”ساجد“ لعلپوري
غزل
لوڪ کان جيڪا لڪايم ٿي سدا، ڪرڻي پئي،
ڳالهه جا ڪرڻي نه هئي ڪنهن سان اها ڪرڻي پئي.
ٿو رهي الفت سندي مفهوم کان جو بي خبر،
ان وفا نا آشنا سان اڄ وفا ڪرڻي پئي.
ڪين ڪي ڪرڻي هئي
جنهن کي مگر، مجبور ٿي،
اڄ ستمگر سنگدل کي التجا ڪرڻي پئي.
حال منهنجي کي ڏسي اُهي مسيحا اڄ چيو،
هن مريض عشق جي مون کي دوا ڪرڻي پئي.
مال و زر ڇا ڳالهه آ پر، عاشقِ ناشاد کي،
زندگي راه محبت ۾ فدا ڻي پئي.
قابلِ تعريف جنهن جي وصف هر هڪ ٿي وئي،
پاڻ کي تنهنجي ثنا صبح و مسا ڪرڻي پئي.
جنهن کي دنيا ۾ بقا حاصل ڪرڻ جو ٿيو خيال،
موت کان اڳ زندگي تنهن کي فنا ڪرڻي پئي.
ابتدا ويٺس ڪري جنهن سان جهان ۾ پيار جي،
رنج و غم ۾ يار تنهن سان انتها ڪرڻي پئي.
مان خطا وارو رهيس دائم خطا تي ڪاربند،
هن عطا واري کي پر هردم عطا ڪرڻي پئي.
سمجهه ۾ بي سمجهه کي آئي نه ”ساجد“ تنهن ڪري،
اڄ حقيقت هن سان دل جي برملا ڪرڻي پئي.
”بشير“ سيتائي
نينهن ناهي، ڪو معجزو ٿو لڳي،
غم ڪُڙو آ، مگر مِٺو ٿو لڳي.
دل نه آ، شوق جو ڪو شهر آهي،
ان ۾ ڪيڏو نه چهَچٽو ٿو لڳي،
حسرتون، جذبا ۽ اُٻهرائي،
پنهنجو جيوَن ۾ ٽوٽڪو ٿو لڳي.
کيڏندا ٿا وڃون شرارن سان،
باهه ئي باهه پيچرو ٿو لڳي.
توکي ڏسندي ئي ٿڌڙو ساهه ڀريم،
توسان شايد ڪو واسطو ٿو لڳي.
رُسوا ٿي ويو ”بشير“ عزتدار،
هي به ڪيڏو نه واقعو ٿو لڳي.
”حليم“ سنڌي
سنگت ۾ هُيو ساءُ، اُهي ڏينهن اُهي شينهن،
ڀيٽو نه هُيو ڀاءُ، اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
هر اک ۾ هُيو نُور حقيقت جو نُمايان،
هر دل هُئي داناءُ، اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
هر سمت کان اُلفت ۽ محبت جو ڪنَنَ تي،
پوندو هُيو پڙلاءُ، اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
ڪُلفت ۽ ڪدورت کان، خجالت ۽ خفي کان،
واقف نه هُئي واءُ، اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
اِنسانُ ٿي اِنسان جو همدرد رهيو ٿي،
بهتر هُيو برتاءُ، اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
مهمان جي آمد تي خوشيءَ جو هيو اِظهار،
جيءُ آءُ، ڀلي آءُ اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
اڄ پاءُ پيو پاڻ کي هت سير سڏائي،
اڳ سير هُيو پاءَ، اُهي ڏينهن شينهن.
”ڪنهن هٿ“ جي ملڻ ساڻ
۽ ”ڪنهن مرڪ“ جي باعث،
گهَرو نه هُيو گهاءَ، اُهي ڏينهن اهي شينهن.
ڪيڏو ته هُيو پاڻ ۾ نظرُن ۽ دلين جو،
سرچاءُ ۽ پرچاءُ؟ اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
سچ پچ ته ”حليم“ اڄ به اسان کان نٿا وسرن،
هُو قرُب، هوُ ڪهڪاءَ، اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
مير غلام الله ٽالپر
بيوسين جو نظام ڏس ته اچي،
ڪيئن گذاري آ شام ڏس ته اچي.
تون رهين بدگمان ٿو جن کان سڄڻ،
تن لبن تي آ نام ڏس ته اچي.
ساٿيا، پنهنجي مهرباني سان،
هِن اکڙين ۾ جام ڏس ته اچي.
پنهنجي گردشِ زلف جي صدقي،
منهنجي گردش، ايام ڏس ته اچي.
اي ستل ”خواب“ غفلت جا صنم،
ننڊ منهنجي حرام ڏس ته اچي.
مير کي شاد مان چوڻ وارا،
پنهنجو غمگين غلام ڏس ته اچي.
منير سولنگي
تون جو آئين سامهون سپرين ڏولاوا سڀ اُڏري ويا،
رم جهم ڄڻ ڪي بادل برسيا، رنگ خوشيءَ جا نکري ويا.
تنهنجي ڪارڻ شاعر بڻجي جذبن کي مون جرڪايو،
تنهنجي مشڪڻ ساڻ پيارا گوندر سارا گذري ويا.
سِون سريکو مکڙو تنهنجو روز چيم ٿي خوابن ۾،
تون جو ملي وئين ساڀيان ساجن
سپنا سارا وسري ويا.
تنهنجي چاهت تنهنجي چنتا، تن من منهنجو تڙپائي،
تنهنجي تات طلب ۾ ڍولڻ خيال سهانا وسري ويا.
پهر پوئين ۾ ڪوئل ڪوڪي
ڪير به نه آيو يار منير،
باک ڦٽي وئي رات کٽي
وئي، صبح جا پاڇا نِسري ويا.
اميد خيرپوري
حال ڪهڙو ڪيان انجمن ۾ اچي،
ڦير تقدير ۾ آيو آهي عجب.
جن کي پئسو ڏئي ڪو پڇي ڪين پيو،
تن لئه مُرڪي ملاقات موٽي پئي.
مون هزارين وڃي ميڙ منٿون ڪيون،
هو ڪٿي ٿو سُڻي ڪنهن جي دل جي صدا.
اڄ ٿو بيزار ماڻهو کان ماڻهو رهي،
هي وري ڪهڙي حالات موٽي پئي.
ڪنهن جون راهون نهاريان اڃا ڪيتريون،
نير اکڙين مان هاري ٿڪي ٿو پوان.
ڏينهن جيتر اڳيان هو ته آٿٿ رهيو،
بيقراري وڌي رات موٽي پئي.
جُهڙ ٺهي پيو بڻيو گگهه هوائون گهليون،
آسمانن ۾ کنوڻن جا ڪڙڪاٽ ٿيا.
ڪِن سڙين جي لڳي چرچ تي ڊوڙندي،
نيٺ بي قياس برسات موٽي پئي.
جيتريون دوستن ۾ اميدون رکيم،
وقت ۾ يار هڪ هڪ ٿي وڇڙي ويو.
منهنجا ڏکڙا مِٽائڻ جي خاطر هتي،
بس خدا جي فقط ذات موٽي پئي.
فضل احمد بچاڻي
مان نه چاهيندس ڪڏهن
ٻن پريمين جي سچي ميلاپ ۾
ڪا رڪاوٽ، ڪي سنڌا ڪي سرحدون پيدا ٿين
مون کي نفرت آهِ ان دستور سان.
مان نه چوندس پيار اهڙي پيار کي
جو بدلجڻ ۽ مُڙڻ جي لئه هڪيو حاضر هجي
وقت سان ماحول سان حالات سان
رنگ رخ انداز بدلائي ڇڏي.
پيار هڪ اڻ مِٽ نشاني ٿو هجي.
بي خطر بي خوف ۽ بيباڪ مستحڪم نشان ڀڙڪندڙ ٻيڙن جو
سونهون
اوڙڪن کان بي نياز
ڪو کڻي ان جي بلنديءَ تي رسي
پيارجي مُلهه کان مگر ڪوئي به ناهي آشنا.
پيار ناهي وقت جو ڪو ڪاٺ پتلو مسخرو
جو زماني جي اشارن تي نچي
ها، ڪڏهن ڪي گلبدن گلرخ گلابي صورتون
وقت جي پرڪار ۾ اڙجو وڃن
وقت ڪن ڳاڙهن ڳلن ڳاڙهن چپن مان رت وهائي ٿو وجهي.
پيار، ورنه وقت جي تقسيم سان
مختصر منٽن ڪلاڪن ۾ نٿو ورڇي هلي
موسمن وانگر نٿو صورت مَٽي
پر زماني ساڻ هٿ ۾ هٿ ڏئي، همراهه ٿي
انتها جي سرحدن تائين برابر ٿو وڃي
توڙ تائين ٿو وڃي.
منهنجي هيءَ دعوى اگر آهي غلط
۽ ڪوئي مون کي غلط ثابت ڪري
جي ائين آهي ته سمجهو دوستو
مون ڪڏهن هڪ لفظ ڀي ناهي لکيو
۽ ڪڏهن ڪنهن پيار ڀي ناهي ڪيو.
(شيڪسپيئر جي
“True Love”
جو ترجمو)
غلام مصطفى مشتاق
قاتل جي نگاهن ۾ نئون پيار ڏسان ٿو،
دامن ۾ لڪل خنجر و تلوار ڏسان ٿو.
شايد ڪو هتي دل سان کلي ڳالهه ڪري ٿو،
هر اک جو هتي نير سان ٽمٽار ڏسان ٿو.
هر قرب ۾ پوشيده نئون ڀيد ٿيو آ،
هر مرڪ ۾ ڪاتي کان تکي ڌار ڏسان ٿو.
جنهن جنهن ڀي کلي زور سان ڀاڪر ٿي وڌا اڳ،
اڄ تنهن جي ادائن ۾ وڏو عار ڏسان ٿو.
جادو جي وڄي مرلي وئي هر طرف آهي،
ٿيندي مان سچائي کي ٽڪر چار ڏسان ٿو.
ناني ٿو سڏائي ۽ پيو چهنڊڙي پائن،
توکي ته نئين ويس ۾ هر وار ڏسان ٿو.
هر جوت اجهامي آ وئي دل به جلي ٿي،
مايوس نگاهن ۾ ڪارونڀار ڏسان ٿو.
مومل ٿي پڪاري ڪا اچي ڪاڪ مان رڙ ٿي،
راڻو نه مگر هوش ۾ هوشيار ڏسان ٿو.
دعوى ڀي سچائي جي ڪري روز ٿو واعظ،
”مشتاق“ مگر سچ شرمسار ڏسان ٿو.
محمد شريف طالب
جيڪا ڳالهه توکي وڻي سا ڀلي آ،
اسان دل ته پنهنجي نه توکان پلي آ.
سدا راهون تنهنجون مان جاني نهاريان،
پون پور پلپل ٿو توکي پڪاريان،
ڪري قرب پنهنجو تون پيارا هلي آ.
رئان راتو ڏينهن ٿو سڄڻ تولئه جاني،
اچي ڪر تون مون تي ملي مهرباني،
ساري ڳالهه ساري مون توسان سلي آ.
[
وفائن جي بدلي جفائون ڪرين ٿو،
تڏهن به تون پيارا ڏاڍو وڻين ٿو،
ڪڏهين رمز تنهنجي نه مون سان رَلي آ.
ڪڏهين يار طالب ڏي موٽي تون ايندين،
مٺا محب منهنجو تون مهمان ٿيندين،
سدا جان منهنجي ته جاني جلي آ.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
جهُڪائيندس جَبين پنهنجي وڃي اُن يارجي در تي،
جهُڪي ساري خدائي ٿي جنهين دلدار جي در تي.
اکين سان روضي آطهر کي ڏسان، چائنٺ چُمان اُن جي،
پڙهان صلوات سَوَ واري، سچي سردار جي در تي.
مديني ۾ جڏهن پهچان، اُتي ئي موت ٿئي منهنجو،
حياتِ جاودان ماڻيان، مري منٺار جي در تي.
مديني پاڪ جا ماڻهو، لتاڙن لاش منهنجي کي،
ڀلارا ڀاڳ ڀايان، ٿي دفن غمخوار جي در تي.
شفيع المذنبين مُرسل مُحمّد آ ته غم ڇا جو،
پُڇاڻو معاف آ ’ميمڻ‘، پرين پڳدار جي در تي.
کڻي هٿڙا گهرو مون لئه دعا هي ربّ اڪبر کان،
وڃان پهچي سگهو مان، احمد مختار جي در تي.
”غفور“، آهي ڪندو نظرِ ڪرم هڪ ڏينهن سو مون تي،
سوالي مان ”سدا“ آهيان، انهيءَ مُهندار جي در تي.
اختر درگاهي
زندگي ڇا هي؟ مسئلو آهي،
ڄڻ ته صحرا ۾ قافلو آهي.
روز مرڻ ۽ روز جيئڻ جو، ٿي ويو پنهنجو مشغلو آهي.
منهنجو اُن ساڻ ائين ناتو آ، جيئن آڱر ۾ ڪو ڇلو
آهي.
اڃا سُورن جي سهڻ جي سگهه آ،
اڃا همت ۽ حوصلو آهي.
تون فقط ڳالهه ڪرين نيڻ جي، هن جو مُرڪڻ به ته ڀلو
آهي.
ساٿ غيرن سان آهي ساٿيءَ جو،
هِت اختر ته هيڪلو آهي.
”عاصي“ عبدالواحد هڪڙو
ڪافي
وري پاپ کان پاڻ پنهنجو پلايون،
وري حب جي هوت، هوڪو هلايون.
مٺا ميڙ منهنجي مڃي آءٌ جاني،
ڪري ويس ويتر ڪجل پائي ڪاني،
اچي گهار گڏجي، لهن هيڪلايون.
سڙي پيار پنهنجي تي مرلوڪ سارو،
هليو اچ سڄڻ تون هڻي نينهن نارو،
اچي ويهه ويجهو ته دشمن جلايون.
ڏينهان رات تنهنجي اٿم انتظاري،
وڌي ويئي دل جي سڄڻ بيقراري،
وري وصل جون ڪر ڀلارا ڀلايون.
ڏسي پيار ٿو ڪين پنڌڙو پراهون،
ڏئي پيار، پيارا نه تون موٽ پانهون،
وري دل کي ”عاصي“ ورهه ۾ ولايون.
پريتم پياسي
منهنجون آهون دانهون، سائين محب ڪجان منظور،
معاف ڪري ڇڏ منهنجون مدايون، ڪامل ڪل قصور.
محبت پيئي موجون ماري، تانگهه طلب آ تار،
سهڻ اسان ۾ سهڻا سائين منٽ نه آهي مور.
تنهنجو آهيان، تنهنجو رهندس، توسان پيچ پريت،
پرت سڃاڻي پنهنجي پيارا هيڪر آءُحُضور.
وصل جا واعدا ڏيئي جاني، دور ڌڪي تو ڇڏيو،
بر ۾ بيهاري بيوس کي، ٿو محب رهين مسرور.
بيوس بندو برهه ۾ آهي، آه محبت ماريو،
تنهنجو ”پريتم“ پيارا سائين چاهت ڪئڙو چوُر.
راشد مورائي
آهه دلِ بيتاب کي ڪن خير خواهن جي تلاش،
ٿو ڪري هو نفس پيو هم نفس ماڻهن جي تلاش.
خط لکڻ جي واسطي ڀوڳيو اٿم ڪيڏو عذاب،
ڪالهه کان ڪريان پيو موزون لفظن جي تلاش.
تنهنجي زلفن تي اچي تنهن دم پٽيو ٿي بامراد،
جنهن به جوڳيءَ کي هئي واسينگ نانگن جي تلاش.
سونهن وارن کي ائين ئي عاشقن جي گهرج آهه،
جيئن سخي ماڻهوءَ کي هوندي آهه بکين جي تلاش.
ٺوڪرون هڻندي بڻايئي دل کي چڪنا چور چور،
هاڻ تون ڇو ٿو ڪرين شيشي جي ٽڪرن جي تلاش.
خط پڙهڻ کان اڳ ڪري پرزا ڪيئين پڇتاءُ پوءِ،
هاڻ پٽ تان پيو ڪري شهداءِ ورقن جي تلاش.
جو هجي همخيال، بيشڪ ساٿ سان بنجي شريڪ،
آهه ”راشد“ کي سدائين پاڻ جهڙن جي تلاش. |