ابوبڪر محمد بن حسين بن محمد ديبلي شامي
چوٿين صدي جو مشهور قاري مقرر هو. ديبل مان شام ۾
وڃي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. امام هارون اخفش
جي ٻن شاگردن: ابن ابي حمزه ۽ ابن ابي دائود کان
قرائت جي تعليم حاصل ڪيائين، کانئس امام حافظ
ابوالحسن علي بن عمرودار قاضي ۽ عبدالباقي ابن حسن
حديث جي روايت ڪئي.
ابو عبدالله محمد بن عبدالله ديبلي شامي
عالم فاضل ۽ اولياء الله هو. زبردست قاري ۽ مقري
به هو. جعفر بن محمد بن سقيط، عبدالرزاق بن حسن ۽
سڪن بن بڪرويه کان تعليم حاصل ڪيائين. ابن جوزي
صفته الصفوه ۾ سندس ذڪر ڪي آهي. ٽين صدي هجري ۾ ٿي
گذريو. شام ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين.
منصوره
هي شهر عربن سنه 110هه (728ع) ۽ 120هه (737ع) جي
وچ ۾ آباد ڪيو. عرب حڪمران گهراڻي هباري جي زماني
۾ هن شهر هر لحاظ کان ترقي ڪئي. علمي سرگرمين جو
به وڏو مرڪز هو. ابن حوقل ۽ المقدسي هن شهر جي
رونق، خوشحالي ۽ علمي درسگاهن جي تعريف ڪئي آهي.
هتي جي ئي هڪ عالم قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.
هتي باقاعده درسگاهون هيون، جتي عالم ۽ محدث درس
ڏيندا هئا. المقدسي منصوره جي قاضي ابو محمد جي
تعليمي ۽ تدريسي سرگرمين جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو
آهي.
”هن جي درس جي مجلس آهي ۽ تصنيفون آهن. هو ڪيترن
ئي سٺن سٺن ڪتابن جو مصنف آهي.“
ڪتابن ۾ هتي جن عالمن جا نالا معلوم ٿين ٿا، انهن
جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
قاضي احمد بن محمد دائودي منصوري
هن بابت مقدسي و بيان اچي چڪو آهي. پهريائين
پنهنجي هڪ آزاد ڪيل غلام کان تعليم حاصل ڪيائين.
پوءِ بغداد وڃي، اتي جي عالمن ۽ محدثن کان حديث جي
روايت ڪيائين. موٽي اچي منصوره جو قاضي ٿيو. حديث
جي دائودي مسلڪ جو امام هو. ڪيترن ئي کانئس حديث
جي روايت ڪئي. سندس ذڪر المقدسي، ”احسن التقاسيم“
۾، سمعانيءَ ”الانساب“ ۾ ۽ ابو اسحاق شيرازي ڪيو
آهي. المقدسي جو بيان آهي، ته منصوره جي آبادي
زياده تر ”اصحاب الحديث“ تي مشتمل آهي. ان مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ حديث جي علم جو
ڪيڏو نه چاهه هو.
قاضي ابو محمد ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، جهڙوڪ
”ڪتاب المصباح ڪبير“، ”ڪتاب احادي“، ”ڪتاب السير“
وغيره.
سمعانيءَ لکيو آهي:
”قاضي احمد بن محمد منصوري عراق ۽ فارس ۾ سڪونت
پذير رهيو. سندس ڪنيت ابوالعباس هئي. امام دائود
ظاهريءَ جي مسلڪ ۾ امام جي حيثيت رکندو هو. اثرم ۽
ان جي طبقي جي حديث جي حافظ روايت ڪئي. قاضي ابو
العباس احمد بن محمد بن صالح تميمي منصوري منصوره
جي رهاڪن مان هو، جن عالمن سان مون کي ملڻ جو
اتفاق ٿيو، انهن کان هن کي سڀني کان وڌيڪ شائسته ۽
سلجهيل ذهن ۽ فڪر وارو ڏٺم. هن فارس ۾ ابوالعباس
بن اثرم ۽ بصري ۾ ابو روق هزانيءَ کان حديث جي
سماعت جو شرف حاصل ڪيو. الحڪم ”المعجم“ ۾ به سندس
ذڪر ڪيو آهي. ابن نديم سندس احوال ”المنصوري“ جي
عنوان هيٺ آندو آهي.
ان مان معلوم ٿيندو ته هن فارس ابوالعباس بن
الاثرم (وفات 336هه) کان ۽ بصري ۾ احمد الخزاني
(وفات 322هه) کان حديث جي تعليم حاصل ڪئي، جيڪو
ابو ورق جي نالي سان مشهور هو. بخارا ويو ته
ابوالحاڪم (وفات 405هه) کانئس حديث جو درس ورتو.
محمد بن ابوالشوراب
منصوره جو قاضي هو ۽ حديث جي علم جو وڏو عالم هو.
سن 283هه (852ع) ۾ عراق مان لڏي اچي منصوره ۾
رهيو. عراق ۾ خاص طرح سان بغداد ۾ کيس وڏي قدر جي
نظر سان ڏٺو ويندو هو. ان جو اندازو ان مان لڳائي
سگهجي ٿو، ته خود بغداد جو خليفو ۽ عباسي شهزادا
سندس خدمت ۾ حاضر ٿي کانئس فيض حاصل ڪندا هئا.
کانئس پوءِ سندس فرزند ”علي“ منصوره جي قضا جي
منصب تي فائز ٿيو. سندس خاندان چوٿين صدي هجري جي
شروعات تائين منصوره ۾ موجود هو.
ابوبڪر احمد بن محمد منصوري بڪرآبادي
منصوره جو رهاڪو هو، پر پوءِ لڏي وڃي جرجان جي شهر
بڪرآباد ۾ ويٺو. حديث جي روايت امام ابوبر اسماعيل
۽ حافظ ابن عدي کان ڪيائين. 29 جمادي الاول سن
422هه (1030ع) تي وفات ڪيائين. سندس ذڪر حافظ
ابوالقاسم ”تاريخ جرجان“ ۾ ڪيو آهي.
احمد بن جعفر بن مره منصوري
قرآن مجيد جو مستند قاري ۽ مقري هو. حسن بن المڪرم
کان حديث جي تعليم حاصل ڪيائين. کانئس امام ابو
عبدالله نيشاپوري روايت ڪئي. رنگ جو ڪارو هو. ان
مان ظاهر آهي ته هو سنڌي نسل هو.
ابو محمد عبدالله بن جعفر منصوري
مقري لقب هس، قرآن حڪيم جي علم ۾ کيس مهارت حاصل
هئي. حسن بن مڪرم وغيره کان حديثون ٻڌائين. حاڪم
سندس روايتون ”مستدرڪ“ ۾ ورتيون آهن.
بوقان
سنڌ جو هڪ شهر هو، جتي مسلمانن جي وڏي آبادي هئي.
ان جي ڀرسان عباسي گورنر عمران بن موسى برمڪي
بيضاء نالي شهر آباد ڪيو. هباري دؤر ۾ هتي ڪيترائي
عالم ۽ فاضل ٿي گذريا. خبر نٿي پوي ته سنڌ ۾ هي
شهر ڪهڙي هنڌ آباد هئا، ۽ هينئر انهن جا نالا ڪهڙا
آهن يا ماڳهين ويران ٿي ويا. بهرحال ”بوقان“ جي جن
عالمن جا نالا ملن ٿا، انهن جو تعارف ڏجي ٿو.
ابوالمڪارم فضل الله بن محمد برفاني سندي
امام بغوي جو آخري شاگرد هو، جنهن کانئس روايت
بالاجازه ڪئي آهي. امام ذهبي ”تذڪرة الحفاظ“ ۾
سندس ذڪر ڪيو آهي.
محمد بن احمد بن محمد خليل بن احمد بوقاني:
امام ابوبڪر بن خلف شيرازيءَ کان حديثن جي سماعت
ڪيائين. هن کان وري عبدالرحيم بن سمعانيءَ حديثون
روايت ڪيون. سن 467هه – (1074ع) ۾ وفات ڪيائين.
سندس ذڪر امام سبڪي ”طبقات الشافيه“ ۾ ڪيو آهي.
محمد بن احمد بن منصور بوقاني:
امام بوقاني حاتم بن محمد بن حبان سبتي (وفات
354هه) کان حديث جي روايت ڪيائين. امام ذهبي
”تذڪرة الحفاظ“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي.
ابو سعيد محمد بن منصور بوقاني:
سندس لقب ”سديد الدين“ هو. امام غزاليءَ کان تعليم
حاصل ڪيائين. سنه 556هه- (1160ع) ۾ مشهد ۾ هڪ
يلغار ۾ شهيد ڪيو ويو. امام سبڪي، ”طبقات الشافيه
الڪبرى“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي.
قديم دور جا صوفي بزرگ
ابو علي سنڌي:
هي بزرگ تصوف ۾ مشهور صوفي بزرگ بايزيد بسطامي
(وفات 261هه) جو استاد هو، يعني ٽين صدي هجريءَ جو
بزرگ هو. بايزيد (ابويزيد) بسطامي چوي ٿو ته مون
ابو عليءَ کان فن ۽ توحيد جو علم سکيو؛ ۽ ابو علي
مون کان ”الحمد“ ۽ ”قل هو الله احد“ سندس ذڪر شيخ
ابونصر
عبدالله بن علي بن سراج طوسي جي ڪتاب ”اللمع“ ۾
آيو آهي. نفحات ۾ به سندس احوال آيل آهي.
ابو موسى ديبليِ:
حضرت بازيد باسطاميءَ جو مريد هو.
احمد بن سنڌي:
وڏو عالم، فاضل، عابد ۽ زاهد هو. بغداد جي محلي
”صداد“ ۾ رهندو هو؛ انهيءَ ڪري کيس ”صداد“ سڏيو
ويندو هو.
سنه 359هه (969ع) ۾ وفات ڪيائين.
عربي شاعر
عربستان ۾ جيڪي سنڌي آباد ٿيا، انهن مان ڪيترا
عربي زبان جا بلند پايه شاعر به هئا، انهن جو
مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
مطبع اين اياس: هي عربي زبان جو شاعر هو ۽ عرب هو.
هشام تغلبيءَ جي ڏينهن ۾ منصوره ۾ اچي ڪافي وقت
رهيو.
ابو عباده وليد بن عبيد البختري: عربي زبان جو
شاعر هو ۽ ”حماسه“ جي مصنف ”ابو تمام“ جو همعصر
هو. ڪيترو وقت ملتان ۾ اچي رهيو. واٽ تي منصوره ۾
به ڪجهه وقت ترسيو هوندو. هارون بن عبدالله،
ملتاني: بنوازد جي آزاد ڪيل غلامن مان هو. ابو دلف
پنهنجي سفر نامي ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. سندس ڪيترائي
شعر تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿا.
سندي بن صدقه: هڪ سنڌي شاعر هو. سندس ذڪر ابن
الغمان پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. شاعر هجڻ سان گڏ
سٺو ڪاتب، عالم ۽ فاضل به هو. سندس هڪ سئو صفحن جو
هڪ ڪتاب ابن نديم جي زماني ۾ به موجود هو.
ڪشاجم سنڌي: نائين صدي عيسويءَ ۾ هڪ سنڌي شاعر ۽
عالم ڪشاجم بن شاهڪ سندي ملي ٿو، سندس نظم جو ٻن
سون صفحن جو ڪتاب ابن نديم جي وقت ۾ به موجود هو.
هڪ ڪتاب نثر ۾ به هوس.
ابوضلع سنڌي: هڪ ممتاز شاعر هو. عربي زبان ۾ سنڌ
جي تعريف ۾ سندس هڪ نظم چيل ملي ٿو، جو هن ڪنهن
معترض جي جواب ۾، سنڌ جي خوبين ۽ ان جي پيداوار جي
تعريف ۾ لکيو آهي. مولانا سيد سليمان ندويءَ جو
خيال آهي ته هن شاعر جي وجود جو زمانو 686هه کان
اڳ هوندو. عجب نه آهي ته هيءُ ٽينءَ يا چوٽينءَ
صديءَ هجريءَ ۾ ٿي گذريو هجي، ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ عربن
جي دور جو زمانو هتي ختم ٿئي ٿو. سندس نظم جو
ترجمو هي آهي.
”منهنجن دوستن انڪار ڪيو، ۽ اهو سٺو نه آهي، جڏهن
هند جي ۽ هند جي تير جي مقابلي ۾ تعريف ڪئي وڃي.“
”پنهنجيءَ جان جو قسم، هيءُ اها سرزمين آهي جو هتي
پاڻي وسندو آهي، تڏهن کير جهڙا موتي ۽ ياقوت ان ۾
اُڀرندا آهن- انهن لاءِ جي آرائش کان خالي آهن.“
سندس خاص شين ۾ مشڪ، ڪافور، عنبر، عود، ۽ قسم قسم
جون خوشبويون آهن. انهن لاءِ، جي ميرا آهن.“
”۽ قسم قسم جا عطر، گلاب، سنبل، هاٿيءَ جا ڏند،
ساڳ جي ڪاٺي ۽ خوشبودار صندل:
”۽ هتي پکين ۾ ڪلنگ، طوطو، مور ۽ ڪبوتر آهن، ۽ وڻن
۾ هتي ناريل، انب، آبنوس۽ ڪارن مرچن جا وڻ آهن؛
”۽ هٿيارن ۾ تلوارون آهن، جن کي ڪڏهن به ڪٽ نه
چڙهندو آهي؛ ۽ اهڙا نيزا آهن، جو جڏهن اهي لرزش ۾
اچن ته سڄي فوج جي فوج لُڏي وڃي.“
”۽ هن ۾ توتيا، سڀ کان وڏي پهاڙ وانگر آهي؛ ۽ هتي
شينهن، ببر، چيتا، هاٿي ۽ هاٿيءَ جا ٻچا آهن.“
”ڇا بيوقوف کان سواءِ ڪو ٻيو به هندستان ۽ ان جي
خوبين جو انڪار ڪري سگهي ٿو؟“
سندس سٺ صفحن جو هڪ ڪتاب ابن نديم (980ع) جي وقت
تائين موجود هو.
ابوالعطا سنڌي: عربيءَ جو مشهور شاعر ابو عطا به
نسلاً سنڌي هو. پنهنجي پيءُ ”يار“ سان گڏ، سنڌ مان
غلام ٿي ويو. آخر عربي شاعريءَ ۾ ايڏو نالو
ڪڍيائين، جو غلاميءَ مان به آزاد ٿيو. عربي
شاعريءَ ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. ابو تمام
”الحماسه“ ۾ سندس شعر کي جاءِ ڏني آهي، جنهن ۾ هن
خالص عربي شاعرن جو شعر ڏنو آهي. بنواميه جو مداح
هو، جتان کيس وڏا انعام اڪرام ملندا رهندا هئا. هڪ
دفعي هڪ امير، سليمان بن سالم، وٽان ”عطا“ نالي هڪ
غلام مليس، جو مٺي آواز سان شعر پڙهندو هو؛ انهيءَ
ڪري سندس نالو ”ابو عطا“ پئجي ويو، نه ته سندس
اصلي نالو ’افلح‘ هو. پڇاڙيءَ تائين سندس اُچار نه
سڌريا، انهيءَڪري عرب شاعر مٿس ٽوڪون ڪندا هئا،
جنهن تي هي به سڌيون ٻڌائيندو هون. هي عباسي
خاندان جي شروعات واري زماني تائين جيئرو هو.
ڪيترن ئي عربي تذڪرن ۽ تاريخن ۾ سندس ذڪر آيو آهي،
جن مان ”ڪتاب الاغاني“ (ج 6، ص 78) قابلِ ذڪر آهي.
عربي زبان جي مشهور اديب ابو تمام بن اوسا طائي
(188هه – 232هه) جي مرتب ڪيل عربي شاعريءَ جي
مشهور ڪتاب ”ديوان الحماسه“ ۾ ابو عطا جو جيڪو شعر
آهي، انهن مان ڪجهه مصرعون نموني طور هت ڏجن ٿيون.
1ـ هوءَ آئي ۽ اسلام عليڪم چيائين، پوءِ اٿي بيٺي
۽ موڪلايائين. جڏهن ڪنڌ ڦيرائي هلڻ لڳي، ته ممڪن
هو، ته منهنجو ساهه نڪري وڃي ها.
2ـ اي محبوبا! ائين نه سمجهجانءِ، ته مان توهان
کان پوءِ ڪنهن مصيبت جي صدمي کان عاجز ۽ ذليل ٿي
ويو آهيان، ۽ ائين نه سمجهجانءِ، ته مان موت کان
ڊڄڻ لڳو آهيان.
3ـ ۽ نه ائين سمجهجان، ته مان تنهنجي ڌمڪين کان
پريشان آهيان ۽ نه هي ته مان هٿ ڪڙين ۾ هلڻ کان
تنگ ٿي پيو آهيان ۽ انهن جي ڪري چڱيءَ طرح هلي نٿو
سگهان، بلڪ مصيبتن تي مون پنهنجي بهادري ۽ طاقت جو
اظهار ڪرايو آهي.
4ـ پر تنهنجي محبت جي ڪري دل روئڻهارڪي ٿي پئي
آهي، جنهن کي مان تنهنجي ڪري ان وقت به محسوس ڪندو
هوس. جڏهن مان کليل ۽ آزاد هوس.
5ـ اي محبوبا، مون توکي ان وقت به ياد ڪيو، جڏهن
جڏهن ’خطي‘ نيزا اسان جي وچ ۾ حرڪت ۾ اچي چڪا هئا،
۽ سڌا ڪيل ڪڻڪ- ونا گول نيزا اسان جو خون پي رهيا
هئا.
6ـ خدا جو قسم، مان نه ٿو ڄاڻان ۽ سچ ٿو چوان،
تنهنجي محبت جي ڪري، مون کي ڪا بيماري لڳي وئي آهي
يا جادو ٿي ويو آهي، جو مان اهڙي هلاڪت خيز جنگ ۾
به توکي وساري نه ٿو سگهان.
7ـ جيڪڏهن جادو آهي، ته مون کي محبت ڪرڻ ۾ معذور
سمجهه انهيءَ ڪري جو ان ۾ منهنجو قصور ڪونهي، ۽
جيڪڏهن ڪا ٻي بيماري آهي، ته تنهنجي ڪري عذر آهي،
ڇاڪاڻ جو تنهنجو قصور ڪونهي.
منصور هندي: هي به هڪ سنڌي غلام هو، جنهن عرب دنيا
۾ نالو ڪڍيو. عربيءَ جو چڱو شاعر هو. سندس شعر ۽
ادب تي لکيل هڪ ڪتاب ابن نديم جي زماني ۾ موجود
هو.
اسحاق متوفي: هي به هڪ سنڌي عالم ۽ شاعر هو، جو
849ع ۾ عباسي درٻار جو مشهور راڳي هو. سندس هڪ
منشي سندي ابن علي هو، جنهن راڳن جي باري ۾ ”ڪتاب
الشرڪته“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ڏهه باب هئا،
انهيءَ منشيءَ، اسحاق جي مرڻ کانپوءِ بغداد جي
’طاق الزبل‘ پاڙي ۾ ڀاڄين جو دڪان کوليو، جنهن مان
پنهنجو قوت ڪندو رهيو.
سنڌ ۾ عربي شاعريءَ جي رواج جو ان مان اندازو
لڳائي سگهجي ٿو جو سنڌي ڪاريگر پنهنجي عربي
شاعريءَ جو فائدو وٺي، سنڌ جي ٺهيل جتين تي، جي
بغداد جون شوقين عورتون نهايت پسند ڪنديون هيون.،
دلچسپ عربي شعر ڪنڊي دوز ڪندا هئا، هڪ سندي سليپر
تي هي اشعار لکيل هئا:
جَعلتَ و خدي نه ارضا، فقلت، ’طامن فوقها و ارشا‘
فقال، ’لا‘، قلت، ’بلى، سيدي! صبراً على الحب و ان
معنى‘
(بناء پنهنجي ڳل کي فرش ان لاءِ چيم، ’خوش ٿي قدم
رک، ڪرتون دلجاءِ‘،
چيائين، ’نه‘، چيو مون، سائين، هاها محبت جا
نباهيو ڏينهن جي ويا.‘
سنڌ ۽ مرڪز جي انهيءَ تعلق کان سواءِ، عرب گورنرن
به ادبي ذوق کي زور وٺايو. انهن گورنرن جي معرفت
ڪي مشهور عرب شاعر- جهڙوڪ مطع بن اياس ۽ الصمة بن
عبدالله قشيري سنڌ ۾ آيا. 111هه ۾، اموي خليفي
هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾، سنڌ جي واڳ تميم بن
عتبيءَ کي ڏني ويئي. عربيءَ جي مشهور شاعر ۽
اهلبيت جي حبدار، فوردق، تهميم جي نالي پنهنجو
مشهور قصيدو لکي ڏانهنس سنڌ ۾ موڪليو، جن ٿورن
سنڌي شاعرن جو احوال اسان کي مليو آهي، انهن جو
ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، نه ته هونءَ تعلقات ڏيکارين
ٿا ته ڪيترائي شاعر ٿيا هوندا، جن جو احوال اسان
تائين نه پهتو آهي.
سنڌي شاعري
نه فقط عربي شاعريءَ زور ورتو، پر ان سان گڏ سنڌي
شاعريءَ به زور ورتو. هڪ عالم جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو
آهي، جنهن هڪ راجا ڏانهن اسلامي تعليم سنڌي نظم ۾
منظوم ڪري موڪلي هئي. هڪ ٻئي سنڌي شاعر جو ذڪر ۽
سندس شعر عربي ڪتابن ۾ ملي ٿو. امام حافظ ابو حاتم
محمد بن حبان الشبي (وفات 354هه) پنهنجي ڪتاب
”روضته العقلا و نزهته الفضلا“ ۾ لکي ٿو:
”مون ابراهيم کان ٻڌو، جنهن کي ابن ابي القعطاع
چيو ته مون سان ابو هذيل ڳالهه ڪئي، ۽ چيائين ته
آءٌ يحى بن خالد برمڪيءَ وٽ ويٺو هوس، ته هڪ هندي
شخص، پنهنجي مترجم سان گڏ ڪچهريءَ ۾ آيو. مترجم
يحى کي يو ته هي شخص شاعر آهي ۽ توهان جي مدح ڪئي
اٿس؛ يحى چيو ته ڀلي ٻڌاءِ، انهيءَ تي هن شخص چيو؛
‘آرَه اَصَرهَ ڪڪرا، ڪي ڪِرهَ مَندَره‘
”يحيٰ“ مترجم کان پڇيو ته ’ڇا ٿو چوي؟‘ چيائين ته
چوي ٿو ته:
’اذا لمڪارم في اَفاقنا ذڪرت.
قانما بڪ فيها يضرب المثل‘
(جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو
آهي، تڏهن تنهنجو مثال ڏيندا آهن.)
”پوءِ يحى ان کي هڪ هزار دينار انعام ڏيڻ لاءِ حڪم
ڪيو.
مٿئين ڪتاب ۾ ان شاعر لاءِ ”رجل هندي“ آيو آهي، پر
”مجمل التواريخ والقصص“ جي مصنف صاف طور ”سر زمين
سنڌ جو شاعر“ ڄاڻايو آهي. البت، پوئين مصنف جي قول
موجب انهيءَ شاعر پنهنجو بيت يحى جي پٽ فضل جي
تعريف ۾ چيو، سندس بيان هن طرح آهي:
”سرزمين سنڌ جو هڪ شخص هن (افضل) جي آڏو آيو ۽
پنهنجي زبان ۾ هڪ بيت پڙهي ٻڌايائين:
’اره بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره‘
”فضل“ چيو، ڇا ٿو چوي؟ ترجمان جواب ڏنو ته چوي ٿو:
اذالمڪارم في آفاقنا ذڪرت،
فنما بڪ فيها يضرب المثل.
انهيءَ تي فضل خوش ٿيو ۽ کيس هڪ هزار دينار، هڪ
قيمتي وڳو، اُٺ ۽ ٻيون سوکڙيون ڏنائين. ترجمان کي
500 دينار ڏنائين، ۽ چيائين ته ’اسان هن زبان ۾
اهڙو ڪونه ڏٺو‘
سنڌ جو شاهنامو
(هڪ ادبي جائزو) ڊاڪٽر قريشي حامد
علي خانائي
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ٽالپر حڪمرانن جو زمانو علم ۽
ادب جي لحاظ کان نهايت ئي روشن دور هو. وقت جا
حڪمران ۽ شهزادا نهايت ئي ادب نواز ۽ شعر ۽ سخن جا
وڏا قدردان هئا. هوُ پاڻ به اعلى درجي جا شاعر ۽
نثر نويس هئا. دراصل ٽالپرن جي صاحبيءَ وارو زمانو
باڪمال عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو دور هو. سندن علم
پروري ۽ ادب نوازيءَ کان متاثر ٿي، وقت جا ڪيترائي
وڏا عالم، بلند پايي جا اديب ۽ شاعر سندن درٻار ۾
اچي گڏ ٿيا ۽ پنهنجن علمي ۽ ادبي ڪارنامن سان
درٻار جي رونق کي وڌائيندا رهيا. حيدرآباد سنڌ جي
ميرن جي شاهي درٻار، دهلي ۽ لکنؤ جي درٻارن جي شان
۽ شوڪت جي ڏک ڏيندي هئي، ليڪن زماني جي اهڙي ته ڪا
بدنظر لڳي، جو اهو زيب ۽ زينت سڀ بي نور ٿي ويو ۽
سموري علمي بزم درهم برهم ٿي ويئي.
مير حسن علي خان ٽالپر پنهنجي خاندان جو هڪ نامور
عالم ۽ سخن سنج شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ جيتوڻيڪ
ظاهري طرح حڪومت جي جاهه ۽ جلال، شان ۽ شوڪت کان
محروم رهيو، پر تنهن هوندي به سنڌ جي بزم سخن لاءِ
پاڻ کي هميشه لاءِ زندهه جاويد بڻائي ويو. سنڌ جي
ٽالپر گهراڻي ۾ جيڪي به علمي شخصيتون ٿي گذريون
آهن، تن مان مير حسن علي خان پهريون شهزادو هو،
جنهن فارسي زبان کان هٽي، پنهنجي وطن سنڌ جي
ٻوليءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪيو. مير صاحب فارسي
زبان جو به هڪ اعلى درجي جو شاعر ۽ نثر نويس هو.
مير حسن علي خان ٽالپر، سنڌ جي آخرين تاجدار مير
محمد نصير محمد خان جو وڏو فرزند هو. مير صاحب جو
خانداني لقب ”سرڪار رفعت مدار“ ۽ تخلص ”حسن“ هو.
سندس سجع هيءَ آهي:
آسوده بر سرير امارت بخوش دلي،
فخر الملوڪ ظل الاهي حسن علي. (1)
مير حسن علي خان اربع جي ڏينهن تاريخ 26 –
ذوالقعد. 1240هه / 1824ع تي سنڌ جي تاريخي شهر
حيدرآباد ۾ ڄائو. (2) شهزادي جي تولد ٿيڻ تي ميان
محمد يوسف خدمتگار سجع جا پويان بند هن طرح چيا
آهن:
ڪلڪ ”يوسف“ بسال توليدش،
ڪرد بسيار گوهر افشاني،
بهر تاريخ تهنيت گريان،
گفت بامن خرد به آساني،
ڪوڪب برج پادشاهي يافت،
مہ پيداز اوج رخشاني = 1240هه. (2 الف)
شهزادي مير حسن علي خان جي تعليم ۽ تربيت لاءِ
سندس والد نهايت ئي اعلى درجي جو انتظام ڪيو. سندس
تعليم لاءِ وقت جي وڏن جيد عالمن کي استاد ڪري
رکيو ويو، جن مير صاحب کي نه صرف ظاهري ڪتابي علم
سان مالا مال ڪيو، پر ان سان گڏ فن سپاهه گيريءَ
جي به اعلى تربيت ڏني. اوڻيهن ورهين جي ڄار ۾
شهزادو علم جي تحصيل سان گڏ فن سپاهه گيريءَ جو پڻ
وڏو ماهر بڻجي نڪتو.
”سنڌ جي شاهنامي“ جو مرتب لکي ٿو:
”مير حسن علي خان ٽالپر جي والد مير نصير محمد خان
شهزادي جي تعليم ۽ تربيت جي واسطي مولوي احمد
عليءَ کي گهرايو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم
هو.“(3)
اسان جي تحقيق موجب اها مٿين روايت صحيح معلوم نٿي
ٿئي. انهيءَ سلسلي ۾ مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائيءَ
جي راءِ وڌيڪ درست معلوم ٿئي ٿي. هو صاحب لکي ٿو:
”مير حسن علي خان ٽالپر جي تعليم ۽ تربيت لاءِ هڪ
ايراني عالم(4) ۽ هڪ سنڌي عالم آخوند احمد
هالاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو.“ (5)
شهزادو حسن علي خان ننڍي هوندي کان وٺي ڏاڍو ذهين۽
هوشيار هو، کيس قرآن پاڪ، عربي، فارسي ۽ مروج سنڌي
ٻوليءَ ۾ چڱي خاصي مهارت حاصل هئي. پاڻ پنهنجي
فراغت جو ڪافي وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هو.
وٽس هڪ نادرالوجود ڪتبخانو پڻ هو. (6)
|