نوشاد جوڻيجو
درد جون آلام جون ڳالهيون نه ڪر،
صبح جون ڪر شام جون ڳالهيون نه ڪر.
پيار جو آغاز ڪر رهبر ڏسي،
اڳ ۾ ئي انجام جون ڳالهيون نه ڪر.
سکن جي ڏک سونهن آهن چون ٿا،
عيش جون آرام جون ڳالهيون نه ڪر.
ڪرڻ چاهين ٿو ته ڪر پرواز تون،
ڊوڙ جون ۽ گام جون ڳالهيون نه ڪر.
کلڻ ۾ ڪيڏو نه هوندو آ مزو،
رئڻ ۽ ماتم جون ڳالهيون نه ڪر.
ميڪشي مان فائدو ڪهڙو مليو؟
جام جون گلفام جون ڳالهيون نه ڪر.
ڪر چڱي ڪا خبر تون ”نوشاد“ سان،
ڪنهن بُري پيغام جون ڳالهيون نه ڪر.
اشرف زمان پير چنڊامي
محبت مان نفرت ڪڏهن ٿي وڃي ٿي،
۽ الفت مان ڪلفت ڪڏهن ٿي وڃي ٿي.
ضروري نه آهي هميشه ائين ٿئي،
خدا جي آ قدرت، ڪڏهن ٿي وڃي ٿي.
سياڻا ته آخر سياڻا ئي آهن،
چرين سان به چاهت ڪڏهن ٿي وڃي ٿي.
کلڻ سان ته خوش ٿيندو هرڪوئي آهي،
روئڻ سان به رغبت ڪڏهن ٿي وڃي ٿي.
ڀلن سان ته سڀ ڪو ڪري پيار ٿو پر،
برن سان به صحبت ڪڏهن ٿي وڃي ٿي.
برو جي ڀلو ٿي سگهي ٿو اي ”اشرف“،
شڪايت مان شهرت
ڪڏهن ٿي وڃي ٿي.
خليل عارف سومرو
گيت
دل تي تنهنجو نانءُ لکيل آ،
من ۾ تنهنجو پيار لڪل آ،
تنهنجو مان ديوانو آهيان، ساهه کان وڌ ٿو توکي
چاهيان،
تن ۾ تنهنجي تات لڳل آ،
تو بن دنيا سُڃ ٿو سمجهان، تنهنجي ياد ۾ تڙپان
ڦٿڪان،
تولئي منهنجي ننڊ ڦٽل آ،
منهنجي دلڙي تنهنجي حوالي، منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجي
نالي،
جيون تنهنجي نانءُ ڪيل آ،
”عارف“ توکي ڪيئن وساري، ساعت ساعت پيو ٿو ساري،
توسان منهنجو روح ڳنڍيل آ.
وسيم
منهجي سوچ سوال تي، تون جي ڪُجهه ڪُڇين!
نڪري پوندو پيچرو-
سُڪيون لاموُن سوچ جون، پنهنجون پاڻ مڇين،
نڪري پوندو پيچرو-
هوُجو ڏاڍن – ڏاڍ آ، سمجهي لهس لڇين،
نڪري پوندو پيچرو-
هو جو اُڪرڻ ڏوهه آ، سو، جي پنڌ پُڇين،
نڪري پوندو پيچرو-
مجاهد راڌڻائي
عقل جون ڳالهيون ويٺو ٻڌايان، مان به عجب ديوانو
آهيان،
دنيا کان ٿو پاڻ لڪايان، مان به عجب ديوانو آهيان.
چرين سان ٿو چاهه لڳايان، مان به عجب ديوانو
آهيان،
وسندي کي ٿو صحرا ڀانيان، مان به عجيب ديوانو
آهيان.
پنهنجي مرضيءَ تي مان سپنا، پيار جا ٺاهي ويٺو
ڊاهيان،
ڇا ٿو ٺاهيان ڇا ٿو ڊاهيان، مان به عجب ديوانو
آهيان.
نيٺ ته ايندو اک ڦري ٿي، ڪانگ
لنوي ٿو گره ڪري ٿو،
هڏڪيءَ تي ٿو هام هلايان، مان به عجب ديوانو
آهيان.
تنهنجي اک جو تارو يا ڪا لبڙن جي مان مرڪ هجان،
پيرن جي دز سرمو ڀانيان، مان به عجب ديوانو آهيان.
تون جي ويهين آڏو توتي، شعر لکان ڪي نيڻن سان،
ڪنهن ڪاڻ نظرون عام وڇايان، مان به عجب ديوانو
آهيان.
پنهنجو پاڻ کي ڀاڪر پائي، پياس کي پرچايان ٿو دم
دم،
ڪهڙا ڪم ڪرڻ ٿو چاهيان، مان به عجب ديوانو آهيان.
ڏاڍو ڪيڏو ڀي تون آهين، مون کي ڀي گهٽ ڄاڻ نه
پيارا،
ڪنهن سان پيو ٿو سينو ساهيان، مان به عجب ديوانو
آهيان.
پاڻ اچي يا ڪين اچي هل، پاڻ ”مجاهد“ پهچون خود جو،
هر هڪ لمحو ورهيه ٿو ڀايان، مان به عجب ديوانو
آهيان.
مقالا
”شاعرن بابت چيو ويو آهي“ ”لله ڪنوز تحت العرش
مفاتيحها السنته الشعراعه“ : يعني الله تعالى کي
عرش هيٺان خزانا آهن، جن جون ڪنجون آهن، شاعرن جون
زبانون، ائين پڻ چيو ويندو آهي ته ”الشعراء السنڌ
الرحمان“ يعني (شاعر الله تعالى) رحمان ۽ رحيم جون
زبانون آهن. تڏهن چئبو ته شاعر کي نهايت وڏو رتبو
حاصل آهي. شاعر اهو آهي جنهن کي شعور يا احساس
هجي، جنهن جي دل دنبوري جي تارن وانگر ڇُهڻ سان
نيرنگي نغما ڪڍي ۽ سندس تن جون تندون وحدت ۾ وڄن.
جو الاهي اسرارن کي، جي عرش هيٺان سانڍيل آهن ۽
ڪائنات جي ڪرشمن کي اهڙن عجيب ۽ لاثاني لفظن ۾ ادا
ڪري، ۽ ان جي رازن جو اهڙي فطري نموني ۾ تعمير
ڪري، جو عام توڙي خاص ماڻهن جو عقل چرخ کائي وڃي.
شاعر اهو آهي، جنهن جي سخن مان سچ، سونهن ۽
چڱائيءَ جون ٽيئي وصفون باڪمال طور بکن، شاعر اهو
آهي جنهن جي اندر مان شعر اُڌمو کائي نڪري، ۽ جبل
جي جهرڻي جيان اڇلون ڏيئي مٿي اُڀري.
شاعر اهو ناهي، جو هڪ هنڌ ويهي، ڪاغذ کڻي قافين جي
لانڍ لکي، بحر ۽ وزن بنائي ۽ باقي حشو کي مصنوعي
لفظن سان ڀري، بيشڪ، اهڙي ڪار گذاريءَ ۾ نزاڪت ۽
نفاست، صناعت ۽ مهارت آهي، پر اهڙي سخن کي سگهڙ
پائي سڏبو، نه شاعري.“
- شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽوؒ
شڪارپور- هڪ سرسري تاريخي جائزو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جناب صدر انتظاميه ڪميٽي جشن شڪارپور ۽ ميمبر
صاحبان، جناب سربراهه پبليڪيشن ڪميٽي ۽ ميمبر
صاحبان، شهر شڪارپور جو علم دوستو، حاضرينو،
السلام عليڪم!
آءُ پبليڪيشن ڪميٽي جي سربراهه جناب ڊاڪٽر ميمڻ،
عبدالمجيد سنڌي صاحب جو شڪر گذار آهيان، جو اوهان
جي طرفان مون کي هن محفل ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت
ڏنائين. ان جو وڏو فائدو مون کي ٿيو آهي جو اوهان
صاحبن سان ملڻ ۽ شهر شڪارپور کي هڪ دفعو وري ڏسڻ
جو موقعو مليو آهي.
ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب پنهنجي دعوتنامي ۾ اهو شرط
لاڳو ڪري ڇڏيو هو ته هن موقعي تي آءُ شڪارپور شهر
جي ادب، تاريخ ۽ ثقافت بابت مقالو پڙهان. گذريل ٻن
سالن ۾ انهيءَ موضوع تي ايڏو سارو مواد گڏ ٿي چڪو
آهي جو ان تي ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن جي اڄ رونمائي
ٿي رهي آهي، هاڻي وڌيڪ ڇا لکجي! بهرحال مون ڊاڪٽر
صاحب جي ارشاد جي تعميل ڪئي آهي، جو چيو اٿن ته:
جنهن جو کائجي تنهن جو ڳائجي: پر ايترو چوندس ته
من اڳتي لاءِ ڊاڪٽر صاحب پنهنجن خاص مهمانن کي سڏي
ائين آزمائش جي ميدان ۾ نه آڻي بيهاري، جيئن اڄ
مون سان مهرباني ڪئي اٿئين.
’شهرن جي تاريخ‘ ملڪي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي،
جنهن مان خاص طرح ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي تاريخ تي
روشني پوي ٿي. آڳاٽن شهرن جا آثار، آڳاٽين تهذيبن
جي عروج ۽ زوال تي شاهد آهن، انساني تاريخ جي
مطالعي لاءِ، ۽ ان مان سبق حاصل ڪرڻ لاءِ، قرآن
حڪيم ۾ پهريون ڀيرو ”ٿنڀن واري شهر ارم“ جو ذڪر
آيو. اهوئي سبب هو جو اسلامي دور ۾ شهرن جي تاريخ
لکڻ طرف خاص توجهه ٿيو، ۽ مڪه، مدينه، دمشق،
بغداد، غرناطه، ۽ قاهره وغيره شهرن تي وڏي تحقيق
سان ڪتاب لکيا ويا. ’شهرن جي تاريخ‘ جي سلسلي ۾
آزرقي جو لکيل ’ڪتاب اخبار مڪه“ (شهر مڪي جي
تاريخ) هن موضوع تي دنيا جي اوائلي ڪتابن مان هڪ
اهم ڪتاب آهي.
وقت گذرڻ سان اهو موضوع ايڏو ته اهم ۽ عام مقبول
بنجي ويو، جو اسلامي ملڪن مان هر هڪ جي ڪنهن نه
ڪنهن شهر جي تاريخ لکي ويئي، ۽ اهڙيءَ طرح ’شهرن
جي تاريخ‘ جو موضوع ”علم تاريخ نويسي“
(Historiography)
جو هڪ مکيه باب بنجي ويو. سنڌ ۾ شهر جي عنوان سان
پهريون ڪتاب مير طاهر محمد نسياني ٺٽوي سن 1030هه
(1231ع) ڌاري لکيو، جيڪو عام طور ’تاريخ طاهري‘
سڏجي ٿو. مگر مصنف ان کي ’شهر ٺٽي جي تاريخ‘
(تاريخ بلده تته) جي نالي سان لکيو، تن ۾ مير طاهر
محمد جو ”شهر ٺٽي جي تاريخ“ هڪ خاص اهميت رکي ٿو.
سنڌ ۾ ان سلسلي جو ٻيو ڪتاب سيوهڻ بابت ”تاريخ
مشائخ سيوستان“ آهي، جنهن ۾ خاص طرح شهر سيوهڻ جي
ولين ۽ درويشن جو ذڪر آهي.
مجموعي طور سان، سنڌ جي آڳاٽن شهرن جي موضوع تي
محب الله شاهه بکري جي لکيل مختصر ”تاريخ سنڌ“ ۾
هڪ باب ’امصار‘ يعني ’شهرن‘ بابت آهي.
جيتوڻيڪ ان ۾ مواد بالڪل ٿورو ۽ عام سطح وارو آهي.
سنڌ جي تاريخي شهرن بابت حوالا ٻين تاريخن ۽ تذڪرن
۾ موجود آهن، جن ۾ مير علي شير قانع جو تاريخي
ڪتاب ”تحفة الڪرام“ وڏي اهميت وارو آهي، مگر ان ۾
فقط ’ڪلهوڙن جي دؤر‘ تائين شهرن جا نالا ۽ حوالا
موجود آهن، جن مان ڪي شهر اهڙا آهن، جيڪي ان کان
پوءِ وڌيا. مثلآ تحفة الڪرام ۾ حيدرآباد شهر جي
بناء جو ذڪر آهي، مگر حيدرآباد جو اوج ۽ عروج پوءِ
ٿيو.
ڪلهوڙن جي دؤر کان پوءِ انگريزن جي سنڌ تي غاصبانه
قبضي کان اڳ، سنڌ جي آخري آزاد حڪومت، يعني
”ٽالپرن اميرن واري دؤر“ ۾ ڪيترن ئي نون شهرن جا
بنياد پيا، ۽ پڻ ڪي اڳيون بستيون وڌيون ۽ وڏي اوج
۽ عروج کي پهتيون. اهڙن شهرن ۽ بستين سان
حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپور،
ميرپور ۽ شهدادپور تاريخي اعتبار سان خاص اهميت
رکن ٿا.
شڪارپور جو بنياد جيتوڻيڪ اڳ پيو، پر هيءُ هڪ
مثالي شهر آهي، جيڪو ٽالپرن جي دور ۾ پنهنجي اوج ۽
عروج کي پهتو. البت هن شاندار شهر جي تاريخ پڻ ڪن
ٻين مکيه شهرن وانگر عروج ۽ زوال جي تاريخ آهي.
شهر جي بنياد ۽ دائود پوٽن جي سرداري وارو اوائلي
دور (1026هه – 1159هه)
شڪارپور شهر جي بنياد ۽ اوائلي دور واري تاريخ
تحقيق طلب آهي. دائود پوٽن جي تاريخي روايت موجب،
بهادر خان هن شهر جو بنياد وڌو. هن اورنگزيب
بادشاهه طرفان سبي ۽ ڍاڍر جي نواب مرزا خان کان
سنڌو ندي جي ڪناري سان وڏي ايراضي، جنهن ۾ خانپور،
ترائي ۽ سکر وارا علائقا اچي ٿي ويا، مقاطعي تي
ورتي. اتي ٻيلا ۽ شڪار گاهه هئا. شڪارپور واري خاص
ايراضي لکي جي مهرن جي هئي، جن جو سردار شير خان
مهر هو. ان بعد دائود پوٽن ۽ مهرن جي وچ ۾ جنگ
لڳي، جنهن ۾ مهرن هارايو. بهادر خان پوءِ انهيءَ
فتح جي يادگار طور سن 1026هه (1217ع) ۾ شڪارپور
شهر جو بنياد وڌو. ڀانئجي ٿو ته انهيءَ روايت جي
مدار تي ٿي پوءِ ڪنهن پڙهيل هن بستي جي بناء جو
سال، تاريخي ماده ’غوڪ‘ مان ڪڍيو، جنهن جو عدد
ابجد جي حساب سان ’1026‘آهي. مگر ’غوڪ‘ جي معنى
آهي ڏيڏر، ۽ انهيءَ لحاظ سان اهو تاريخي ماده محض
گماني ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ نه ته ڪا سهڻي
معنى ته نڪا نيڪ فال سمايل آهي.
ٻيو ته هن روايت موجب جنهن بهادر خان هي شهر
ٻڌايو، سو بهار خان ثاني (ٻيو) هو، جيڪو فيروز خان
بعد دائود پوٽن جو سربراهه ٿيو. بهادر خان جو پٽ
امير مبارڪ خان ٿيو ۽ ان جو پٽ صادق محمد خان
(اول) هو، جيڪو 1140هه (1727- 1728ع) ۾ امير ٿيو،
يعني ته بهادر خان جي بناء واري سال 1026هه ۽ صادق
محمد خان جي مسند نشيني جي وچ ۾ 114 سالن جي وٿي
آهي ۽ وچ تي فقط هڪ پيڙهي (مبارڪ خان) آهي، جيڪا
ان وڏي عرصي لاءِ ناڪافي آهي، انهيءَ ڪري ٿي سگهي
ٿو ته اها پهرين بستي جيڪا سن 1026هه ۾ آباد ٿي،
سا بهادر خان ٻئي نه، پر سندس وڏي ڏاڏي بهادر خان
پهرئين آباد ڪئي هجي (جنهن کانپوءِ امير بکر خان
ٿيو، پوءِ امير محمد خان، پوءِ امير فيروز خان ۽
پوءِ امير بهادر خان ثاني).
ان پهرئين اوائلي بناء کانپوءِ ان بستي جي ڪوٽ ۽
عالم پناهه کي غالبآ بهادر خان ثاني تعمير ڪيو، ۽
تعمير ۾ وڌيڪ واڌارو شايد سندس پٽ مبارڪ خان ۽
سندس پوٽي محمد صادق خان (اول) ڪيو. بهرحال شهر جي
انهيءَ اوائلي دور جي سنَن سالن تي وڌيڪ غور جي
ضرورت آهي.
دائود پوٽرن ۽ ڪلهوڙن جي گهرو لڙاين ۽ ڪابلي _
قنڌاري افغانن جي قبضي ۽ خرابي وارو دور (1125 –
1239هه)
اوائلي بناء واري دور بعد هڪ سئو سالن جي وڏي عرصي
تائين هن شهر جي وڌيڪ تعمير ۽ آبادي ڪانه ٿي، بلڪ
ويراني ٿي، جنهن جا ٻه سبب هئا؛ دائود پوٽرن ۽
ڪلهوڙن جون پاڻ ۾ گهرو لڙايون، ۽ انهن جي نتيجي ۾
ڪابلي – قنڌاري افغانن جو شڪارپور شهر ۽ ٻئي
چوڌاري علائقي تي قبضو. هن دور جا حالات تاريخي
ڪتابن ۾ موجود آهن. مکيه واقعا هن طرح آهن:
(الف) مغلن طرفان سبي ۽ ڍاڍر جي نواب مرزا خان بعد
سندس پٽ بختاور خان جي حملي ۽ هيس سببان، بهادر
خان (ثاني) دائود پوٽري جو پٽ محمد مبارڪ خان
شڪارپور کي ڇڏي هليو ويو. هو پهريائين ٺٽي ميران
شاهه ۾ ۽ پوءِ ميرپور- اوٻاوڙي پرڳڻي طرف ’قلعي
پنهون خان‘ ۾ وڃي رهيو. ان کان پوءِ مغل شهزاده
محمد معزالدين کي چاڙهي آيو ۽ بخيار خان جي مارجي
وڃڻ کانپوءِ ئي هو شڪارپور ۾ موٽي آيو.
(ب) ان کان پوءِ محمد مبارڪ خان ۽ ميان يار محمد
ڪلهوڙي جي وچ ۾ نفاق پيو ۽ لڙايون شروع ٿي ويون،
ميان يار محمد جي وفات (1131هه) بعد ميان نور محمد
مغليه سرڪار کان خانپور ۽ شڪارپور جي جاگير جي
سَنَد وٺي آيو ۽ قبضي وٺڻ لاءِ حملا شروع ڪيائين.
(ج) 1140هه ۾ محمد مبارڪ خان جي وفات بعد سندس پٽ
صادق محمد خان امير ٿيو. 1152هه (1739ع) ۾ جڏهن
نادر شاهه سنڌ تي چڙهائي ڪئي ته غالباً محمد مبارڪ
خان نادر شاهه جي رسائي ڪئي. نادر شاهه جڏهن ميان
نور محمد کي عمرڪوٽ ۾ سوگهو ڪري آڻ مڃائي ته سڄي
اُتر سنڌ ميان نور محمد جي قبضي مان ڪڍي ٽن حصن ۾
ورهايائين ۽ مٿي اتر طرف ڇٽر ۽ شڪارپور ۽ هيٺ ڏکڻ
طرف لاڙڪاڻو ۽ سيوستان امير صادق محمد خان جي
حوالي ڪيائين.
(د) غالباً ميان نور محمد جي صادق محمد خلاف هلايل
حڪمت عملي سان پوءِ نادر شاهه طرفان طهماسپ خان
شڪارپور تي چڙهائي ڪري ان علائقي تي قبضو ڪيو.
انهيءَ وچ ۾ صادق محمد خان به وڃي ايران پهتو ۽
اتان عسڪر علي خان کي چاڙهي آيو. ميان نور محمد
وري به حڪمت عملي سان عسڪر علي خان کي صادق محمد
خان خلاف بدظن ڪيو، جنهن ڪري مدد ۾ آيل لشڪر صادق
محمد خان تي سنه 1159هه (1746ع) ۾ شڪارپور تي حملو
ڪيو. صادق محمد خان وڏي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو،
پر 14- ربيع الاول 1159هه تي مارجي ويو. انهيءَ
حملي ۾ شڪارپور جي آبادي توڙي ڪوٽ قلعي کي وڏي
نقصان پهتو.
(هه) ان بعد شڪارپور تي ڪجهه وقت لاءِ ميان نور
محمد جو قبضو ٿيو، پر نادر شاهه جي قتل ٿيڻ بعد
احمد شاهه ابدالي حڪومت جو وارث ٿيو. هن ميان نور
محمد کي خطاب ڏنو، پر ميان صاحب شايد عهد نامي جي
پوئواري نه ڪئي، جنهن ڪري سنه 1127هه (1753ع) ۾
جڏهن احمد شاهه سنڌ تي چڙهائي ڪئي ته ميان نور
محمد به سنڌ ڇڏي هليو ويو، جنهن ڪري احمد شاهه
ابدالي شڪارپور وارو سڄو علائقو سبي سان لاڳو ڪري
پنهنجي افغان حڪومت سان ملائي ڇڏيو.
(و) ڪلهوڙن جي آخري ڪمزور حڪمران ميان عبدالنبي
جيئن سنڌ جو عمرڪوٽ وارو علائقو جوڌپور جي راجا کي
ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن شڪارپور ۽ ٻيو سڄو اُتريون
علائقو افغانن جي حوالي ڪندي ۽ پڻ وڌيڪ ڏن ڏيڻ جا
دلاسا ڏيندي سنڌ تي افغانن جي لشڪر جا حملا ڪرايا.
انهيءَ ڪري نه فقط ملڪ ڦٽي ويو پر شڪارپور واري
سڄي پرڳڻي تي ڪابلي قنڌاري افغانن جو قبضو مضبوط
ٿي ويو. اهو قبضو احمد شاهه ابدالي جي حملي واري
سال 1127هه (1753ع) کان شروع ٿيو ۽ ٽالپرن جي دور
۾ ويندي 1239هه (1823ع) تائين ٿورو گهڻو هلندو
آيو.
ٽالپرن جي دور ۾ شڪارپور جي آزادي، اوج ۽ عروج
وارو دور (1239 – 1259هه/ 1823 – 1843ع)
ٽالپرن جي دور ۾ وڃي شڪارپور شهر آزاد ٿيو ۽
پنهنجي اوج کي پهتو. ان دور جي تاريخ کي ٻن ڀاڱن ۾
ورهائي سگهجي ٿو: (الف) شڪارپور شهر ۽ پرڳڻي کي
افغانن جي قبضي مان آزاد ڪرائڻ وارو دور ۽ (ب) شهر
شڪارپور جي اوج ۽ عروج وارو دور.
(الف) افغانن جي قبضي جو خاتمو:
سنه 1196هه (1786ع) ۾ ٽالپرن جي حڪوت قائم ٿيڻ
ساڻ، مير فتح علي خان جي عهد ۾ سنڌ جا اهي شهر ۽
علائقا، جيڪي پوين ڪمزور ڪلهوڙن حڪمرانن ڀر وارن
حاڪمن کي ڏيئي ڇڏيا هئا، تن جي آزادي ڪرائڻ لاءِ
قدم کنيا ويا. عمرڪوٽ جو علائقو جوڌپور جي راجا
کان ڇڏايو ويو، ڪراچي قلات جي خان کان واپس ورتي
وئي؛ اوٻاوڙي - سبزل ڪوٽ وارو علائقو بهاول پور جي
اميرن کان ورتو ويو؛ ۽ آخر ۾ شڪارپور وارو پرڳڻو ۽
شهر افغانن کان ڇڏايا ويا. البت شڪارپور تي 1167هه
کان وٺي ٽيهن سالن جي عرصي تائين افغانن جو قبضو
رهيو هو، انهيءَ ڪري وڏي حڪمت عمليءَ سان ان کي
ختم ڪيو ويو. پهريائين افغانن جي قبضي هيٺ آيل
شڪارپور پرڳڻي جي حدبندي ڪئي وئي، ان بعد شهر
شڪارپور جي چوڌاري سڄو پرڳڻو افغانن جي قبضي کان
آجو ڪيو ويو ۽ آخر ۾ شهر سڪارپور مان افغانن کي بي
دخل ڪيو ويو. انهيءَ تدبير ۽ حڪمت عملي جو اڳواڻ
نواب ولي محمد خان لغاري هو. هن سلسلي ۾ جيڪي مکيه
قدم کنيا ويا، سي مختصر طور هي هئا.
(1)ـ سنه 1208هه (1739ع) ۾ ڪابل جو حڪمران زمان
شاهه سنڌ کان ساليانه ڍل اُڳاڙڻ لاءِ لشڪر وٺي
چڙهيو. سنڌ طرفان نواب ولي محمد خان کيس منهن ڏيڻ
لاءِ روانو ٿيو. اتفاق سان پويان ڪابل ۾ فساد شروع
ٿيا، جنهن ڪري زمان شاهه واٽ تان پوئتي وريو ۽
شڪارپور جي سرحد تان فتنو ٽري ويو.
(2)ـ 1211 – 1217هه واري عرصي ۾ جڏهن نواب ولي
محمد خان چانڊڪي (لاڙڪاڻه) جو گورنر هو، تڏهن
تائين شڪارپور وارو پرڳڻو، جيڪو افغانن جي هٿ هيٺ
هو، تنهن جون حدون مقرر ٿيل ڪين هيون ۽ انهيءَ ڪري
افغان فوجدارن چوڌاري پئي ملڪ ڀيليو کاڌو، نواب
ولي محمد خان سندن انهيءَ ڇڙواڳي کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ
ڳڙهي ياسين لڳ، نوشهره ابڙه ۾ وڃي پنهنجو سرڪاري
ديرو قائم ڪيو ۽ ان کي ڪوٽ ڏياري مضبوط ڪيو. هن
ديري وٽان هن پنهنجي مالي ۽ فوجداري انتظام جون
حدون وڌايون، تان جو باقي شڪارپور شهر ۽ ان جي
پسگردائي وڃي افغانن لاءِ ڇڏيائين.
(3)ـ سنه 1217هه (1803ع) ۾ شاهه شجاع ڪابل جو
حڪمران ٿيو ۽ هن پئسي جي لالچ ۾ سنڌ تي چڙهايون
شروع ڪيون. سنه 1221هه /1806ع ۾ هو پنهنجي وزير
شير محمد خان کي ساڻ ڪري ماليات وصول ڪرڻ لاءِ اچي
شڪارپور پهتو ۽ نواب ولي محمد خان کيس قدري رقم
ڏيئي راضي ڪري واپس موٽايو. سنه 1225هه / 1810ع ۾
وري ماليات وصول ڪرڻ جي بهاني سان شاهه سجاع اچي
شڪارپور سهڙيو. نواب ولي محمد خان وڏو دور انديش
هو؛ هن ڏٺو ته جي شڪارپور جهڙي پُر فضا شهر ۾ ڪابل
جي حاڪم اچي ديرو دمايو ته پوءِ منجهانئس جند ڪانه
ڇٽندي، سو فوري شڪارپور پهچي، ساڻس ملي دم دلاسا
ڏيئي في الحال کيس ديره غازي خان ڏانهن ڪڍي ويو ۽
اتي کيس قدري رقم ڏيئي اڳتي اُماڻي ڇڏيائين.
(4)ـ سنه 1229- 1231هه (1814 -1816ع) وارن سالن ۾
ڪابل جي محمود شاهه پنهنجي وزير فتح خان جي مشوري
سان شڪارپور تي چڙهائي ڪئي. بهانو اهو هو ته
افغانن طرفان مقرر ڪيل شڪارپور وارو نائب کين
ماليات نٿو پهچائي. محمود شاهه پنهنجي لشڪر سان
اچي ڍاڍر ۾ منزل انداز ٿيو، جتي قلات جو خان محمود
خان پريان لشڪر وٺي اچي ساڻس شامل ٿيو. اتان اول
امين الملڪ محمد رحيم خان افغان کي شڪارپور تي
چڙهائي موڪليائون. نواب ولي محمد خان حالات جو
جائزو وٺي راءِ ڏني ته طاقت جو جواب طاقت سان ڏجي.
انهيءَ صلاح موجب مير ڪرم علي خان، مير مراد علي
خان، مير سهراب خان ۽ مير ٺارو خان سنڌ جي متحده
لشڪر سان اچي شڪارپور جي ويجهو منزل انداز ٿيا،
جتي کين محمود شاهه جو پيغام ماليات لاءِ پهتو ۽
ان بعد شڪارپور مان محمد رحيم افغان جو قاصد آيو.
مشوري بعد فيصلو ٿيو ته محمود شاهه ڏي خط لکيو وڃي
ته جي صلح ڪندين ته صلح ڪنداسون ۽ جي جنگ ڪندين ته
جنگ ڪنداسون، باقي محمد رحيم افغان جو قاصد موڪلڻ
بي معنىآهي، کيس خود حاضر ٿيڻ گهرجي. مير صاحبن
طرفان نواب ولي محمد خان لغاري انهيءَ قاصد کي ساڻ
ڪري شڪارپور پهتو. محمد رحيم مير صاحبن جي درٻار ۾
اچڻ کان نٽايو، مگر نواب ولي محمد خان ساڻس
ڳالهيون هلائي کيس مجبوراًآڻي درٻار ۾ حاضر ڪيو.
ان بعد ڳالهيون هليون ۽ صلح لاءِ رستو صاف ٿيو،
مگر مولاداد افغان شرارت ڪري ٺهيل ڪم کي ڦٽايو.
انهيءَ تي سنڌ جو لشڪر جنگ لاءِ تيار ٿيو. محمود
شاهه اهو ٻڌي، ڍاڍر مان پير ڊاٺا ۽ راڄنپور وارو
گس وٺي وڃي ديري غازي خان پهتو. اهو ٻڌي محمد رحيم
افغان ميرن صاحبن کان موڪل گهري جا کيس ملي ۽ هو
پاڻ سنڌ ڇڏي واپس وريو. انهيءَ تدبير سان بنا جنگ
و جدل جي سنڌ جي سَرسي ٿي. نواب ولي محمد خان هن
موقعي تي اهم پارٽ ادا ڪيو، جنهن جو پنهنجي مثنوي
’هير – رانجهي‘ ۾ پڻ قدري تفصيل سان ذڪر ڪيو
اٿائين.
(5)ـ سن 1234هه (1819ع) ۾ وري شاهه شجاع اچي
شڪارپور پهتو ته نواب ولي محمد خان به اچي نوشهره
ابڙي طرف منزل ڪئي. پوئتي ڪابل ڏانهن شاهه شجاع جي
موٽڻ جون واهون بند هيون جو ڪابل تي محمد عظيم خان
جو قبضو هو، انهيءَ ڪري هو کپ کوڙي يڪا ٻه سال
شڪارپور ۾ ويهي رهيو. نواب ولي محمد خان شڪارپور
جي چوڌاري سڄي علائقي کي پوريءَ طرح پنهنجي ضابطي
۾ رکيو هو، مگر شهر شڪارپور ۽ ان جي نزديڪي
پسگردائي ۾ شاهه شجاع ۽ سندس ماڻهو ڦرندا رهيا،
جيئن ته کين مهمانن جي حيثيت هئي، انهيءَ ڪري کين
ڪجهه به ڪونه ٿي چيو ويو. بالآخر جڏهن شاهه شجاع ۽
سندس سپاهه شرافت جا ليڪا لتاڙي اشرافن جون لڄون ۽
ملڪيتون لٽڻ لڳا، تڏهن نواب ولي محمد خان رعايا تي
ظلم ٿيندو ڏسي شجاع کي شڪارپور ڇڏائڻ جي تجويز
اميرن جي آڏو رکي، جا منطور ٿي. ان موجب
1232هه/1821ع ۾ نواب ولي محمد خان حيدرآباد طرفان
۽ حمزو خان ٽالپر خيرپور طرفان پنهنجي فوجي دستن
سان اچي شهر شڪارپور ۾ منزل انداز ٿيا، جنهن ڪري
ڇڙواڳ افغانن طرفان رعايا کي ايذائڻ واريون حرڪتون
بند ٿيون. ٻئي طرف سنڌ طرفان سڌو محمد عظيم خان
سان تعلق قائم ڪيو ويو، جو فوج وٺي اُتان چڙهيو.
سنڌ جي متحده فوج به اميرن سان گڏ اچي نواب ولي
محمد خان جي رٿيل تجويز موجب لاڙڪاڻي پهتي ۽ اتان
وڌي اچي ميان شاهل محمد عباسي جي قبي وٽ ڇانوڻي
هنيائون. شاهه شجاع به پريان محمد عظيم خان جو
لشڪر ايندو ڏسي شڪارپور جي جند ڇڏي ۽ پنهنجي جان
بچائڻ خاطر اچي سنڌ جي ڇانوڻي ۾ پناهه ورتي. محمد
عظيم خان جي فوجي دستن اٻهرائي ڪري پيشقدمي ڪئي،
جنهن کي سنڌ جي فوجي دستن ختم ڪري ڇڏيو. محمد عظيم
خان کي پوءِ صلح ڪري پوئتي موٽڻو پيو؛ شاهه شجاع
به سنڌ ڇڏي جيسلمير جي راهه وٺي لُڌياني (پنجاب)
ڏي روانو ٿيو.
(6)ـ نواب ولي محمد خان هاڻي شڪارپور شهر جي
چوڌاري سڄي پسگردائي سنڌ جي انتظام هيٺ آڻي ڇڏي ۽
سوچائين ته ڪنهن طرح شهر افغانن جي چنبي کان آزاد
ڪرائجي. سنه 1239جج / 23- 1824ع) ۾ رحمدل خان
افغان شڪارپور شهر جو ڪوٽوال هو، جنهن کي سندس
ڀاءُ ۽ ڪابل جي امير شير دل خان پاڻ وٽ گهرائي
ورتو. رحمدل خان پنهنجي طرفان عبدالمنصور خان کي
شڪارپور تي مقرر ڪيو. ٿوري عرصي بعد، سِکن جو لشڪر
اچي ديري غازي خان پهتو. مبادا اهو لشڪر سنڌ جو رخ
ڪري، انهيءَ لاءِ ضروري هو ته سنڌ جي سرحد خصوصاً
شڪارپور جي بچاءُ لاءِ انتظام ڪيو وڃي. اهو انتظام
نواب ولي محمد خان جي حوالي ٿيو.
نواب صاحب اول پنهنجي هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻي مان
عبدالمنصور ڏانهن مؤثر مُراسلا موڪليا، ۽ کيس
موقعي جي نزاڪت کان آگاهه ڪري سمجهائيندور هيو ته
افغان سردارن طرفان شڪارپور جو بچاءُ مشڪل آهي،
انهيءَ ڪري بهتر آهي ته سکن جي آڏو سِر جهڪائڻ
بدران شڪارپور سنڌ جي حوالي ٿئي ته فوراً حفاظتي
انتظام ڪيو وڃي. عبدالمنصور خان شهر خالي ڪرڻ
بدران، نواب صاحب ڏي منٿ ميڙ جا خط بهاني طور لکيا
ته سِک شڪارپور تي حملو ڪونه ڪندا، ۽ ازانسواءِ
شڪارپور جي ٻئي سڄي علائقي تي اڳ ئي اوهان جو قبضو
آهي ۽ صرف شهر واري چار ديواري باقي وڃي بچي آهي،
جا اسان کان نه ڇڏايو ته بهتر آهي. نواب صاحب انهن
حيلن ۽ بهانن کان متاثر نه ٿيو ۽ شڪارپور کي
افغانن جي تسلط کان هميشه لاءِ آزاد ڪرائڻ لاءِ
لاڙڪاڻي کان لشڪر وٺي هليو. نواب صاحب کي بخوبي
معلوم هو ته عبدالمنصور خان ۾ مقابلي جي طاقت
ڪانهي، انهيءَ ڪري سپاه ۽ پنهنجا خاص ماڻهو، جن ۾
’دلاور خدمتگار‘ برک هو، ساڻ ڪري اچي ’شاهي باغ‘ ۾
لٿو، ۽ جمعي خان بارڪزئي سردار کي گهرائي
عبدالمنصور خان ڏي چوائي موڪليائين ته هو پنهنجو
خير سمجهي ته شهر خالي ڪري ڪابل ڏانهن روانو ٿئي.
انهيءَ ڌمڪيءَ سان گڏ ’خدمتگار دلاور‘ کي گهوڙي
سوارن جي دستي سان شهر ۾ موڪليائين ته سنڌ جي
حڪومت طرفان قبضي جو اعلان ڪري، ۽ ڪوٽوالي توڙي
دروازن جي چوڪين تي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري. ٻئي
ڏينهن نواب صاحب پنهنجن سپاهين جي هڪ خاص دستي کي
وردي ۽ سروپاءِ سان سينگاري هٿياربند ڪري موڪليو
ته وڃي شهر ۾ گشت ڪن، ۽ ماڻهن کي همٿائين ۽
اطمينان ڏيارين ته افغانن جو تسلط ختم ٿي چڪو آهي.
خدمتگارن پوري رعب تاب سان گشت ڪيو ۽ تاريخ ”تازه
نواي معارڪ“ جي مؤلف منشي عطا محمد جي لکڻ موجب
اکين جا اشارا ڏيندي على الاعلان پئي چيائون ته :
واهه شڪارپور! واهه شڪارپور!
ڀلا ڀلا مار مارينداسون ڙي!
رئيسن جي سرن جي سلامتي هجي!
مخلص انهيءَ رعب تاب جي حڪمت عملي سان عبدالمنصور
خان جا حوصلا پست ٿي پيا ۽ ٽئي ڏينهن ٽپڙ ٻڌائين.
پاڻ هلي اچي نواب صاحب کي شاهي باغ ۾ مليو. نواب
صاحب کيس مروت سان پيش آيو، پر فوري شهر ڇڏڻ لاءِ
تاڪيد ڪيائينس، جنهن تي نواب صاحب کان ڳڙهي ياسين
وڃڻ لاءِ اجازت ورتائين ته اتي وڃي سامان سڙو
سنڀاري ڪابل روانو ٿئي، کيس اها اجازت ملي، ڳڙهي
ياسين ۾ سندس مڏي مس تيار ٿي ته نواب صاحب طرفان
سنڌ ڇڏڻ جو حڪم نامو پهتس ۽ لاچار ٿي روانو ٿيو.
بقول منشي عطا محمد؛ ”شڪارپور جيڪا سالن جا سال
خراسان (ڪابل) جي حڪمرانن جي يار دلخواه رهي هئي،
انهيءَ معشوق جي جدائي ۾ هو ڳوڙها ڳاڙيندو، سينو
پٽيندو، ڪپڙا ڦاڙيندو، افسوس ڪندو پئي ويو.“
|