هيءُ دنيا مصيبتن ۽ تڪليفن جو گهر آهي. سنڌ جي
ٽالپر گهراڻي جي چمڪندڙ سج جي آڏو ڪارو ڪڪر اچي
ويو ۽ اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو. شهزادو
مير حسن علي خان ان وقت ڦوُهه جوانيءَ ۾ هو. سن
1843ع ۾ سنڌ جي ٽالپرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ”مياڻي“
۽ ”دٻي“ جي ميدان ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٽالپرن جي
اقتدار جي شمع هميشه جي لاءِ گُل ٿي ويئي. سنڌ جي
ٽالپرن کي جلاوطن ڪري پهريائين بمبئي، پوُني ۽
ساسور ۾ ۽ ان کانپوءِ ڪلڪتي ۾ قيدي رکيو ويو. سن
1261هه / 1846ع ۾ مير نصير محمد خان جلاوطني ۽ بي
ڪسيءَ جي حالت ۾ هن فاني جهان جي قيد مان آزاد ٿي،
وڃي دارالبقا ۾ آرامي ٿيو.(7)
مير حسن علي خان ٽالپر نهايت ئي غيرتمند شخص هو.
مير صاحب جي همت ۽ جرئت جو ذڪر ڪندي ”سنڌ جي
شاهنامي“ جو مرتب لکي ٿو:
”ڪلڪتي ۾ قيد واري زماني ۾ انگريز گورنر جنرل، سنڌ
جي ميرن کي چوائي موڪليو ته هو مون سان ملاقات ڪري
سگهن ٿا، ليڪن ان موقعي تي کين سنڌي جُتيون
لاهڻيون پونديون. انهيءَ تي مير حسن علي خان،
ڊاڪٽر ڪالم جي معرفت گورنر جنرل کي چوائي موڪليو
ته ميرن کان ملڪ ورتو ويو آهي، ليڪن سندن عزت ڪانه
ورتي ويئي آهي، ان جواب تي گورنر جنرل ملاقات
دوران مير صاحب کي چيو ته شهزادا! آءٌ اوهان جي
عقل ۽ خود داري تي آفرين چوان ٿو.“(8)
ڪجهه ورهين جي قيد کان پوءِ هندستان جي وائسراءِ
لارڊ ڊلهائوسيءَ سنڌ جي ميرن کي سياسي پينشنون
ڏيئي، سنڌ ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني. مير حسن علي
خان سن 1893ع ۾ سنڌ موٽي آيو ۽ باقي حياتيءَ جا
ڏينهن مطالعي، تصنيف ۽ تاليف ۾ پورا ڪيائين.
انگريز سرڪار پاران مير صاحب کي ڪي- آءِ- سي جو
خطاب پڻ مليل هو.
مير حسن علي خان سنڌ ۾ موٽي اچڻ کانپوءِ چاليهن
ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي چاچي مير نور محمد خان
ٽالپر جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، پر کيس ڪوبه اولاد
ڪونه ٿيو. مير صاحب اربعا جي ڏينهن 15 – ذوالحج
1324هه / 1909ڳ تي فالج جي حملي سبب پنجاسي ورهين
جي عمر ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. مير صاحب جي
وفات جي تاريخ مولانا ابوالحسن حسن لکنوي ابن
مولانا سعدي الحسن هن طرح لکي آهي:
به تاريخ فوتش رقم زد ”حسن“،
سر ذڪر ڪرده در آغوش وائي.(9)
سندس لاش کي پهريائين امانت طور سندس بنگلي ۾ دفن
ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مير حاجي نور محمد خان ڪڍرائي،
ڪربلا معلى کڻائي وڃي دفن ڪرايو.(10)
مير حسن علي خان ٽالپر نهايت ئي نيڪ خصلتن جو مالڪ
هو. نماز ۽ روزي جو سختيءَ سان پابند هو. پاڻ هڪ
وڏو فياض به هو. مير صاحب سنڌ مدرسته الاسلام
ڪراچيءَ لاءِ حسن علي آفنديءَ کي سٺ هزار رپين جو
عطيو ڏنو هو. مير صاحب وڏو صاحب تصنيف بزرگ ٿي
گذريو آهي. سندس تصنيف ڪيل ڪتابن جي مطالعي مان
اهو چڱيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ هڪ وڏو
عالم ۽ شاعر هو. سندس مطالعو ۽ علمي ڄاڻ تمام وسيع
هئي. مير صاحب جا هيٺيان ڪتاب علمي لحاظ کان
شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.
1-
لسان الحق في ميزان الصدق:
هيءَ ڪتاب فارسي نثر ۾ آهي، سن 1308ع ۾ پهريون
دفعو مطبع سلطاني لاهور مان شايع ٿي.
2-
مختيار نامه ثقفي:
هيءُ ڪتاب سنڌي نظم ۾ آهي ۽ ٻن جلدن تي مشتمل آهي.
هن ڪتاب جو پهريون جلد سن 1892ع ۾ ٻيو جلد 1895ع ۾
۽ بينظير پريس لاهور ۾ ڇپيو.
3-
رويائي صادقه:
هيءُ ڪتاب فارسي نثر ۾ آهي، ۽ ان جا ٻه جلد آهن.
پهريون جلد مطبع ديديه حيدري ڪراچيءَ ۾، ۽ ٻيو جلد
سن 1322هه ۾ مطبع اسلاميه اسٽيم پريس لاهور مان
شايع ٿيو.
4-
نهرالبڪا:
هن ۾ شهداءِ ڪربلا جي مدحت ۾ سلام چيل آهن. هيءُ
ڪتاب 1326هه ۾ رفاه عام اسٽيم پريس لاهور ڇپيو.
5-
مثنوي فتح نامه سنڌ عرف سنڌ جو شاهنامو:
سنڌ مسلم سوسائٽي حيدرآباد طرفان سن 1938ع ۾ شايع
ٿيو.
6-
احسن البيان:
اردو نثر ۾.
7-
رد خوارج:
عزاداريءَ بابت سنڌيءَ ۾ سوالن جا جواب.
8-
مجموعه خطوط فارسي:
9-
مثنوي حمله حيدري يا شهنشاهه نامه:
سنڌيءَ ۾ حضرت علي عليه السلام جي جنگين جو احوال.
10-بياض
مناجات ۽ منقبت:
11-
ڪليات مرثيه سنڌي (11)
مير حسن علي خان ٽالپر پنهنجي خاندان جو نائون
شاعر ٿي گذريو آهي. ٽالپر خاندان جو پهريون شاعر
مير ڪرم علي خان ٽالپر هو، جنهن جو تخلص ”ڪرم“ هو.
پاڻ اعلى درجي جو شاعر هو. سندس درٻار ۾ ڪيترائي
وڏا شاعر رهندا هئا، جهڙوڪ: مير عظيم الدين ٺٽوي،
آقا محمد عاشق، مرزا مظهر، سيد طباطبائي، مير هوتڪ
افغان، مخدم نور محمد بوبائي، آخوند نور محمد
هالڻي، مرزا خسرو بيگ، مير صابر علي ”صابر“، مير
ڪاظم، عبدالمجيد جوکيو ”مجيدي“ ۽ منشي صاحبراءِ
”آزاد“ وغيره.
ٻيو شاعر مير مراد علي خان ٽالپر هو. سندس تخلص،
”علي“ هو. سندس ٻه ڪتاب ”ديوان علي“ (فارسي) ۽ ”طب
مراد“ (1246هه) مشهور آهن.
ٽيون شاعر مير صوبدار خان ٽالپر ”مير“ هو. هن
ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا، سن 1244هه ۾
فارسي زبان ۾ ”مثنوي فتح نامه سنڌ“ نالي هڪ ڪتاب
لکيائين، جنهن کان متاثر ٿي مير حسن علي خان ٽالپر
”سنڌ جو شاهنامو“ لکيو.
چوٿون شاعر مير نصير محمد خان ٽالپر ”جعفري“ هو.
سندس درٻار ۾ ڪافي شاعر رهندا هئا. جهڙوڪ: آخوند
محمد بچل ”انور“ متعلوي، ميان محمد يوسف، آغا زين
العابدين، مرزا فريدون بيگ ”قانع“، مرزا محمد
باقر، مرزا عباس، قاضي گل محمد ملتاڻي، قاضي آخوند
احمد، آخوند غلام حيدر، ملو محمد روشن ۽ ديوان
ميٺارام ”مسرور“ وغيره.
پنجون شاعر مير شهداد خان ٽالپر ”حيدري“ هو. 8-
محرم 1284هه تي ڪلڪتي جي قيد خاني ۾ وفات ڪيائين.
”ديوان حيدري“ فارسيءَ ۾ سندس مشهور ڪتاب آهي.
ڇهون شاعر مير حسين علي خان ٽالپر ”حسين“ هو.
سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شعر چوندو هو.
ستون شاعر مير يار محمد خان ٽالپر هو. تخلص ڪونه
اختيار ڪيائين، فارسي نثر ۾ سندس هڪ ڪتاب ”فريئر
نامو“ تصنيف ٿيل آهي.
اٺون شاعر مير محمد علي خان ولد مير صوبدار خان
ٽالپر هو. سندس تخلص ”بهرور“ هو. تاريخ پهرين رجب
سن 1278هه تي وفات ڪيائين.
مير حسن علي خان ٽالپر جو سنڌي زبان ۾ ڪافي انداز
۾ شعر ملي ٿو. ”مختيارنامه“، ”حمله حيدري“،
”مناجات ۽ منقبت“، ”ڪليات مرثيه“ ۽ ”سڌ جو
شاهنامو“ وغيره. سندس شاعراڻي صنف جون معياري
تصنيفون آهن. اسان هتي سندس مشهور تصنيف ”سنڌ جو
شاهنامو“ جو علمي ۽ ادبي جائزو پيش ڪريون ٿا.
مير حسن علي خان ٽالپر ”سنڌ جو شاهنامو“ مثنويءَ
جي صنف ۾ چيو آهي. هيءَ رزميه مثنوي، فارسيءَ جي
مشهور شاعر ”فردوسيءَ“ جي طرز تي ٺاهيل آهي. موزون
شاعريءَ جي صنف ۾ هيءُ نمونو سڀني کان وڌيڪ وسيع ۽
همه گير آهي. هن صنف ۾ انساني جذبا، قدرت جا مناظر
۽ واقع نگاري گهڻي قدر سمايل هوندا آهن. مثنويءَ ۾
اڪثر ڪري ڪنهن تاريخي واقعي يا قصي کي بيان ڪيو
ويندو آهي. ”سنڌ جو شاهنامو“ سنڌي زبان ۾ رزميه
مثنويءَ جو هڪ بهترين شاهڪار آهي. سنڌي ادب ۾ مير
حسن علي خان ٽالپر جي هيءُ سوکڙي وڏي وٿ واري آهي.
سنڌ مسلم ادبي سوسائتي حيدرآباد سنڌ سن 1938ع ۾
”فتح نامه سنڌ“ جو اختصار ڪرائي، ان کي ”سنڌ جو
شاهنامو“ جي نالي سان شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ سنڌ
جي پوين حاڪمن جو احوال، سندن ڪارناما، جنگين جو
احوال ۽ طرز حڪومت جو پورو پورو نقشو چٽيو ويو
آهي. هن ڪتاب کي سر زمين سنڌ جي جنگجو ۽ بهادر
قومن جي همت، بهادري ۽ جانثاريءَ جو داستان چئجي،
ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
محترم لطف لله بدوي، مير حسن علي، خان ٽالپر جي
شاعريءَ بابت لکي ٿو:
”مير صاحب سنڌي زبان جو فصيح شاعر ٿي گذريو آهي.
هيءُ سنڌي زبان جو پهريون شاعر آهي، جنهن رزمي شعر
لکيو آهي ۽ شعر ۾ هڪ مسلسل تاريخي ڪتاب قلمبند ڪيو
آهي.“ (12)
محترم غلام نبي ميمڻ، مير صاحب جي شاعريءَ جي
اصلاح وٺڻ بابت لکي ٿو:
”مير صاحب پنهنجي شعر جي اصلاح ۽ رهنمائيءَ لاءِ
اول آخوند ميان محمد صاحب کي استاد ڪري ورتو ۽ ان
جي وفات کانپوءِ آخوند محمد قاسم هالائيءَ کي
پنهنجو استاد ڪري ورتو... وري غلام محمد شاهه
”گدا“ کي پنهنجو استاد ڪيائين.“ (13)
محترم لطف الله بدوي ۽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ به
انهيءَ ساڳي ڳالهه کي ورجايو آهي. ان سلسلي ۾ مرزا
گل حسن ”احسن“ ڪربلائيءَ جو چوڻ آهي:
”مير صاحب جو پهريون استاد آخوند احمد پاڻ به شاعر
هو، جنهن کي مير صاحب شاعريءَ ۾ پنهنجو استاد ڪري
نه ورتو. مير صاحب ٻئي ڪنهن کي به اصلاح وٺڻ ۾ عيب
سمجهندو هو.(14)
اسان جي خيال موجب ”احسن“ ڪربلائيءَ جو رايو وڌيڪ
وزندار آهي، ڇاڪاڻ ته کيس ٽالپر خاندان جي تاريخ
جي پوري ڄاڻ هئي. باقي مير صاحب جي باري ۾ اهو
معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ جڏهن به ڪو نئون شعر تيار
ڪندو هو، ته پنهنجي وقت جي وڏن باڪمال شاعرن کي
پاڻ وٽ گهرائي پڙهي ٻڌائيندو هو. شاعر بجاءِ تنقيد
ڪرڻ جي سندس شعر جو وڏو داد ڏيندا هئا، انهيءَ ڪري
ئي ”سنڌ جي شاهنامي“ ۾ شعر جون ڪافي فني گهٽتايون
رهجي ويون آهن.
اسان جي اڳيان مير حسن علي خان ٽالپر جي اصل ڪتاب
جو ڇپيل اختصار آهي، مير صاحب جي هيءَ رزميه
مثنوي، علمي ۽ ادبي لحاظ کان ڪيترين ئي اعلى
شاعرانه خوبين سان سينگاريل آهي. مثنويءَ اندر شعر
جي مصرع جي ترتيب اهڙي ته قابليت ۽ سنجيدگيءَ سان
سٽيل آهي، جو هر هڪ مصرع ۽ هر هڪ شعر پاڻ ۾ زنجير
جي ڪڙين وانگر ڳنڍيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڪٿي به ڪو خلا
نظر نٿو اچي.
رزميه مثنويءَ ۾ جڏهن ڪنهن به تاريخي واقعي يا قصي
جو تذڪرو ڪيو ويندو آهي، ته ان ۾ مثنويءَ جي مقرر
قاعدن، قانونن ۽ اصولن جي پوريءَ طرح سان پابندي
ڪرڻ تمام ضروري هوندو آهي. مثلاً جڏهن ڪنهن به
شاعر کي ڪنهن تاريخي واقعي جو مواد هٿ اچي، ته هوُ
ان ۾ صرف اجمالي ڳالهين جو ذڪر ڪري ۽ ان مان خام ۽
غير ضروري واقعن جو پاڻ ۾ پوري طرح سان رابطو قائم
هجي. مير حسن علي خان ٽالپر پنهنجي مثنويءَ ۾ انهن
اصولن ۽ واقعن جو چڱيءَ طرح سان خيال رکيو آهي.
رزميه مثنويءَ ۾ اڪثر ڪري واقعن ۽ حالتن جو بيان
ٿيل هوندو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته واقع نگاريءَ
کي سهڻي نموني سان بيان ڪيو ويندو آهي. مير صاحب
هن ”شاهنامي“ ۾ جنگ جي ميدان جو ذڪر ۽ نظارو،
بهادرن جي دلاوري، شاهي مجلسن ۽ محفلن جو ذڪر مؤثر
لفظن ۾ کولي شعر ۾ بيان ڪيو آهي ۽ پڙهڻ سان ائين
پيو معلوم ٿئي، ته ڄڻ اهي سڀ ڳالهيون ۽ واقعا اکين
اڳيان پيا ٿين. ان سان گڏ فطرت نگاريءَ کي به مير
صاحب ڏاڍي سهڻي نموني ۽ دلڪش انداز ۾ بيان ڪيو
آهي. اسان هتي سندس فطرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ جا
چند مثال ڏيون ٿا:
ٻه لشڪر چوان يا ٻه دريا چوان،
ٻه لشڪر ها يا ابر آتش فشان.
ائين گرم ٿي آتشِ ڪارِ زار،
جو تپ لرزه ٿيو در دلِ ڪوهسار،
ٻري باهه وئي در دماغِ، پلان،
جلي جنهن ۾ ويا پوست ۽ اُستخوان.
رسيو جنهن جي سر تي اجل جو پيام،
تنهن نوڙائي سر تن کي ڪيو ٿي سلام.
انهيءَ وقت سلطان کهاوڙ دلير،
ڪيا جنهن گهڻا ماري سرڪش بزير.
سدا زور تي پنهنجي مغرور هو،
وڏو پهلوانيءَ ۾ مشهور هو.
اچي پهتو جنهن وقت در دشت ڪين،
اتي بيهي لافون گزافون هنيئين.
”سندم ناهه ڪو مٽ جو تنهن سان وڙهان.
اچي دل جهلي جي ڪو هوءِ پهلوان.“
ـــــــــ
ڏٺو مير فتح علي خان دلير،
گدڙ آهه آيو ڪي چرم شير،
سندس مير کي ناڀون لافون پسند،
ڪري ان ڏي مُنهن چيائين بازهر خند.
”تو بيٺو هڻين لافون ڪئن دور تر،
وڌي آ، لهان تان آءٌ تنهنجي خبر.“
ائين چئي پوءِ ٿيو حمله ور باشتاب،
جهلڻ حملي جو هو نه ڪنهن کي به تاب.
ورايئين جڏهن ان تي تيغ دو دم،
عدو جو ٿي هيبت کان ويو بند دم.
ٿيو ان زخم کان زخمي او خيره سر،
وهي رت ڪيو منهن ۽ ڏاڙهيءَ کي تر.
جڏهن زخميو، ويس تڏهن تاب و توان،
غنيمت سلامت وڃي رهجي جان.
ڏسي ڀڄندو سلطان کي بي درنگ،
ٿيو
تاڃي جي رت ۾ وڏو جوش جنگ.... الخ (15)
تاريخي واقعي يا قصي ۾ اخلاقي، اصلاحي ۽ روحاني
سبق جي پهلوءَ جو هجڻ تمام ضروري آهي. ”سنڌ جي
شاهنامي“ ۾ انهن ڳالهين تي مصنف ڪافي توجهه ڏنو
آهي. ”شاهنامي“ جي بيان ڪيل هر واقعي جي مُنڍ، وچ
يا آخر ۾ ڪونه ڪو اخلاقي يا روحاني نُڪتو بيان ڪيو
ويو آهي، جنهن مان قومي ۽ سياسي جذبو ظاهر ٿئي ٿو.
هڪ هنڌ مير صاحب چوي ٿو:
ڪلهوڙن کان ڪيئن ملڪ ورتو اسان،
ٿيو ويران ڪيئن خاندان ڪلان.
چئي ان طرح سان ويا داناءِ نخست،
رعيت چون بيخ الدو سلطان درخت.(16)
---
اسين ڍل ۽ محصول جن کان وٺون،
بوقتِ مصاحب ڇڏي تن کي ڏيون.
رعايا جي غمخواري ڀي ته ضرور،
سرن تان ڪريون تن جي آفت هي دور. (17)
مير حسن علي خان ٽالپر پنهنجي ”شاهنامي“ ۾ هڪ هنڌ
دنيا جي بي ثباتي ۽ فنائيت جو ذڪر ڪندي هن طرح سان
چوي ٿو:
زماني ڪڏهن ڪنهن سان ڪئي ڪا وفا؟
تڏهن ان تي دل بستگي ٿي خطا،
رهڻ ڪاڻ هن هنڌ آيو نه ڪو،
وڃڻ تي تڏهن ڪهڙو شڪوو ڪيو.
بقا ٿي فقط ذات رب العلا.
جتي ناهه امڪان نقص و فنا،
غرض موت انسان سان ٿيو لڳل،
معين ٿيا ايام عمر از ازل.(18)
مير حسن علي خان ٽالپر ”شاهنامي“ ۾ واقع نگاريءَ
جي خصوصيت کي به تمام سهڻي نموني ۾ پيش ڪيو آهي.
رزميه شاعريءَ ۾ واقع نگاري تمام اهم ۽ هڪ مشڪل
مسئلو هوندو آهي. شاعر، مصور ٿي هر واقعي جو نقش
چٽيندو آهي. مير صاحب انهيءَ ڏس ۾ وڏي هوشياريءَ ۽
ذهانت کان ڪم ورتو آهي. مير صاحب جا ذڪر ڪيل سڀئي
تاريخي واقعا ممڪنات جي حد اندر آهن.
مير صاحب ”شاهنامي“ ۾ ڪيترين ئي اهم شخصيتن جو پڻ
ذڪر ڪيو آهي، جي وقت جا حاڪم، وزير، امير ۽ فوجي
جنرل هئا. مير صاحب انهن شخصيتن جا اخلاق، خوبيون،
طبيعتون، مزاج ۽ گفتگو وغيره الڳ الڳ انداز ۾
نهايت ئي سهڻي نموني ۾ بيان ڪيا آهن، جهڙوڪ:
1-
مير فتح علي خان ٽالپر.
2-
مير بهرام خان ٽالپر.
3-
راڄو ليکي: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو صلاحڪار هو.
هيءُ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جو به صلاحڪار ٿي
رهيو.
4-
جعفر خان: لاڙڪاڻي جي کوسا قوم جو سردار هو. ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي کيس مارايو هو.
5-
مير خيرو خان ٽالپر: هيءُ مير بهرام خان ٽالپر جو
ننڍو ڀاءُ هو.
6-
الهه بخش ليکي: راڄي ليکيءَ جو ڀائٽيو هو. هيءُ
مير صوبدار خان ٽالپر جي هٿان قتل ٿيو.
7-
حبيب نائچ: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو امير هو. مير
صوبدار خان ٽالپر تلوار سان سندس ٽنگ وڍي هئي.
8-
غلام محمد لغاري: هوت خان لغاريءَ جو پٽ هو. هيءُ
ميرن جو ساٿي هو. نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو
والد هو.
9-
تاجو ليکي: راڄي ليکيءَ جو پٽ هو. ڪلهوڙن تي سندس
پورو پورو اثر هو. سن 1782ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ ۾
ميرن جي هٿان مارجي ويو.
10-الهه
بخش جنجهڻ: ڪلهوڙن جو امير هو. هالاڻيءَ جي جنگ ۾
مارجي ويو.
11-
سيد عظيم الدين: ٺٽي جو ويٺل هو. مير غلام علي
”مائل“ جو سوٽ ۽ مير علي شير ”قانع“ جو ڀائٽيو هو.
”فتح نامه“ فارسيءَ ۾ سندس تصنيف آهي.
12-محمد
ابا خان: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو پٽ هو. ميان
سرفراز خان کان پوءِ تخت تي ويٺو ۽ آخر قيد ٿيو.
کيس ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي قتل ڪرايو هو.
13-عزت
يار خان: قلات جو نومڙيو هو. ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي جو درٻاري هو. مير حسن علي خان ٽالپر
پنهنجي شعر ۾ اڪثر ڪري فارسي آميز سنڌي ٻوليءَ جو
استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾ سنڌي
ٻوليءَ ۾ فارسيءَ جو عنصر تمام گهڻو هو. مير صاحب
ان اثر کان متاثر ٿي، سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسيءَ جي
تمام گهڻي ملاوت ڪئي آهي. مير صاحب پنهجي شعر ۾
عربيءَ واري اضافت به ڪتب آندي آهي، يعني مضاف
عربي تي مضاف اليه فارسيءَ وارو ڪتب آندو اٿس.
شاعريءَ جي فني لحاظ کان اها ڳالهه اصول جي خلاف
آهي. مثلاً:
سماعيل شاهه هو ان جو پسر،
اهو به هو الولد سرالپدر (19)
ڪن ڪن مصرعن ۾ مير صاحب فارسي اضافت به استعمال
ڪئي آهي، يعني مضاف سنڌي ته مضاف اليه فارسي.
مثلاً:
هنئين مير پوءِ ان کي اهڙي ترار،
جو دو نيم ٿيو پيٽ آنهه نابڪار. (20)
وري ڪٿي ته اضافي مرڪبات ۾ اضافت جي زير کي نظر
انداز ڪيو ويو آهي، جيئن چوي ٿو:
زمانه دگرگون آئن نهاد،
شد آن مرغ ڪ او بيضه زرين نهاد.(21)
اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته مير حسن علي خان
ٽالپر جي دور ۾ سنڌي موزون شاعريءَ ۾ فارسي
ورجيسون ۽ مرڪبات استعمال ڪرڻ کي ان وقت جا شاعر
ڪماليت ڪري سمجهندا هئا. مير صاحب انهيءَ دور جي
دستور موجب پنهنجي سموري ڪلام ۾ مناسب تشبيهون،
استعارا، ڪنايا، اصطلاح ۽ پهاڪا استعمال ڪيا آهن.
ڪيترين جاين تي فارسيءَ جي شاعرن جون مصراعون
تضمين طور ڪتب آنديون ويون آهن. انهيءَ کان علاوه
مير صاحب جي ڪلام ۾ لفظي خواه معنوي صنعتن جي ڪابه
گهٽتائي نه آهي.
”سنڌ جي شاهنامي“ تي سنئون سڌو فارسيءَ جي مشهور
شاعر فردوسيءَ جي ”شاهنامي“ ۽ نظاميءَ جي ”سڪندر
نامي“ جو ڪافي اثر غالب آهي. مير صاحب انهن ٻنهي
شاعرن کان گهڻو متاثر نظر اچي ٿو. علم عروض جي
لحاظ کان به مير صاحب ساڳيوئي بحر ”نقارب مثمن
مقصور ۽ محذوف“ ڪتب آندو آهي.
انهيءَ کان سواءِ سندس شعر ۾ چند شاعراڻيون
اوڻايون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. مثال طور علم عروض جي
اصول موجب وزن ۽ تقطيع جي پورائي لاءِ حرف علت حذف
ڪبو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ لوُن غنو حرف علت جي آخر ۾
ايندو آهي، ته ان کي به حذف ڪري سگهجي ٿو، پر حرف
صحيح کي ڪنهن به صورت ۾ حذف نه ڪبو آهي. مير صاحب
حرف صحيح کي به حذف ڪندو ويو آهي. مثلاً:
ڪبو دربسر عالم لباس سياه،
نهان ٿي ويو روءِ خورشيد و ماه.(22)
جهاندار فتح علي نامدار،
جو هو اعقل عتلاءِ آن روزگار.(23)
ساڳئيءَ طرح مير صاحب قافيي جو به گهڻو خيال نه
رکيو آهي. مثلاً:
تون آهين وڏو مرديه عاقبت،
نه هوندو ڪو تو جهڙو شوريده بخت.(24)
هنن مصرعن ۾ ”عاقبت“ ۽ ”بخت“ بلڪل غلط قافيا
استعمال ڪيا ويا آهن. علم عروض جي قاعدن موجب اهو
درست نه آهي. |