ۽
اميد ڪريان ٿو ته هيءُ ادارو تمام جلدي پنهنجي
مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو.
(ترجمو: هدايت پريم)
عرب ملڪن ۾ آباد ٿيل سنڌي محدث ۽ عالم
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ ڪيترائي عرب عالم ۽
فاضل سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، ته ڪيترائي سنڌي به وڃي
عرب ملڪن ۾ وسيا، انهن مان ڪيترائي عالم فاضل،
شاعر، اديب ۽ مختلف فنن جا ماهر ٿيا. نه فقط
ايترو، پر ڪيترن ته جڳ مشهور حيثيت حاصل ڪئي. اهڙن
عالمن، فاضل ۽ شاعرن جو تعارف هت پيش ڪيو پيو وڃي.
ان مان معلوم ٿيندو ته سنڌ جي عالمن حديث، فقهه ۽
شاعريءَ ۾ عرب عالمن وانگر وڏي اهميت ۽ شهرت حاصل
ڪئي.
امام اوزاعي:
شيخ الاسلام عبدالرحمان بن عمرو امام اوزاعي سن
88هه (706ع) ۾ تولد ٿيو، ۽ 156هه (772ع) ۾ وفات
ڪيائين. علامه ذهبي ۽ ابن حجر عسقلاني لکن ٿا، ته
هو سنڌ جي ان خاندان جو فرد هو، جيڪو قيد ٿي عرب
ملڪن ڏانهن ويو هو. هو دمشق لڳ بعلبڪ ڳوٺ ۾ ڄائو ۽
بيروت ۾ وفات ڪيائين. ”الاوزاع“ دمشق جي
پسگردائيءَ ۾ ديهه آهي، امام اوزاعي جو قبيلو يمن
کان لڏي اچي انهيءَ ديهه ۾ رهيو هو، انهيءَ ڪري
”اوزاعي“ سڏيو ويو.
هو وڏو عالم فاضل هو، ۽ انهن آئمه اسلام مان آهي،
جيڪي فقهه جي هڪ مذهب جا باني آهن، فقهه ۽ تاريخ ۾
اڄ تائين هن امام جي فقهي مسلڪ جو نالو ملي ٿو.
شام ۽ اندلس ۾ سندس پوئلڳن جو تمام وڏو تعداد گهڻي
وقت تائين هوندو هو. سندس استادن مان هيٺين جا
نالا قابل ذڪر آهن، جن کان روايت ڪئي اٿس. مڪي جو
مفتي عطاء بن ابي رياح، قتاد، شداد، نافع مولى بن
عمر، امام زهري، محمد بن سيرين، احنف بن قيس ۽
صعصعتہ بن صوخان.
سندس شاگردن مان امام مالڪ، شعبه، سفيان ثوري، ابن
مبارڪ ۽ يحى بن سعيد قطان، الوليد بن مزيد جا نالا
قابلِ ذڪر آهن. انهن کانسواءِ امام زهري، يحى بن
ڪثير ۽ قناده به کائنس روايتون ڪيون.
ابن مهدي، امام احمد بن حنبل ۽ ابو اسحاق فرازي
سندس علم ۽ فضل جي تعريف ڪئي آهي. دنياوي جاه و
جلال کي ناپسند ڪندو هو، قضا جو عهدو کيس آڇيو
ويو، پر انڪار ڪيائين. بنواميه جي قتل عام تي،
خليفي منصور کائنس راءِ پڇي. هن حق سچ جي ڳالهه
چئي ڏني؛ منصور مٿس ڪاوڙيو، ۽ مجلس مان نڪري وڃڻ
جو حڪم ڪيائين. هو اتان نڪري واٽ وٺي ٿي آيو، ته
پويان هڪ گهوڙي سوار ايندو ڏٺائين. سمجهائين خليفي
جي حڪم سان سر لاهڻ ٿو اچي، انهيءَ ڪري اتي ئي
بيهي نفل پڙهڻ لڳو. سوار پهچي، دينارن جي ٿيلهي
سندس خدمت ۾ پيش ڪئي؛ جيڪا هن قبول ڪئي، پر گهر
پهچڻ کان اڳ ۾ ورهائي ڇڏيائين.
سندس سڄي زندگي درس و تدريس ۾ گذري، ڪتاب السنن،
ڪتاب المسائل، ڪتاب التفسير ۽ حديث وغيره تي ڪتاب
لکائين، جيڪي زماني جي گردش ۾ ضايع ٿي ويا. ٽين
صدي هجري تائين سندس فقهه راسخ رهي. ان کان پوءِ
مالڪي مذهب ان جي جاءِ والاري آخر عمر ۾
بيروت ۾ قيام ڪيائين. حمام ۾ ڄاڻي واڻي کيس باهه ۾
جلايو ويو.
ابو معشر سندي مدني:
بجيح بن عبدالرحمان، ڪنيت ابو معشر، تابعي هو. ٻي
صدي هجريءَ جي مشهور حديث جي راوين مان آهي. ڪنهن
جنگ ۾ قيد ٿي حجاز آيو، ۽ مختلف ماڻهن وٽ ٻانهو ٿي
رهيو. آخر مقرر رقم ڏيئي آزاد ٿيو. هو جنهن به
خاندان ۾ غلام ٿي رهيو، اتي علم جي تحصيل ڪندور
هيو. آخر وڏو علمي مرتبو حاصل ڪيائين.
هو حديث، مغازي ۽ فقهه ۾ وڏي دسترس رکندو هو. هن
ابو امام بن سهيل بن حنيف کي ڏٺو؛ ۽ سعيد بن مسيب،
محمد بن ڪعب قرظي، سعيد بن ابو سعيد المقيري، ابو
برده ابن ابو موسى، هشام بن موسى بن يسار، نافع
مولى ابن عمر، محمد بن المنڪور ۽ محمد بن قيس کان
حديث جي روايت ڪيائين. جامع ترمذي ۾ سندس روايتون
موجود آهن. ”ابوزرعه“ کيس ”صدوق“ سڏي ٿو. امام
نسائي پنهنجي ڪتاب ”سنن نسائي“ ۾ کائنس روايتون
درج ڪيون آهن، کيس ”ليس بالقي“ ڪوٺيو آهي. امام
احمد بن حنبل کيس مغازي جو ماهر چوي ٿو. خطيب
بغداديءَ لکيو آهي، ته هو فن مغازي جي وڏن ماهرن
مان هو. ابو سعيد عبدالڪريم بن منصور تميمي سمعاني
(متوفي 562هه) پنهنجي ڪتاب الانساب ۾ امام ابو
عبدالله شمس الدين ذهبي (متوفي 748هه) پنهنجي ڪتاب
”تذڪره الحفاظ“ ۾ ۽ شهاب الدين ابوالفضل احمد بن
علي بن حجر عسقلاني (متوفي 852هه) ”تهذيب التهذيب“
۾ ذڪر ڪيو آهي.
سندس شاگردن ۾ وڏن عالمن ۽ امامن جا نالا ملن ٿا،
جهڙوڪ: محمد بن ابو معشر (سندس فرزند) عبدالرزاق،
ابو نعيم، محمد بن بڪار، منصور بن ابو مزاهم، ليث
بن سعد، عبدالله بن ادريس، هشيم بن مهدي، ابو نصر
هاشم ابن قاسم وڪيع، ابن منصور، عاصم بن علي،
سفيان ثوري، ابو ربيع زهراني وغيره.
آخر ۾ حافظو ڪجهه قدر ڪمزور ٿي ويو هيس، انهيءَ
ڪري محتاط محدثن سندس روايتن وٺڻ ۾ احتياط کان ڪم
ورتو آهي. هو جيئن ته سنڌ جو اصلوڪو رهاڪو هو،
انهي ڪري /ڪ/۽/ق/ز/۽/ج/ وغيره جو صحيح اچار ڪڍي نه
سگهندو هو.
هو رنگ جو ڪڻڪ ونو ۽ جسم جو ٿلهو هو ۽ اکيون گول
هئس، خليفو مهدي سندس قدردان هو. هو کيس سنه 160هه
(776ع) ۾ مديني منوره مان وٺي آيو، ۽ هڪ هزار
دينار عطا ڪيائين. ان تعلق جو سبب هي هو، ته ابو
معشر، مهديءَ جي ماءُ ام موسى بنت منصور جو غلام
رهي چڪو هو. سنه 161هه ۾ بغداد آندائينس، جتي
تعليم مڪمل ڪرايائينس، ان کانپوءِ هن بغداد ۾
مستقل سڪونت اختيار ڪئي ۽ مهديءَ جي چوڻ تي درس
ڏيڻ شروع ڪيائين.
وفات کان ٻه سال اڳ سندس حواسن ۾ ڪجهه قدر فرق اچي
ويو هو. 170هه (786ع) ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ سان
خليفو هارون رشيد خلافت جي تخت تي ويٺو. سندس علمي
اهميت ۽ خليفن جي نزديڪ سندس عزت ۽ احترام جو
اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته خليفي هارون
رشيد سندس جنازي جي نماز پڙهائي. بغداد جي ”مقبره
الڪبير“ ۾ کيس دفنايو ويو.
ابو عبدالملڪ محمد بن ابو معشر:
مشهور محدث ابو معشر جو فرزند هو. بغداد ۾ رهندو
هو. حديث جي علم ۾ وڏي مرتبي جو مالڪ هو. پنهنجي
والد جي مشهور ڪتاب ”المغاري“ جو هي ئي راوي هو.
خليفو مهدي سندس پيءُ جيان، هن جي به عزت ڪندو هو.
سندس ٻن پٽن دائود ۽ حسن کائنس حديث جي روايت ڪئي.
ان کانسواءِ ابو حاتم، محمد بن ادريس رازي، محمد
بن ليث جوهري ۽ ابو يحى موصلي کائنس حديث جي روايت
ڪئي. 99 سالن جي عمر سنه 244هه (858ع) ۾ وفات
ڪيائين.
ابوبڪر احمد بن سندي بن حسن بن بحر حداد سندي:
وڏو محدث ۽ مستجاب الدعاء عابد ۽ زاهد هو. بغداد
جي قطيف الحداد محلي ۾ رهندو هو. سنه 259هه (872ع)
۾ وفات ڪيائين. (1)
احمد بن سندي بن فروغ مطرز بغدادي:
بغداد ۾ رهندو هو. زبردست محدث هو. سن 300هه
(912ع) ۾ وفات ڪيائين. (2)
ابوبڪر احمد بن قاسم سيمابع معدل بغدادي:
چوٿين صدي جي حديث جي راوين مان آهي. ابن سندي جي
ڪنيت سان مشهور هو، عدالت ۽ قضا ۾ شاهدن جي تعديل
۽ توثيق ڪندو هو، انهيءَ ڪري معدل سڏيو ويو. (3)
ابوالفوارس احمد بن حسين سندي مصري:
”مسندد يار مصر“ جي لقب سان مشهور آهي. علم حديث
جو وڏو عالم هو. سن 349هه (960ع) ۾ وفات ڪيائين.
(4)
ابراهيم بن علي سندي بغدادي:
بغداد ۾ رهندو هو. حديث جو عالم هو. محمد بن
عبدالله بن يزيد مصري کان روايت ڪئي اٿس.(5)
اسلم بن سندي:
ابوالحسن بن علي بن حسن سبازي بخاري کائنس حديثون
روايت ڪيون آهن (6)
ابو ابراهيم اسماعيل بن سندي الخلال بغدادي:
سُرڪو ٺاهيندو ۽ وڪڻندو هو، انهيءَ ڪري ”الخلال“
مشهور ٿيو. بغداد جي ”الشام“ محلي ۾ رهندو هو. ٽين
صدي هجريءَ جي وڏن محدثن مان هو. (7).
|