سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :19

”پر گلو، لڳي ٿو ته تون ڪا ٻي پڙهائي ڪرڻ ۾ مشغول آهين“ هوشوءَ ڪوڪي جي مٿي تي ٺيڪ مترڪو وهائي ڪڍيو. خير، فڪر نه ڪر، مون جمعي سان ڳالهائي ڇڏيو آهي. پر خيال رکجئين، پيرو ڏاڍو ڏنگو مڙس اٿئي.“ گلوءَ تي ڄڻ ڇپ ڪري پيئي. ڳالهه ايتري ظاهر ٿي پوندي، هن جي وهم و گمان ۾ به ڪونه هو. هن جي رويي ۾ تبديلي کي حاتان به محسوس ڪري ورتو.

”ڇو گلو اڄ ايترو منجهيل ڇو آهين!“ حاتان جي لهجي ۾ ايتري ته پنهنجائپ هئي، جو جيتوڻيڪ گلوءَ ڳالهه هن کان لڪائڻ پئي چاهي، مگر ڦاٽي پيو.

”چريا، ڊڄين ٿو؟ مان ته توسان آهيان.“ گلوءَ حاتان ڏانهن نهاريو ته عجب ٿيس، هيءُ ته اها حاتان نه هئي. هن جي لهجي ۾ فولاد جهڙو عزم هو ۽ هن جي اکين ۾ يوناني ديوتائن جهڙيءَ چمڪ هئي. پهريون ڀيرو گلوءَ محسوس ڪيو ته حاتان کانئس قد ۾ خاصي ڊگهي آهي. حاتان کي گهر پهچائي، جيئن گلوءَ گهر جي ڏيڍيءَ ۾ قدم رکيو ته ماستر جمعي ۽ ماڻس جو پاڻ ۾ ڏاڍيان ڳالهائڻ جو آواز ڪنن ته پيس. ڪن لاٽار ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو ته ماڻس جو آواز ڪنن تي پيس، جيڪا کيس سڏي رهي هئي. اڄ گلو پاڻ کي پهريون ڀيرو ان چور وانگر محسوس ڪري رهيو هو، جنهن جي چوري عين وقت تي پڪڙجي پئي هجي.

”ابا، مان هي ڇا ٻڌي رهي آهيان!“ ماڻس، جنهن گلوءَ کي ننڍپڻ ۾ ئي مامس جي گهران سندس وڏيءَ ڌيءَ صابوءَ سان منڱائي ڇڏيو هو، شڪايتي انداز ۾ بازپرس ڪرڻ چاهي.

”ڇڏ ادي! زمانو بدلجي ويو آهي، جيڪر گلو ان ۾ راضي آهي ته اسين ڇو ٻه زندگيون خراب ڪيون.“ مامس جمعي جي لهجي ۾ ٻيائي هئي، جيڪا گلوءَ محسوس ڪئي، مگر سمجهي نه سگهيو.

”امان ڇڏيو انهن ڳالهين کي، اڃا ته مان پڙهان پيو.“ گلو جند ڇڏائي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ موٽي ويو. هڪ پاسي هن حاتان جو عزم ڏٺو هو ته ٻئي پاسي پنهنجي ڪمزوري. ٻئي ڏينهن پاڻ ۾ حاتان جي سامهون ٿيڻ جو حوصلو نه ساري، گلو نه صبح جو اسڪول ويو ۽ نه ٻنپهرن جو. ٻئي ڏينهن به ائين ٿيو ۽ لڳاتار هڪ هفتو گلو، حاتان کي ملڻ نه وڃي سگهيو. گهر ۾ به دل نه لڳندي هيس ۽ نه وري دوستن وٽ. سڄو وقت هيڏانهن هوڏانهن بي مقصد سائيڪل ڊوڙائڻ يا ڪنهن هوٽل تي ويهي رڪاڊنگ ٻڌڻ کانسواءِ گلوءَ وٽ ڪجهه به نه هو. هڪ ڏينهن ٻنپهرن جو جيئن ئي هو ماني کائي گهر پهتو ته هن جي دل ڄڻ بيهڻ جي قريب ٿي ويئي. سامهون ورانڊي ۾ ماڻس سان گڏ حاتان ڳالهائڻ ۾ مصروف هئي.

”ڀلي ڪري آئينءَ“ گلو رسماً حاتان کي کيڪاري پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن وڌي ويو. حاتان به اهو خيال ڪرڻ بدران ته گلوءَ جي ماءُ ڇا سوچيندي، هن جي پٺيان اچي ڪوٺيءَ ۾ نڪتي. گلوءَ کي اهو خيال ته حاتان ضرور ساڻس ناراض هوندي ۽ هفتو نه اچڻ جون شڪايتون ڪندي، پر هن جو ڌيان ان وقت ٽٽو، جڏهن هن جي ڪتابن تي هڪ لڙڪ ڳڙي پيو.

”حاتان“ گلوءَ جي ڄڻ دل ڏري پئي. ”هي ڇا!“ ۽ حاتان بنا ان جهجڪ ۽ خيال جي ته ڪير آسپاس آهي يا نه، اچي گلوءَ جي ڳلي سان لڳي ۽ شڪايتون ڄڻ سيني مان سيني ۾ منتقل ٿيڻ لڳيون. گلوءَ، جنهن ان لمحي کان اڳ پاڻ کي اڪيلو ۽ بي يارو مددگار پئي محسوس ڪيو، ائين محسوس ڪيو، ڄڻ سندس گرد حاتان جون سنهڙيون نازڪ ٻانهون نه، مگر ڪو زبردست قلعو ۽ ان جون ديواريون هيون، جن جي اندر رهي هن کي ڪنهن جي به پرواهه نه هئي. هن آهستي آهستي کاڏيءَ کان حاتان جو چهرو مٿي ڪري ان جي اکين جا لڙڪا اگهيا.

”حاتان، تون مون کان ناراض آهين؟“

”تون کان ۽ ناراض“ حاتان پنهنجي پيشاني گلوءَ جي سيني تي رڳڙيندي چيو، ”مان ته سڄي تنهنجي آهيان، پوءِ پنهنجن کان به ڪو ناراض ٿيندو آهي.“ ٻاهر قدمن جا آواز اچڻ لڳا، ۽ گلوءَ ڳالهه مٽائي، حاتان کان اسڪول، ڪورس ۽ امتحان جا سوال پڇڻ شروع ڪيا. ڀيد ته ڪوبه نه رهيو. پر رک رکاءُ به هڪ ضرورت آهي. گهٽ ۾ گهٽ انسانن جي وچ ۾ ڀرم قائم رهيو. ٻئي ڏينهن کان ٻه پريمي وري ائين ٿي ويا. ڄڻ ڪو ويڇو هوئي ڪونه. پر زماني جا به مختلف رنگ آهن، روپ آهن. هڪ روپ ڏيکاءَ ڏئي غائب ٿو ٿئي ته ٻيو روپ سامهون ٿو اچي. پيار وارا ته جيئن پنهنجي ۾ ئي مگن هوندا آهن، تنهن ڪري احتياط ڪهڙي! هڪ ڏينهن انهن پروانن کي، جيڪي هونءَ ئي نروار هئا، حاتان جي سئوٽ متاري ڏسي ورتو. ظاهر آهي ته هو رک رکاءَ ڇوڪري، سو ڳالهه ٿيندي ٿيندي حاتان جي گهر وارن تائين پهتي، جتان شڪايت کڻي، حاتان جي وڏي ڀيڻ، جيڪا شهر ۾ ئي پڙهيل هئي،کڻي گلوءَ جي گهر پهتي، گلو به موجود هو.

”ابا، اڄ ڪلهه اسڪولن جا ڏاڍا چڪر ٿو هڻين.“ زينب سڌي سنئين ٽوڪ سان شروعات ڪئي.” خيال رکجئين، متان ڪنهن ڏينهن موچڙا نه کائي اچين.“ گلو، پيرن کان چوٽيءَ تائين تپي ويو.

”ادي، اهڙو ڪو پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي، جو موچڙا هڻي.“ گلوءَ به کتو جواب ڏنو. مهاڀاري شروع ٿي چڪي هئي ۽ اها ڳالهه بيڪار هئي ته پهريون بم ڪنهن اڇلايو. گلوءَ احوال اورڻ لاءِ صبح جو حاتان جو انتظار ڪيو، مگر حاتان نه آئي. ٻئي ڏينهن، ٽئين ڏينهن حتى ڪه هڪ هفتو گذري ويو، مگر حاتان نه اچڻي هئي ۽ نه آئي. گلو، جنهن جي دل ڄڻ ڦاٽي ٿي، تنهن مجبور ٿي پنهنجي دل جو حال حڪيم سان، جيڪو سندس دوست هو ۽ حاتان جي ئي پاڙي ۾ رهندو هو، اوريو. حڪيم واعدو ڪيو ته پنهنجا ذريعا استعمال ڪري هو خبر ڪڍي ڏيندو. جيڪا آخر هن ڪڍي سا تمام مايوس ڪندڙ هئي. حاتان جي مائٽن سندس پڙهائي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري کيس گهر ۾ ويهاري ڇڏيو هو. گلوءَ ويچاري جا ته ٺپ ٺري ويا، مگر پيار به پيار آهي، سو ملڻ جا ڪي رستا ته ڪڍيو ئي وٺي. حڪيم جيڪو حاتان جي گهر جي سامهون ئي هڪ ننڍي ڪوٺيءَ ۾ رهندو هو، تنهن ڪنهن نموني حاتان تائين گلوءَ جو پيغام پهچرايو ۽ هوءَ ڪنهن بهاني سان پلويڙي جي دريءَ مان اچي بيٺي. حاتان جو حال ڏسي، گلوءَ جي ڄڻ دل ڏري پئي، مگر بيوس هو. جيستائين ممڪن هو، ٻه پيار ڪندڙ جيئڙا هڪٻئي کي پري کان ڏسي، پنهنجي دل جي پياس وسائيندا رهيا. نظرن ۾ آکاڻيون هيون، پر شڪايت نه هئي. پيار خدائي ڏات آهي، انسان ڄائي ڄم کان پيار سکي ٿو ۽ هر دور ۾ هر رنگ ۾ هو پيار ڪندو ئي رهي ٿو. سو پيار جي دولت حاصل ڪري جيڪا ٻوجهه انسان حاصل ٿو ڪري، سا دنيائي دولت به نٿي رسائي سگهي. ٻڏندڙ دلين کي نئون سهارو مليو ته ڄڻ مينهن جو وسڪارو ٿي ويو. گلوءَ پري کان مخصوص انداز ۾ پنهنجي سائيڪل جو هارن وڄائيندو هو، جنهن بعد حاتان کي ڄاڻ پوندي هئي ته گلو حڪيم جي ڪوٺيءَ ۾ اچي چڪو آهي ۽ ان بعد هوبهاني بهاني سان پئِي سامهون ٿيندي هئي. حڪيم جي معرفت ٿورو گهڻو خط و ڪتابت جو سلسلو به شروع ٿيو، جنهن مان گلوءَ کي اها خبر پئي ته سندن پيار جي خبر صرف حاتان جي ماءُ تائين هئي، باقي گهر وارا لاعلم هئا ۽ پهرئين ڏينهن ماڻس حاتان کي ڏاڍي مار ڪڍي هئي، پر حاتان جو پيار وڌيڪ مضبوط هو. گلو به روز روز جي جهڪ جهڪ کان تنگ ٿي آخرڪار ماڻس کي تيار ڪري ورتو ته هو حاتان جي ماءُ سان ڳالهائي. بظاهر ته ماڻس سندس ڳالهه مڃي، پر اندران هن ڪوبه قدم نه کنيو، غالباً پنهنجي ڀاءُ جي ڊپ کان يا مصلحتاً. گلوءَ جي مامي جمعي جيتوڻيڪ پاڻ ئي سڄي ڳالهه کي قبوليو هو مگر اندر ۾ تفاوت رهيس ۽ ان جو اظهار آخر هڪ ڏينهن ٿي ئي ويو. حسب معمول گلو حڪيم وٽ موجود هو ته مامس  اچي اتي نڪتو. پهريائين ته جيئن دنياوي سمجهائڻ وارو انداز ٿيندو آهي، سو اختيار ڪيائين، مگر آخر ڦاٽ کاڌائين ۽ ڳالهه گرم ٿي پيئي. حاتان اهو سڄو ڊرامو مٿان پئي ڏٺو، تنهن نه ڪئي هم نه تم، پيرين اگهاڙي گهران نڪتي ۽ گلوءَ کي گهر اندر وٺي ويئي. ڪرڻ کي ته حاتان اهوئي ڪري ويٺي، مگر گهر جي ڏيڍي ٽپي ٻئي جهڙا سُن ٿي ويا. هڪ پاسي حاتان کان اهڙي جرئت مندانه قدم جي، جيڪو هن گلوءَ کي مامي جي مار کان بچائڻ لاءِ کنيو، اميد هئي ته ٻئي پاسي گلو به دمبخود هڪ حواس وڃايل شخص وانگر ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي پيو. هوش تنهن مهل آيس، جنهن مهل حاتان جي ماءُ ڪنهن بگيءَ شينهڻ وانگر رڌڻي مان نڪتي ۽ هڪ هٿ سان حاتان جا وار جهلي ۽ ٻئي هٿ سان هن کي ڏوئي سان ڪٽيندي اندر گهلي ويئي. گلو هڪ الهه تلهه هارايل جواريءَ وانگر ڪنڌ جهڪائي اتان نڪري آيو. ملاقات جو آخري سهارو به ويو. حڪيم به حالات جي رخ کي پسي، صلاح ڏني ته ممڻ وڌيڪ مچڻ کان اڳ گلو پنهنجا قدم ڍرا ڪري. ان ئي رات گلوءَ کي حڪيم هٿان حاتان جو آخري خط مليو.

منهنجا هميشه لاءِ پيارا!

”مان تنهنجي آهيان ۽ تنهنجي رهنديس،  مان تنهنجو انتظار ڪنديس ۽ تون به منهنجو انتظار ڪجئين، آخر ملنداسون.

وسارين متان.

گلوءَ جي رزلٽ نڪتي ۽ هو پاس ٿيو، جيئن ته موڪلون هيون ۽ اڳيئي اداس هو، سو هن پنهنجي پيءُ وٽ، جيڪو ٻئي شهر ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ هفتي هفتي گهر ايندو هو، موڪلون گذارڻ جو پروگرام ٺاهيو. نئين جڳهه، نوان دوست، سو ڪجهه ڏينهن ته مصروفيت ۾ گذاريا. هڪ هفتي گهر پهتو ته هڪ عجيب افتاد تي نظر پيس. سامهون کٽ تي سندس چاچو اميد علي ويٺو هو، جنهن جي پاسي ۾انهن سڀني خطن جو دڙو هو، جيڪي حاتان هن کي لکيا هئا ۽ هن لڪائي پنهنجي ڪتابن جي پيتيءَ جي بلڪل تري ۾ رکيا هئا ۽ انهن خطن مان هڪ خط هو پڙهي ٻڌائي رهيو هو ۽ ٻڌڻ وارن ۾ گلوءَ جي ماءُ سميت ڳوٺان آيل سڀ پڦيون ۽ ماسيون پڻ شامل هيون. گلوءَ تي نظر پئي ته ماسي ڦاپوءِ پنهنجي پيشانيءَ تي ڌڪ هڻي فرياد ڪئي، ”ابا، ڦٽي اسان جي قسمت!“ ڄڻ گلوءَ پيار نه پر ڪو خون ڪيو هجيس، هن جي اکين ۾ رت تري آيو، پر ان مهل ٽري ويو. شام جو هن چاچي سان ٻه ٻه پاڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چاچس جيئن بازار کان موٽيو ته گلوءَ وڃي ٻانهن کان جهليس.

”چاچا، توکي منهنجي خطن کوٽڻ جي ڪنهن اجازت ڏني.“ چاچو به ڀائٽي جو رخ ڏسي گهٻرائجي ويو ۽ لڳو واهي تواهي بڪڻ.

”منهنجا خط مون کي واپس ڏي.“ گلوءَ جو سندس ٻانهن تي زور ڪجهه وڌي ويو.

”خط مون ساڙي ڇڏيا.“

”ڪوڙا.“ گلوءَ اعتبار نه ڪيو.

”نه نه، قسم خدا جو مون سڀ خط ساڙي ڇڏيا.“

”خير چڱو ٿيو،“ گلوءَ سوچيو. حاتان وڌيڪ بدناميءَ کان ته بچي، پر اهو ڏک ضرور هيس ته اهي حاتان جي آخري نشاني هئا. ان هستيءَ جي ياد، جنهن شايد هن کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پيار ڪيو هو.

وقت گذرندو رهيو. گلو ان ڪوشش ۾ رهيو ته ڪنهن نموني پڙهائي جوانتظام ڪري جلد از جلد ڪنهن درجي پهچي حاتان کي حاصل ڪري. هڪ ڏينهن سندس پيءُ جڏهن شام گهران ٿي واپس پهتو ته گلوءَ محسوس ڪيو ته سندس رويو ڪجهه اکڙيل اکڙيل هو. بظاهر ته ڪو سبب گلوءَ کي نظر نه آيو، پر ادب کان پيءُ کان پڇي به نه سگهيو. ٻئي ڏينهن صبح جو وڃڻ مهل سندس پيءُ ناشتي جي ميز تي هڪ ننڍو بنڊل اڇلائيندو هليو ويو. گلوءَ کوليو ته اهي حاتان جا خط هئا. پيرن هيٺان زمين نڪري ويس. سڄو ڏينهن ان سوچ ۾ گذريس ته شام جو پيءُ سان، جنهن جو هو تمام گهو ادب ڪندو هو، ڪيئن سامهون ٿئي. بهر صورت ڳالهه خراب ٿيڻ کان ته بچائڻي هئي. چاچس ته ساڻس ڪوڙو قسم کڻي ويساهه گهاتي  ڪئي هئي. شام جو هن پڻس سان ڳالهائڻ مهل معذرتي انداز اختيار ڪيو ۽ معافي گهري ان سڄي ڳالهه کي وسارڻ جو وعدو ڪيو. پڻس به بظاهر کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ سڀ کير کنڊ ٿي ويو. ٻئي هفتي وري گلوءَ جي گهر وڃڻ جو وارو هو. گهر پهتو ته پيغام مليس ته حڪيم کيس گهرايو آهي. حڪيم وٽ پهتو ته حڪيم ڄڻ چڙهي ويس.

”تون چڱو انسان آهين ۽ تون چڱو ڪنهن سان پيار ڪيو آهي.“ حڪيم ڳاڙهو لڳو ويٺو هو.

”پر يار ٿيو ڇا!“ گلوءَ ڳالهه نه سمجهي.

”ٿيو ڇا، ڪنهن غريب جي زندگي تباهه ڪرڻ مان توکي ڇا مليو.“ حڪيم هيٺ لهڻ لاءِ تيار نه هو ۽ گلوءَ جي بار بار پڇڻ تي هن ٻڌايو ته گذشته هفتي گلوءَ جو پيءُ اهي سڀ خط، جيڪي حاتان هن کي لکيا هئا، سي کڻي وڃي حاتان جي پيءُ سامهون رکيا هئائين. اهو چوندي ته ”پنهنجين ڇوڪرين کي سنڀاليو نه ته هڪ هڪ ڪري ڀڄي نه وڃن“ ، اهي اهڙا سخت اکر هئا، جو هڪ پاسي پيروءَ کي باهه لڳائي ويا، جنهن گهٽ وڌ ڳالهائي گلوءَ جي پيءُ کي گهران ڌڪاري ڪڍيو ته ٻئي پاسي شامت حاتان جي آئي هئي، جنهن کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو هئائون. گلو اهو ٻڌي ڄڻ اندران ٽٽي ڦٽي ويو. هن جي دل ڄڻ روئڻ لڳي. هن منٿ ميڙ ڪئي ته ڪنهن صورت ۾ حاتان سان ملاقات جي سبيل ڪڍي. ٻه ڏينهن ته گلو حڪيم جي ڪوٺيءَ ۾ لڪو رهيو ته سندس موجودگي ظاهر نه ٿئي. ٽئين ڏينهن ڪنهن نموني حاتان لڪي ڇپي ساڻس ملڻ آئي. ٻه پيارا ڪجهه نه ڪڇي بس روئندا رهيا. ڳچ وقت ته سسڪيون، آهون ۽ ڳوڙها هئا. گلوءَ جيئن ئي حاتان کي پرچائڻ لاءِ ڪلهي تي هٿ رکيو ته هن جي واتان هڪ دٻيل سسڪي نڪري ويئي ۽ گلوءَ جي بيحد زور ڀرڻ تي جڏهن هن ڏيکاريو ته سندس سڄو جسم زخمن سان چوُر چوُر هو. پهريون ڀيرو گلوءَ جي دل ۾ پنهنجي پيءُ ۽ چاچي لاءِ بي انتها نفرت ڀرجي آئي. ڪنهن معصوم سان هيءَ زيادتي. هنن ڪا بدمعاشي ته ڪانه ڪئي هئي. هڪ معصوم پيار ئي ته ڪيو هئون، سو به دنيا جون سڀ پابنديون ۽ مصلحتون مڃيندي. اها سڄي رات گلو نه سمهي سگهيو. سڄي رات هن پاسا ورائيندي گذاري ۽ صبح جو جڏهن هو ڊگهو پنڌ ڪري گهر واپس پهتو ته هو زندگيءَ جي باري ۾ ڪافي سنجيده فيصلا ڪري چڪو هو. پهريون فيصلو هن گهر ڇڏڻ جو ڪيو ۽ ٻيو فيصلو هن حاتان جي ٻئي نمبر ڀيڻ کي خط لکڻ جو ڪيو، جيڪا گلوءَ کي ڀاءُ وانگيان ڀائيندي هئي. هن ان کي سڄو احوال ڏيندي اها گذارش پڻ ڪئي ته جيئن ته مان هينئر ڪمزور آهيان، حاتان جي قابل ناهيان، مگر منهنجو ارادو مضبوط آهي ته مان ڪنهن نه ڪنهن نموني پاڻ کي حاتان جي قابل ڪري توهان کان ان جو هٿ گهرندس. مگر اوهان سان درخواست آهي ته جيسين مان ائين ڪريان ۽ ان ۾ وقت لڳندو، خدا جي واسطي حاتان کي منهنجي امانت تصور ڪجو. خط وچ ۾ کلي پيو ۽ ڄڻ ٽوئن ۾ باهه لڳي ويئي، مگر ان جي اثرات پهچڻ کان اڳ گلو ڪراچي وڃي چڪو هو، جتي هن پنهنجي نوڪريءَ جي به ابتدا ڪئي ۽ پڙهائي به جاري رکيائين. هن ڪم ۽ پڙهائي ۾ پاڻ کي ايترو ته پوکي ڇڏيو جو وقت گذرندو رهيو ۽ آخر اهو ڏينهن به اچي پهتو جو گلوءَ کي پهريون ڀيرو هڪ تعميراتي ڪمپنيءَ ۾ آفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ هن مڙي نهاريو ته باقي صرف حاتان هئي، جنهن جي هن جي زندگيءَ ۾ گهٽائي هئي. وچ ۾ ماڻس گهڻا ڀيرا وٽس اچي چڪي هئي ۽ منٿ ميڙ ڪري پرچايو هئائينس. البته پڻس سان هن جا تعلقات اڃا تائين ڪشيده هئا. پنهنجي پهرئين فرصت ۾ هن گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فيصلو ڪيائين ته بس سڌو وڃي پيروءَ جي پيرن ۾ ڪري کانئس پنهنجي دل جو سڪون حاتان جي گهر ڪندس. بس جو سفر به ڄڻ گذريو ئي ڪونه ٿي، جيئن جيئن شهر ويجهو ايندو ٿي ويو، گلوءَ جي ذهن تي پراڻيون يادون يلغارون ڪنديون رهيون. گهر ٽپڙ رکي هن هڪ مٺائيءَ جو پيتي گڏ کنئين ۽ سڌو ڀڳو حاتان جي گهر! اڄ هن جي قدمن ۾ ڪابه لغزش ڪانه هئي. سڌو وڃي دروازو کڙڪايائين. کولڻ واري سندس پڦي هئي.

”پڦو، مون کي اندر اچڻ ڏي، مان ضروري ڪم سان آيو آهيان“ گلوءَ پڦيس جي رويي ۾ جهجڪ ڏسي اتاولائي ڪئي.

”چاچا پيرو ڪٿي آهي؟“ گلوءَ پڇا ڪئي.

”ٻاهر ويل آهي، ايندو هوندو، ڪجهه پيئندين؟“ پڦيس پڇا ڪئي. وقت ويڇا گذاري ڇڏيا هئا شايد، گلوءَ سوچيو. آخر ست سال ڪو گهٽ عرصو ڪونهي.

”نه نه“ گلوءَ ابتدا گهر جي خير خبر سان ڪري پنهنجو داستان شروع ڪيو. ان وچ ۾ هن جون نظرون هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙنديون رهيون، حاتان جي تلاش ۾، آخر هيڏانهن هوڏانهن کان جند ڇڏائي هن مطلب جي ڳالهه ڇيڙي.

”ابا تون دير سائين آئين“ پڦيس جي لهجي ۾ مايوسي هئي ۽ گلوءَ جي دل ڌڙڪڻ لڳي ”ڇو پڦو خير ته آهي“ هن تڪڙو تڪڙو پڇيو.

”ها بابا، خير آهي، پر حاتان هاڻ پرائي ٿي چڪي آهي“ اهو هڪ ڌماڪو هو جنهن ڪجهه وقت لاءِ ته ڄڻ گلوءَ جو ذهن مائوف ڪري ڇڏيو ۽ هن جي ڪنن ۾ صرف ”پرائي“ جو ورجاءِ ٿيندو رهيو. هن کي اهو ياد نه رهيو ته پڦيس جا اکر ڇا هئا البته اهو هو ته گهر ۾ ٻه ڌُريون هيون. ڪن گلوءَ جي حمايت ڪئي هئي ته ڪن مخالفت. پاڻ گلوءَ لاءِ انتظار جي حق ۾ هئي پر پيروءَ ضد ڪري پنهنجي عزيزن ۾ سڱ ڳولهي شادي جلد ڪرائي ڇڏي هئي. گلوءَ جا زمين و آسمان هڪ ٿي ويا. وڌيڪ ٻڌڻ جي همت نه رهيس. ٻڌڻ لاءِ وٽس هو ئي ڇا، سڀ ڪجهه ته تباهه ٿي چڪو هو. پڦيس ڇا چيو ڇا نه چيو. هو اٿي کڙو ٿيو. قدم ڄڻ مڻن جا ٿي ويا هئا. دروازي تي پهتو ته پڦيس سڏ ڪيس.

”ابا هي حاتان تنهنجي لاءِ ڇڏي ويئي هئي.“ هن هڪ ننڍڙو پيڪٽ آڻي گلوءَ کي ڏنو. ڏڪندڙ هٿن سان گلوءَ کوليو ته هڪ وهاڻي جي ڇَوَ هئي، جنهن تي ڪروشيا ۾ وڏن اکرن سان گهري ڳاڙهي رنگ ۾ لکيل هو ”وسارين متان“

تنهنجوڏانءُ ڏوهاري آهي

زبيده ميتلو

انسپيڪٽر باجوا جي آفيس ۾ ڪجهه ماڻهو ۽ هڪ عورت ويٺل هئا،ڪنهن چوريءَ جي ڪيس جي پڇا ڳاڇا، ڪلما درود پڙهائي هلي رهي هئي. نيٺ انسپيڪٽر پنهنجي مخصوص انداز ۾ دانهينءَ کي ٿُڪا بُجا، رهڙ رپڙ ڪري، ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ مائيءَ کي دلجاءِ ڏئي، ڪيس کي ختم ڪرڻ جو وعدو ڪري کيس مطمئن ڪيو.

انسپيڪٽر باوجوا مون کي چيو، ته فريادي هن قتل ڪيس ۾ توهان جو نالو ڏنو آهي، اهوپڻ ڄاڻايل آهي ته اهو وارُ توهان جي ڀاءُ ڪيو آهي، پر خوش قسمتيءَ سان عورت بچي ويئي آهي. انسپيڪٽر ان ڳالهه تي هر هر پئي زور ڀريو ته توهان اخلاقي طور، اسان جي مدد ڪريو ۽ اهو ٻڌايو ته توهان جو ڪو اهڙو ڀاءُ آهي، جنهن اهڙو قدم کنيو هجي.

مون کي ڏاڍي مٺيان لڳي. انسپيڪٽر جي ان مشڪوڪ سوال تي غصو پِي، چيم: ”انسپيڪٽر صاحب، اهو به ته ٿي سگهي ٿو، ته رپورٽ ڪندڙ توهان جي اخلاقي مدد نه ڪئي هجي، يا اوهان کيس اخلاقي مدد ڪرڻ لاءِ نه پڪاريو هجي. نتيجي ۾ رپورٽ بي ڏوهيءَ جي نالي لکرائي، اوهان ۽ ٻين لاءِ مونجهارا پيدا ڪيا هجن.“

”خير محترمه، بحث ڪرڻ جووقت ناهي، ڪيس اڳتي وڌندو، گهڻيون ڳالهيون ظاهر ٿينديون.“

”پر توهين ٻڌايو ته مون کي ڪهڙي سلسلي ۾ ٿاڻي تي گهرايو اٿو.“

”ان ڪري ته اوهان کان ڪن سوالن جو جواب فائيل ۾ درج ڪجن.“

”جن ڏينهن ۾، يعني ڏهه ڏينهن اڳ، عورت کي چاقو لڳو، تڏهن توهان ۽ توهان جا ڀائر ڪٿي هئا.“

”اسين سڀ وئڪيشن جا ڏهاڙا گهارڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ ويل هئاسين.“

”توهان ڪڏهن مقتوله جو گهر ڇڏيو؟“

”…. تاريخ تي.“

”ڪهڙي سبب هن جي گهر ۾ رهندا هئا“

”مسواڙي جي حيثيت ۾.“

”توهان سان ڪير ملڻ ايندو هو؟“

”چار ڀائر…. جيڪي، هڪ هڪ دفعو مس آيا هئا.“

”ڀائرن جا نالا ۽ ڪم؟“

”……..“

 ”……..“

”……..“

”……..“

ڪيڊٽ ڪاليج جا شاگرد.

مٿين سوالن جا جواب، پوليس جو ماڻهو لکندو رهيو، ۽ مون کان صحيح وٺي، پهرين پڇا ڳاپا جي ڪارروائي ختم ڪئي وئي.

پوليس ٿاڻي تان واپس اچي، هاسٽل جي ڪمري تي اچي، سامهون لڳل ڀت تي سٽون پڙهڻ لڳس، ۽ ائين پڙهڻ لڳس ڄڻ نئينءَ مان پڙهندي هجان، ڄڻ ڪنهن نئين معنى جي تلاش ۽ نئين سوچ جي تلاش ۾، اکيون کپائي ڇڏيم.

”هاڻي ويٺي ڀوڳ، تنهنجي ڏات ڏوهاري آهي،

هاڻي ويٺي ڀوڳ، تنهنجو ڏانءُ ڏوهاري آهي.“

من اندر جي ڪٽهڙي تي بيهي، ضمير کي حاضر ناظر سمجهي، گذريل وقت، حالتن ۽ پنهنجي جياپي جي مقصد کي دهرايو. اهو مقصد جيڪو تاريخي هيکلائين، پيڙائن ۽ انيڪ تبديلين جا ماڻ منهنجي وقت جي ورثي ۾ ڀري رهيو هو.

رات جو نوين وڳي، هن اوپري ۽ انوکي گهر ۾ داخل ٿيس. گهر ۾ ٻه پوڙهيون عيسائڻيون، ٻه ڪتا، ۽ خالي کائڻ جهڙا اونداها چار – پنج ڪمرا، ويراني ۽ خاموشي هن گهر جي ڪل ڪائنات هئي. هڪ ڪمرو منهنجي حوالي ڪيو ويو، جتي مون پنهنجو سامان رکي، ڌرتيءَ تي وڇايل هڪ پراڻي غاليچي مٿان چادر پٿاري پٺي ڊگهي ڪري سوچيو. پورن ٽن مهينن، ڏهن ڏينهن جي مسلسل جاکوڙ کان پوءِ هڪ هزار مهيني تي جي هڪ ڪمرو ملي، جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجا ساهه کڻي سگهجن، پنهنجي مرضيءَ سان جاڳي سگهجي، ڪم ڪري سگهجي، اڳتي جي رٿن تي سوچي سگهجي ته اها به غنيمت آهي، پر هڪ وار اهو اونو به ورائي ويو ته، هي گهر به مون لاءِ بنهه عارضي ثابت ٿيندو. ڪير به تيار ڪونهي هڪ ٻئي کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ، ڪير به ڪونهي بنيادي مسئلن تي سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ. الڳ الڳ مزاج ۽ مقصد رکڻ واقعي هاڃيڪار آهي. مون تي منهنجي تجربي ۽ مشاهدي اهو ظاهر ڪيو آهي، پر مان سمجهان ٿي، اها غير يقيني، اها غير اعتمادي، ماحول جي اڻ برابري جي ڇڪتاڻ جي ڪري ثابت ٿي آهي. پنهنجي وجود سان جنگ، جيڪا آسپاس جي تلخ تجربن ڪري هڪ چئلينج بڻيل آهي، تنهن مون کي اڻ موٽ ۽ هوڏي بڻايو آهي، سو اها جيءَ سان جنگ جاري آ ۽ جاري رهندي. حالتن جي ابتڙ عمل ڪنهن نئين رستي، ڪنهن نئين تبديليءَ جي علامت آهي. ائين ٿيندو، ڪنهن هوڏيءَ ۽ اڻ موٽ وجود جو هٺُ آهي.

صبح سويل ڪتن جي ڀؤنڪ باهوڙو ٻاري وڌو. عجيب بيچيني محسوس ڪري اکيون مهٽي اٿيس. ماين عيسائيڻين کي، مخصوص انهن جي انداز ۾ گڊ مارننگ چيم. هڪ پوڙهيءَ مون کان رات جا ۽ ننڊ جا حال احوال پڇيا. کيس آل رائيٽ چئي، سندس خيال رکڻ جو شڪريو ادا ڪيم، پر ڪتن جي ڀؤنڪار اڃان ڪنن ۾ ٻرڻ ٻاريو بيٺي هئي، پر مطمئن به هيس، ڇو جو مون کي خبر هئي، هر نئين جاءِ تي اچڻ کان پوءِ منهنجي اها رات ڏاڍي عجيب پيڙا ۽ خوشي جي مليل ڪيفيت ۾ گذرندي آهي. سو هي به پنهنجي بڻايل روايتي لمحن جو هڪ اضافو، جنهن ۾ پيڙا، مستقبل جا انومان، نئين ماحول سان رلجڻ ملجڻ جا خيال، پر هر ڀيري اهو ٿيو آهي ته انهن سڀني سوچن هوندي به ڏاڍي سڪون واري ننڊ ورائي ويندي اٿم.

هر نئين جاءِ جو نئون سج، نئين منزل ۽ نئين راهه جو پختو گُرُ سيکاري زندگيءَ جي تلخين جي ويجهو ڪندورهيو. تلخين جو زهر ارڏي انسان ۾ رُڪ جو رس ٿي ٿو لڳي ۽ هو ارڏي کان ارڏو آخر اُتاهون ٿي ٿو اڀري. انسان جي هوڏي ۽ سچو آهي ته پوءِ هر مصيبت کي منهن ڏئي حالتن سان عارضي سمجهوتو ڪري پنهنجي اصل رستي ڏانهن وڌي ٿو.

مون لاءِ هي ماحول به انتهائي نرالو نڪتو. هڪ طرف خسيس آواز کڙڪي تي، هر وقت ڪتن جو باهوڙو، ٻئي طرف پوڙهن جي ريهه پيهه ۽ ڪنجهه ڪُرڪَ ۽ ٻيا ڪئين نڪ ۾ دم ڪرڻ جهڙا ننڍڙا ننڍڙا مسئلا، ڇو جو ماحول ۾ لڳاتار الجهنون، ڪشمڪش، هڻي ماڻهن جا منفي مزاج ڪري وڌا هِن. ڪنهن ڏي ڪو شخصي ڏوهه ڪونهي، اهي سڀ غير سائنسي سماج جا عڪس آهن، جيڪي هن صديءَ ۾ مرڻينگ حالت ۾ گهلجي رهيا آهن.

ڏينهن گذرندا رهيا. مون کي هن گهر ۾ جن ٻن ڳالهين متاثر ڪيو سي هيون ماين جي جرئت ۽ صبر. هڪ جي عمر 83 سال، جيڪا مريض هئي، سا هڪ هنڌ لاچار، ڍيري لڳي پيئي هوندي هئي، پر اهڙي حالت ۾ مطالعو جاري رهندو هوس. ڏينهن ۾ چار پنج ٽيوشن ڏيندي هئي، اهڙيءَ نموني هزار کن ڪمائيندي هئي. هن ۾ چڙچڙ ۽ منفي سوچ جو لاڙو ڪجهه جهجهو هو، جنهن ڪري سڄي ڪاوڙ آئي وئي ۽ پنهنجن معصوم شاگردن تي هاري پنهنجو من ٺاريندي هئي ۽ ٻي مائي، جنهن جي عمر 71 سال هئي، هر وقت ڪم ڪندي هئي، پري پري وڃي ٽيوشن ڏئي ايندي هئي. رات جو دير تائين هلڪي روشنيءَ ۾ ٻارن جو اسڪولي ڪم به چيڪ ڪندي هئي، ٽيئي وقت کاڌو تيار ڪندي هئي. صبح جو ڌنڌڻڪيءَ جو گهر کي صاف اجرو ڪندي هئي. هيءُ مائي ڪجهه ٿڌي طبيعت جي هئي، کين جيئڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو هو. هنن جي عمر ۽ جاکوڙ ڏسي، مون کي اتساهه ملندو هو. مون به پنهنجو ڪم ۽ اڀياس وڌائي ڇڏيو. گهڻين تڪليفن کي درگذر ڪري، پنهنجي من کي ماري، ماڳ پاسي هلڻ جا هڙ جتن جيءَ سان ڪري انتها ماٺ ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس. ان سڄي عرصي ۾ ٻه – ٽي دفعا ڀائر به آيا ۽ تڪڙا ماٺ ماٺ ۾ موٽي ٿي ويا. مون کي انهن جي اچڻ مان اهو محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ اهو ياد ڏيارڻ آيا هجن ته اسان جو جيئڻ مرڻ هڪ تبديلي آهي، اهو ڏانءُ وڏو ڏوهاري آهي. اهو ڏانءُ اسان پاڻ چونڊي کنيو آهي. سو ڀيڻ جرئت سان جيءُ، جرئت سان مرڻ ڪاڻ.

اڃان مس ٻه مهينا گذريا ته مائيءَ (ننڍيءَ) گهر ڇڏڻ جو نوٽيس ڏنو، ان ڪري جو کيس پوپ پال جي زيارت ڪرڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻو هو. ان ننڍي نوٽيس مون کي وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو. نيٺ آخرڪار مون کي هي گهر به ڇڏڻو پيو. آخر ٻن هفتن کان پوءِ مائيءَ جي غير حاضريءَ ۾ اهو ڪيس ٿيو، پر اها حرڪت ڪنهن ڪئي، غلط رپورٽ درج ڪرائڻ جي حرڪت، مارڻ کان به وڌيڪ ڪريل حرڪت آهي. آخر ڪيستائين لاچار انسانن سان ۽ مضبوط انسانن سان اهڙي ڪريل ۽ ذليل هٿ چراند جو سلسلو هلندو رهندو. اهڙا سڀ سوال فطرت جي ابتڙ هلت وارين حالتن کان سوال آهن. اهڙا سوال ڪو هن هڪ ڪيس سان لاڳو نه آهن، پر پوري معاشري جي انيڪ ڪيسن، انهن جي سببن ۽ انهن جي پوري مشنري کان سوال هِن. اهڙا سوال هڪ باشعور ۽ باضمير ئي سمجهي، سوچي ان جا حل ڏئي سگهي ٿو، پر مون کي ته ماحول ۾ ذهني، سماجي ڇڪتاڻ جا ستايل گهڻا ٿا نظر اچن. اهو مسئلو گهڻو اينگهجي چڪو آهي. وڌيڪ ان کي اينگهائڻ جي باوجود به اسان سڀن کي هڪ ئي ڏانءُ جو ڏوهاري بڻجي اڳتي وڌڻو آهي. سماج جي ڀڃ ڊاهه ۽ ڇڪتاڻ جا ڪئين سبب ڳولهي ڪڍڻا آهن، جتي پنهنجي ڌرتيءَ جي درٻار ۾ هر وقت جوابدار ٿيڻو آهي ته؟

تبصرا

(رفتار ادب)

حيدرآباد (ٽالپرن جي دؤر ۾)

ڊاڪٽر قمر جهان ميرزا جو نالو سنڌي علم و ادب ۾ هڪ نئون اضافو آهي. زير تبصره ڪتاب ”حيدرآباد شهر – ٽالپرن جي دؤر ۾“ هن جي ڊاڪٽريٽ جي مقالي جو هڪ حصو آهي، جيڪو هن پاڻ ڇپرايو آهي. هن پنهنجي ڪاوشن جو مقدمو به پاڻ لکيو آهي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته ڊاڪٽر صاحبه پراڻي ڊگر تي هلڻ مناسب نه سمجهيو آهي. هن مان اهو ظاهر آهي ته کيس احساس آهي ته هي موضوع ايترو اهم آهي، جو هن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪنهن به مشهور نالي جي سهاري وٺڻ جي ضرورت نه آهي. موهن جي دڙي جي باري ۾ لکندي چوي ٿي ته واديءَ سنڌ جي تهذيب دنيا جي پراڻين تهذيبن مان هڪ آهي، جيڪا بابل ۽ مصر جي تهذيبن سان مقابلو ڪري ٿي. موهن جي دڙي جي آثارن مان اهو ظاهر آهي ته سنڌو ماٿري جا ماڻهو تهذيب يافته هئا. واديءَ سنڌ جو مشهور قديم شهر حيدرآباد هن واديءَ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي ۽ عهد رفته جو زنده جاويد مظهر آهي، ۽ پڻ سندس تحقيقي مقالي جو موضوع، هن کان پوءِ حيدرآباد شهر بابت لکيو اٿس؛ اوائلي تاريخي روايت موجب هن بستي جي آباديءَ جو سلسلو نيرون ڪوٽ جي قلعي جي بنياد کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ڇهين صديءَ جي آخر ڌاري راءِ گهراڻي جي برهمڻ آباد جي گورنر جي هٿ هيٺ هو. ستين صديء عيسويءَ ڌاري هن قلعي جو حاڪم ٻڌ ڌرم جو هڪ ڀڪشو هو، ان طرح هوءَ عربن، سومرن، سمن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر قمر ميرزا لکي ٿي ته حيدرآباد جي ميرن ملڪ ۾ امن امان بحال ڪيو. سندن حڪومت راڄوڻي هئي، ماڻهو سکيا ستابا هئا، هر ڪنهن کي انصاف پلئه پوندو هو. مير کُلي ڪچهري ڪندا هئا، هر خاص و عام جو فرياد ٻڌندا هئا، ۽ فيصلو به پاڻ ڪندا هئا. سندن دؤر حڪومت ۾ علم و ادب، تعليم ۽ تدريس جي ترقي ٿي. ٽالپر حڪمران علم و ادب جا قدر دان هئا، جنهن ڪري پري پري جا عالم ۽ اديب اچي حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا. ان دور ۾ ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا ۽ تمام گهڻا ڪتاب لکيا ويا.

حيدرآباد جي ميرن جي باري ۾ هوءَ اڳتي لکي ٿي؛ حيدرآباد جي ميرن جي پهرين چئوياري 1752ع ۾ قائم ٿي. پهرين چئوياري وارو زمانو تمام امن و امان وارو گذريو، پر ٻيءَ چئوياري جي آخر ۾ ملڪ جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون. هن طرح محترمه حيدرآباد جي تاريخي پس منظر ۽ سنڌ تي انگريزن جي اثرات جو ذڪر ڪيو آهي ته هن سڄي دور ۾ انگريزن ڪهڙيءَ ريت سنڌ تي قبضو ڪرڻ جا جتن ڪيا ۽ آخرڪار ڪامياب ٿيا. هن مقالي ۾ حيدرآباد جي ٽالپرن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي وهڻي ۽ ريتن رسمن جو بيان ڪيل آهي. خود ليکڪا جي لفظن ۾ هن مقالي ۾ حيدرآباد جي ٽالپرن جو علم و ادب، تهذيب و ثقافت جو مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. اُن کان پوءِ پاڻ مختلف سماجي سائنسدانن ۽ محققن جي حوالي سان ثقافت جي تشريح ڪئي اٿن ۽ اهو ٻڌايو اٿن ته انساني زندگي ۽ ثقافت جو هڪ ٻئي سان ڪهڙو لڳ لاڳاپو آهي ۽ ثقافت ڪيئن وڌي ويجهي ٿي ۽ مڪمل طور انساني حيات تي اثر انداز ٿئي ٿي. خاص ڪري لطيف فنن جو انساني سڀاءُ تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو. ۽ ڪهڙي ريت اُهي اِنساني سڀاءُ ۽ تهذيب جي نشاندهي ڪن ٿا. اُن کان علاوه هن ڪتاب ۾ حيدرآباد شهر جي ايراضي، حدون، پکيڙ، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ڌنڌي ۽ معاشي حالتن جو جائزو ورتو ويو آهي. هي ڪتاب چئن بابن ۾ ورهايل آهي، جنهن مان پهرئين باب ۾ حيدرآباد شهر جي تاريخي ۽ جاگرافيائي پسمنظر تي روشني وڌي ويئي آهي. جنهن ۾ اوائلي وقت کان وٺي حيدرآباد جو احوال ڏنل آهي. ان کان سواءِ حيدرآباد شهر جا پاڙا، بازاريون، چونڪ، گهٽيون، پسگردائي وارا ڳوٺ وغيره تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن. ان طرح هي ڪتاب حيدرآباد جي سماجي تاريخ جو بنيادي حصو بنجي ويو آهي، ڪتاب جي ٻئي باب ۾ ٽالپر حڪمرانن جي باري ۾ حقيقتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ هنن جو اصل پڻ بنياد، هنن جي مختلف علائقن مان لڏي سنڌ ۾ اچڻ ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پکڙجي رهڻ شامل آهي. ان طرح هڪ وڏي اهم قبيلي جي سنڌ ۾ آمد ۽ رهائش جو تفصيلي احوال ڪتاب جو اهم حصو آهي، جيئن ته هن کي لکندڙ ذاتي ڪوشش سان ماڻهن جون زباني روايتون گڏ ڪري حاصل ڪيون آهن، تنهن ڪري انهن مان ڪيئي اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي اڳ معلوم نه هيون هن باب جا عنوان هن ريت آهن؛ لفظ بلوچ جي معنى، ٽالپرن جو حسب نسب، ٽالپرن جا پاڙا، شهداداڻي، ڪيچ مڪران کان هجرت، ميرن جو اوائلي احوال، هنن عنوانن مان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب ۾ ٽالپر خاندان جي مختلف بنيادي معلومات کي هڪ هنڌ سموئي جمع ڪيو ويو آهي، جيڪا هن ڏس ۾ جاکوڙ ڪندڙ لاءِ اهم ثابت ٿيندي.

هن ڪتاب جو ٽيون حصو ٽالپر حڪمرانن ۽ شهزادن جي سوانح حيات تي ٻڌل آهي، جيڪو پڻ وڏي جاکوڙ جو ڪم آهي. هن باب ۾ مير فتح علي خان، مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان، مير نور محمد خان، مير صوبدار خان، مير نصير خان، مير يار محمد خان، مير حسين علي خان، مير عبدالحسين خان سانگي جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي، ۽ هن باب ۾ مياڻي جي جنگ ۽ ميرن جي حڪومت جي خاتمي جو ذڪر آهي. چوٿين ۽ آخري باب ۾ ٽالپرن جي دؤر ۾ ملڪي انتظام ۽ حيدرآباد شهر جي اقتصادي حالت جو ذڪر ڪيل آهي. هن باب ۾ هيٺيان عنوان آهن.

ملڪي انتظام ۽ حيدرآباد جي اقتصادي حالت، ٽالپرن جي دور ۾ وندر ۽ ورونهه، حڪومت جو انتظام، ٽالپرن جي فوجي طاقت، عدالت ۽ انصاف، انتظامي عملو، آمد رفت جا ذريعا، ماپ تور ۽ پيمائش، حيدرآباد شهر جي ماليات، ميرن جي دور جا سڪا، حيدرآباد شهر ۽ ان جي پسگردائي ۾ آبپاشي جو نظام، حيدرآباد شهر جا باغ مير نصير خان جعفري، حيدرآباد جي پسگردائي ۾ ٻيلا، جيئن ته هي ڪتاب ڊاڪٽر قمر جهان ميرزا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي جو هڪ حصو آهي، تنهن ڪري ڪيتريون ئي ڳالهيون اڻ پوريون آهن، جيڪي اميد ته سڄي ٿيسز ڇپجڻ کانپوءِ مڪمل ٿي وينديون. ليڪن هن ڪتاب جي مطالعي مان هڪ وڏو فائدو اهو ٿيندو ته حيدرآباد جي تاريخي شهر، ان جي پاڙن، قديم رهاڪن، طور طريقن جي باري ۾ روايت جي هڪ گڏ ڪيل مواد ملي ويندو. ڊيمي سائز ۽ اڇي پني تي ڇپيل هن ڪتاب جا ڪل 156 صفحا آهن ۽ قيمت -/25 رپيا اٿس، جيڪو شهر جي هر بڪ اسٽال تان ملي سگهي ٿو.

- قاضي خادم

نواب شاهه ضلعو-  تاريخي شهر ۽ شخصيتون

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سنڌ جي انهن محنتي ۽ اورچ عالمن مان هڪ آهي، جن جو نالو سنڌ جي ادب ۾ هميشه عزت سان ورتو ويندو آهي. ڊاڪٽر صاحب نه صرف هڪ مڃيل اديب آهي، بلڪ هو هڪ مؤرخ، محقق ۽ تاريخدان پڻ آهي. سنڌي ادب ۽ تاريخ تي سندس سَوين تحقيقي مقالا ۽ مضمون سنڌ جي علمي ۽ ادبي رسالن جهڙوڪ مهراڻ، نئين زندگي ۽ پيغام وغيره ۾ وقت بوقت ڇپبا رهندا آهن، ۽ علمي حلقن ۾ وڏي قدر ۽ منزلت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا.

سنڌ صوبي جو نواب شاهه ضلعو تاريخي، ثقافتي ۽ علمي لحاظ کان وڏو مردم خيز خطو رهيو آهي، خاص طرح سان نواب شاهه ضلعي جو اتريون حصو، جنهن کي تاريخي لحاظ کان ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري چوندا آهن، سو به ڪيترين ئي خوبين سان مالا مال رهيو آهي. هي خطو ڪيترن ئي تهذيبن، ثقافتن ۽ قديم آثارن جو گهوارو رهيو آهي.

تبصري هيٺ آيل ڪتاب اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر نواب شاهه محترم عبدالغفار سومري جي سهڪار ۽ سرپرستي ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ نواب شاهه ضلع جي تاريخي شهرن ۽ اهم شخصيتن تي ڊاڪٽر حامد علي قريشي صاحب جي لکيل تحقيقي، علمي ۽ ادبي مقالن ۽ مضمونن کي سهيڙي ڇپايو ويو آهي.

مواد جو جيتريقدر تعلق آهي، سو ڪتاب ۾ تاريخ، ثقافت، جاگرافي، زراعت، سياست ۽ صحافت وغيره جو تفصيلي احوال ملي ٿو. ڪيترن قديم ڳوٺن، شهرن، عالمن ۽ اهم شخصيتن جو تفصيلي احوال ملي ٿو. ڪيترن ئي قديم ڳوٺن، شهرن، عالمن ۽ اهم شخصيتن جو تفصيلي احوال پڻ هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي ۽ انهن مڙني ڳالهين ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ۾ اضافو آندو آهي. هن ڪتاب ۾ نواب شاهه ضلعي جي جن نامور شخصيتن ۽ تاريخي جاين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن بابت اگر نقشا ۽ فوٽو به شامل ڪيا وڃن ها ته ڪتاب جي قدر ۽ قيمت ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿئي ها. بهرحال هي ڪتاب علمي توڙي ادبي ميدان ۾ وڏي اهميت رکي ٿو ۽ ساڳئي وقت ايندڙ نسل لاءِ هڪ دستاويز جي طور تي سند جو ڪم ڏيندو ۽ نواب شاهه ضلعي جي تاريخ متعلق حقيقتن کي سمجهڻ ۽ عام ذهن وارن لاءِ ڪارائتو آهي. هن ڪتاب جو سرورق نهايت ئي دلڪش ۽ ديده زيب آهي. ڪتاب جي قيمت 50 روپيه نهايت ئي موزون رکي وئي آهي. سنڌ جي سڀني ڪتب فروشن کان ملي سگهي ٿو.

- عبدالرزاق گهانگهرو.

گلڙن جهڙا گيت (ٻارن لاءِ نظم ۽ گيت)

·       ليکڪ: ذوالفقار سيال

·       ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪشن لاڙڪاڻو

·       صفحا: 84

·       سائيز: ڊيمي

هر ٻوليءَ جي سڄاڻ اديبن، ٻارن جي ادب کي اهميت ڏيندي ڪجهه نه ڪجهه ٻارن لاءِ ضرور تخليق ڪيو آهي، ڇو ته ٻار سماج جو بنيادي رُڪن آهن. دلچسپ ڪتابن وسيلي ٻارن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪري، کين ايندڙ عملي دنيا جو ڪارائتو فرد بنائي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت جيڪي ليکڪ ٻارن لاءِ لکي رهيا آهن، انهن مان نئين ٽهيءَ جي مشهور شاعر ذوالفقار سيال جو نالو، ٻارن جي شاعريءَ جي حوالي سان بيشڪ اهم آهي.

ذوالفقار سيال جو هي تازو مجموعو ”گلڙن جهڙا گيت“، ٻارن لاءِ سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو آهي. هن کان اڳ ”مکڙين مالها“ ۽ ”منهنجي ديس جا ٻار“ ٻارن ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. اڳين ٻارن جي شاعريءَ جي مجموعن وانگر، هن مجموعي ۾ به ذوالفقار سيال ٻارن جي نفسيات کي نظر ۾ رکندي، انهن لاءِ راند روند ۽ وندر واري انداز ۾ نصيحت ڀريا نظم ۽ گيت تخليق ڪيا آهن. ٻارن ۾ همت ۽ حوصلي پيدا ڪرڻ لاءِ هو لکي ٿو:

هٿ هٿ ۾ آ گل جي ٽاري

ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڦول ورهايون

سور سهي به مُرڪي ساٿي!

اکين جي آلاڻ لڪايون-

ٻار جي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ تي ذوالفقار خوشيءَ جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:

اسڪول ۾ داخل ٿيو آن

پيرائتا پير مبارڪ،

جيءُ مبارڪ خير مبارڪ

پهرين ڦرهي کڻندين.

ڏنگا ڦِڏا هيٺ مٿي تون

ڪلڪ کڻي پوءِ اکر لکندين

مَسُ ۾ پنهنجا هٿ ڀريندين

اهڙي پهرين هير مبارڪ.

ذوالفقار سيال پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي، پيشي جي مصروفيت جي باوجود هو ٻارن کي وقت ڪڍي، پاڻ کي ذهني طرح هيٺين سطح تي آڻي، ٻارن لاءِ گلڙن جهڙا گيت رچي ٿو، ان لاءِ کيس ”جَسُ هجي. گلڙن جهڙا گيت جي سڀ کان پهرين نظم ”سبق“ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي نصيحت ڪندي لکي ٿو:

هن زندگيءَ ۾ ٻارو ڪا ويل هٿان نه ڇڏجو،

واندي ويهڻ کان بهتر آ ڪو ڪتاب پڙهجو.

ذوالفقار سيال جي ٻولي نهايت سادي ۽ عام فهم آهي، جنهن ڪري ٻار آسانيءَ سان سندس گيتن ۽ نظمن جو مفهوم سمجهي سگهن ٿا. ان کانسواءِ هن جي ٻولن ۾ ڪافي هنڌن تي موسيقيت به سمايل آ، جنهن ڪري ٻولن پڙهن سان زبان ۾ ڪابه رڪاوٽ نٿي پيدا ٿئي.

ڌُون ڌُون ڌوڻيون ٻيريون

پائي وٺون، ڦيريون

ڇم ڇم ڇم ڇيريون

ڪچو تنهنجو کوڙو

نظم ”مينهن جي موسم“ : ٻارن کي جلدي ياد ٿي سگهي ٿو. هونئن ته اهو پراڻو موضوع آهي، پر ذوالفقار ان جي مواد ۾ ڪافي نواڻ آندي آهي:

مينهن جي موسم آئي آهي

چولي مون به پُسائي آهي

گوڙ ڪري هي بادل گرجيا

وڏ ڦُڙا ٿي ڪڪر برسيا

هير به ٿڌڙي آئي آهي -

انهن نظمن کان سواءِ نئين ڪهاڻي، ڦرڻي، سيارو، ڦٽ ڦٽ، کيل تماشو ۽ ببلو شبلو هن مجموعي جا ٻارن لاءِ دلپسند نظم آهن. ذوالفقار سيال جا تقريباً سڀ نظم ۽ گيت ننڍي بحر ۾ لکيل آهن، جنهن ڪري ٻار انهن کي آسانيءَ سان ياد ڪري سگهن ٿا. ڪتاب جي ٽائيٽل پٺيان محترمه مهتاب اڪبر راشديءَ تعارف ۾ لکيو آهي ته: ”ذوالفقار سيال جي نظمن ۾ انهن معصوم مکڙين جي مهڪ سمايل آهي، جيڪي ٽڙڻ جون منتظر آهن. سندس نظم ٻارڙن جي انهيءَ ننڍڙي دنيا جو عڪس آهن، جيڪا سندن چوڌاري پري ٿي.“

مجموعي طور ٻارن جي شاعريءَ ۾ ذوالفقار سيال جو هي مجموعو ”گلڙن جهڙا گيت“ هڪ سٺو اضافو آهي. ذوالفقار ۾ آئنده به اميدون آهن ته هو پنهنجي ڏات جو ڪجهه حصو ٻارن لاءِ ائين وقف ڪندو رهندو.

- ادل سومرو

Pakistan Archaeology (1974 -1987)

ايڊيٽر: احسان ايڇ . نديم؛ ص. 410 قيمت 120 رپيا؛ پبلشر ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجي حڪومت پاڪستان ڪراچي؛ سال 1986ع.

هن صديءَ جي ابتدا ۾ حڪومت هندستان، ننڍي کنڊ ۾ قديم آثارن جو کاتو قائم ڪيو، ان جو بنيادي مقصد هتان جي قديم آثارن جي سار سنڀال لهڻ ۽ انهن جو اڀياس ڪري، تاريخ جي گم ٿيل ڪڙين کي ملائڻ هو. اڳتي هلي هن کاتي جي افاديت ۽ اهميت وڌي وئي. هي کاتو ان دور ۾ ٽن قسمن جون رپورٽون سالانه ڪڍندو هو:

Annual Reports of Archaeological Survey of India.

Annual Reports of Archaeological Survey of Western Circle.

Annual Bibliography of Indian Archaeology.

قيام پاڪستان بعد هي کاتو رڪارڊ تي ته رهيو، ليڪن ان ۾ ڪا جان، باقي نه رهي، بهرحال پراڻي روايت کي برقرار رکندي هن ڊپارٽمينٽ سال 1964ع ۾ ”پاڪستان آرڪيالاجي“ نالي هڪ پرچو جاري ڪيو. هي پرچو سالنامي جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ويو. تبصره هيٺ آيل شمارو ”پاڪستان آرڪيالاجي“ جو تازي ۾ تازو نمبر آهي، جيڪو تيرهن سالن جي طويل وٿي بعد (1986-1974)، ڏهين کان ٻاويهين پرچي جي حيثت ۾ اسان جي آڏو آيو آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ جيڪو علمي ۽ معاشرتي زوال آيو آهي، افسوس جو پاڪستان آرڪيالاجي جهڙو خاص تحقيقي ادارو به ان جي اثر کان بچي نه سگهيو. هي پرچو وري به جناب شيخ خورشيد حسن، ڊائريڪٽر آرڪيالاجي جي خاص دلچسپي سبب ممڪن ٿي سگهيو آهي، جنهن لاءِ هو صاحب مبارڪباد جو مستحق آهي.

هن شماري ۾ مواد جي لحاظ کان پنج حصا: کوجنائون ۽ تلاش؛ ڪتبن جو مطالعو؛ سار سنڀال (مرمت)؛ متفرقات ۽ ٽيڪنيڪل آهن. هر هڪ حصي ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ۽ قديم آثارن جي ماهرن جا مفيد مضمون ۽ مقالا ڏنل آهن. منصوره ۽ مهر ڳڙهه ۾ کوٽايون، لورالائي ضلعي ۾ جبلن تي چٽسالي ۽ ڪتبا، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبي جا ڪتبا، لاهور جي قلعي جي مرمت، لاهور ۾ مغل دور جا حمام، چوڪنڊي مقبرن جا هٿيار ۽ زرهون- عنوانن سان آيل مضمون هن شماري جو سينگار بنيا آهن. هنن مقالن ڪري اسان جي ڄاڻ ۾ ته اضافو ٿيو آهي، ليڪن تاريخ جا ڪي اهم گم ٿيل سلسلا به نڪري نروار ٿيا آهن.

مثال طور تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قُبي جا فارسي ڪتبا پهريون ڀيرو صحيح صحيح رخ ۾ علمي اڀياس لاءِ آڏو آيا آهن، ٻي صورت ۾ اديبن ۽ عالمن هميشه ان ڏس ۾ ڌوڪيبازي کان ڪم پئي ورتو آهي. متن ۾ آندل لا تعداد شڪايتن، خاڪن، نقشن ۽ چارٽن کان علاوه شماري جي آخر ۾ هڪ سئو سٺ تصويرن جو نهايت قيمتي سيٽ به شامل ڪيل آهي.

گذريل تيرهن سالن ۾ آرڪيالاجي کاتي طرفان جيڪو ڪم ٿيو آهي، ان لاءِ هڪ خاص ضميمي جو وعدو ڪيو ويو آهي، جيڪو پڪ سان پورو ٿيڻ گهرجي. بهرحال، اسان جي هن کاتي جي سرڪردن کي اڃا به فعال بنجي اڳتي اچڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ جي حوالي سان پاڪستان آرڪيالاجي جي ڪارڪردگي نهايت مايوس ڪن پئي رهي آهي. ڪيئي آثار، مقبرا ۽ قلعا، روزبروز خسته ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه (Epigraphy) جي حوالي سان به سنڌ جي قديم آثارن تي ڪو ڪم نه ٿيو آهي. ان سبب اڄ به اسان جي تاريخ جا ڪيئي خال ڀرجڻا باقي آهن.

- غلام محمد لاکو

ڪينجهر

هر ٻوليءَ جو ادب ان جي ماضيءَ ۽ حال جو آئينو هوندو آهي، ۽ اهو آئينو پنهنجي جرڪ ۽ اوجر جي ڪري اهڙو ته شفاف ۽ صاف هوندو آهي، جنهن ۾ ادب جي هر دور جي لاڙن ۽ خيالن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ۽ ان جي آڌار تي انهي دور لاءِ ڪانه ڪا مخصوص راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي. معياري ادبي ڪتاب ۽ ان جو معياري مواد ٻولي لاءِ سونهي جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي ادب کي ان وقت جي سماجي شعور سان پڻ تعبير ڪري سگهجي ٿو. سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي جو مخزن ”ڪينجهر“ دستاويزي ادب جو اهڙو ئي مجموعو آهي، جيڪو هن شعبي جي ڏات ڌڻين جي ادبي ڏانو جي بهتر ڏيک ڏيکاري ٿو.

مخزن جو پهريون مقالو شاهه جي رسالي ۾ آيل خاص لفظن جي لغات جي سلسلي ۾ آهي. لطيفؒ جو رسالو ۽ ان ۾ ڪم آيل ٻولي جي صورت ۽ معنى اسان جي سنڌي عالمن ۽ ڏاهن جي وچ ۾ هميشه اهم موضوع پئي رهيو آهي. رسالي جي بيت جي پڙهڻي ۽ اڪثر لفظن جي سلسلي ۾ ڪابه حتمي راءِ ادبي حلقا قائم ڪري نه سگهيا آهن، جنهن کي مستقل صورت ۾ ورتو وڃي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب پنهنجي مقالي ۾ نهايت مختصر انداز ۾ جن لفظن جي معنى ڏني آهي، سندن اهو قدم لطيف جي رسالي جي معنى جي سلسلي ۾ نهايت ئي اهم جاءِ رکي ٿو. پاڻ ڪيترن لفظن جي معنى کي ابهام جي صورت کان پري ڪري بيان ڪيو اٿن ۽ ڪيترن لفظن جي باري ۾ مثال پڻ ڏنا اٿن، جيئن سندن ڏنل معنى جي پٺڀرائي ٿي سگهي، جا ڳالهه ادبي خيال کان تمام بهتر آهي.

ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جو هي مقالو نهايت ئي جامع ۽ لطيف کي سمجهڻ ۾ وڏي هٿي ڏيندڙ آهي. اسان وٽ جيڪڏهن لطيفؒ جي ڪلام جي لفظي معنى توڙي بيتن جي پڙهڻي ۾ جيڪو لطيف شناسي جي راهه پيدا ڪندو ۽ لطيف کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو. هن مقالي کي ان جي پهرئين ٽڪي چئجي ته بهتر آهي.

نور افروز خواجه جو مقالو ”سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا“ هڪ بهتر علمي ڪوشش آهي، محترمه چوڻي ۽ پهاڪي جي فرق کي تاريخ جي روشني ۾ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا ڳالهه نهايت قابل قدر آهي. اهو بلڪل صحيح آهي ته پهاڪي جو تاريخي پس منظر هوندو آهي ۽ اهو ڪنهن خاص سماجي واقعي يا حالت جي ترجماني ڪندڙ هوندو آهي. هن سلسلي ۾ محترمه پرڏيهي ادب جي عالمن جا رايا پڻ ڏنا آهن. پهاڪي جي ادبي حيثيت چوڻي کا وڌيڪ اهميت جوڳي آهي. چوڻيون به پهاڪي جي صورت جو حصو آهن، ليڪن انهن جو تعلق واقعات جي بجاءِ حالات سان ۽ سماجي لاڙن سان وڌيڪ آهي. مجموعي طور نور افروز خواجه جو مقالو هڪ اهم ادبي ڪاوش آهي ۽ پهاڪي ۽ چوڻي جي ادبي حيثيت ۽ ان جي تاريخ جي سلسلي ۾ ڄاڻ واري واڌاري جي حيثيت رکي ٿو.

محترم قاسم ٻگهئي جو مقالو ”شاعري جو سماجي ڪارج“ شاعري جي صنف جي اهميت کي سمجهڻ ۽ شاعري جي ذوق وارن لاءِ هڪ رهبر جي حيثيت رکي ٿو. هن مقالي ۾ فاضل مقاله نگار کي هڪ ڳالهه جي وضاحت ضرور ڪرڻ کپندي هئي، جا فاضل ليکڪ نه ڪئي آهي ته ادب يا شاعري ۾ سماجي ڪارج جو تعلق ڪهڙو ۽ ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ تخليق ۽ تخليقي عمل ۾ سماجي شعور جي پيشڪش کي فنڪار يا شاعر ڪيئن نباهي؟ ڇا ان لاءِ هن جو نظرياتي هئڻ ضروري آهي يا نه؟ دنيا جي عظيم ادب ۽ شاعري ۾ اسان کي سڌو توڙي اڻ سڌو زندگي جي متعلق مثبت ۽ ترقي پذير نظريو ملي ٿو، ۽ اهو ادب هميشه جاگرافيائي حدن ۽ انهن کان آجو نظر ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ عالمي شعور جي جهلڪ هوندي آهي، ان ڪري ئي ان جي مقبوليت ۽ پاسداري اسان کي ادب جي تاريخ ۾ نظر اچي ٿي. ادبي تاريخ جو اهو پهلو واضح ڪري ٿو ته اديب ۽ شاعر جو نظرياتي هئڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ڪوبه شاعر زندگي جي ڪنهن مثبت ۽ ترقي پسند نظريي سان لاڳاپيل نه آهي، ان جي شاعري جو عمل سماجي ڪارج جي قدر کي ڪڏهن به نمايان ڪري نه سگهندو. ان لاءِ شاعري جي سماجي ڪارج جي پورائي لاءِ شاعر لاءِ تاريخي فلسفي ۽ ان جي تسلسل جي ڄاڻ ۽ شعوري ارتقا جي ضرورت آهي. شيخ اياز يا تنوير، نياز يا شمشير، امداد يا منشي اهي شاعر پنهنجو مقام پنهنجي شاعري جي لفظي هير ڦير تي نه ماڻي سگهيا آهن. بجاءِ ان جي انهن جي شاعري ۾ سماجي شعور جو عنصر آهي، جيڪو زندگي بابت انهن جي نظريي جي اپٽار ڪري ٿو ۽ زندگي بابت عالمي صداقت جا قدر هنن جي شاعري جي اساس بنياد آهن. جنهن انهن جي شعر ۾ دائميت جو جُز پيدا ڪيو آهي، جنهن ڪري ئي سندن شاعري تاريخي ۽ تاريخ ساز مواد جي حيثيت رکي ٿي. ”شاعري جي سماجي ڪارج“ ۾ انهيءَ نڪتي جي وضاحت تمام ضروري هئي. باوجود ان جي، مقالو معلومات افزائي آهي.

محترم هدايت پريم جو مقالو نهايت پر مغز آهي، ليڪن افسوس جو مانواري لکندڙ مثالن کان پاسو ڪيو آهي، جيڪو نه ڪرڻ کپندو هو. سميري ادب جو سنڌ سان تعلق ۾ خود لفظ ”سمير“ کي آڻڻ کپندو هو. سنڌي ٻولي، جنهن جي پڻ بنياد لاءِ جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جو رايو آهي ته ”هي ٻولي سامي زبانن جي سَٿ مان آهي“ ، ٻولي جي انهي انفراديت واري خيال کي نظر ۾ رکڻ گهربو هو. مقالي ۾ پاڻ جن به زبانن جو ذڪر ڪيو اٿن، اهي سامي زبانن جي سٿ مان آهن. اسان وٽ ته خود سنڌي قوم جي وجود لاءِ اهو مسئلو آهي ته آيا هو دراوڙ سان تعلق رکي ٿي يا آرين ۽ دراوڙ جو مرڪب آهي. يا اصل سنڌي ماڻهو خود سميري نسل سان تعلق رکي ٿو. لفظ سامارو، سميري ڍنڍ، يا سامروٽي جو پَٽَ يا هڪ چوڻي آهي ته ”سمير ۾ نه ساريون، ڪلر ۾ نه ڪماند، هر هاري ڏاند ڪونه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا.“ سنڌي ٻولي ۾ اها چوڻي ۽ ان ۾ سمير جو لفظ، خود سميري ڍنڍ جو وجود، جيڪا ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي، ان جا لفظ ۽ انهن جو تصور آيا خود هتان جو آهي يا اهو ٻوليءَ ۾ ڪيئن آيو؟ غور ڪبو ته اهي لفظ ٻاهران آيل نه آهن، بلڪ اسان جا پنهنجا آهن ۽ هن ڌرتي جي تصور جي آئينداري ڪندڙ آهن. زماني جي ڦير گهير جي باوجود انهن جو وجود اسان وٽ موجود آهي. سميري ادب جي اپٽار جي سلسلي ۾ انهن ٽاڻن ٽڪاڻن کي مول چئجي ته بجا آهي. هدايت پريم صاحب کي ان لاءِ وضاحتون ڪرڻ کپنديون هيون، ڇاڪاڻ ته ادب جي ان موضوع جو تعلق جت ادبي مواد سان آهي، اتي قومي ارتقا ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيبي بڻ بنياد سان پڻ آهي. سندن مقالو هڪ اهم بحث جو آغاز آهي. اميد آهي ته پاڻ يا ڪو ٻيو ڏاهو هن ڏس ۾ ضرور ڪا روشني وجهندو، ٻوليءَ جي ڏس ۾ سندن مقالو هڪ بهتر ڪوشش آهي.

”ڪينجهر“ جو باقي مواد سڄو ئي ڪنول جي گل جيان آهي، جيڪي ڪينجهر جي جرڪندڙ ۽ اوجل پاڻي تي ٻهڪي رهيا آهن، جن جو حسن ۽ هڳاءُ ۽ افاديت مسلم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو اڳواڻ محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لائق تعريف آهي، جنهن تمام بهتر ادبي مواد پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، جڪو هن شعبي جي مان وٽان آهي. هن سلسلي کي جاري رکڻ گهرجي ته جيئن نيون نڪور لکيتون سنڌي ادب جي زينت بنجي ان ۾ واڌرو آڻين.

- محمد حسين ”ڪاشف“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com