(ب) شڪارپور شهر جو اوج ۽ عروج.
ٽالپر اميرن جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد، سن 1211هه
(1796ع) کان وٺي، پهريائين لاڙڪاڻي جي گورنر جي
حيثيت ۾، ۽ ان بعد سنڌ جي وزيراعظم جي حيثيت ۾
نواب ولي محمد خان درجي بدرجي شڪارپور جي افغان
انتظاميه تي دٻاءَ وجهڻ شروع ڪيو، جنهنڪري هنن جي
چيره دستي ۽ من ماني وارو پنجيتاليهن سالن کن
(1167-1211هه) جو دور ختم ٿي ويو. 1211-1217هه
وارن پنجن سالن ۾ شڪارپور شهر ۽ پسگردائي وارو
علائقو، جيڪو افغان عملي جي هٿ هيٺ رهيو، تنهن جي
حد بندي ٿيڻ ساڻ افغان عملي جو عمل دخل، سنڌ جي
انتظاميه جي گهيري ۾ اچي ويو، انهيءَ ڪري شڪارپور
شهر توڙي چوڌاري ٻي آبادي کي وڏو ڏڍ ۽ آسرو ٿيو.
کين سنڌ جي حڪومت جي پشت پناهي ملي وئي. نوشهره
ابڙي ۽ ترائي وارو پرڳڻو جيڪو سنڌ جي حڪومت ۾ شامل
هو، تنهن جي آبادي وڌي، جنهن ڪري اتر طرف شڪارپور
ته ڏکڻ طرف لاڙڪاڻي جا شهر واپار جا مرڪز بنيا.
شڪارپور جي سيٺين کي افغانن سان واپار جو تجربو ٿي
چڪو هو، ۽ جيئن ئي کين افغان حڪمرانن جي زبردستي ۽
ڦرلٽ کان نجات ملي ته افغانستان طرفان واپار وڌيو.
ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جي حڪومت طرفان خاص طرح
واپارين کي سڀ سهولتون ڏيڻ ۽ همٿائڻ ۽ آزاد تجارت
واري پاليسي سببان تجارتي ڪاروبار ترقي ڪئي. سن
1239هه (24 -1823) کان وٺي شڪارپور شهر به سنئون
سڌو سنڌ جي حڪومت ۾ داخل ٿي ويو، جنهن ڪري ٽالپرن
جي دور جي ايندڙ ويهن سالن واري عرصي ۾ شڪارپور
شهر جي واپار جو دائرو هڪ طرف بلخ ۽ بخارا تائين
ته ٻئي طرف هرات ۽ مشهد تائين وڌيو.
انتظامي طور، ٽالپرن جي دور ۾ شڪارپور کي خاص
اهميت ڏني ويئي. پهريائين اتي جي انتظام جو اعلى
اختيار نواب ولي محمد خان جي هٿ ۾ رهيو، جو ساڳئي
وقت سنڌ جو وزيراعظم هو، ان بعد سنڌ جي ٻئي وزير
آغا اسماعيل شاهه جو فرزند آغا ڪاظم شاهه شڪارپور
جو گورنر مقرر ٿيو، ۽ ان کان پوءِ نواب عالم خان
مري انتظام سنڀاليو، انهيءَ اعلى درجي جي منتظمن،
اديبن ۽ محب وطن خادمن
جي نگراني هيٺ شهر شڪارپور سگهوئي پنهنجي اوج ۽
عروج کي پهچي ويو. شهر جي آبادي وڌي، شهر جي عالم
پناهه ۽ ان جي دروازن جي نئين سر مرمت ۽ تعمير ٿي.
قافلن لاءِ ڪاروان سراءِ تعمير ٿي ۽ آبپاشي جي
اعلى انتظام سان شهر شڪارپور باغات جو مرڪز بنجي
ويو.
سڀ کان وڏو واڌارو تعليم ۾ ٿيو، جڏهن کان شاهه
فقير الله علوي 0فات 1194هه) شڪارپور ۾ پنهنجو
تڪيو ڪيو هو، تڏهن کان وٺي شڪارپور ۾ اعلى تعليم ۽
تصنيف جو ٿڏو لڳو، جيڪو پوءِ ٽالپر اميرن واري دور
۾ وڌي وڻ ٿيو. نواب ولي محمد خان توڙي آغا ڪاظم
شاهه پنهنجي دور جا وڏا اديب ۽ شاعر هئا ۽ سندن
شڪارپور ۾ اچڻ ۽ انتظام سنڀالڻ سان اديبن ۽ شاعرن
جو وڏو قدر ٿيو. آخوند صاحبڏنو، جيڪو هن دور ۾
شڪارپور جو هڪ وڏو ذهين عالم، شاعر ۽ قاضين واري
مسجد ۾ مدرسي جو استاد هو، تنهن نواب ولي محمد خان
جي انهيءَ حسن انتظام کي غالبانه داد ڏنو، جنهن
سان سڄي ملڪ توڙي شڪارپور شهر ۾ رونق ۽ تازگي اچي
وئي هئي. بقول آخوند صاحبڏنو؛
باز در عالم نو اي تازگي را برتري ست
در همه آفاق انواعِ طرب را رهبري ست
شڪارپور جي مڪتبن ۽ مدرسن وڏا عالم، اديب ۽ شاعر
پيدا ڪيا ۽ پڻ تجارتي ترقي سببان شهر جي صفائي ۽
سهڻائي ۾ رونق اچي وئي ۽ چوڌاري باغات جي گلزاري
لڳي وئي. اندازاً 1241-1245هه واري عرصي ۾ آغا
ڪاظم شاهه ٻه سال شڪارپور ۾ گورنر ٿي رهيو ۽ شهر
جي اندروني رونق، شهر جي سهڻن ماڻهن، شهر جي
گلستانن ۽ بلبلن بابت يادگار شعر چيائين ته:
شڪارپور عجب جاي خوبرويان است
مقام و منزل و ماواي عند ليبانست
نه موسمِ گل و فصل بهار باشد، ليڪ
يه هر طرف که نظر مي ڪنم گلستانست
آخوند صاحبڏنو، محمد عارف صنعت ۽ ٻيا انهيءَ دور ۾
فارسي جا اديب ۽ شاعر هئا، ۽ جيتوڻيڪ 1259هه
(1843ع) ۾ انگريزن جو سنڌ تي قبضو ٿيو، مگر اڳئين
آزادي واري دور ۾ قائم ٿيل علمي درسگاهون ۽ علم
ادب واريون محفلون چاليهه سال کن پوءِ ويندي 1880ع
تائين هلنديون آيون. فارسي جي اديب ۽ شاعر مرزا
احمد علي قلاتي، جيڪو مارچ 1877ع ڌاري ڪجهه وقت
لاءِ اچي شڪارپور ۾ رهيو هو، تنهن ان وقت جي شهر
جي پُرفضا رونق کان متاثر ٿي سگهڻو شعر چيو، جنهن
۾ سڪارپور کي بهشت ۽ گلشن ڪري سڏيائين.
بهشت روئي زمين گلشن شڪارپور است
نگار خانه چين گلشنِ شڪارپور است
بقصر هاي فراوان و گلرخان، وفير
بباغ خلد برين گلشنِ شڪارپور است
اگر ز روضه مينو سواد گفتندي
يقين شدم که همين گلشن شڪارپور است
هزار همچو جهاندر و بهرور بانو
بابين ڪه درين گلشن شڪارپور است
انگريزن جي سڏ تي غاصبانه قبضي ۽ شڪارپور جي زوال
وارو دؤر (1843 -1947ع)
1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو، جنهن
سان سنڌ جي پنهنجي آزاد حڪومت ختم ٿي ۽ غلامي وارو
دور شروع ٿيو. انگريزن ڪي سڌارا وڌارا آندا، پر ان
سان گڏ سنڌ جي اڳين حڪمرانن خلاف پروپئگنڊا جو
طوفان جاري ڪيو، ۽ پنهنجي سامراجي حڪومت کي سونهري
ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. وقت گذرڻ سان، سڄي
سنڌ، توڙي سنڌ جو هر ڀاڱو ۽ هر شهر غلامي جي
زنجيرن ۾ قابو ٿي ويو ۽ ماڻهن جا ذهن بدلجي ويا،
ايتريقدر جو سنڌ ۾ انگريزن جي پڙهايل ڇاڙتن پنهنجن
ملڪي حڪمرانن ۽ پنهنجن ملڪي ماڻهن خلاف گِلا جا
دفتر ڀريا ۽ انگريزن جي تعريف ۾ قصيدا ڳائڻ شروع
ڪيا. انگريزن اچڻ ساڻ، سنڌ جي اڳئين آزادي واري
دؤر جا تعليمي ۽ انتظامي مرڪز ڊاهڻ شروع ڪيا،
پنهنجي حڪومت جو مرڪز ڪراچي ۾ قائم ڪيائون ته جيئن
سنڌ جي اڳئين گادي جو شهر حيدرآباد جي اهميت ختم
ٿئي. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي ۽ خاص طرح شڪارپور جي
اهميت کي ختم ڪيائون. سنڌ جي مٿئين اُترئين سرحد
بند ڪيائون، جنهن ڪري تجارتي مرڪز جي حيثيت ۾
شڪارپور جي اهميت ختم ٿي وئي ۽ ڪاروان سِراءِ کنڊر
بنجي ويو.
سن 1883ع ۾ ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر شڪارپور مان بدلائي
سکر ۾ آندائون، جنهن ڪري انتظامي طور سان پڻ
شڪارپور جي مرڪزي اهميت ختم ٿي وئي. شڪارپور جا
مڪتب ۽ مدرسا بند ٿي ويا، ۽ فارسي علم ادب وارو
گلشن ڦٽي ويو. شهر جا معزز گهراڻا دربدر ٿي ويا.
البته شاهوڪار سيٺين انگريزن جو ساٿ ڏنو، جن کين
پڙهايو، واپار ۾ وڌايو ۽ شهر جو مالڪ بنايو.
هڪ سئو کن سالن کان پوءِ انگريزن جي آخري دور ۾
شهر جي ڪن مسلمان گهراڻن جا فرد وڃي چڱن عهدن تي
پهتا. مرحوم الله بخش سومرو پهريون بيدار مغز مدبر
هو، جنهن جي سياسي طاقت ۾ اچڻ سان هتان جي مسلمان
باشندن کي به تقويت ملي.
حقيقت ۾ شڪارپور کي ڪنهن حد تائين پنهنجو اڳيون
تاريخي مقام جولاءِ 1977ع کا مليو آهي، جڏهن کان
وٺي سڪارپور کي ضلعي جو درجو مليو آهي، ۽ شهر
شڪارپور ان ضلعي جو انتظامي مرڪز ٿيو آهي. انهيءَ
لحاظ کان اوهان ’جشن شڪارپور‘ ملهائڻ ۾ نه فقط حق
بجانب آهيو، پر هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيا
آهيو. پبليڪيشن ڪميٽي جي ڪوشش قابل مبارڪباد آهي،
جو جشن شڪارپور جي جلسن ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي
صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
جيئن ته شڪارپور هڪ تاريخي شهر آهي، انهيءَ ڪري
ضروري آهي ته هن نئين ضلعي جي انتظاميه،
ميونسپالٽي توڙي شهر واسين طرفان هن شهر جي قديم
آثارن کي جيترو ٿي سگهي اوترو جلد محفوظ ڪيو وڃي ۽
انهن جاين تي يادگار ڪتبا هڻايا وڃن. انهيءَ سلسلي
۾ آءُ هيٺين آثارن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ضروري سمجهان
ٿو:
(1)ـ دائود پوٽرن جي قبرستان، خاص طرح صادق محمد
خان جي قبر لڳ ڪتبو هڻايو وڃي، قبرستان جو آڳاٽو
تفصيل هن طرح آهي:
محله اسٽوارٽ گنج سٽي سروي چڪ نمبر 5، نمبر شمار
95، ميونسپل نمبر 155، قبرستان سروي نمبر 95،
قبرستان جو حاطو.
(2)ـ شهر جي عالم پناهه کي جيڪي دروازا هئا، انهن
مان هڪ ٻه دروازا اصل حالت ۾ محفوظ ڪيا وڃن، پر
سڀني دروازن وارين جاين تي انهن دروازن جي نالن جا
يادگار ڪتبا هڻايا وڃن.
(3)ـ نواب ولي محمد خان شهر شڪارپور کي آخري طور
افغان جي چنبي مان آزاد ڪرايو. ان موقعي تي هو
شاهي باغ ۾ منزل انداز ٿيو هو، جتي ڪنهن موزون
جڳهه تي يادگار ڪتبو هڻايو وڃي.
(4)ـ ڪاروان سراءِ جي ڪم از ڪم هڪ ديوار ۽ دروازي
جي حفاظت ڪئي وڃي، ۽ پڻ اتي هڪ يادگار ڪتبو هڻايو
وڃي.
اهڙيءَ طرح ٻين تاريخي يادگارن جي حفاظت لاءِ
مناسب قدم کنيا وڃن.
(”جشن شڪارپور“ جي ڪار گذاريءَ تي مشتمل تحقيقي
ڪتاب ”شڪارپور – ماضي ۽ حال“، مرتب ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، جي رونمائي جي اجلاس، 26 اپريل
1984ع ۾ ڪيل خطاب).
سنڌي
وئتپتي ڪوش
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
سنڌي ٻوليءَ جي لفظ کي پوريءَ ريت پروڙڻ لاءِ جيڪي
ڪتاب شايع ٿيا آهن، تن مان ”وئتپتي ڪوش“ به هڪ
تحقيقي ڪتاب آهي. جيتوڻيڪ ساڳئ موضوع تي 1866ع ۾
پادري شرٽ جو ننڍڙو ڪتاب ”اکر ڌاتو“ (44 صفحن جو)
به شايع ٿيل آهي، پر وئتپتي ڪوشش جو ادبي ۽ تحقيقي
رتبو مٿي آهي. فاضل مصنف جهمٽ مل نارو مل وسڻائي،
نائب ماستر شڪارپور هاءِ اسڪول، سنسڪرت جو ڄاڻو
هو، جنهن ڪري سنسڪرت جي ڌاتن
(Roots)
۽ لفظن جو اونهو اڀياس ڪري، منجهائن نڪتل سنڌي لفظ
نهايت چٽائيءَ سان پنهنجي تصنيف ۾ ڏيکاريا آهن.
اهڙا ڪتاب ايندا رهن ها ته سنڌي لفظن جي پڻ بنياد
کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ها.
”وئتپتي ڪوش“ جهڙو ڪارائتو ڪتاب، شايد ئي وري شايع
ٿئي؛ ڇاڪاڻ ته اِن تَرَ ۾ تحقيق ڪرڻ وارا گهڻي
ڀاڱي اُٿي ويا ۽ باقي جيڪي رهيا آهن، سي وري ساهي
منجهائي نٿا سگهن. بنده جو ”سامي ڌاتو ڪوش“ به ان
طرز جو ڪتاب سمجهڻ کپي، جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪو عالم
توڪل جو ترهو ٻڌي، سنڌي ٻوليءَ جي عميق بحر ۾ ڪاهي
پوندو ته يقيناً ڪاميابي سندس قدم چمندي.
جهمٽ مل جا ٽي ڪتاب نظر اچن ٿا، جن ۾ هُن سنڌي
لفظن تي ڪافي بحث ڪيو آهي؛
1-
سنڌي ٻوليءَ جو وئتپتي ڪوش 1886ع
The Dictionary of Sindhi Derivatives.
2-
سنڌي ٻوليءَ جو گرامر 1892ع
A New GRammer of Sindhi Language.
(سنڌ جي ٽريننگ ڪاليج جي پڙهندڙن ۽ ڇهين درجي جي
اميدوارن لاءِ.)
3-
شاهه جا بيت 1895ع
ميٽرڪ تي رکيل، متن 67 صفحا، 69 صفحي کان 161 صفحي
تائين لفظن جي معنى ۽ تشريح.
انهن ڪتابن مان ”وئتپتي ڪوش“، سنڌي ادبي بورڊ
ڇپايو آهي، اگرچه ننڍو آهي، پر نج سونَ جو ڳنڍو
آهي، جنهن لاءِ مصنف جهمٽ مل لکي ٿو:
”آءُ ڀانيان ٿو ته گهڻو ڪري سڀ ماڻهو قبول ڪندا ته
اشتقاقن جي ڪتاب جو گهڻو احتياج آهي، نه رڳو سنڌي
۽ انگريزي مڪتبن جي درجن ۾ اشتياق امتحان جو ڀاڱو
آهن... پر عام پڙهندڙن کي به گهڻو فائدو ڪندا، ڇو
جو جڏهن خبر پيئي ته فلاڻو لفظ، فلاڻي موُل مان
نڪتل آهي، تڏهن سُڌ لکڻ ۽ سُڌ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي
واٽ اچي ويندي ۽ سُڌ آرٿ جي به خبر پوندي. ڪيترن
لفظن جو غلط لکڻ ۽ غلط اُچارڻ مون گهڻا ڀيرا ڏٺو ۽
ٻڌو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اهڙي ڪتاب جي اڻهوندائيءَ
۾، هن ڪتاب جي تيار ڪرڻ جو آءُ ٻيو ڪهڙو سبب ڏيان؟
ان جو احتياج ئي سبب ڪافي آهي.“
وڌيڪ لکي ٿو:
”توڙي هن ننڍڙي ڪتاب ٺاهڻ ۾ پنج ورهيه لڳي ويا
آهن، ته به مون کي ڀوَ آهي ته منجهس گهڻيئي چُڪون
آهن، ڇو جو انهيءَ قسم جي هيءُ پهرين ڪوشش آهي.“
”وئتپتي ڪوش“ ڪي سال ٽريننگ ڪاليج لاءِ درسي طور
منظور ٿيل هو.
سنڌي وئتپتي ڪوش = ويتُيتِ = اشتقاق + ڪوش = لغت،
ڊڪشنري.
يعني جيڪي سنڌي لفظ، سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتا آهن،
تن جي اشتقاق جو ڪتاب.
”وئتپتي ڪوش“ گويا سنڌي لفظن جي مستند لغت آهي،
جنهن ۾ هي ٽي ڳالهيون نظر اچن ٿيون:
1-
لفظن جا ماخذ ۽ اشتقاق
2-
درست تلفظ.
3-
لغت لکڻ جو اهڃاڻ
1-
پرِي = پيار ڪرڻ، (پهريون ڇاپو 1886، ص 36، ٻيو
ڇاپو ص 19) پُرِي“ ڌاتُو آهي، جنهن مان هيٺيان لفظ
نڪتل آهن:
پيار، پيارو، پرين، پِرُ، پريتِ، پريتوان، سُپرين،
پييءُ، پريتم، پريم، پريمي، پريتڻو، پِري، مٿيان
تيرهن لفظ ”پييءُ“ مان نڪتل آهن، جن مان ٻن لفظن –
سپرين ۽ پريتم – کي ڏسون ٿا.
”سپرين“ جو اشتقاق ؛ سُ
x
پرين.
”پرين، سنسڪرت جي ”پُرِي“ ڌاتو مان نڪتل آهي.
”پرين“ ۾ ”س“ اچڻ ڪري ”سپرين“ ٿيو. ”س“ اڳياڙي
(Prefix)
آهي، تنهن ڪري ”سپرين“ جي معنى ٿي: سُ = چڱو +
پرين = پيارو يعني محبوب.
”پريتم“ جو ڌاتو آهي ”پري“، اشتقاق هن طرح ٿيندو:
”پريتم = پُريه + ”تم“ پڇاڙي
(Suffix)
آهي، جا مبالغي جي نشاني آهي، تنهن ڪري ”پريتم“ جي
معنى ٿيندي: وڌ ۾ وڌ پيارو.
مٿين ٻن لفظن – سپرين ۽ پريتم - ۾ ”اڳياڙي“ ۽
”پڇاڙي“ آيل آهي.
2-
اسان ڪيترن لفظن جا غلط تلفظ ڪندا آهيون. مثلاً
”رَخنو“ کي ”رُخنو“، ”نقَص“ کي ”نُقص“ ، ”حُسام“
کي
”حِسام“ وغيره، اهڙيءَ طرح سنڌي لفظن جا به غلط
تلفظ هلن ٿا. مثلاَ ”بَشِيهل“ معنى نانگ.
درست تلفظ آهي؛ بِشيِهَل.
بشيهل وِشِيهَل
>
وشِيهَرَ
=وِش
= وِههُ، زهر + هَرَ + کڻندڙ.
ڪالي نانگ بِشيهَل والي، زُلفان ڇَلي ڇَلي. (سچل).
سنسڪرت ”وِشِيهرَ“ کي، اسان جي شاعرن ۽ سگهڙن
پنهنجي شعر ۾ ”وِسِيهڙ“ به ڪم آندو آهي.
وارَ وِسِيهَر وِينگَسِ جا، ڀَروُن ڀَونرَ ڀوَنگَ.
(طاهر)
شاهه ڪريم پنهنجي شعر ۾ ”ٻِهڙو“ لفظ ڪم آندو آهي:
پاڻياريءَ سر ٻِهڙو، جَرَ تي پکي جئن،
اسان سڄڻ تئن، رهيو آهي روح ۾.
عام طرح ”ٻَهڙو“ ڪري پڙهندا آهن.
ٻِهڙو = ٻهِ گهَڙو = ٻهَ گهڙا يا دلا.
ٻِهڙو = ”ٻه“ سنسڪرت ”دو“ + گهَڙو ”سنسڪرت“ گهَٽ“
= ”او“ پڇاڙي = ٻه دلا.
سوال ٿو اُٿي ته ”ٻهروپي“ لفظ ۾ ”ٻ“ کي ”زير“ اچڻ
کپي يعني ٻِهرُوپي، پر اسان ٻَهروپي چوندا آهيون،
جو درست آهي. اهو انهيءَ ڪري، جو ”ٻ“ اکر اڪيلو
نه، پر ”هه“ سان ڳنڍيل آهي يعني ٻَهه+ روُپي.
”ٻهروپي“ سنسڪرت ”ٻَههُ“ = گهڻو +رُوپَ = شڪل.
گهڻا روپ ڌاريندڙ يعني ٺڳ، مڪار.
اسان وٽ ”ٻَهڙو“ به لفظ آهي، جو ڪُتي جي معنى ۾ ڪم
ايندو آهي.
ٻهڙو. سنسڪرت. بَههُ = گهڻو + بُڪ = ڀونڪڻ + ”ڙو“
پڇاڙي، يعني گهڻو ڀوڪندڙ، اهڙي ڪتي مان ڪا غزا
ڪانه ٿيندي، رڳو ڀوڪندو ۽ ڊڪندو رهندو.
ويٺي شهر وَڪُڙي ۾، ويو والوُءَ جو وَهڙو،
والُو ائين ڊُڪي جهَنگ ۾، جئن ڪتو ٻَهڙو.
3-
لغت لکڻ جو اهڃاڻ.
الف:
پَرُ = ڌاريو، اوڦٽو، ٻيو.
پَرُ، پنهنجو نه ٿئي، توڙي لُٽي ڏينس گهَرُ،
ڪانههُ، ڪمند نه ٿئي، توڙي ڳريءَ چاڙهي ڳَرُ.
پَرُ = گذريل سال.
جهمٽ مل جو خيال آهي ”پَرُ“ لفظ جون مختلف
معنائون، هڪ هنڌ گڏي نه لکجن، پر ڌار ڌار، جئن مٿي
ڏيکاريل آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي، جو ٻنهي
”پَرُ“ لفظن جا بنيادي لفظ، الڳ الڳ آهن:
پَرُ. سنسڪرت. پَرَ = پرائو، ڌاريو.
پَرُ. سنسڪرت. پَرُت = گذريل سال.
ب.
پَٽُ = ميدان. سنسڪرت. پَٽَڪَ.
پَٽُ = پردو. سنسڪرت. پَٽَلَ
اَوديا پَٽُ لاهي، سامي ڏسي ڪِينَ ڪي. (سامي)
پَٽُ = ريشم. سنسڪرت پَٽّ.
پَٽُ = پَرڇ، ڌاتوءَ جي سنهي پَٽِي، سنسڪرت،
پَترَ.
مطلب ته هڪجهڙا لفظ (صورتخطي ۾) هجن ته سندن
بنيادي لفظن کي خيال ۾ رکي، ڌار ڌار معنائن سان
لکجن.
هينئر سرڳواسي جهمٽ مل جي تصنيف تي نظر وجهون ٿا:
1-
”مر“ ڌاتو مان نڪتل لفظ:
مرڻ، مارڻ، مرتو، مرڻو، مار، موت، مارڪو، اَمرُ،
اَمرت....
(پهريون ڇاپو 1886ع ص 45 – بورڊ ڇاپو ص 22)
”موت“ عربي لفظ آهي ۽ نه سنسڪرت، جئن مٿي ڏيکاريل
آهي.
2-
”کَل“ سنسڪرت لفظ مان ٺهيل لفظ:
کَل، کَلو، کلڙي، کَلَڙ، کَلِي، کلِيٿو، کَلٿرَ.
(پهريون ڇاپو ص 89 – بورڊ ڇاپو ص 40)
ٻيا سڀ لفظ قبول ڪجن ٿا، باقي ”کليٿو“ تي اعتراض
آهي؛ ڇاڪاڻ ته ”کليٿو“ يا ”کَرِيٿو“ عربي لفظ
”خّرِ لطته“ جي بگڙيل صورت آهي.
3-
”پروَڍ“ مان ٺهيل لفظ:
پوڙهو، پوڙهائي، پوڙهاڻ، ٻڍو، ٻڍائي، ٻڍاپڻ.
(پهريون ڇاپو ص 132 – بورڊ ڇاپو ص 56)
پوڙهو، پوڙهائي ۽ پوڙهاڻ واقعي ”پروَڍَ“ مان آهن،
پر ٻڍو، ٻڍائي ۽ ٻڍاپڻ لفظ اِتان نڪتل نه آهن.
ٻڍو. سنسڪرت ”ورڍّ“ مان آهي.
4-
”مُد گَرَ“ مان ٺهيل لفظ:
مڱرو، مڱري، مترڪو، مترڪي، متهرو.
(پهريون ڇاپو ص 143 – بورڊ ڇاپو 60)
اسان جي خيال موجب، ”مترڪو“، اِنَ ڪُلَ جو لفظ نه
آهي، پر عربي لفظ ”مِطرقه“ جي بگڙيل صورت آهي.
5-
”يَنترَ“ مان ”سَنجَٽ“ نڪتل آهي.
(پهريون ڇاپو ص 145 – بورڊ ڇاپو 61)
سنجٽ = سنج + ”اَٽ“ پڇاڙي، نسبت جي نشاني.
سنج مصدر سنَجڻ، مراٺي سَجني
سنسڪرت ”سَجّا.“ ڌاتو يا بنياد سَسجُ =وڃڻ.
سنجٽ = تياري، سَنبّت.
”سنجِٽ“ جون ٻيون معنائون به آهن: سامان، ٺاهه
ٺُوهه، جوڙجڪ وغيره.
”سنجٽ“ جي بنيادي معنى آهي: وڃڻ.
تياري يا سنبت ۾ ”وڃڻ“ جو مفهوم سمايل آهي، تياري
يا سنبت کانپوءِ ضرور وڃڻو پوندو. مثلاً مسافري تي
وڃڻ، جنگ تي وڃڻ وغيره.
بهرحال، جهمٽ مل، ”وئتپتي ڪوش“ لکي، سنڌي ٻوليءَ
جي بنيادي خدمت ڪئي آهي، جا زنده رهڻ جي قابل آهي.
ڪشمير شناسي
ڊاڪٽر غلام علي الانا
مان ”ڪشمير شناسي“ جي عنوان هيٺ منعقد ٿيندڙ هن
سيمينار تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ آزاد
ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر صاحب کي
دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪريان ٿو. ڊاڪٽر
طاهر صاحب وڏيءَ همت کان ڪم وٺي هن سيمينار جو
اهتمام ڪري اداره ڪشمير شناسي کي روشناس ڪرائڻ ۾
هڪ اهم قدم کنيو آهي.
آءٌ سنڌو ماٿر جي علم ادب سان زرخيز ۽ تهذيب ۽
تمدن سان مالا مال خطي ضلعي ٺٽي جو رهواسي آهيان.
منهنجي دلچسپي جا خاص موضوع هي آهن: عام لسانيت،
Anthropological, Anthropology, Linguistics،
ثقافت، تاريخ، اديبات ۽ سنڌ شناسي (سنڌالاجي)،
لسانيات جي هڪ شاگرد جي حيثيت سان آءُ واديءَ
ڪشمير جي ٻولي ۽ ثقافت جو ايترو گهڻو اڀياس ته نه
ڪري سگهيو آهيان، پر مون هي ضرور محسوس ڪيو آهي ته
واديءَ ڪشمير جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن ۾ منهنجي
موضوعن متعلق بي شمار خام مال موجود آهي.
واديءَ ڪشمير منهنجي نظر ۾ واديءَ سنڌ جيان (اوپن
ايئر ميوزم)
Open Air Museum
آهي جنهن جي ڊاڪومينٽيشن
Documentation
۽ جنهن جي متعلق تحقيق ڪرڻ جي بيحد گهڻي ضرورت
آهي. خصوصاً ڪشميري ٻولي هڪ اهڙي ٻولي آهي، جيڪا
پاڪستان جي ٻولين سان عموماً ۽ واديءَ سنڌ جي ٻولي
خصوصاً سنڌي ۽ پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين سان لسانيات
جي نقطه نگاهه کان گهڻي مشابهت رکي ٿي. هيءَ هڪ
اهڙي ٻولي آهي، جيڪا پنهنجي صورتخطي، مفردات، لفظ
۽ محاورا بدلائيندي رهي آهي، اها هڪ زندهه ٻوليءَ
جي نشاني آهي. هن ٻوليءَ کي ڪنهن به دور ۾ سرڪاري
سرپرستي به حاصل نه رهي آهي. ان جي باوجود به هيءُ
ٻولي هميشه ارتقا جون منزلون طئه ڪندي رهي آهي،
يعني هيءُ ٻولي هر دؤر ۾ ارتقا پذير رهي آهي. هن
ٻوليءَ جي زندهه هجڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت هيءُ آهي
ته هن کي نه ته سنسڪرت ۽ پالي ٻوليون هضم ڪري
سگهيون ۽ نه وري هيءُ ٻولي فارسي ۽ عربي ۾ مدغم ٿي
وئي. هيءُ ٻولي پنهنجي هڪ سٽاءُ (ساخت)
Structure
رکي ٿي ۽ آسپاس جي ڪيترين ئي ٻولين سان رشتو /
تعلق قائم رکندي آئي آهي. هن ٻوليءَ جو جديد
سائنسي بنيادن تي اڀياس ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي.
لسانيات جي ماهرن مان سر گريئرسن ۽ ديوان ڀيرو مل
جي تحقيق جي روشني ۾ پتو پوي ٿو ته واديءَ سنڌ جي
ٻولين ۽ ڪشميري ٻوليءَ ۾ ڪافي مماثلت آهي. هن
مماثلت مان منهنجي مراد لفظن جي ذّخيرن ۾ هڪجهڙائي
نه بلڪ جڏهن ٻولين جي وچ ۾ مماثلت جو ذڪر ڪريان ٿو
ته منهنجي مراد صوتيات، علم الاصوات، صرف ۽ نحو جي
مماثلت آهي. ڪشميري ٻوليءَ ۾ لفظن جي ساخت
(Structure)
۽ فقرن ۽ جملن جي بناوت
(Structure)
جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته سڀ کان دلچسپ ۽ قابل
توجهه نقطو
(Pro-Nominal Suffixes)
۾ مماثلت آهي، جيڪا سنڌي، پنجابي، سرائڪي، گجراتي
۽ راجسٿاني ٻولين ۾ عام طور نظر اچي ٿي. اها
مماثلت لسانيات جي ماهرن جو ڌيان ڇڪائي ٿي. هيءُ
هڪ جهڙائي لسانيات جي عالمن کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي
دعوت ڏئي ٿي. هيءُ ڳالهه ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون
ڪشمير جي ثقافت، ڪشمير جي
Archaeology, Ethology, Anthropology
تاريخ، جاگرافي ۽ ٻين علمن جي ماهرن کي دعوت ڏئي
رهيون آهن.
|