سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :2

هيرا، لعل، هزار     (ريڊيو انٽرويو سيريز-2)

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گفتگو

مراد علي مرزا

سوال: ڊاڪٽر صاحب، اڳي جڏهن توهان اسان وٽ اسٽوڊيوز ۾ آيا هئا، تڏهن اوهان مهرباني ڪري اسان کي عربن، سومرن ۽ سمن جي دؤر بابت ڪجهه ٻڌايو هو. سمن کانپوءِ سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو دؤر شروع ٿيو، انهيءَ دؤر بابت توهان ڪجهه ڪم ڪيو هجي، يا توهان جي ڪا تحقيق هجي يا آئيندي انهيءَ سلسلي ۾ اوهان جو ڪو پروگرام هجي ته انهيءَ باري ۾ مهربانيءَ ڪري ٻڌائيندا.

جواب: مرزا صاحب، ارغونن ۽ ترخانن جو دؤر اهڙو تاريخي دؤر آهي، جنهن جا آثار موجود آهن، ۽ پڻ ان دؤر بابت ڪتاب موجود آهن. اسان ڪوشش ڪئي آهي، ته انهن آثارن جي تلاش ڪري، انهن جي باري ۾ لکون ۽ پڻ ان دؤر جي ڪتابن کي به ڳولي هٿ ڪريون. ان سلسلي ۾ پهريون ڪاميابي اها ٿي جو ارغونن جي دؤر جو قبرستان ڳولي لڌو ويو، اهو تاريخي قبرستان ”ميين ونهين واري قبرستان“ جو حصو آهي، جيڪو ٽنڊي الهيار کان ٽنڊي آدم ويندڙ رستي تي عثمان شاهه جي هُڙي جي اندران آهي، اسان ان جي تحقيق ڪئي، اُتان جا سڀ ڪتبا نوٽ ڪيا ۽ فوٽو ورتا، جيڪي پوءِ اسان پير حسام الدين راشدي کي ڏنا ۽ پوءِ ”مثنوي چنيسر نامه“ ۾ ڇپيا، انهيءَ دؤر جا ٻيا مقام به مون ڳولي لڌا. هڪڙو تاريخي ماڳ ”جوڻ“ جي ڀرسان ۽ ٻيو ”شاهه بديع“ (پير شهاب الدين قريشي) جو مقام، جيڪو بدين کان اتر اولهه طرف آهي، ات ٻنهي ارغونن- ترخانن جي دؤر جون قبرون آهن. ٻيا ان دؤر جا ڪتاب هئا، جن کي هٿ ڪيو ويو. اهي ڪتاب، جيڪي اصولي آهن، تن کي جيستائين ماڻهو نه ٿو سمجهي، تاريخ جي صحيح خبر ڪانه ٿي پوي، پهريون توجهه مون ڪتاب ”بيگلار نامي“ ڏانهن ڪيو، جيڪو ارغونن – ترخانن جي باري ۾ آهي. انهيءَ ڪتاب جا ٽي قلمي نسخا، هڪ پئرس جو، ٻيو بانڪي پور هندستان جو ۽ ٽيون هتي حيدرآباد جي مير صاحبن جي ڪتبخاني جو، اهي هٿ ڪري مون ”بيگلار نامو“ پوري تحقيق سان مرتب ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي چڪو آهي، انهيءَ ۾ هن دؤر بابت بنيادي مواد موجود آهي. ٻيو انهيءَ دؤر جو نهايت اهم ڪتاب ”تاريخ طاهري“ آهي. جناب مير صاحبن جي ڪتبخاني ۽ ٻين جاين تان قلمي نسخا هٿ ڪري مون کي ان ايڊٽ ڪيو ۽ ان تي معلوماتي نوٽن جو اضافو ڪيو. اهو به هن دؤر بابت هڪ اصولي ڪتاب آهي، انهن ٻن اصولي ڪتابن کانسواءِ لکيت ۾ ٻيو به ڪجهه ذخيرو هن دؤر بابت آهي، جن مان ”ترخان نامي“ کي پير حساب الدين راشدي ايڊٽ ڪيو آهي، ۽ پڻ ميرزا غازي بيگ تي هن صاحب هڪ جدا ڪتاب لکيو.

ارغونن – ترخانن جي دؤر کانپوءِ مغليه دؤر آهي، اڪبر بادشاهه 999هجري ۽ هڪ هزار هجري ۾، مرزا جاني بيگ کان سنڌ فتح ڪئي، جنهن جو ذڪر تاريخ معصومي ۾ موجود آهي. هن تاريخ جو سنڌي ترجمو ۽ پوءِ اردو ترجمو منهنجي نگراني هيٺ شايع ٿيا. اردو ترجمي جي پويان مون تفصيلي حاشيا لکيا آهن، جن ۾ ڪي نوان معلومات ڏنا آهن. مثلآ خانخانان جو مرزا جاني بيگ ڏانهن لکيل خط، جيڪو هن پنهنجي مليٽري ڪئمپ انڙپور مان يا ٻئي ڪنهن هنڌان لکيو، اُهو خط اڳي ڇپيل ڪونه هو. انهيءَقسم جي ٻي معلومات به ”تاريخ معصومي“ جي ضميمي ۾ اسان ڏني آهي. خاص مغليه دؤر جي باري ۾ ”تحفته الڪرام“ ۾ چڱو مواد موجود آهي. ٻيون جيڪي مغليه دؤر جون تاريخون آهن، تن ۾ پڻ ڪافي مواد موجود آهي. اهو سڀني پڙهندڙن جي آڏو آهي، منهنجو توجهه خاص طرح اهڙي مواد تي پئي رهيو آهي، جيڪو ڏکيو هجي ۽ آساني سان هٿ نه اچي، پر ان هوندي به هڪ عام دستياب ڪتاب کي به مون ايڊٽ ڪيو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ مغليه دؤر ۽ ٻين دؤرن بابت چڱا معلومات آهن. اهو آهي خانبهادر خدا داد خان جي لکيل ”لُب تاريخ سنڌ“، جنهن ۾ ڪلهوڙون، ٽالپرن ۽ ويندي انگريزن جي دؤر سن 1905ع تائين عام قسم جو احوال موجود آهي. مغليه دؤر تي مصنف چڱي خاصي روشني وڌي آهي. هن ڪتاب کي مون نئين سر ايڊٽ ڪيو ۽ مصنف ۽ سندس ڪتاب تي انگريزيءَ ۾ تفصيلي مقدمو لکيو. تازو اسان جي دوست ڊاڪٽر ايم ايس اختر، ”مغليه دؤر جي سنڌ“ بابت انگريزي ۾ هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو، جيڪو هينئر اسلام آباد مان ڇپجي پيو. مون عرض ڪيو ته اهي ماخذ، جيڪي موجود آهن ۽ جن جي ضايع ٿيڻ جو ڊپ ڪونهي ڪو، انهيءَ تي ڪم پوءِ به ٿي سگهي ٿو. ڪلهوڙن جي دؤر ۽ اميرن ٽالپرن جي دؤر تي ڪافي مواد موجود آهي. ڪلهوڙن جي دؤر تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان غلام رسول مهر جو لکيل ڪتاب ٻن جلدن ۾ ڇپيو آهي، جيڪو چڱو خاصو آهي، حالانڪ انهيءَ دؤر تي ڪجهه وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، جيڪي ڪلهوڙن جا پويان هئا، تن مان هڪڙا ڊيره غازيخان، لَيي جي شهر، حاجي پور ۽ راڄن پور طرفن ويا ۽ ٻين وڃي وسايو جوڌپور ۽ پوڪرڻ، اهي اتي ”ڪلهوڙا صاحبزادا“ سڏجڻ لڳا. مون انهن تي انگريزي ۾ هڪڙو تفصيلي ۽ تحقيقي مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ حقيقت کي رڪارڊ جي آڌار تي واضح ڪيو ويو آهي، ته ڪيئن جوڌپور جي راجا پوين ناعاقبت انديش ڪلهوڙن حڪمرانن کي برغلايو ته هو پنهنجن اميرن کي مارائين ۽ کين وڏا دلاسا ڏنا، پر حڪومت جي خاتمي کانپوءِ جڏهن ميان عبدالنبي جا ماڻهو سنڌ جو خزانو خچرن تي کڻي جوڌپور جي حدن ۾ داخل ٿيا ته وڏي اٽڪل سان راجا اُن خزاني تي قبضو ڪيو ۽ پوين ڪلهوڙن صاحبزادن کي سواءِ پريشاني ۽ پشيماني جي ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيو.

انگريزن جد دؤر بابت خانبهادر خدا داد خان جي ”لَب تاريخ سنڌ“ ۾ وڏي ساراهه ٿيل آهي، جو هو سندن خاص ماڻهو هو. انگريزن جي دؤر بابت رڪارڊ موجو آهي ۽ سڀ ڪجهه معلوم آهي، پر لکندڙ جڏهن وطن جي جذبي سان مالا مال هوندو، تڏهن حقيقي معنى ۾ انگريزن جي دؤر جي تاريخ لکي سگهندو. انگريزن ٻاهران اچي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ نو آبادياتي سامراجي طاقتون جڏهن ائين قبضو ڪنديون آهن ته اهي ائين  سيکارينديون آهن ته اڳي جيڪي حڪمران هئا، سي نااهل ۽ ملڪ جا خيرخواه نه هئا، اسين آيا آهيون ۽ اوهان کي سڀ ڪجهه درست ڪري ٿا ڏيون. انگريزن هڪ سئو سالن جي وڏي عرصي ۾ ٽالپر دؤر جي خلاف وڏي پروپئگنڊا هلائي ته جيئن ماڻهو پنهنجن حڪمرانن کان بدظن ٿين. هنن ڪن خاص شخصن کي چونڊي نوازيو ته جيئن هو سندن گُڻ ڳائين. خدا داد خان وانگر اهڙن ماڻهن ڪتاب لکيا ته انگريزن جا ڀَٽ بنجي کين ڳايائون. اڃا تائين اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي انگريزن جي ساراهه مان نٿا ڍاپن! اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ انگريزن جي دؤر جي تاريخ ڪيئن لکي سگهندا؟ فقط اُهي جيڪي پنهنجي وطن سنڌ جي جذبي سان ڀرپور هوندا، سي انگريزن جي دؤر جي ”صحيح تاريخ“ لکي سگهندا.

سوال: مهرباني سائين! هاڻي ٽالپر دؤر جي شاعرن تي اوهان جيڪو ڪم ڪيو هجي، ته اُن تي به ڪجهه روشني وجهو.

جواب: مون عرض ڪيو ته منهنجو توجهه خاص طرح انهن ڳالهين ڏانهن رهيو آهي، جيڪي ذرا ڪجهه ڏکيون ۽ ناپيد هجن. ٽالپر دؤر تي ڪافي مواد موجود آهي، جيتوڻيڪ هن دور تي ڪم البت گهٽ ٿيو آهي، سڀ ڪجهه اسان وٽ موجود آهي، تنهن هوندي به ڪم اڃان نه ٿيو آهي. جيستائين شاعريءَ جو تعلق آهي ته اهو شعبو آهي، سنڌي ادب جو ۽ اسان جي گفتگو تاريخ تي هئي، تنهن ڪري ان جو ذڪر ڪونه آيو، ٽالپرن جي دؤر جا جيڪي وڏي ۾ وڏا شاعر آهن، تن سمورن تي خدا جي فضل سان چڱو ڪم ڪيو ويو آهي. منهنجو خاص مقصد اهو هو ته سنڌي اساسي شاعري، جيڪا ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿي، تنهن سڄي کي مطالعي هيٺ آڻي روشن ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾ مغل دؤر ۽ ڪلهوڙا دؤر جي اعلى عارف شاعرن، جن جا رسالا هئا، جيئن ته شاهه لطف الله قادري جو ۽ ميين شاهه عنايت جو، تن کي اسان شايع ڪيو ۽ گذريل پندرهن سالن کان وٺي شاهه عبداللطيف ۽ سندس رسالي تي ڪم هلندڙآهي، پر انهيءَ کانپوءِ ٽالپرن جي دؤر جي وڏن شاعرن مان خليفي نبي بخش صاحب جو رسالو، قمبر علي شاهه ڀاڏائي جو رسالو، فقير محمد صديق سومري جو رسالو ۽ غلام محمد خانزئي جو رسالو پوري تحقيق سان شايع ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح ڪلاسيڪي عارفانه شاعريءَ جو وڏو ذخيرو شايع ٿي ويو. غزل جي ميدان جو شهسوار ۽ غزل گو شاعرن جو بادشاهه آهي. مير عبدالحسين خان سانگي، جنهن سنڌي غزل کي فارسي غزل کان جدا ڪري هڪ مستقل صورت ڏني؛ يعني سنڌي غزل کي صحيح معنى ۾ پنهنجي جداگانه حيثيت ڏني. انهي ڪري ڪوشش ڪري سندس ٻن ڇپيل ديوانن ۽ هڪ اڻ ڇپيل ديوان جو مطالعو ڪري ڪافي محنت سان ”ڪليات سانگي“ شايع ڪيو ويو ته جيئن غزل جي سونهري دؤر تي روشني پئجي وڃي. اديب ذخيري کي سهيڙڻ ۽ محفوظ ڪرڻ کانسواءِ مون ثقافتي ورثي جي سنڀال ۽ حفاظت لاءِ ”ميوزيم“ قائم ڪرائڻ طرف توجهه ڏنو ۽ آثار قديمه کاتي سان تعاون ڪيو. نتيجي طور ديبل جي آثارن جو ميوزم ڀنڀور ۾ قائم ٿي. عمرڪوٽ ۾ اڪبر بادشاهه جي ولادت جي حوالي سان ميوزيم قائم ٿيو. حيدرآباد جي قلعي ۾ ٽالپري دؤر جا جيڪي آثار آهن، تن جي حفاظت لاءِ ميوزم قائم ٿيو. سنڌ پراونشل ميوزيم حيدرآباد جي لاءِ اعزازي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري ’ون يونٽ‘ واري دؤر ۾ گهربل گرانٽ وٺي هن ميوزيم کي باقاعدي طور قائم ڪيو ويو، آثارن جي حفاظت جي سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ ڪوشش جي ضرورت آهي. افسوس جو حيدرآباد جي تاريخي قلعي جي ديوار کي محفوظ ڪرائڻ ۾ منهنجي ڪوشش ڪامياب نه ٿي، جيتوڻيڪ ”آثار قديمه“ جو پورو تعاون حاصل هو؛ پر ڊپارٽمينٽ جو به وس ڪونه هليو. البت آثار قديمه کاتي، قلعي جي دروازي واري پاسي جي مرمت ڪري وڏي خدمت ڪئي آهي.

سوال: سائين، هاڻي ٻوليءَ بابت هڪڙو سوال آهي ۽ اهو هي ته توهان جيڪا ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ لکي آهي، تنهن ۾ حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي عهد تائين مطالعو ٿيل آهي، پر انهي کان پوءِ جو جيڪو عهد آهي، تنهن تي توهان ڪا تحقيق ڪريو پيا اُن بابت ڪجهه ٻڌائيندا.

جواب: اڳئين دفعي گفتگو ٿي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي ”دور وار تاريخ“ موجود ڪانه هئي ۽ جيستائين ڪنهن ٻولي جي دور واري تاريخ مرتب نه ٿي آهي، تيستائين ٻولي کي سمجهڻ ذرا مشڪل آهي. سنڌي ٻولي جي دؤر وار تاريخ لکڻ هڪ تمام محنت طلب ڪم هو، جنهن کي آهستي آهستي ڪري اسان سمن جي دؤر جي آخر تائين پهچايو آهي. شاهه عبدالڪريم جي، سمن جي دؤر جي 927هجري ۾ خاتمي کان وقت پوءِ سن 944هجري ۾ ولادت ٿي ۽ مغل دور ۾ سن 1032 هجري ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ ڪري مغل دور جو به ڄڻ ذڪر اچي ويو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن وارو دور، جيڪو سوا ٻن سئو سالن وارو دور آهي، انهيءَ ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ تي ڪنهن حد تائين ڪم پورو ڪيو ويو آهي. ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ جو جيڪو نئون ايڊيشن ايندو، تنهن ۾ انهيءَ باب جو اضافو ٿيندو. اهو هڪ نهايت ضروري باب آهي، ڇو جو انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ٻولي فارسي ۽ فارسي تعليم ۽ فارسي شاعري جو زور ٿيو، پر جيتري قدر فارسي جو زور ٿيو اوتري قدر وري سنڌي جو به زور ٿيو. سنڌي کي زور وٺرائڻ جو اهو سهرو آهي، انهيءَ وقت جي سنڌي عالمن تي، جن پهريون دفعو اهو محسوس ڪيو ته تعليم جي سلسلي ۾ جيستائين مادري زبان ۾ ٻارڙي کي تعليم نٿي ڏجي تيستائين اُن جي تعليم جو رستو اڳتي صاف نه ٿو ٿئي. گهڻو اڳ عالم اُستاد عربي ۾ سنئون سڌو پڙهائيندا هئا، تنهن کانپوءِ ٻيو قدم اڳتي کنيائون جو پهرئين آسان فارسي پڙهائي پوءِ عربي پڙهايائون، نه فقط سنڌ ۾ پر سڄي هندستان ۾ اهو تعليمي سلسلو جاري هو، سڀ کان پهرين سنڌ جي عالمن اهو محسوس ڪيو ته مادري زبان اڳ ۾ پڙهائي وڃي.

اهو تعليمي نظريو سنڌ جي عالمن يارهين صدي هجري جي وچ ڌاري شاهجهان بادشاهه جي دؤر ۾ قائم ڪيو. ان جو مکيه باني ابو الحسن هو، جيتوڻيڪ وقت جا ٻيا اُستاد پڻ انهي نظريي جا هئا، اوهان ”ابو الحسن جي سنڌي“ جو نالو ٻڌو هوندو اهو ڪتاب غالبآ هن يارهين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾ لکيو، پر ان کان اڳ اهڙو ڪتاب سليس فارسي ۾ لکيائين. هاڻي اسان کي ٻين سنڌي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو هٿ آيو آهي، جيڪي يارهين صديءَ ۾ لکيا ويا. اهي انشاءَ الله اسان عنقريب شايع ڪنداسين. اهي آڳاٽي ۾ آڳاٽا ڪتاب آهن، جيڪي سنڌي ۾ لکيل آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ادب تي آهن، جن ۾ ديني ادب به آهي، ته قصا ۽ ڪهاڻيون به آهن. مخدوم ابوالحسن ۽ سنڌ جي عالمن جو اهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، پر انهن کان اڳ به سنڌ جي عالمن نوان تعليمي نظريا قائم ڪيا، تعليم ۽ تعليمي طريقن (Mehtods of Education) تي سڄي هندستان ۾ پهريون ڪتاب مخدوم جعفر بوبڪائيءَ سنه 1550ع ڌاري لکيو. اهو دؤر سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ترقيءَ جو دؤر آهي. سنڌي ۾ تعليمي ترقي سان گڏ لازمي طور سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ٿي. اهو مغليه دؤر هو يعني ته ڪلهوڙن جي دؤر کان اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن مادري زبان سنڌي ۾ تعليم جو بنياد پيو. ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جي نئين ايڊيشن ۾ انشاءَ الله اهو سڄو بيان اچي ويندو.

سوال: سائين، اهو جيڪو توهان ٻڌايو ٿا ته انهيءَ دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت وڌي، انهيءَ جو ڪارڻ ڪي ٻڌائيندا؟

جواب: جيئن مون هينئر بيان ڪيو ته ان جو ڪارڻ اهو آهي ته مادري زبان ۾ تعليم جو سلسلو شروع ٿيو. تعليم جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ درسي ڪتاب  (Text Books) لکيا ويا، جنهنڪري سنڌي ٻولي عملي طور ترقي ڪئي.

سوال: هاڻي مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي باري ۾ جيڪو توهان ڪم ڪيو آهي ۽ هن وقت ”شاهه جو مستند رسالو“ جيڪو اوهان مرتب ڪري رهيا آهيو، ان سلسلي ۾ اڃان توهان کي ڪهڙو وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي، يا ڪهڙي تحقيق ڪرڻي آهي؟ ٻيو ته ان سلسلي ۾ ڪهڙيون کوجنائون ڪيون ويون آهن.

جواب: اڳئين صحبت ۾ انهيءَ تي گفتگو ٿي هئي. شاهه صاحب جي سوانح توڙي رسالي تي تحقيق ڪرڻ جي وڏي ضرورت آهي، جيتوڻيڪ هن کان اڳ گهڻن لائق ۽ داناءَ عالمن ان بابت لکيو آهي، پر منهنجي پنهنجي نظر ۾ شاهه جي سوانح توڙي رسالي تي بنيادي طور معيار وارو ڪم اڄ ڏينهن تائين ڪونه ٿيو آهي؛ بلڪ ان ڪم جي ڄڻ شروعات ئي ڪانه ٿي آهي. پوين سالن ۾ رسالي تي جيڪو ڪم ٿيو آهي، سو اڳئين کان تمام گهڻو آهي. پهرئين دفعي سن 1922ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي آڏو سيڪريٽريءَجي حيثيت ۾ مون اها تجويز ڏني ته ڀٽائي صاحب جي رسالي توڙي سوانح تي تحقيقي ڪم ٿيڻ گهرجي؛ خاص طرح رسالي جو متن، جيڪو مستند هجي ۽ جامع هجي، سو تيار ڪيو وڃي. جامع جي معنى اها ته جيڪي به قلمي توڙي ڇاپي نخسا آهن، تن کي ڀيٽي متن تيار ڪيو وڃي. گذريل ٻن سئو سالن ۾ جيڪي رسالا لکيا ويا آهن يا هن پوئين دؤر ۾ جيڪي ڇاپيا ويا آهن، سي سڀ هڪجهڙا ڪينهن، ڪن ۾ ڪي بيت آهن ته ڪن ۾ ناهن. ڪن جون پڙهڻيون ڪهڙيون ته ڪن جون ڪهڙيون! هاڻي اها محنت ڪجي جو انهن سمورن کي آڏو رکجي ۽ ڀيٽي صحيح پڙهڻيون قائم ڪجن، مثلآ رسالي جي پهرئين بيت جي پهرين سٽ ڪن رسالن ۾: ”اولُ الله عليم“ (ل جي پيش سان) لکيل آهي ته ٻين ۾ وري ”اولِ الله عليم“ (ل جي زير سان) لکيل آهي. هاڻي دانائيءَ سان سمجهڻو آهي ته ٻوليءَ جي صرف نحو ۽ گرامر جي لحاظ سان اسان اَولَ، (ل جي پيش سان) رکون يا اول (لي جي زير سان) رکون. اهو هڪڙو مثال لفظ جو آهي، اهڙيءَ طرح سان ڪيترائي بيت آهن، جن جون ڪي سٽون ڪن رسالن ۾ هڪ طرح ته ڪن ۾ ٻيءَ طرح آهن. انهن سمورن کي جمع ڪري ڀيٽي پوءِ بيت يا وائيءَ جي صحيح صورت قائم ڪجي ته يا جدا جدا رسالن ۾ ڏنل صحيح بيت کڻبا ته اها  ٿيندي جامعيت، مستند جي معنى ته جيڪي بيت يا جيڪا وائي هجي ان تي پهريائين سوچون ته ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ جي معيار جي لحاظ سان اهو ڪلام ڀٽائي جو آهي، يا ٻئي ڪنهن جو؟ موجوده صورت ۾ شاهه صاحب جو رسالو ڄڻ هڪ ”ڪشڪول“ آهي ۽ ”گنج“ آهي (ڀٽ تي رکيل رسالي جو نالو به ”گنج“ رکيو اٿن)، ۽ اهڙو گنج جنهن ۾ پنج ڪڻي سمايل آهي، يعني ته ٻين درويشن جو ڪلام به شامل آهي، انهيءَ ڪري شاهه صاحب جي پنهنجي چيل بيتن ۽ واين کي پرکجي، اهو پرکڻ به سولو ڪونهيءَ، جڏهن ڪي معيار قائم ڪبا، تڏهن پوري پرک ٿي سگهندي، ضروري آهي ته رسالي ۾ هر هڪ لفظ زير زبر سان صحيح هجي. اهڙو رسالو ئي مستند ٿيندو.

منهنجي پنهنجي وس آهر اها ڪوشش آهي ته شاهه جو رسالو جامع ۽ مستند صورت ۾ پيش ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾، ڪافي ڪم ٿيو آهي. پهريون جلد، جيڪو ٻن سُرن ”سر ڪلياڻ“ ۽ ”سريمن“ تي مشتمل آهي، سو جامع ۽ مستند صورت ۾ شايع ٿيندو. اُن جي آڏو تفصيلي مقدمو هوندو، اهو چئن پنجن سون صفحن جو جُلد  ٿيندو. اهو ڪم پورو ڪيو ويو آهي، هاڻي هي جلد ڇپجي پيو. سوا سئو کن صفحا ڇپجي ويا آهن ۽ ممڪن آهي ته ايندڙ ٻارهن مهينن ۾ ڇپجي وڃي. اهو ٿيو پهريون جلد، پوءِ جي حياتي آهي ۽ حالات سازگار رهيا ته اهڙا ڏهه جلد انشاءَ الله ٻيا به تيار ڪري شايع ڪبا.

سوال: سائين، انهيءَ ايڊيشن جي ترتيب بابت به ڪجهه ٻڌايو.

جواب: مرزا صاحب، هر سُر جي هر داستان جي ترتيب موضوع ۽ فڪر جي سلسلي مطابق هوندي، پر جيئن ته رسالي جو بمبئي ڇاپو گذريل هڪ سئو سالن ۾ عام ٿي چڪو آهي ۽ اسين ان سان مانوس ٿي ويا آهيون، تنهن ڪري مجموعي طور سان ترتيب ان سان ملندڙ هوندي، البت اهو ڄاڻڻ ضروي آهي ته حضرت شاهه صاحب جي ڪلام جي سٽاءِ توڙي شاهه جي فڪر جي لحاظ سان بمبئي ڇاپو مستند رسالو ڪونهي، پر ”راڳ نامو“ آهي. ٽالپرن جي دؤر ۾ رسالي ۽ راڳ تي وڏو توجهه ٿيو. حڪمران مير ۽ صاحبزادا ڀٽ تي ويندا هئا. حويلي ۾ بيبيون رسالو پڙهنديون ۽ ڪاتب مايون سندن واسطي رسالا لکنديون هيون، مير صاحبن راڳاين فقيرن ڏي توجهه ڪيو ۽ راڳ زور ورتو، انهيءَ ڪري راڳ جي سهوليت خاطر رسالي کي داستانوار راڳنامي جي صورت ۾ مرتب ڪيائون. اڳيان قلمي رسالا سسئي جي سُر سان شروع ٿيندا هئا، ۽ ٻيو ته سُر داستانن ۾ ورهايل ڪين هئا. راڳنامي جي ترتيب ۾ ”اڳ ڪلياڻ“ اڳ ۾ رکيائون ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا سُر به اڳ پوءِ ڪيائون. ڪلياڻ توڙي ٻين سُرن کي داستانن ۾ ڇپيائون ۽ هر هڪ ’داستان‘ کي پويان ”وائي“ ڏنائون، ته فقير هڪڙو داستان ڳائي، وائي پڙهي، ساهي کڻن ۽ وري ٻيو داستان ڳائين. اها آهي صورت راڳنامي جي، اهو ’راڳنامو‘، جنهن کي هاڻي رسالو چئون ٿا، تنهن جو ڇاپو جيڪو پهريائين ن 1283هه ۽ پوءِ سن 1292هه ۽ ان بعد وقفن کان پوءِ ڇپجندو رهيو، سو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو، انهيءَ ڪري جامع مستند متن واري سالي جي صورت به سُرن ۽ داستانن واري هوندي، پر هر سُر جي هر داستان هيٺ بيتن جو سلسلو موضوع ۽ معنى جي لحاظ سان هوندوته جيئن شاهه صاحب جي فڪر ۽ پيغام کي صحيح طور سمجهي سگهجي.

سوال: سائين، مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته شاهه صاحب جيڪي بيت يا وايون چيون، انهن جي ڪيئن خبر پوي ته شاهه صاحب ڪهڙو ڪلام پهرين چيو ۽ ڪهڙو پوءِ چيو، ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب جو ته تمام گهڻو ڪلام آهي، مثال طور سُر ڪلياڻ آهي، هاڻي ڪيئن چئبو ته شاهه صاحب اهو سُر پهرين چيو هوندو.

جواب: مرزا صاحب، اوهان جيڪو اهو سوال پڇيو آهي سو نهايت اهم آهي ۽ نهايت ڏکيو آهي ۽ ڪوبه يقيني فيصلو ڪري نٿو سگهجي ته شاهه صاحب پهريائين ڪهڙا بيت چيا ۽ پوءِ ڪهڙا چيا، ڪلياڻ، جيڪو هاڻي رسالي ۾ پهريون سُر آهي، تنهن بابت مون اوهان کي ٻڌايو ته ٽالپر اميرن جي دور ۾ جڏهن نئين سر رسالو تاليف ڪيائون ته سُر ڪلياڻ کي راڳنامي جي لحاظ سان اڳ ۾ رکيائون. راڳنامي جي صورت کان اڳ جا جيڪي رسالا لکيل آهن، تنهن ۾ ڪلياڻ پهريون سُر ڪونهي. پهريون سُر سسئي آهي، انهن ۾ ”ڪلياڻ“ ۽ ”يمن“ ٻئي سُر گڏي يڪو سُر ڪيل آهن ۽ اهو سُر سسئي کان پوءِ هي ڪري کيل آهي. ”گنج“ رسالو، جيڪو ميين اسماعيل سن 1207هجري ۾ لکايو يا ٻيا جيڪي آڳاٽا رسالا آهن، تن ۾ ڪلياڻ پهرين رکيل ڪونهي ۽ اهو ته رڳو راڳ جي سهوليتن خاطر گذريل صدي جي وچ ڌاري شروع ۾ ڪري رکيائون. هڪڙو ڪلام شاهه صاحب اڳ ۾ چيو ۽ ڪهڙو پوءِ، ان بابت هيءَ ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته ڀٽائي صاحب هڪ هڪ سُر ڪونه ٺاهيو. پاڻ هر موقعي سان بيت چوندا هئا، جيڪو موضوع سندن ڌيان ۾ هوندو هو، جن تي گفتگو ٿيندي هئي، تن بابت بيت وندا هئا، البت سندن فڪر جي لحاظ سان اسان وڏي غور کان وءِ ائين چئي سگهنداسون، ته هيءُ سُر يا هي بيت سندن حياتي جي پهرين يا پوئين دور جا آهن، انهيءَ نقطئه نظر کان جڏهن اسان فڪر جو تجزيو ڪنداسين ته ڪنهن حد تائين خبر پوندي ته ڪهڙو ڪلام اڳ جو يا پوءِ جو آهي. اڳين فقيرن رسالي ۾ سر سسئي اڳ ۾ رکيو، ڇاڪاڻ جو اهڙي هڪ روايت آهي ته شاهه صاحب سسئي تي اول توجهه ڪيو ۽ گهڻو توجهه ڪيو، سسئي بهرحال ڳولا واري منزل تي آهي، سهڻي آخري منزل تي آهي، جڏهن پاڻ وڃائي وڃي پرينءَ سان ملي. فڪر جي لحاظ سان سر سهڻي ڄڻ آّخري منزل تي آهي، اهي علمي نتيجا آهن، باقي ڀٽائي صاحب سان اسان مان ڪو گڏ ڪونه هو ۽ نه ڪو ڀٽائي صاحٻ پاڻ ئي پنهنجا سُر هڪ هڪ ڪري ويهي لکيا ۽ سمجهايا ته ڪهڙا اڳ جا ۽ ڪهڙا پوءِ جا آهن.

 (شڪريه : ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد)

شاعري

 

”ڪنهن به قوم جو علم ادب، سندس تاريخ جي جدا جدا عرصن موافق، سندس خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي، ڪنهن به خاص عرصي جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي پهريائين ان عرصي جي علمي خزاني کي ڳولڻو پوي ٿو. سن ۽ حقيقتون تاريخ جو فقط بوتو ٺاهين ٿيون، پر انهن جي رڳن ۾ روح تڏهن پوندو، جڏهن سندس ادبي تاريخ جو ذخيرو موجود هوندو، جنهن جي رستي اسان کي خبر پوي ته قوم جي قديم فردن جا ڇا خيال ۽ جذبا هئا، سندن علم جي مراد ڇا هئي، ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جا ڪهڙا سرچشما هئا، مطلب ته هر ڪنهن قوم جي هستي سندس علم جي ذخيري تي مدار رکي ٿي.

افسوس! اڍائي هزار ورهيه گذري ويا آهن ته سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي. موجوده وقت ۾ ڪي قدر ڪوشش انهيءَ باري ۾ ورتي ويئي آهي، پر اڃا تائين ڪو اهڙو معقول نتيجو ڪونه نڪتو آهي ۽ ڪنهن به پوري روشني نه وڌي آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ علمي خزانو هڪ پوريل دفتر ٿي رهندا، جيڪڏهن هرڪو فرد ان جي کوجنا ڪرڻ ۾ بهرو نه وٺندو. سنڌ کي هڪ عاليشان تاريخ ۽ علمي خزانو آهي، جو اسان جي اڻڄاڻائيءَ ۽ وڏن جي لاغرضائيءَ کان ناس ٿي ويو آهي ۽ جي هينئر به اسين پنهنجيون اکيون بيپرواهيءَ ۽ نيم خوابيءَ کان نه کولينداسون ته انهيءَ تاريخ جا رهيل کهيل آثار به آهستي آهستي ناپديد ٿي ويندا.“

- شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائودپوٽوؒ

مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“

منهنجي ڪتابِ زيست سندي ترجمان جو خير،

محبوبِ رشڪِ مهر مٺي مهربان جو خير.

تارِ نگاههِ يار گرفتار خوب ڪئو،

جنهن ۾ ٻڌل مان آهيان تنهن ريسَمان جو خير.

هن جي اچڻ سان جملي شگوفا کلڻ لڳا،

تن قهقهن جو خير، گلستان جو خير.

عاشق جي انگبينِ محبت تي سئو سلام،

هردم هجي اي دوستو مهرِ بتان جو خير.

منهنجي ”صباحِ  خير“ جا جملا هي خوشگوار،

”خمخاني جو، صراحي جو، پيرِ مغان جو خير.“

مينا جا قهقها ٻڌي ٿئا خنده زن قدع،

تنهن اهلِ ميڪده جي هجي گل فشان جو خير.

جنهن حسن، بدگماني کان ڪم ورتو لاجواب،

مون ۽ ڪهين حسين سان گڏ بدگمان جو خير.

رازِ درونِ پرده جي الله کي خبر،

هر روز خير، ماه جو، سالِ روان جو خير.

مولا تون پنهنجي ”طالبِ مولا“ جو ٻڌ عرض،

خوش بخت نوجوان ”خليق الزمان“ جو خير.

شمشيرالحيدري

اٿان ڪٿان هوسي

گهڻي زماني ٿي ٻئي جڏهان سچ سدا سو ڀارا ها،

اون دي ڏاڍي هلدي پُڄدي، اون دا وارا نيارا ها.

 

گهر گهر اون دا جهنڊا کُتا، در در اون دا نظارا ها،

سڀ دي دل دا دلبر ها او، سڀ دي اک دا تارا ها.

 

ڪنگلا ڪوڙ اُنهان دا ايڏا شان ڏسي پيا سڙدا ها،

راتيان ڏينهان، اندر اندر، ٻَلدا پچدا ڪڙهدا ها.

 

هڪ ڏينهن اينوين هويا جيوين سچ سُتا ها سيج مئي،

ڪوڙ اچي شبخون هنيا، ڪئين ڪٽڪ انهان دي ساڻ لٿي،

 

سچ ڪونه ڏيهه نيڪالي آئي، سچلي ماڻهو مارئي ڳئي.

ڪتلي قيدي باندي ٿي ڳئي، ڪتلي دار تي وارئي ڳئي.

 

سچ دي پڇون ڪوڙ لڳا هي، ڪوڙ به اٿان هوسي،

ڳولو ڳولو ڪوڙ ڪون يارو، اِٿان ڪئان هوسي.

 

ڳولو ڳولو ڪوڙ ڪون يارو، اِٿان ڪئان هوسي،

وارو وارو مارو مارو، اِٿان ڪٿان هوسي.


[1] . ڏسو ”مهراڻ“ نمبر3، 1985ع، ص 1، ”اڄ وري تاريخ جا دفتر کُليا“. (ريڊيو انٽرويو سيريز-1)

[2] . گڊ مارننگ- صبح بخير- سهڻو صبح وغيره.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com